تعارف : پيراڻو ولد محمد قاسم ڳاهو
برچُستي اصول پسند دليري کي مان ڏيندي اُن وقت جي استادن گڏجي پ- ٽ- الف پرائمري ٽيچر ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيائون، بقول بلاول اٺو ۽ ٻين ان وقت جي استادن تہ اُن وقت ۾ ٿرپارڪر ضلع ميرپورخاص هو ۽ خاص ڪري سواري جو نہ هئڻ ڪري مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ هي جاکوڙي انسان ڏينھن جا ڏينھن ميرپورخاص ۾ رهيو پيو هوندو هو، جتي(عثمانيه مسافر خانو) سندس رهڻ جو مرڪز هوندو هو، پاڻ (ٿرڊيزرٽ الائونس) ملڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ نيٺ وڃي اُن وقت جي سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽو کان منظور ڪرايائون. ان کاسواءِ پاڻ استادن جي ٻين مسئلن لاءِ تمام وڏيون خدمتون ڏنيون. پاڻ 1982ع ۾ رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ سياست ۾ اچي علائقي جي ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي. سياست ۾ پاڻ مرڻ گهڙي تائين ارباب گروپ سان سلھاڙيل رهيو جتي مرحوم ارباب اميرحسن صاحب، مرحوم ارباب فيض محمد صاحب، مرحوم ارباب حاجي عبدﷲ صاحب، مرحوم ارباب مير محمد صاحب، مرحوم ارباب ڊاڪٽر عبدالرزاق صاحب، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب ۽ ارباب عبدالجبار صاحب سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ علائقي جي ننڍي وڏي فيصلي، ڪم ڪار لاءِ گهُرائي صلاح وٺندا هئا، پاڻ يونين ڪائونسل جا ميمبر بہ رهيا، ۽ يونين جي ڳوٺن جا ماڻھو نيڪ ڪمن جي ڪري تمام گهڻو چاهيندا هئا، پاڻ نوڪري دوران (ٽي ڪتاب) ڇپرايائون جيڪو اڄڪلھہ جي ڪمپيوٽر دؤر ۾ تہ آسان ڪم آهن ليڪن اُن وقت يعني 1950ع واري دؤر ۾ وڏن ڪشالن وارو ڪم هو، انھن ڪتابن ۾ هڪ ”گُفتار حق“ ٻيو ”صداقت الاسلام“ ۽ ٽيون
”مثالي گرامر“ جيڪو ان وقت جي نصاب ۾ اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هيو. پاڻ پنھنجي ڪتابن جا نالا بہ اهڙا رکيا جيڪي پنھنجي زندگي ۾ ڪيل نيڪ ڪمن سان ٺھڪندڙ هئا مثال طور،
(1) (گُفتار حق) حق ۽ سچ جي ڳالھہ:
پاڻ سدائين سچ ۽ حق چئي ڇڏيندا هئا چاهي اهو سڳو ڀاءُ يا تمام دلي دوست هجي جنھن جو هڪ مثال ڳوٺ جا وڏڙا هن طرح بہ بيان ڪن ٿا تہ هڪ دفعي فقير شير محمد بلالاڻي جيڪو سياسي طور سدائين سائين پيراڻو ڳاهو جو حريف رهيو هو، تنھن تعلقي مٺي جا معزز ۽ چڱا ماڻھو وٺي حاجي جان محمد وسائيپوٽو (صابق ايم_ ايل) وٽ سرچاءُ لاءِ ويو اُتي حاجي جان محمد وسائيپوٽو صاحب فقير شير محمد صاحب کي سياسي ڪم ڪار نہ ٿيڻ وغيرہ جهڙا طعنا ڏنا جنھن تي پاڻ اُٿي چيو حاجي صاحب فقير صاحب کي ووٽ آئون بہ ڪونہ ٿو ڏيان ۽ توهان بہ نہ ڏيو مگر فقير فيض محمد بلالاڻي جو پُٽ ماين وارن طعنن جو لائق نہ آهي توهان طعنا نہ هڻو جنھن تي فقير شير محمد بلالاڻي صاحب مُرڪي پنھنجو گڏ آيل ميڙ وٺي واپس هليا ويا. مطلب تہ پاڻ سچ جي ڳالھہ بروقت منھن تي چئي ڏيندا هئا ۽ بيشڪ ”گُفتار حق“ سندس زندگي جو فلسفو هو.
(2) صداقت الاسلام:
بيشڪ پاڻ اسلام جا سچا پيروڪار هُئا بُت پرستي قبرن کان پٽ گهُرڻ مڃتائون ڪرڻ جي بلڪل خلاف هئا جيئن پاڻ پنھنجي ڪتاب گُفتار حق ۾ هيٺيون سٽون جيڪي چيون اٿس، اُهي سٽون اسلام سان سچائي جو درس ڏين ٿيون.
پير کي ڪھڙي آ طاقت مھر سان جو ڏي پسر،
زر ڦُرڻ جو رستو ٺاهيو جا جھالت دين جي،
اولياءُ عالم اسان جا رهنما آهن ضرور،
موت کانپوءِ مددون وٺڻ ڪٿ اجازت دين جي.
