پيراڻو ڳاهو هڪ متحرڪ انسان (اشوڪ ڪمار خاموش)
هڪ بھترين ليکڪ، شاعر ۽ هڪ سگهاري استاد لاءِ تاريخ جي تاريڪ دؤر ۾ هُن جو جٽادار قلم ئي جياپو رهيو آهي. اديب سماج جا ڊاڪٽر هوندا آهن ۽ هُو معاشري جي هر سٺائي، بُرائي ۽ اوڻائي کي باريڪ بينيءَ سان پرکڻ ۽ پرورڻ جي سگهہ رکن ٿا. اهڙا ئي سگهارا ليکڪ ۽ شاعر سماجن جو سرمايو هوندا آهن. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ کي بمبئي کان آزادي ملي، ان کان ڪجهہ مھينا اڳ دنيا جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو لانگ مارچ مائوزي تنگ جي اڳواڻي ۾ اوڀر چين مان هزارين ميل پنڌ ڪري پنھنجي منزل تي پھچي چين جي جاگيردار ۽ سرمائيدار نظام سان جهيڙي رهيو هو تہ تاريخ جي انھي دؤر ۾ سنڌ ملڪ جي ريگستاني علائقي ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ گلو جو تڙ ۾ محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ هڪڙي ٻالڪ اک کولي، جيڪو وڏو ٿي پيراڻو ڳاهو جي نالي سان هتي جي سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ نظام خلاف اُٿي کڙو ٿيو.
جت نہ پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري.
غريب خاندان ۾ ڄمڻ ڪري سماج جي ڪيترين ئي فاقاڪشين ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيندي تاريڪ اونداهي ۾ هُو مشعل بڻجي ويو. وقت ۽ حالاتن جي ستم ظريفين سان مھاڏو اٽڪائيندڙ هي بُرجستو انسان پيراڻو ڳاهو جنھن جي زندگيءَ جو هر پھلو لطيف جي فڪر بيراءُ عمل لڳي ٿو. ”تتيءَ ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي“ واري فڪر جو تسلسل سان هلندو ئي رهيو، ائين ئي هُو هڪ سچو پچو، نھايت نيڪ، باڪردار ۽ بااخلاق فرد سان گڏ هڪ بھترين استاد ۽ سماج سڌارڪ بڻجي ويو. ٿر جي اوائلي تعليمي ترقي لاءِ بي لوث خدمتون سرانجام ڏيندڙ جيڪي بہ مسڪين جھان خان کوسي کان وٺي، پنھون هميراڻي ۽ سنڀو هميراڻي تائين آهن، انھن مان پيراڻو ڳاهو بہ هڪ آهي. سائين جي تخليق جي هڪ هڪ سٽ مان انسانيت، برابري، غريب ۽ مظلومن لاءِ همت، حوصلو ۽ محبت ليئا پائيندي نظر اچي ٿي. سائين جي شاعري هارين ۽ مزدورن جو هڪ وڪالت نامو آهي، جنھن ۾ سائين هارين جي حقن لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ڪيس لڙيو آهي، اهائي پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن سان جيڪو بي لوث محبت جو جذبو آهي، اهوئي ماڻھوءَ کي تاريخ ۾ جيئندان بخشيندو آهي.
هُو جي ڏٺا ڏيھہ، ڪالھہ اُڃا مون ڪاپڙي،
سي اَڄُ لنگهيا لوءِ مون، دانھہ ڇڏي ديھہ،
هاريُون هُوءِ هڏيھہ، موئن ڪِين مَڪانَ تي.
استاد پيراڻو ڳاهو پنھنجو پاڻ سان اڪيلي سر ئي هڪ تحريڪ ۽ هڪ شاندار ڪاروان هو، جيڪو سڙيل ڳريل ۽ جمودي سماج ۾ مڙهيل، گهڙيل ۽ هٿ ٺوڪين رسمن رواجن جي جمود کي ٽوڙي مروڙي پنھنجي سفر هلندو رهيو. هن جاکوڙي انسان جي منزل هڪ اهڙو معاشرو هئي جنھن ۾ سرمائيدار، جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي جهڙا فرسودہ نظام نہ هجن، جتي غريبن، مسڪينن ۽ اٻوجهن جي زندگي سولي ۽ سھنجي هجي، چوي ٿو تہ:
اي ”پيراڻا“ جلد ڏسندين، ظلم کي ويران تون،
ڀل هلائين ڏينھن ٿورا، قھر ڪاني صبح و شام.
