مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

پنھنجي پاران: ھو ٿا پلاڻين منھنجو ھينئون ٿو ھيڻو ٿئي

ڪي وڇوڙا اکين ۽ دلين کي روح سان روئاريندڙ ٿيندا آھن

ھو ٿا پلاڻين منھنجو ھينئون ٿو ھيڻو ٿئي،
تنگهہ مھارون توڏن جا بيٺا جت جڙين،
منھنجو لال پنھون ٿا نين ٻاروچي ٻولي ڪري.

اڌ کتي رات جو سرد ٽاڻو آھي، منھنجي من ۾ باھ آھي، اکين ۾ ڪوسا لڙڪ بستر پسائي رھيا آھن. گهر ڀاتي سڀ آرامي آھن، منھنجي ننڊ نيڻن کان ڪوھين ڏور آھي، ڀٽائي صاحب جو مٿيون شعر منھنجي ھانو تي ھري پيو جنھن ۾ ذڪر آھي پلاڻڻ ۽ موڪلائڻ جو، وڇوڙي جو ۽ ھينئون ھيڻون ٿيڻ جو!! مون کي اوڻيھه جنوري جي سانجهہ ڪٿي ٿي وسري جنھن اڀاڳي گهڙي ۾ منھنجي مٺڙي ڀاءُ محمد قبول سان گڏ اسان سڀني تان دعا جو دروازو ٻاجهہ ۽ شفقت ڀريو ھٿ کڄي رھيو ھو اسان سڀني کي ماني کائڻ جو چئي پاڻ بنان ماني کائڻ جي ھميشہ لاءِ اکيون پوري رھي ھئي. اسان جي وڏڙي امڙ نہ ڄڻ ڪائنات اکيون بند ڪيون ھيون، ڇو تہ ڪنھن شاعر چواڻي:

رشتا ٻيا بہ گهڻا پر امڙ جيجل زور آ،
جيڪا ٿيندي ٻچن تان گهور آ.

بابا مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان جنھن ٻہ شاديون ڪيون ھيون! پھرين شادي ڳوٺ ڪانڪيو تعلقو ڇاڇرو مان ٿي جنھن مان اڪيلو پٽ محمد قبول ٿيو ۽ پوئين شادي مان اسين ٻن ڀيڻن سميت ٻہ ڀائر جنھن مان فيض محمد مسجد ۾ باھ لڳڻ سبب شھيد ٿيو!
انسان ھن جھان ۾ اچي ٿو ۽ وقت پورو ٿيڻ تي واقعي واپس موٽي ٿو پر پٺيان ڪي يادون ۽ ان جو سفل ڪردار ھجي ٿو تہ ھُو گهڻي وقت تائين ياد رھي ٿو. اسان جي وڏي امڙ جنھن جو بہ مختلف حوالن سان مثالي ڪردار رھيو آھي. خاص ڪري اوطاق جي ماني ! بابا جي ھوندي حياتي مھمان تمام گهڻو ھوندو ھو ڇو تہ ھر ماڻھو جو پنھنجو ڀاڳ ۽ نصيب ھوندو آھي ۽ نصيبن سان ڪير ريس ڪندو!!!
وڏي امڙ جو پورو ڏينھن ۽ رات دير تائين رڌ پچاءَ ۾ وقت گذرندو ھو، وڏڙا چون ٿا ۽ اھا حقيقت بہ آھي تہ بابا مرحوم جي ھندين ماڳين جيڪا ھاڪ ھلي ان ۾ پڻ ھن شريڪ حيات جو وڏو ڪردارھو. اوطاق تي ڪنھن ٻڌايو پئي تہ ھڪ دفعو سندس طبيعت خراب ٿيس مرحوم پيراڻو حيدرآباد وٺي ويو جتي ڊاڪٽرن چيس تہ گهڻو باھ ويجهو ھئڻ توڻ تي ۽ ويھڪ جي ڪري طبيعت خراب ٿي آھي! ان مان اندازو لڳائجي تہ ھُو بجاءِ پنھنجي صحت سرير جي خيال رکڻ جي پنھنجي گهر ڌڻي جي اوطاق جو خيال رکندڙ ھئي! ۽ بابا کان آفيسر پڇندا ھئا تہ سائين پيراڻا بورچي ڪٿان آندو آھ؟ شاھ صاحب چواڻي:

ڳالھيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون،
پر سين مون نہ ڪيون گوشي گڏيا نہ سپرين.

