دنيا جو چوٿون عجوبو : اولمپيا ۾ زيوس ديوتا جو مجسمو
اهو هنڌ راندين جي لاءِ هڪ اسٽيڊيم ۽ وڻن جي سڳوري جُهنڊ تي مشتمل هو، جنهن ۾ مندر به هئا، ابتدائي دور زيوس ديوتا جو مندر بنهه سادو ۽ عام هو، پر جيئن جيئن اولمپڪ راندين جي شهرت ويئي وڌندي ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو، تيئن انهيءَ ڳالهه جي به گهرج محسوس ٿي ته زيوس ديوتا جو هڪ اهڙو مندر اڏيو وڃي جيڪو ديوتا جي شان وٽان هجي، تنهن ڪري 970 قبل مسيح کان 460 قبل مسيح جي دوران هڪ نئين مندر جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو، مندر جو ڊزائنر ايليس جو هڪ رهاڪو ليبسون هو، اهو شاهڪار 456 ق م ۾ اڏجي تيار ٿيو، مندر پراڻن يوناني مندرن جي طرز تي اڏيو ويو ۽ اهو اٿينس جي پارٿينينس ۽ افيسس جي آر ٿي مس ديوي جي مندر سان مشابهت رکندڙ هو.
مندر هڪ مٿانهين مستطيل چبوتري تي اڏيو ويو. طرفن ۾ تيرهن ۽ هر ڪُنڊ ۾ ڇهه ڇهه وڏا ٿنڀا، ڇت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا، عمارت جي ڇت ڪافي اوچي هئي، لاهياري ڇت جا آخري ڪنارا ٽڪنڊن جهڙا هئا ۽ اُنهن تي بهترين چٽ گل ٺاهيا ويا هئا، آخري حصي ۾ ٺهيل ٻارهن ٿنبن کان ٿورو مٿي ۽ ٽڪنڊن جي هيٺان به نقاشي جو ڪم ڪيو ويو، اهو مندر پنهنجي انداز، معيار ۽ هنر منديءَ جي لحاظ کان پراچين يوناني اڏاوت جو هڪ نادر نمونو هو، پر جلد ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته مندر جي اڏاوت ديوتائن جي شهنشاهه جي شان وٽان ڪونهي، تنهن ڪري انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مندر جي اندر زيوس ديوتا جو هڪ عظيم الشان ۽ شاندار مجسمو تيار ڪيو ويو. جنهن کي قديم دنيا جي ستن عجائبن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
انهي مجسمي جي تياري جي لاءِ فيدياس نالي مورتي ساز جي چونڊ ڪئي وئي. هو اٿينس جي پارٿينين جي لاءِ اڳ ۾ ئي اٿينا ديويءَ جو چاليهه فوٽ مجسمو ٺاهي چڪو هو، جڏهن ته زيوس ديوتا جي مندر جي ٻاهرين آرائش ۾ به هن حصو ورتو هو، اٿينس ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ کانپوءِ فيدياس پنهنجي زندگيءَ جو عظيم ترين شاهڪار يعني زيوس ديوتا جو مجسمو ٺاهڻ جي لاءِ اولمپيا آيو.
مجسمي جي تياري جي لاءِ هن مندر جي اولهه ۾ هڪ ورڪشاپ ٺاهيو. چيو وڃي ٿو ته مجسمي ٺاهڻ جو ڪم هن 440 قبل مسيح ۾ شروع ڪيو هو. هو ڪيترن ئي سالن کان عاج ۽ سون جا وڏا وڏامجسما ٺاهڻ جو ماهر مڃيو ويندو هو، انهيءَ مقصد جي لاءِ هو پهرين ڪاٺ جو فريم ٺاهيندو هو، جنهن تي لوهي ۽ عاج جون شيخون لڳايون وينديون هيون. فيڊياس جو اهو ورڪشاپ اڃا به اولمپيا ۾ موجود آهي، اهو رڳو اتفاق هو يا هن ڄاڻي واڻي ايئن ڪيو هو ، ته اهو ورڪشاپ پنهنجي سائيز ۽ بناوت جي حساب سان زيوس ديوتا جي مندر سان بي حد ملندڙ جلندڙ هو. انهي ورڪشاپ ۾ هن پوءِ مجسمي جا مختلف حصا تراشيا ۽ ٺاهيا ۽ اڳتي هلي مندر ۾ وڃي انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو هو.