گفتار حق مجموعي ۾ جيڪو بہ تخليقي پورهيو پڙهڻ لاءِ مليو، ان مان ائين ٿو ڀانئنجي تہ هي سموري تخليق سندس زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ شوخ حقيقتن جو باهمي نچوڙ آهي، جن کي ترنم، موسيقي، رڌم ۽ رواني بخشي تاريخ ۾ جياپو ڏئي ايندڙ نسلن کي اجاگر ٿيڻ جو درس ڏنو آهي. ان ڳالھہ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ جي کڻي چئون تہ ”مرحوم پيراڻو ڳاهو معاشري ۾ تبديلي پسند هڪ متحرڪ انقلابي شخص هو.
اڄوڪي وٺ وٺان واري دؤر ۾ جتي هر ماڻھو نوڪري، پگهار ۽ گاڏي بنگلي جي چڪر ۾ لڳل آهي. اتي پيراڻي صاحب نوڪري کي غلامي سمجهي ننديو آهي.
نوڪري تي ناز نادان ناھي جائز نيڪ ٿي،
نوڪري توڻي غلامي آهي معنيا هيڪ ٿي.
انھي مان اسان هو ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا تہ پيراڻو صاحب لطيف واري فڪر جو ماڻھو هو، سائين جي شخصيت مزاجي سان لطيف جون اهي سٽون ڪيڏيون نہ ٺھڪن ٿيون:
اک الٽي ڌار، وئون الٽو عام سين،
جي لھوارو لوڪ وهي، تون اوچو ويھہ اُڀار،
منجهان نوچ نھار، ڀر ڀئيرو پرين جي.
هي شخص اوچ نيچ، مت ڀيد ۽ ذات پات جي فرقن کان ڪافي مٿانھين طبيعت جو ٿو لڳي. جنھن جو چٽو مثال ڪتاب گفتار حق جي صفحي 110 تي جيڪو حيدرآباد جي اسپتال مان پنھنجن اٻوجهن ڳوٺاڻن کي خط لکيو آهي، جنھن ۾ مرحوم پنھنجن پيارن سان گڏ اهو بہ لکيو اٿن تہ ”خدا ڪري عزيز، قريب، انڙ، ابڙا، ميگهواڙ سدائين خوش چڱا ڀلا رهن.“ انھي خط پڙهڻ سان اها ڳالھہ واضع ٿئي ٿي تہ مرحوم پيراڻو صاحب ڪنھن بہ سانچي ۾ بند ٿيل محدود سوچ جو قطعي نہ هو، بلڪہ هڪ تمام وسيع سوچ رکندڙ عظيم انسان پرست هو. جنھن جي شاهدي سائين امر ساهڙ هن ريت ڏني آهي تہ ”بھترين استاد ۽ هڪ عظيم انسان سائين پيراڻي ڳاهي جهڙا ماڻھو ئي هن مٽيءَ جو مانُ ۽ مرتبو وڌائين ٿا. اهڙن اڏول ۽ اڻمٽ انسانن کي ڪو بہ موت مات ڏئي نہ ٿو سگهي.“ هُو ٿر جي مٽي تي مظلوم ماڻھن جي ڏکن ۽ اهنجن لاءِ مسيحا بڻجي آيو هو ۽ پنھنجي سڄي حياتي ڏکيائين ۽ مشڪلاتن سان مھاڏو اٽڪائيندي پنھنجا حق وٺڻ لاءِ سينو تاڻي ڪم ڪندي تاريخ ۾ تاحيات امرتا ماڻي. وقت جي ورقن ۾ هميشہ زندہ آهي. اهڙن انسانن جي زندگي اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي. اسان کي گهرجي تہ اسان بہ سندس فڪر موجب جستجو ڪريون ۽ ھھڙن عظيم انسانن جي ڪاميابين کي ٽريبيوٽ پيش ڪيون ۽ زندگي جي تلخ تجربن مان فيضياب ٿيون ۽ هن جي فڪر کي کڻي جهر جهنگ تائين ڦھلايون. اهڙي ريت فرقيواريت، جنونيت ۽ ڪٽرپڻي کي ختم ڪري عظيم ۽ اعليٰ انسانيت جي پرچار ڪريون.
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سنديءَ جاءِ،
تنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿئي تار ۾.
**
