مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

استاد پيراڻو ڳاھو (لاکو موسيپوٽو)

ٿررُڳو بر ناھي ٿر رُڳو اڌسُڪل وڻن پياسي واري جي ڀٽن ۽ ويران واٽن وارو وارياسو علائقو ناھي ، ٿر رُڳو مسڪيني جي ماريل ماُرو ماڻھن جو ملڪ ناھي ٿر رُڳو ڏُکن جو ڏيھ ناھي جتي ڏولاون جا ڏوراپا ۽ ڏُڪار جا ڏس ڏُور کان ئي ڏسڻ ۾ اچن ، ٿر رُڳو دردن جو ديس ناھي جتي مجبوريون تنگدستيون ۽ اڻھوند مارُوئڙن جي اوٽي تي رقص ڪن ٿيون ، جتي بيوسيون بکون ۽ بيماريون لڏو لاھي اوطارا اڏي ويٺيون آھن پر معدنيات سان مالامال ھن خطي جي پياسي واريء ۾ سدائين اھڙا جرڪندڙ ذرڙا بہ پيدا ٿيندا رھيا آھن ، جيڪي علم ادب شاعري لوڪ سائنس لوڪ ادب لوڪ راڳ ، توڙي شعبہ زندگيء جي ھر ميدان ۾ ڪامياب پئي رھيا آھن
ڀلي اھي ماڻھو ھن وقت اسان وٽ موجود نہ بہ ھُجن ، پر سندن حالات زندگيء جي معلومات موجود آھي ، سا بہ سُگهڙن جي دل ڪتاب جي ورقن ۾ دفن ٿيل آھي ، جنھن کي ٻُڌڻ سان ھرڪادل دادڏيڻ کان سواء رھي نہ سگهندي ، اھڙن ماڻھن مان ڳوٺ گلوء تڙ جو پيراڻو ڳاھو بہ ھڪ هو
پيراڻو ڳاھو ڳوٺ گلوء جو تڙ ۾ 1936 ع ڌاري پيدا ٿيو ، سندس پيء جو نالو محمد قاسم ھو ، ذات جو ڳاھو ھو ، پوء پاڻ تر ۾ ماستر پيراڻو ڳاھو جي نالي سان مشھور ٿيو ، گلو جي تڙ جا ڳاھا آس پاس ۾ مشھور آھن ، پر پيراڻو ننڍي ھُوندي کان مُختلف طبيعت جو مالڪ ذھين ۽ ڏاھو ڇوڪرو ھُوندو ھو پيراڻي جو ننڍپڻ جواني تعليم جي باري ۾ تہ اڳ ۾ ئي لکجي چڪو آھي ، جيئن تہ پاڻ ٻين ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ ھو ، ھوئن تہ ھر انسان بيڪ وقت خامين ۽ خوبين جو مجموئو ھُوندو آھي ، پر ڳالھ آھي صلاحيتن کي مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ جي، جيئن اُنھن کي انسان ذات جي فلاھ و بھبود ڀلائي ۽ محبت لاء ڪتب آڻي سگهجي، رُڳو سُٺائي جو ھُجڻ بہ فائدي مند ناھي جيسين اُن کي ڪم ۾ نہ آڻجي، ڪنھن کوھ جو پاڻي تہ مٺو آھي پر تڙ جو منھن ڍڪيو پيو آھي تہ مٺو پاڻي ڪنھن بہ ڪم جو ناھي ، تہ سموريون انساني سوچون سمجهہ صلاحيتون بہ ايئن ئي آھن ، اگر ڪو ماڻھو اعلى دماغ رکي ٿو پر سُٺي ڪم ۾ نٿو آڻي تہ اھو بہ ڪنھن ڪم جو ناھي
وکر سو وھاء جو پئي پُراڻو نہ ٿئي
سو پيراڻي ڳاھي پنھنجي پنھنجي ڏات عقل ۽ سمجهہ کي بہ سڀني ماڻھن لاءِ بنان ڪنھن ننڍ وڏائي اوچ نيچ واري فرق جي ڪم ۾ آندو، اُن وقت ۾ ھُو ايترو مقبول ھو جيترو اڄ جو ڪو ايم پي اي بہ ناھي، ڪڏھن ڪڏھن ڪن خاص موقعن تي سئو کان ڏيڍ سئو اُٺ گهوڙا ۽ ماڻھن جي قطار سندس پُٺيان ھُوندي ھُئي، پيراڻي ڳاھي جو اُٺ اڳيان ھُوندو ھو ، قد جو ڇوٽو رنگ ڪارڙو نيڻين نڪين ٿورو ارُوکو معمولي درجي جو پرائمري ماستر پيراڻو ڳاھو، جڏھن ڳالھائڻ شروع ڪندو ھو تہ وڏن وڏن آفيسرن ۽ وڏن وڏن ماڻھن جون ڇھيون ڇُٽي وينديون ھُيون، قُدرت منجهس ڪا مڻيان وڌي ھُئي. ڪنھن کي بہ پيراڻي اڳيان ڳالھائڻ جي ھمت ئي ڪانھ ٿيندي ھُئي.

