مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

پيراڻو ڳاھو ھڪ استاد ، شاعر اديب ۽ سماج سڌارڪ (ايڊووڪيٽ سائينداد ھنڱورجو)

ٿرپارڪر جي مشھور ناليواري استاد اديب، شاعر سماج سڌارڪ محمد محسن ھنڱورجو، جان محمد مورو، جانو نھڙيو، سنڀومل ھميراڻي، رائچند هريجن، جھڙن عظيم اعلي شان ڪردارن ۾ پيراڻو ڳاھو پڻ آهي.
جنھن جو جنم اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ گلوءَ جو تڙ ٿرپارڪر ۾ 1936ع ۾ ٿيو. جڏهن سموري سنڌ وانگر پر ٿرپارڪر ۾ اڃان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ڏکي ھئي.
وڏا وڻ وڻڪار جا جت نانگ سڄن نيلا،
اتي عبداللطيف چئہ ھيڪڙين ڪيا ھيلا،
جت ڪڙم نہ قبيلا، اتي رھبر رسج راھ ۾.

(شاھ)

جھڙي خطي ماحول ۾ ھادي ۽ رھبر جي ڏڍ تي ئي اڪيلي سر نانگ بلائن بکن ڏکن سان مھاڏو اٽڪائي منزل ماڻي پاڻ ملھايو انھن جونجهارن کي شاندار ڀيٽ پيش ڪرڻ سندن تاريخي ڪردار تي ٻہ اکر لکي يوسف جي خريدارن جي لسٽ ۾ نالو لکرائڻ تي دل بار بار واجهائيندي وڄکندي رھي آھي پر قلم جي سگهہ وري بہ ڪمزور رھي، ڪارونجهر جيترو قد قدامت علمي اوچائي ڏي اسان جي تہ اک ئي ٻڏي ٿي وئي لکڻ کان لنوائي دل لڏي ٿي وئي:

جڏهان ڪر ٿيام ساڃاھہ سپيرين سين،
تڏھان ڪر تر جيترو ويل م وسريام،
اندر روح رھايم، سڄڻ اوطاقون ڪري.

(شاھ)
اھڙا ٿورڙا ماڻھو ھوندا آھن يا کڻي ائين چئجي تہ حالتن ۽ ھڪ دور جي پيداوار ھوندا جيڪي پنھنجي ذاتي مفادن مال محل ماڙيون مفادن حاصل ڪرڻ ٺاھڻ کي ٺڪرائي پيا جڳ جھان کي ٺاھيندا پيا ٻين ماڻھن کي اجاريندا اڇا ڪندا بڻائيندا ذھني علمي اوکي ويل مالي مدد ۾ پيا پير ڀريندا، ڪاڄ، بيمارين جي تيمانداري، موقعو محال اھڙن مڙس ماڻھن ڪا نہ وئي، نہ وڃي، نہ پنھنجي جان جي پرواھ نہ پنھنجي مالي حالت جي ڳڻتي نہ پنھنجي ڪکائين اجهي جي اون، ھن مسڪين جو ڀلو ٿي، ھن مظلوم سان انصاف ٿي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار واقعي تاريخ ۾ تہ امر ٿي وڃن ٿا پر عام وري بہ سرمائي کي ڏسندڙ سو ڇا ڄاڻي سندن علمي قد ڪاٺ قربانيءَ مان،

مون سي ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تني سندي ڪاء، ڪري نہ سگهان ڳالھڙي.

(شاھ)
مثلن پنھنجن جي بي واجبي پڊ، وڻ والار تي تڪرار ميدان ۾ توڙي فيصلي غير ڌارين مظلوم سان گڏ بيھڻ تڪرار جي بي رياءُ فيصلو ڏئي غريب ميگهواڙ، ڀيل کي کٽائڻ ڪو معمولي ڳالھہ آهي ؟! ڇا گهر رشتيدارن جو عتاب برداشت نہ ڪرڻو پيو ھوندو؟!
سو ھھڙن عظيم انسانن ڪردارن وک وک تي واسينگن کان ڏنگجي جيئڻ سکي جرئت سان انصاف جي طرفداري ڪئي تڏهن امر ٿيا.
جيھا سي تيھا مون مارو مڃيا. (شاھ)
جھڙا تھڙا غريب ڏٻرا پنھنجا ماروئڙا مٿي ڪيائون پر ڪنھن عمر آمر ڏاڍي جي ڀر وٺي مال ملڪيت محل اڏي وقتي ڪوڙا معتبر ٿيڻ قبول ڪونہ ڪيائون،

جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي،
تني جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

(شاھ)
سائين پيراڻو ڳاھو از استاد پنھنجي پيشي سان نڀاھ ڪري ڪئين پنھنجا شاگرد پيدا ڪيا جنھن سبب بہ اعليٰ انسان آھن. انھيءَ زماني ۾ ھڪ بھترين شاعر اديب ھجڻ سان گڏ صاحبِ ڪتاب ھجڻ بہ اعليٰ اعزاز ھيو. ٻيو تہ ڪافي ليکڪن مڃيل اديبن شاعرن سائين جي زندگيءَ جي سفر تي لکي کيس شانائتي ڀيٽ ڏئي پنھنجي ڪتابن ۾ مضمون شامل ڪيا آهن اھو پڻ سائين لاءِ وڏو اعزاز آهي.
غريب يتيم ٻار مان وقت جي حساب سان استاد سرڪاري پوسٽ ماڻي وري غريب پنھنجي طبقي سان بيھڻ بہ وڏي تاريخي ڳالھہ ۽ ڪم آھي، نہ تہ ماڻھو ڇڪجي سڪجي وڏيرپ روب تاب واري زندگيءَ ڏي لڙي ويندا آهن ماضي وسري ويندؤ اٿن پر سائين انھن مان نہ ٿيو .
سو اھڙي عظيم استاد انسان لاءِ اھي لفظ جو ڪنھن لينن لاءِ لکيا آهن. لينن جيڪو لکيو آھي تخليقي مواد رڳو اھو رڪارڊ بہ لينن جو موجودہ قد قامت ئي وڏو عظيم آھي. جي اھو سڀ ڪجهہ لينن نہ ڪم ڪري ھا ۽ رڳو سياست ڪري ليڊر ٿي ھا تڏهن بہ لينن عظيم وڏو انسان ھجي ھا. سو سائين پيراڻو ڳاھو رڳو استاد ھجڻ سان بہ وڏو ماڻھو ھجي ھا. يا رڳو سماج سڌارڪ حق جو پيروڪار طرفدار نڀاھ ھجڻ وارو ڪردار اٿس اھو بہ کيس اتاس جي آواز ۾ امر اعليٰ انسانن جي صفحن ۾ بيھاري ھا. **





















(سنڌ جي اڪثر اخبارن ۾ لڳل خبر)