مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

مڪالمو: اي مجيري، ڪجهہ تہ ڏي

مسڪين هاري

هاري ڇو کڻي ٿو ملڪ منھنجي اي مجيري، ڪجهہ تہ ڏي،
مون وڏي محنت سان ڪئي آ ڀيڙي ڪجهہ تہ ڏي.
ٿي ويس ننڊ کي ڦٽايو ڪيئن نہ مان اڌرات جو،
ڪيئن نہ مون تڪليف سان پوکي ۽ کيڙي ڪجهہ تہ ڏي.
ڇيڙ يا بيگر تي مان هروقت حاضر رهيس،
اسر جو هو ڇيڙ يا انکان سويري ڪجهہ تہ ڏي.
اڄ ڏسين ٿو جو کري ۾ سار جوئر جو سٿو،
سا هٿن سان ڪيئن نہ آهي مون سميڙي ڪجهہ تہ ڏي.
مون ڏکن ۾ ٿي پياريو ڪيئن نہ پاڻي پوک کي،
ٿي لتاڙيم رات جو ڪيئن نانگ ويري ڪجهہ تہ ڏي.
ٿي ٻني ۾ مون ڪمايو اسر جو جوڙا ٻڌيو،
بيگرن ۾ کيڙيم ڪيئي نمبر سيري ڪجهہ تہ ڏي.
نمبر کي ڪين سينگاريم ٿي شوق سان،
هڪ سطح ڪٿ نہ پسي هئي ٿيري ڪجهہ تہ ڏي.
پيٽ ۾ مونکي بکون تڪليف پر ڪوڏر هنيم،
لاءِ ۽ ڇنڊيم حالت هئي ڪھڙي ڪجهہ تہ ڏي.

زميندار:
مڻ تي واهي جي ڪمائي ساڳي ڪمداري حصہ،
کڻت ڀي اي يار ساري ڏس تمھاري ڇا ڏيان.
مڻ ڏنم لوهار کي ۽ مڻ ويو نائي کڻي،
مڻ پسر منھنجي جي خرچي آ ڏهاڙي ڇا ڏيان.
خرچ آيو آ لکين ووٽن ۾ سو ڀرڻو اٿئي،
ڳوڻ کائي ماھ، گهوڙو هزاري ڇا ڏيان.
مون گهرايو ڏينھن تنھن هو ساڻ جوڙي بيوقوف،
ڏنڊ وڌم ٿي چار سئو بدنام هاري ڇا ڏيان.
خانصاحب کي مٺائي ڏيئي مون هي ڳڌو،
ٻيو وري منھنجي ڪراچي ڏي تياري ڇا ڏيان.
ناچ رنڊين اڄ ڪيو ٽي چار سو تن کي ڏنم،
لکين رپين جو هار لئہ منھنجي پياري ڇا ڏيان.
ٻيو محفل ۾ کپايم سئو روپين جو نج شراب،
چار سئو کن کڻي وئي جام واري ڇا ڏيان.
مون ٿلھو ليکو ٻڌو توتي قرض باقي بچيو،
جلد کڻ ڪوڏار هٿ ۾ ۽ ڪھاڙي ڇا ڏيان.


هاري:
پيٽ لئہ مونکي نہ آھ تون ٿو رهين بنگلن اندر،
رحم ڪر مون تي ڪئي مون مزدوري ڪجهہ تہ ڏي.
خوف ڪر خالق جو حق ڪيم منھنجو ڪر ڪر غضب،
ڇو کڻي دولت ظلم سان ٿو سموري ڪجهہ تہ ڏي.
منشي کي چئو مھرباني سان ڪري مون سان حساب،
ڊڄ خدا کان کن نہ کڻان هي اُرھ زوري ڪجهہ تہ ڏي.
ميون کنيا ٽي چار مڻ پر ڏيو ڀلا مون کي ڀلي،
جيئن اچ مونکي پتي اي رئيس پوري ڪجهہ تہ ڏي.


زميندار:
مون ڏٺو توکي ڀلا منشي جو ڪھڙو غرور،
آ بقايا توتي باقي مون ٻھاري ڇا ڏيان.
ڇا ڪيو مون آ ظلم جو ٿو مٿو پنھنجو پٽين،
خرچ آ هن سال آيو مون تي ڀاري ڇا ڏيان.


هاري:
ياخدا ظالم زميندارن کي تون نابود ڪر،
پنھنجي حق لاءِ جي چئون ٿا اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي.
حق ڏيڻ جي عيوض گاريون ٿا هي فرعون ڏين،
اي ”پيراڻا“ ٿيندي طاقت تن جي ڌيري ڪجهہ تہ ڏي.