اڏيءَ تي اوھان کي پڪاري ڇڏيوسين،
مري خود اوھان کي جياري ڇڏيو سين.
اسان کي ڇڏيو تہ موجن سان اُلجهون،
اوھان کي ھلي ڪناري ڇڏيو سين.

ھُو اُن وقت جو وڏو ماڻھو ھُوندو ھو ، سندس واسطہ بہ وڏن ماڻھن سان ھُوندا ھُئا ، پر ڀلي ڪيترو بہ غريب ھُجي پيراڻو ڳاھو کيس تمام ادب سان کلي کينڪاريندو ھو، ھُو غريبن سان گڏ غريب ٿي ويھندو ھو ، مسڪين ماڻھو بہ ساڻس بي حد پيار ڪندا ھُئا، اُن جو اندازو اُن مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ سندس ٻني جي ڇيڙ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ سئو کان پنج سئو ماڻھو، دھل وڄائڻ وارا ڳائڻ وارا سازندا سُگهڙ ھمرچائي مطلب تہ جھڙو ڪاڄ ھُجي ، ڇيڙ نہ پر ڄڻ ڪا وڏي محفل متل ھجي ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ھُوندو ھو وٽس سدائين رھاڻ ھُوندي ھُئي، سنڌ جي ثقافت سان حد درجي جو پيار ڪندو ھو، گلو جوتڙ تي ھر مھيني ملاکڙو لڳائيندو ھو، جنھن ۾ ڀلا اُٺ گهوڙا ٻيلاڙو ۽ ملھہ پھلوان اچي ڀيڙا ٿيندا ھُئا ۽ پنھنجي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا ھُئا.
سندس شاعري جو ڪتاب گُفتار حق توھان بہ پڙھيو ھُوندو، سندس ٻيو ڪتاب گرامر تي لکيل آھي، الاھي سارو مواد اڃان اڻڇپيل حالت ۾ آھي، پاڻ شاعر ھُجڻ سان گڏ بھترين ڊرامہ نويس صداڪار ۽ اداڪار بہ ھو ، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ شاگردن سان گڏجي ڊرامہ ڪيائين، ھُو راڄن جو نيڪ مرد بہ ھو نيا نبيريندو ھو.
ھڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ سندس ئي پاڙي ۾ ڪنھن ماڻھوء جو زيور گم ٿي ويو ، ڳچ ڏينھن ڳولا ڪئي وئي پر نہ ملي سگهيو ، پيراڻو ٻھڙاڙيءَ ڏانھن ويل ھو، زيور مالڪ زيور ھٿ ڪرڻ لاءِ ڳھڻو وجهايو، سرڙيء ساڳي پاڙي جي ھڪ شخص جي گهر جي نشاندھي ڪئي، ڳوٺ جا سڀ ماڻھو اچي گڏ ٿيا، سرڙي چوي تہ زيور ھن ھمراه جي چونري ۾ پيتيءَ ۾ پيو آھي، ڳوٺاڻن چيو تہ ابا يا اھو زيور کڻي اچ يا گهر جي جهڙتي ڏي اھو ماڻھو چوي تہ ، مون وٽ زيور آھي ئي ڪونہ تہ ڪٿان کڻي اچان.ڳالھہ وڌي وئي، گلو جي تڙ جا ڳاھا پاڻ ۾ لٺيون کڻي ٻاھر نڪري آيا، ايتري ۾ پيراڻي اچي اوطاق تي اُٺ جهيڪيو، ماڻھن جو گهمسان ڏسي سڀني کي سڏ ڪيائين، تفصيل پڇيائين، سرڙي دڙي بيٺو.
پيراڻي سڀني کي ويھاري چانھہ پياري ۽ پوءِ سرڙي کان پُڇيائين توکي ٿي ٿينديء جي بہ خبر پوي ٿي؟
سرڙيء چيو بلڪل
تہ پوءِ اسان جي ڪا شيءِ ھتان کڄي وڃي تہ تون ٻُڌائيندين تہ اھا ڪٿي آھي؟
سرڙيء چيو ھا منٽ ۾.
۽ پوء پيراڻي ڪوپ کڻي ھڪ ڇوڪري کي ڏنو ۽ چيائين وڃ وڃي ڪٿي لڪائي اچ، ڇوڪرو ڪوپ لڪائي آيو.
سرڙي کي چيائين، ھاڻ تون ٻڌاءِ اھو ڪوپ ڇوڪرو ڪٿي لڪائي رکي آيو آھي؟
سرڙي گهڻائي حيلا ھلايا، چيائين اُن لاءِ رات جو پڙھائي ڪرڻي پوندي، اڪيلائي ۾ ويھڻو پوندو، اونڌه ۾ مؤڪل گُهرائڻا پوندا، پيراڻي چيو ڀلي جيئن وڻئي تيئن ڪر پر فقط ڪوپ ظاھر ڪر تہ پوءِ مڃون تہ زيور واري ڳالھہ بہ سچي آھي.
نيٺ سرڙيء اُتي جو اُتي قبوليو تہ ھُن ڪُجهہ پئسن جي لالچ ۾ اچي ڌُڪو ھنيو، زيور تہ پوءِ مالڪ جي گهر مان ئي ڪنھن جڳھہ تان ملي ويو، پر پيراڻي جي عقلمنديءَ سان اھو جهيڙو ٽري ويو. نہ تہ سرڙي ڪن کي اکر ڪن کي وير مُٺ ٻُڌائي سادن ۽ اٻوجهہ ماڻھن کي ھڻي ويڙھائي وجهندا آھن.
سو پيراڻي ڳاھي جا ڪيترائي اھڙا فيصلا آھن جن کي ٻُڌي پھرين تہ توھان کي کل ايندي، پر آخر ۾ سندس عقل ۽ سمجهہ تي حيران ٿي ويندا.
مون تہ کيس عمر جي پڇاڙي واري ڏھاڪي ۾ ڏٺو ھو تڏھن لڳو ايئن پئي تہ پاڻ ڏاڍو محنتي شاگرد رھيو ھُوندو، ھڪ ڏينھن اسان جي اسڪول ۾ آيو ھو تہ اسان جي اُستاد کي اڻپور جا مُنجهيل سڌيان منٽ ۾ زباني حل ڪري ٻُڌايائين، جن کي سمجهڻ لاءِ اسان ڪيتريون ئي ڪلڪون سليٽن تي گسايون ھُيون.
سندس سدائين اھائي ڪوشش ھُوندي ھُئي تہ علم ۾ واڌارو ٿئي، غريبن جا ٻار پڙھن، جنھن جو برمله اظھار ھُن پنھنجي شاعريء ۾ بہ ڪيو آھي. 1965 ع جي پاڪ ڀارت جنگ جيڪا فوج عوام شاعرن اديبن، مطلب تہ ھر فن سان وابستہ ماڻھن پاڪ فوج سان گڏ پنھنجي ھُنر ۽ فن سان وڙھي ھُئي. پيراڻي ڳاھي بہ پنھنجي شاعري کي ھٿيار بڻائي دشمن سان پنھنجي حصي جو مقابلو ڪيو، اُن وقت اسڪولن ۾ ۽ عام ماڻھن ۾ جوش جذبو ۽ ولولو جاڳائڻ لاء بہ ڪافي نظم لکيائين، جنھن جي اُن وقت قوم کي سخت ضرورت ھئي، ڇوتہ ٿر ۾ اُن وقت مواصلات جا ذريعا محدود ھُئا.چوي ٿو:

