مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

ٿر جو آدرشي اُستاد سائين پيراڻو ڳاهو (محمد هاشم دل)

(34هين ورسيءَ تي خراجِ عقيدت)


سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڪيترائي اهڙا اُستاد پيدا ٿيا، جن پنھنجي زندگي علم، ايمان، ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. انھن مان هڪ نالي وارو ۽ مثالي اُستاد، ٿر جي ڌرتيءَ جو فخر مرحوم اُستاد پيراڻو ڳاهو هو، جيڪو نہ رڳو تعليم جي ميدان ۾ روشن ڏيئو بڻيو پر استادن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي هڪ نئون دور شروع ڪيو.
سائين پيراڻو ڳاهو 1936ع ۾ ڳوٺ گُلو جو تڙ (تعلقو اسلام ڪوٽ، ضلعو ٿرپارڪر) ۾ محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ جنم ورتو. هُو هڪ اٻوجهہ ۽ غريب گهراڻي سان واسطو رکندڙ هو۔ زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ ئي ماءُ ۽ پيءُ جو سايو مٿس کان کسي ويو، پر تقدير جي امتحانن هن ننڍڙي ٻار کي جهڪائڻ بجاءِ مضبوط بڻايو. يتيميءَ ۽ غربت جي باوجود هن تعليم سان محبت کي پنھنجو وسيلو بڻايو.

تعليم ۽ علم لاءِ جستجو
پنھنجي ابتدائي تعليم ديني مدرسن مان حاصل ڪئي، جتي قرآن پاڪ پڙهڻ دوران ئي علم جي روشني سندس دل ۾ گهري ٿي وئي. پوءِ پاڻ ڏيپلي ڏانھن رخ ڪيو، جتي قسمت کيس ارباب تاج محمد ۽ ارباب امير حسن جھڙن علم دوست شخصيتن سان ملائي ڇڏيو۔ اهي ئي شخصيتون سندس تعليمي سفر ۾ مددگار ثابت ٿيون. پاڻ پنھنجي خلوص، محنت ۽ عزت نفس سان هڪ مثال بڻيو.

استاديءَ جو سفر
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ استادي جي پيغمبري پيشي کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. استادي رڳو نوڪري نہ هئي پر هڪ مشن هو. پاڻ ڄاتو تہ تعليم ئي اها ڪنجي آهي، جنھن سان ٿر جھڙي پٺتي پيل علائقي جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي. سائين پيراڻو ڳاهو پنھنجي ڀاءُ محمد برهان ڳاهو کي پڻ تعليم ڏيارائي اُستاد مقرر ڪرايو. علم جي روشني کي ورهائڻ ۾ هن پنھنجي ذات، وقت ۽ وسيلن کي وقف ڪري ڇڏيو.
استادن جي حقن لاءِ جدوجھد
سائين پيراڻو ڳاهو نہ رڳو هڪ مثالي اُستاد هو پر هڪ جرئتمند اڳواڻ بہ هو۔ هن پنھنجي ساٿين سان گڏجي پ- ٽ- الف (Primary Teachers Association) جو بنياد رکيو ۽ ان جو صدر منتخب ٿيو. اُن وقت ٿرپارڪر ضلعو ميرپورخاص جو حصو هو، ۽ استادن کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوندو هو. پاڻ ڪيترائي ڏينھن ميرپورخاص ۾ رهندي استادن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. انھيءَ جدوجھد جو سڀ کان وڏو نتيجو اهو نڪتو، جو پاڻ ٿر جي استادن لاءِ ”هارڊ ايريا الائونس“ (Thar Desert Allowance) سرڪار کان منظور ڪرايو، جيڪو اڄ تائين استادن کي ملي ٿو۔ اهو ڪارنامو اُستاد پيراڻو ڳاهو کي سنڌ جي استادن جي تاريخ ۾ امر ڪري ويو.

