مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

قيمتي قول

فائدہ فيلسوفن جي عجب اعلان مان،
تڙ جھالت جي علامت ملڪ پاڪستان مان.
ڀيٽ تيرٿ نيڪ سيرت جو ۽ ٿي تون داد رس،
پھلواني ڪامراني سک ادا قرآن مان.
ڪيم بيجا گفتگو ڪر کاءُ ٿورو ادب ڪر،
عقل عاقل کان وٺج حڪمت سکج لقمان مان.
درد ۾ ڪر صبر ۽ سک ۾ ڪر شڪر اي اخي،
مئن مان عبرت چڱائي سک چڱي انسان مان.
نيڪ نيت رک عزيزم ۽ سخي حاتم مثل،
بيپرواهي ۽ وڏائي ڪيم سک ڪنھن خان مان.
ڪر عبادت حق سندي سر ڀلي هليو وڃي،
ناحق پاسي ٿيڻ سان ٿيندين شيطان مان.
ڪر عبادت حق سندي رک غازن ساڻ نينھن،
آسرو مغفرت جو لاهج ڪو نہ تون منان مان.
اي ”پيراڻا“ ادب سان ڪر التجا تون عفو لاءِ،
ڏيندو توکي گنج سچ پرور تہ پنھنجي دان مان.

**