جن وڪيا ڀُڄيا پڪوڙا،
تن خبر ڇا جنگ جي،
يا سندس ھي سٽون،
مرحبا آھي وڌي ويو ، شان پاڪستان جو،
مرعوب ٿي ويو ميل ۾ ڏيل ھندستان جو،
لال بھادر چاڳلا، جت ھُجي پڙ ۾ ايوب.

پاڪ فوج جي بھادري شُجاعت ۽ وطن تان سر قُربان ڪندڙ سپاھين ۽ پاڪ فوج لاءِ عوامي حمايت جذبي ۽ اُمنگن کي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪندي چوي ٿو:

شھرين کي، فوجين کي، شھسوارن کي سلام،
پاڪ جي ھن پاسبانن، جانبازن کي سلام.


جنگ ختم ٿي، ھندستان ھارائي ويو، پاڪستان سوڀارو ٿيوتہ پيراڻو ڳاھو خوش ٿي چوڻ لڳو:
ٽئنڪ ٽوڙيندڙ اسان جي پھلوانن کي سلام
وقت گُذرندو ويو ، وقت سان گڏ پيراڻي ڳاھي جي ھاڪ تر ۾ مشھور ٿيندي وئي ، سندس اوطاق ماني جي ڳالھہ سڃي تر ۾ ڪئي وڃي ٿي، گروئو ميگهواڙ اڪثر چوندو آھي.
ھُو سدائين پنھنجن جي سازشن جو شڪار بہ ٿيو، پيراڻي جي حياتيءَ جا پڇاڙڪا سال ڪُجهہ تڪليف دہ گُذريا، پر پاڻ ڪڏھن بہ ڪنھن سان ڪا شڪايت ڪونہ ڪيائين، ھي جھان فاني آھي، جيڪو ٺھيو آھي سو ضرور ڀڄندو،
فاني ڙي فاني دنيا دم ھيڪڙو،
لٽي لوڙھ لتن سين جوڙندئي جاني،
ڪوڏر ۽ ڪاني آھي سر سڀ ڪنھن.

پيراڻو ڳاھو آڪٽومبر سال 1991 ع تي ڳوٺ گلوءَ جو تڙ ۾ وفات ڪري ويو، کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ وصيت مطابق مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
**