علمي ۽ ادبي خدمتون
سائين پيراڻو ڳاهو علم سان محبت جو اظھار پنھنجي لکڻين وسيلي بہ ڪيو۔ پاڻ ٽي اهم ڪتاب تصنيف ڪيا، جيڪي ان دور ۾ وڏو علمي ڪارنامو هئا:
1. گفتارِ حق: سچ ۽ حق جي ڳالھہ تي ٻڌل ڪتاب، جيڪو سندس شخصيت جو ترجمان هو۔
2. صداقت الاسلام : اسلام جي تعليمات ۽ خالص عقيدي تي ٻڌل علمي ڪتاب جو اردو مان سنڌي ۾ ترجمون پڻ ڪيو.
3. مثالي گرامر: سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي لکيل ڪتاب، جيڪو اسڪولن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.
اهي ڪتاب نہ رڳو علمي سرمايو آهن، پر سندس فڪري ۽ روحاني بصيرت جو بہ ثبوت آهن.

شخصيت ۽ اصول
سائين پيراڻو ڳاهو سچائي، ايمانداري ۽ اصول پسنديءَ ۾ بي مثال شخصيت هو. هو حق ڳالھہ چوندو هو، ڀلي ڪنھن کي نہ وڻي. سندس علمي ڪردار سان گڏ سماجي ۽ اخلاقي ڪردار بہ هر دل ۾ عزت جو مقام رکي ٿو.

سياسي ۽ سماجي ڪردار
ريٽائرمينٽ کان پوءِ پاڻ علائقي جي مسئلن لاءِ سياست ۾ قدم رکيو ۽ ارباب گروپ سان لاڳاپيل رهيو. ارباب امير حسن، ارباب فيض محمد، ارباب حاجي عبدﷲ ۽ ٻين وڏين شخصيتن وٽ سندس عزت ۽ احترام جو وڏو مقام هو. پاڻ يونين ڪائونسل جو ميمبر بہ رهيو ۽ علائقي جي مسئلن ۾ اڳڀرو رهيو.

خانداني ورثو
سائين پيراڻو ڳاهو پويان نيڪ اولاد ڇڏي ويو، جن سندس علمي ورثي کي زندہ رکيو.
سندس هڪ پُٽ اُستاد قبول ڳاهو تعليم جي ميدان ۾ سندس مشن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، جڏهن تہ ٻيو پُٽ شاعر نياز ڳاهو پنھنجي فن ۽ ڪلام وسيلي علم، محبت ۽ احساس کي زندہ رکيو آهي.

آخري لمحات ۽ وصيت
سائين پيراڻو ڳاهو پنھنجي زندگيءَ جي آخري لمحن تائين دين ۽ تعليم جي خدمت ۾ مصروف رهيو. 1991ع ۾ عيدگاھہ ۾ آخري وعظ دوران وصيت ڪئي تہ ”جيڪڏهن آءُ ايندڙ عيد تائين زندہ نہ رهيس تہ مون کي ڳوٺ جي ڀرسان دفنائجو، جيئن ماڻھن کي مڙھہ کڻڻ ۾ تڪليف نہ ٿئي.“ اها سندس انسان دوستي ۽ سادگيءَ جي انتھا هئي.پاڻ 19 آڪٽوبر 1991ع تي وفات ڪئي.

ورسيءَ جي مناسبت سان
هاڻي جڏهن سندس 34هين ورسي ملھائي پئي وڃي، تڏهن سڄو ٿر ۽ تعليم سان وابستہ هر دل سندس ياد ۾ جهومي ٿو. سائين پيراڻو ڳاهو صرف هڪ اُستاد نہ پر هڪ تحريڪ، هڪ فڪر، ۽ هڪ روشنيءَ جو نالو آهي، جنھن سان ٿر جو نسل بہ رهنمائي حاصل ڪري رهيو آهي.

دعا
ﷲ پاڪ سائين پيراڻو ڳاهو جي مغفرت فرمائي، سندس روح کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري، ۽ سندس اولاد کي توفيق ڏي تہ هو سندس علمي مشن کي جاري رکن.آمين.
**