مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

آخري خط جو متن

حيدرآباد جي اسپتال مان مرحوم پيراڻي ڳاهي ۽ سندس ڀاءُ مرحوم برهان ڳاهو جو عزيزن، دوستن، راڄ ڀاڳ ڏانھن لکيل آخري خط جو متن:
786
19-05-1991
نورچشم بنھہ پيارا ٻچا محمد قبول، اڪبر، خالد سمورا عزيز

اسلام عليڪم

اسان طرف هر طرح خير آهي، خدا ڪري عزيز، قريب، انڙ، ابڙا، ميگهواڙ سدائين خوش چڱا ڀلا هُجو.
بابا رب ڪري بيماري ڪنھن کي نہ ملي، آئون حيدرآباد جي اسپتال جي ڪمري نمبر 9 مان عرض ڪري رهيو آهيان، تمام خوش آهيان، ماني هضم ٿئي پئي، پر هاڻ پريشاني جو ڪو بہ سبب نہ آهي، نہ وري پئسي جي ضرورت آهي؟
ڳڻتي آهي تہ صرف ٻچڙن جي آهي، اجازت ملي ٿي تہ اڏاميو اچان، باقي ڪو بہ فڪر نہ ڪندا. رب پاڪ اڳيان جماعت کان دعائون گهرائيندا.
آئون برادرم بُرهان رهون ٿا. اميد تہ 25 تاريخ کان اڳ انشاءَ ﷲ پھچي وينداسون، سلام محترمي حاجي صاحب، سليمان، سئلو غفور، ابراهيم، محمد الرحيم، ابراهيم اُنڙ کي چوندا.
پيراڻو چڱو ڀلو آهي پر ڊڄڻو آهي پر هينئر بلڪل چڱو ڀلو ٺيڪ آهي. داخلا حيدرآباد ۾ سول اسپتال ۾ ورتي آهي، بيماري آهي ڪو نہ باقي مُڙس تمام خوش آهي، ٻيو سڀ خير آهي، پئسہ جام آهن، ڪا بہ پريشاني جي ضرورت نہ آهي.

دعاڳو
پيراڻو ڳاهو ۽ محمد برهان ڳاهو
**