استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگي جا ڪجهہ واقعا (محمد قبول ڳاھو)
پاڻ اوطاقي سخي مرد بہ هئا. بقول سچو ميگهواڙ جيڪو اسان جي ڳوٺ جو ۽ حال حيات بہ آهي تہ سائين پيراڻو هميشہ اوطاق تي تمام ديسي ۽ لذيذ کاڌا تيار ڪرائي مھمانن کي کارائيندو هو، جنھنڪري ان وقت جي هڪ (ڪوٽار) جيڪو تپيدار جو پٽيوالو هوندو آهي جنھن هڪ پھاڪو ٺاهيو تہ ڏانٽو ۽ گاه -لڻ ۽ پيو کاءُ- واھ پيراڻا ڳاها - پر اسان جو بہ لاپو آيو اوهان کي (لاپو) ڍل جڙ وصولي وقت تپيدار ڪوٽار لاءِ وٺندا هئا تہ اڪثر اهو ڪوٽار ديسي ڪڪڙ ۽ ديسي کاڌا کائي
اهو پھاڪو ڏيندو هو جيڪو اڄ بہ مشھور آهي. ﷲ پاڪ شال جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، (آمين).
**