بيشڪ پاڻ اوليائن بزرگن سان محبت ڪندڙ هئا ۽ دين اسلام جا سچا سپاهي هئا.
(3) مثالي گرامر:
هي ڪتاب اُن وقت نصاب طور پڙهايو ويندو هو جيڪو علم جي معمارن لاءِ پاڻ پنھنجي دماغ جي نچوڙ سان تيار ڪيو هو ليڪن جيڪڏهن ويھي سائين پيراڻو ڳاهو جي انسان ذات لاءِ زندگي ۾ ڪيل خدمتن ۽ نيڪ ڪمن کي ڪتابي شڪل ڏجي تہ بيشڪ ڪئين ڪتاب ٺھي ويندا. ان مان مراد تہ پاڻ پنھنجي سڄي زندگي هڪ مثالي گرامر طور گذاري جنھن ۾ جُستجو ۽ صلاحيت جي آزمائش هُئي جيئن اهڙو هڪ مثال زندگي جو ڳوٺاڻو سچو ميگهواڙ بہ ڏي ٿو تہ پاڻ تعلقہ ڇاڇري جي ڳوٺ ڪانڪيي ۾ جتان پاڻ پھرين شادي ڪئي هئائين اُتي پاڻ ڪنھن شادي ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا تہ اُتي ڳوٺ جي مينگهواڙ نئون پَڊَ اڏڻ ٿي گهُريو، جيڪو ڳوٺ جي مسلمانن ۽ خاص ڪري سائين پيراڻو جي ساهرن جي ماڻھن اڏڻ نٿي ڏنو ۽ مختيارڪار ڇاڇرو سرزمين تي آيل هو بقول سچو ميگهواڙ تہ اُتي جا ميگهواڙ سڀئي گڏجي مون وٽ آيا تہ تون سائين پيراڻي کي چئو تہ اسان کي پڊ وٺي ڏي ڇو تہ اسين راڄ جي وچ ۾ ويٺل آهيون ۽ اسان جي ٻار ٻچي کي اٿڻ ويھڻ جي ڏاڍي تڪليف آهي. جڏهن اها ڳالھہ مون سائين پيراڻي ڳاهي سان ڪئي تہ پاڻ ڳوٺ جي چڱن مڙسن کي گهُرائي چيائون ليڪن اُنھن اها ڳالھہ نہ مڃي تہ پاڻ مختيارڪار ڇاڇري سان گڏجي سرزمين ڏٺائون جيڪو سائين پيراڻو جو پراڻو واقفڪار ۽ دوست هو، سرزمين ڏسي سائين مختيارڪار کي چيو تہ ميگهواڙ حق تي آهن ۽ هي منھنجا عزيز ڳوٺاڻا غلط آهن تنھنڪري توهان اهو پڊ ميگهواڙن کي منظور ڪري ڏيو بس سائين پيراڻي جي چوڻ جي دير هُئي مختيارڪار بروقت آرڊر ڪري پڊ منظور ڪري ڇڏيو ۽ اها هڪ سائين پيراڻو جي صلاحيت جي آزمائش هئي. اهڙا ڪيئي مثالي واقعا ڳوٺاڻا پيش ڪن ٿا، جنھن تي قلم کڻجي تہ ڪتاب ٺھي وڃن پاڻ عيد گاھ ۾ واعظ بہ ڪندا هئا. پاڻ 1991ع ۾ عيد گاھ ۾ واعظ ڪندي هڪ وصيت بہ ڪئي جيڪو هن جو آخري واعظ بہ هو، پاڻ وصيت ڪندي چيائون تہ آءُ ايندڙ عيد تي هجان يا نہ هجان ليڪن توهان سڀئي راڄ وارا پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهجو ۽ اگر جيڪڏهن آءُ هي دنيا ڇڏي وڃان تہ مونکي ڳوٺ جي ڀرسان دفنائجو جيئن ڳوٺ کي مڙھ دفنائڻ لاءِ ٻئي ڳوٺ چوڻھار وڃڻ جي تڪليف آهي ايئن پاڻ پنھنجي زندگي ۾ ڳوٺ راڄ ڀاڳ کي پنھنجون خدمتون ڏنيون ليڪن مرڻ کانپوءِ آخري وصيت ڪري ڳوٺ جي خدمت ڪري 19-10-1991 ع ۾ وفات ڪيائين.
پاڻ پونئيرن ۾ 2 گهر واريون ٽي پُٽ 2 ڌيئرون ڇڏيون، جنھن مان هڪ پُٽ مرحوم فيض محمد 1996ع ۾ نماز دوران مسجد ۾ باھ لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو دُعا آهي تہ سندس شھادت جي مُهابي والدين جي ﷲ پاڪ مغفرت ڪرڻ فرمائي ۽ خاڪي جسم کي جنت الفردوس عطا فرمائي_ آمين.
محمد قبول ولد پيراڻو ڳاهو
