مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

اڄوڪا ميلا

اسان جو شاھ تون آھين گدا آھيون تنھنجي در جا،
تنگيء سوڙيء ۾ ٿينداسون طالب سندء در جا.
اسان مڃيو محمدصہ آ اسان جو رھنما روشن،
اسين آھيون ۽ رهنداسون پاسي پاڪ سرور جا.
وھابي ڀل چون مونکي انھيءَ جو خوف ڪو ناھي،
نہ پوڄاري ڪڏھن ٿينداسون اھل قبر جا.
ڀڄن ٿا بيحيا ڪاھيو رنون پنھنجيون مقامن تي،
انھيءَ زيارت ۾ پسجن ٿا عجب احوال ان پڙ جا.
زيارت ڪن جي ڄارين ۾ ليون لاڻا ڪني جانچيا،
ڀريل ھوندا ڀٽارين سان وڏا ويڙھا ڪني ڀر جا.
ڪڙڪ ڪٺمال بازو بند ھسي منڊيون ۽ چندن ھار،
وسائينديون پائي ويڙھا پسي روئي پنھنجي دلبر جا.
وصل جو آب ميلي ۾ سڪايل کي ملي ويندو،
جنين جي دل م ھو جيڪي اجي حاصل ٿين درجا.
لکان ڪھڙيون ڪھاڻيون مان پڇاڙي جي نتيجن جون،
اشارن سان مٿي ميلن اچن آواز سر سر جا.
ھئا بيشڪ سڀئي ڪامل رچائي وقت ويا مانجهي،
سدا ٻانھا سچا صادق ھئا ﷲ اڪبر جا.
پٺيان بي دين بڇڙن ھي ٺڳيءَ جو ٺاھ اڄ ٺاھيا،
محض ڪوڙا ڪسب آھن رڳي ڦر ۽ تڪبر جا.
سچن لاءِ شل محبت ھئي ججهي پيراڻي جي دل ۾،
مخالف آھي انھن جو جي آھن رشتہ منڪر جا.