مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

نيچ نوڪري

نوڪري تي ناز نادان ناھ جائز نيڪ ٿي،
نوڪري توڻي غلامي آھي معني ھيڪ ٿي.
مرضي آہ مخدوم جي خادم کي جيڏھن موڪلي،
تئن ڇلن ڇڙواڳ ٿي کي زيردستن ڇيڪ ٿي.
خادمن کان خوش ٿيڻ مخدوم کي وسري ويو،
ظالمن جي ظلم جي آ زبردستي ٺيڪ ٿي.
تون ڊيوٽي حق بجانب ٿو ڏئين اي بيحيا،
شان گهرجي تان اسان وٽ اچ ھزارين ڇيڪ ٿي،
ڇڏ ڊيوٽي کي اڄ جنھن جي نہ اڄ درڪار آه،
پر اسان وٽ تون اچج ملبوس منجهہ سگريٽ ٿي.
ڪون بنگلو ها ٻيو سگريٽ مونکي کپي،
پر اچج ڪئفٽن يا برڪلي پاڪيٽ ٿي.
پر انھن سان گڏ ھجي ڀل چانھ جا ٽي چار ڪوپ،
تنھن سان گڏ مسٽر اڳيان سائو مٺائي ڪيڪ ٿي.
چاپلوسي جو سبق سک جو وقت تي ڪم اچي،
پوءِ ھميشہ خوش رھندين شاھ شاھي سيٺ ٿي.
جي ھلندين حق مٿي سامان مذڪوره ڇڏي،
تان سڀئي ساڙيندا توکي باھ وارو سيڪ ٿي.
گوسڙو رولو چوندا توکي بالا تو سندا،
۽ ڪري بدلي جي بارش سچ ڪھندا تيغ ٿي.
اي ”پيراڻا“ چاپلوسي ۽ خوشامد کي وڍيج،
ڀل تڙن بالا مگر تون قوم لئي اڄ ٽيڪ ٿي.

**