ڳالھيون کوڙ آھن مرحومہ ڳوٺ ۾ سڀني سان سھڻو سلوڪ وارو ورتاءٌ ڪيو. امڙ جي روپ ۾ ڏسبو تہ رحمت ۽ شفقت! ڇو تہ امان جي پيرن ھيٺ جنت آھي ۽ ھي عظيم جيجل ماءُ ھئي جنھن جو دنيا ۾ سڳو اڪيلو پٽ جنھن کي پنھنجي ڪک مان جنم ڏنو ان سان ڪيتري محبت ھوندي ان جو اندازو يا ان محبت جي ماپ ڪرڻ وارو ڪو اوزار اڃان ايجاد ئي ناھي ٿيو! ڀيڻ جي روپ ۾ ڏسبو تہ مامين الھرکيو جي آخري پيار ڪندڙ ڀيڻ ھئي ۽ ھن جو ڀاءُ پھريون بہ اھو آخري بہ اھو! سس جي روپ ۾ پڻ ھڪ ٻاجهارو ڪردار! ۽ ڏاڏي جي روپ ۾ ڏسنداسين تہ شايد ايترو پيار ڏيندڙ ڏاڏي بہ ڪو دنيا ۾ ھوندي! جنھن جو ننڍڙو مثال آخري گهڙين ۾ جڏھن موڪلائي پئي ان وقت بہ سندس اوڍيل شال اسپتال ۾ سندي پڙ پوٽي کي ڏنائين تہ ننڍڙي کي سيءُ نہ لڳي، ھتي مثال ڏبو ھو تہ ڏاڏي تہ اھڙي ھجي.
ھوءَ ھٿ جي سڄي، دائي سگهڙ ۽ سگهاري راڄ ڌياڻي عورت ھئي ھونئن بہ امان ڪيڏو نہ پيارو نالو آھي شاھ صاحب چواڻي: ماءُ وھاڻو وار کڻ پٿراڻي پنھنجي.
ماءُ جي ھڪ چوڙ سياري جي رات جو اوجاڳو ماڻھو زندگي سڄي خدمت ڪري پيادل حج ڪري پر ٿورو لاھي نہ سگهندو، اسان جنت لاءِ سڪون لاءِ مختلف ماڳن ۽ پيرن پنڊتن ڏانھن ڀڄندا آھيون پر مقدس ڪتابن ۾ چٽو چيل آھي تہ بھشت امان جي پيرن ھيٺ آھي امڙ جي خدمت سان ئي جنت بہ ملندي دلي سڪون بہ ملندو ۽ دنيا بہ چوندي تہ اولاد سپوت آھي؟
جن جون امڙيون زندہ آھن اھي وڏي ڀاڳن وارا آھن جنھن گهر ۾ امڙ جو آواز اچي پيو اھو خدا جي وڏي نعمت سمجهجي ۽ ان جو شڪر ادا ڪجي ۽ امڙين جي خدمت ڪجي، شال منھنجي جيجل کي مالڪ صحت تندرستي ڏي ان سان گڏ سڀني امڙين جي مالڪ مٺو ٻچڙن تي سايو سلامت رکي ان سان گڏ اسان جي وڏي امڙ ان سان گڏ ڪائنات ۾ جيڪي بہ مائرون ھي جھان ڇڏي ويون آھن مالڪ انھن کي جنت الفردوس نصيب فرمائي آمين. ڀٽائي صاحب فرمايو:
ڀر ڀنجوء ويھي- ڪھڙي ڪندين ڳالھڙي
ڳالھڙيون کوڙ آھن جيڪي ھنياء تي ھرن پيون عجيب اتفاق آھي. وڏي امڙ جو وڇوڙو بہ 19 تاريخ تي بابا سائين بہ 19 تاريخ وفات ڪئي مھينو جدا آھي پر تاريخ ساڳي آھي. پيراڻو جنھن جي ڳوٺ جي ماڻھن سان بي پناھ پيار ھو جنھن جا کوڙ مثال موجود آھن، سندس جو حيدرآباد مان بيماري دوران لکيل 1991ع ۾ خط جنھن ۾ دعائيا جملا ﷲ ڪري انڙ ابڙا مينگهواڙ سڀ خوش ھجو جڏھن تہ سندس برادري جي وڏڙن جا نالا لکيل ۽ سلام چيل. سچو