جڏهن مجسمو تيار ٿيو ته اهو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان مندر ۾ پورو آيو. يوناني مورخ اسٽريبواس انهيءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”انهي جي باوجود جو مندر خود به ڪافي وڏو هو، مجسمي ساز کي رڳو انهي ڪري تنقيد جو نشانو بنايو ويو. جو هن صحيح پئمائش نه ڪئي. هن زيوس جو مجسمو ويٺل انداز ۾ ٺاهيو، هو پر انهي حالت ۾ به ان جو مٿو مندر جي ڇت کي ڇهي رهيو هو تنهن ڪري اسين جيڪڏهن سوچيون ته جيڪڏهن زيوس اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو مندر جي ڇت ڦاڙي ٻاهر نڪري ويندو“،
اسٽريبوس جي ڳالهه درست هئي، پر اهو غلط هو ته مجسمي ساز کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو، پر حقيقت ۾ انهيءَ جي تعريف ڪئي ويئي، اها مجسمي جي جسامت ئي هئي جنهن کيس حيرت انگيز بنائي ڇڏيو هو، بعد ۾ شاعرن ۽ مورخن انهيءَ جي باري ۾ لکيو ته مجسمي ساز جي ذهن ۾ اهو انوکو خيال آيو ته ديوتائن جو شهنشاهه انهي ڳالهه تي قادر آهي ته جيڪڏهن هو اُٿڻ چاهي ته مندر جي ڇت ڦاڙي ڇڏي. مجسمي جو بنياد 20 فوٽ ويڪرو، ٽي فوٽ اوچو هو، جڏهن ته مجسمي جي اوچائي چاليهه فوٽ هئي، جيڪا هاڻوڪي دور جي چار ماڙ عمارت جي برابر ٿي ٿئي، مجسمو ايترو ته مٿانهون هو جو ڏسڻ وارا زيوس جي جسم ۽ سندس ڊيل ڊول جي بدران انهي تخت ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا هئا، جنهن تي هو ويٺل هو. تخت جا پايا هڪ خيالي جانور جي شڪل ۾ بنايا ويا هئا. جنهن جو ڌڙ شينهن جو ۽ منهن عورت جو هوندو آهي، جڏهن ته هن سان گڏ فتح جون نشانيون کوٽيل هيون، يونان جي ٻين ديوتائن ۽ ڏند ڪٿائي شخصيتن کي به انهيءَ ۾ اجاگر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اپالو ديوتا. آرٽيمس ديوي ۽ نيوب جا ٻارڙا شامل هئا.
يوناني مورخ پوسي ناس جو چوڻ آهي ته ديوتا جي مٿي تي زيتون جي پتن جو تاج هو، ساڄي هٿ ۾ فتح جو نشان جهليل هئس، جيڪو سون ۽ عاج جو ٺهيل هو. کاٻي هٿ ۾ هڪ شاهي عصا هيس، جيڪا هن دنيا ۾ دستياب سڀني ڌاتن جي ميلاپ سان ٺاهي ويئي هئي، انهيءَ عصا جي مٿان هڪ عقاب ٺاهيو ويو هو، هن جي قبا ۽ جوتا سون جا هئا، زيوس جو لباس سوسن جي گلن ۽ جانورن جي کلن مان ٺاهيو ويو هو، جڏهن ته هن جو تخت سون، قيمتي پٿرن، انبوسي ڪاٺ ۽ عاج مان ٺاهيو ويو هو.
مجسمي کي مختلف بادشاهن ۽ حڪمرانن طرفان موڪليل سوکڙين سان سجايو ويو هو. انهن ۾ هڪ يادگار ۽ ذڪر جوڳو تحفو شام جي باشاهه انٽي ڪوس چوٿين موڪليو هو، اهو هڪ اوني پردو هو، جيڪو اسيرين انداز ۾ ٺاهيو ويو ۽ فونٽين طرز تي تعمير ڪيو ويو.
