مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

پيراڻو ڳاھو (شھاب نھڙي/مٺي)

پيراڻو ڳاهو خوش قسمتي سان منھنجي من ۾ سائين پيراڻي ڳاھي تي لکڻ جي تمنا ان ڏينھن ڪَرُ کنيو آھي جنھن ڏينھن استادن جو عالمي ڏينھن آھي. پوري جڳ جھان جيان ٿر ۾ استاد جي عظمت تي تقريبون ٿي رھيون آھن. سچن کرن ۽ مثالي استادن کي مڃتا ڏني پئي وڃي. سائين پيراڻي ڳاھي جو شمار ٿر جي اوائلي ۽ فرض سناش ٿئي ٿو. سائين پيراڻي پوري ڄمار ٿر جي جهڳين ۾ علم ۽ ادب جو ڏيئو ٻارڻ جي جستجو سان گڏ استادن کي حق ڏيارڻ ۽ انھن جو تحظ ڪرڻ ۾ گذاري، سائين پنھنجن ساٿين جي سھڪار سان ٿر ۾ پ-ٽ-الف جو تنظيمي بنياد رکيو. ھن تنظيم جي پليٽ فارم تان ٿر جي استادن کي ڊيزرٽ الائوس مليو. سائين پيراڻي ڳاھي جي جي جيون خاڪي تي نظر ٿا وجهون ٿا تہ حيرت ٿئي ٿي، سائين ڏک ڏاکڙا ڏسي ڪھڙي ريت پنھنجي زندگي سڦل بڻائي.
ٿر جي ڳوٺ گُلو جي تڙ جي رھواسي محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ 1936ع ڌاري وڏي جنم وٺندڙ پيراڻي ڳاھي وڏي محنت سان مھانتا ماڻي. سائين پيراڻو اڃان ننڍپڻ جي وهي ۾ هئا تہ سندس امڙ ۽ والد صاحب هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويا، سندس ٻہ وڏا ڀائر پورهئي تي مال چاريندا هئا، سائين يتيمي واري زندگي ۾ ڳوٺ هوٿي جي تڙ جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، پوءِ سندس ڀاءٌ برهان ۽ پاڻ گڏجي استاد محمد محسن هنڱورجي جي شفقت سان ڳوٺ ڏيپيار ۾ پرائمري پرائمري لڳا. پنجون پاس ڪرڻ کان پوءِ برهان وري گهرو ڪم ڪار لڳي ويو، سائين پيراڻو اڳتي پڙهائي جي لاءِ ڏيپلي آيا، ڏيپلي ۾ ارباب تاج محمد جو فرزند ارباب امير حسن سندس ڪلاسي بڻيا. ارباب صاحب جو سٿ وڏي وٿ بڻيو. ارباب تاج محمد سائين پيراڻي کي پڙهائي جي خرچ ۾ مدد ڪرڻ شروع ڪئي. سائين پيراڻو ۽ ارباب امير حسن شام جو گڏجي پڙهندا هئا. ارباب امير حسن سائين پيراڻي کي ساٿي کان وڌيڪ جي حيثيت ڏيندا هئا. اربابن جو سھڪار ملڻ سان سائين پيراڻي پنھنجي ڀاءُ برهان جي پڙهائي شروع ڪرائي. پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ استاد جي پيشي کي اختيار ڪيائون. هڪ شفيق ۽ سچي استاد طور فرض سر انجام ڏيندي ڪيترن غريب مسڪين شاگردن کي پڙهائي زندگي جا نوان دڳ سيکاريائون. 1982ع ۾ رٽائر منٽ وٺي سياسي سماجي ڪرت ۾ جنبي ويا. بلدياتي چونڊ مختلف وقتن ڪائونسلر بڻيا. راڄ ڀاڳ ۾ سندس مزاج ملنسار ۽ راڄوڻي رهيو. ڪڏهن سان ڪا بي واجبي نہ ڪيائون نہ ڪنھن کي ڪرڻ ڏنائون. سائين پيراڻي ڳاهي نوڪري دوران ٽي ڪتاب ڇپرايا. هاڻي ڇپرائڻ سکيو ٿي پيو آهي پر ان وقت ڏکيو هو. سائين جي ڪتابن ۾ هڪ ”گُفتار حق“ ٻيو ”صداقت الاسلام“ ۽ ٽيون ”مثالي گرامر“ شامل آهن . ”مثالي گرامر“ ان وقت جي نصاب ۾ اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هيو. ”گفتار حق“ سندس شاعري جو مجموعو آهي .جنھن جو ڇھون ڇاپو سندس لائق فرزند نياز ڳاهي جي ڪوششن سان ڇپيو. ”گفتار حق“ نالي سان جنھن جي مھورت اسلام ڪوٽ ۾ رکي وئي اسين سڀ دوست شريڪ ٿيا هئاسين.
**