مينگهواڙ ٻڌائيندو آھي تہ مينگهواڙ ڪو ڇوڪرو اسلام ڪوٽ ھاسٽل مان پوليس کڻي وئي، آڌي رات جو اسان کي پتو ڇوڪري جو والد مون وٽ آيو تہ وڃ! مون سائين پيراڻي کي اڌ رات جو گهٽي تي سڏ ڪيو، سڏ جي جواب ۾ ھميشہ جيءُ چوندو ھو، سو جيئن سڏ ڪيم جيءُ ڪري تيز تيز مون وٽ پھتو، سچو اويرو! مون چيو ڦلاڻو ڇوڪرو ھاسٽل تان پوليس کڻي وئي آ جيڪو اڃان ٿاڻي تي آ مائٽ ويا پوليس ڪون ڇڏيو شھر جي وڏي سيٺ ٻڌرايو آ.پاڻ بي اختيار چيائين پيراڻا تون گهرين سُتو ننڊون ڪرين ٻچا ٻڌا پيا آھن شھر ھليو اٺ تي ۽ ڇوڪرو آزاد ٿيو.
پنھنجي ڳوٺاڻن جي آساني لاءِ عيد نماز تي نصيحت ڪيائين تہ لاش کڻڻ لاءِ وڏي تڪليف آ ڀٽن جا پنڌ- قبرستان ٻئي ڳوٺ چوڻھار ۾.
نصيحت ڪيائين منھنجا سئو ور پورا ٿين ويجهي ھنڌ جاءِ ٻڌايائون اتي دفن ڪجو.گذارڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ برھان نصيحت تي عمل ڪندي اتي دفن ڪيو جيڪا ڳوٺ جي وڏي سھوليت ٿي پئي.
انھن مثالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ھُو ڪيترو وڏو عظيم ۽ مثالي انسان ھو تعليم حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ مثالي آھي پنھنجي ھڙان وڙان ڪندو ھو سخي ھو مالڪ ڏيندو ھو نہ تہ ھڪ پرائمري ماستر ان وقت پگهار ٿورڙي ھر وقت ھڪيا مھمان حاضر ھوندا ھئا اليڪشن ۽ ورڪن دوران ارباب اميرحسن رات جو دير سوير اوطاق تي آرام ڪندو ھو، سندس ڪجهہ سٽون ذھن تي تري اچن ٿيون تہ:
اي پيراڻا چاپلوسي ۽ خوشامد کي وڌيج،
ڀل تڙن بالا مگر تون قوم لاء اڄ ٽيڪ ٿي.

يا منھنجو مقصد قوم کي عزت گهڻي حاصل ھجي

مان ڀلين رھندو ھجان ٻٻرن لين جي آڙ ۾،
اي پيراڻا ھي ڪمائي ڪون ويندي رائگان.

پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي جنھن جو ثبوت آھي،
سندس 34ھين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء ھي ننڍڙو ڪتاب ”اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي“ بخاري پبليڪيشن جي سرواڻ سائين فياض انور بخاري جي ڪرمنوازين سان توھان تائين پھتو آھي سائينءَ جي مون مسڪين تي ھميشہ شفقت رھي آھي.
جن مھربانن ھن ننڍڙي ڪتاب لاءِ لکيو بابا کي خراج تحسين پيش ڪيو تن مڙني مانائتن جا وڏا وڙ ۽ ٿر واري کان وڌ عنايتون شال وڏي امڙ ۽ بابا جي روح کي مالڪ سڪون نصيب ڪري.(آمين).

نياز ڳاھو
0345-9413490
0324-3051665
**