غريب جي زندگي
جنھنجي گهر ۾ هلي بک جي ڪھاڻي صبح و شام.
ان جي داڻي واسطي بيتاب ٿيا مسڪين جي،
رحم جي بدران تنھن تي حڪمراني صبح و شام.
فعل ۾ غرقور ٿيا مسڪين جي هر وقت ۾،
تہ بہ زميندار جي تن تي ظلمراني صبح و شام.
ڇا دنيا مان ويو ڦٽي سک صرف هاري سندو،
جنھنکي ٽڪ تي ناھ لکيل بصر ماني صبح و شام.
ٿا مُجيري ملڪ هاريءَ تي سڏائين معتبر،
جنھنجي موڙي تي ٿا ڪن ڪامراني صبح و شام.
ياخدا تون رحم ڪر مسڪين هن مزدور تي،
تنھنجي آهي هر بندہ تي مھرباني صبح و شام.
اي ”پيراڻا“ جلد ڏسندين ظلم کي ويران تون،
ڀل هلائين ڏينھن ٿورا قھر ڪاني صبح و شام.
**
