مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

پبلشر نوٽ

سنڌ ڌرتي هميشہ پنھنجي ڪُکِ مان انمول جوڌن، جوانن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جن سدائين پنھنجي جيجل امڙ جي لوئي ۽ لڄ جو مانُ رکيو آهي، انھن انمول انسانن منجهان استاد پيراڻو ڳاهو بہ هڪ آهي، جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي.
استاد پيراڻو ڳاهو 1936ع ۾ گُلو جي تڙ جي هڪ اٻوجهہ خاندان مان محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ ٽن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ مان سڀني کان ننڍا هُئا جنھن ۾ وڏو ڀاءُ مرحوم محمد قبول ڳاهو پورهئي تي مال چاريندو هو ۽ ٻيو ڀاءُ مرحوم برهان ڳاهو سندس هٿ ونڊرائيندو هو. استاد پيراڻو ڳاهو اڳتي هلي پيغمبري پيشي يعني استاد جي حيثيت سان پنھنجي نئين نسل جي معمارن جي خدمت ڪرڻ لڳو. ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي ڪڏهن بہ ڪنھن اوکي ويل ۾ اڪيلو نہ ڇڏيائين، هميشہ انھن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي انھن جي حقن لاءِ استاد پيراڻو ڳاهو آواز بلند ڪندي نظر ايندو هو.
هن ڪتاب کان اڳ استاد پيراڻو ڳاهو جا (ٽي ڪتاب) آيل آهن، جيڪي ڪتاب اڄڪلھہ جي ڪمپيوٽر واري دؤر ۾ آڻڻ تہ تمام گهڻا آسان آهن پر اُن وقت يعني 1950ع واري دؤر ۾ وڏن ڪشالن وارو ڪم هوندو هو، انھن ڪتابن ۾ هڪ ”گُفتار حق“ ٻيو ”صداقت الاسلام“ ۽ ٽيون ”مثالي گرامر“ جيڪو ان وقت جي نصاب ۾ اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هيو. استاد پيراڻو ڳاهو جي چوٽيھين ورسيءَ جي مناسبت سان هي ڪتاب ”اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي ساروڻين تي مشتمل آهي جنھن جو مرتب سندس لائق فرزند، سٺو شاعر، بھترين ڪمپيئر نياز ڳاهو آهي.
بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو جي هميشہ اها ڪوشش رهي آهي تہ پنھنجي پڙهندڙ ساٿين جي هٿن تائين سدائين اهڙو ڪتاب رسائجي جنھن کي پڙهڻ سان انھن جي علم ۾ واڌارو ٿئي، اميد تي هي ڪتاب ”اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي“ استاد پيراڻو ڳاهو جي ساروڻين تي مشتمل پڙهندڙ دوستن کي ضرور پسند ايندو، اوهان جي روشن راين جي اوسيئڙي ۾؛

فياض انور بخاري
bukharipublicantion@gmail.com
0300-3419181