انهيءَ مجسمي جا ڪيترائي نقل تيار ڪيا ويا، هاڻي انهن مان ڪو به موجود ڪونهي، ايندڙ ڏينهن ۽ سالن ۾ هزارين سياح ۽ زيوس ديوتا جا پوڄاري سڄي دنيا انهيءَ جي زيارت واسطي اولمپيا ايندا رهيا. اڳتي هلي ۾ رومن بادشاهه ڪيلي گو مجسمي کي روم منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اها ڪاروائي ان وقت ناڪام ٿي جڏهن ڪيلي گورو جي ماڻهن جو ٺاهيل چبوتر ڊهي اچي پٽ پيو. بُت پرستي بند ڪرائڻ جي لاءِ جڏهن شهنشاهه ٿيو ڊولس پهرين 391ع اولمپڪ راندين تي پابندي هنئي ته زيوس ڊيوتا جو مندر به سندس حڪم ذريعي بند ڪيو ويو.
اڳتي هلي اولمپيا ۾ ڪيترائي زلزلا آيا، مٽيءَ جون ڇپون ڪرنديون رهيون ۽ ٻوڏون اينديون رهيون. پنجين صدي عيسوي ۾ مندر کي باهه لڳي ويئي، پر ڪجهه يوناني اميرن انهيءَ کان اڳ مجسمون ڪانسٽي ٽيوپل جي هڪ محل ۾ منتقل ڪري ڇڏيو، اتي اهو مجسمو 462 تائين سلامت رهيو. پوءِ هڪ خوفناڪ باهه جي نتيجي ۾ سڙي تباهه ٿي ويو.
1829ع ۾ اولمپيا ۾ زيوس ديوتا جي مندر جي پهريون ڀيرو کوٽائي ڪئي ويئي، فرانسيسي سائنسدانن جي انهي گروپ مندر جا بنياد ۽ ٿنڀن جا بچيل حصا برآمد ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪئي. اهي ٽڪرا پئرس پهچايا ويا، جتي اهي اڄ به لوور ۾ موجود آهن. ٻي ٽيم 1875ع ۾ جرمنيءَ مان آئي ۽ انهي پنجن سالن تائين اولمپيا ۾ ڪم ڪيو، انهي عرصي ۾ هنن اُتي موجود عمارتن جا کنڊر مندر جي مجسمي جا حصا ۽ مندر جي تهه خاني ۾ اهو پول تلاش ڪري ورتو، جنهن ۾ مجسمي جي لاءِ تيل ذخيرو ڪيو ويندو هو. 1950 ۾ کوٽائي جي نتيجي ۾ فيدياس جو ورڪشاپ پڻ دريافت ڪيو ويو، جيڪو هڪ قديم عيسائي ديول جي هيٺان دفن ٿيل هو. قديم آثارن جي ماهرن مورتي ساز جا اوزار ۽ ٽين پگهرائڻ جي هڪ وڏي ڪڙهائي، مٽيءَ جا فريم، پلاسٽر ۽ عاج به ڳولهي هٿ ڪيو.جنهن جو ڪجهه حصو مجسمو ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ٿيو هو، اُتان مٽي جا ڪيترائي سانچا پڻ مليا، جيڪي لوهي پليٽون ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا، انهن تي ڳڻپ جا نمبر به لکيل هئا، جيڪي يقيني طور تي انهن پليٽن کي مجسمي ۾ کوڙڻ جي لاءِ ترتيب طور لڳايا ويا هئا.
هاڻ پراڻي هنڌ تي موجود اسٽيڊيم ٻيهر اڏيو ويو آهي، مندر جو ڪجهه حصو ۽ ٿنڀن جي باقيات به اُتي موجود آهي، پر انهي مجسمي جي باقي ٻي ڪابه شئي اُتي ڪونهي، جيڪا نه فقط ڪڏهن اولمپيا، پر قديم دور جي تاريخ جو هڪ حيرت انگيز ۽ ڏسڻ جهڙو شاهڪار هو. ائين صدين تائين سياحن کي حيرت ۾ وجهندڙ شاهڪار جنهن کي پنهنجي وقت ۾ دنيا جي خوبصورت ترين عمارت چيو ويندو هو، هاڻ دنيا جي نقشي تي موجود ڪونهي.