مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

گفتارِ حق جو تخليقڪار ۽ استاد پيراڻو ڳاهو (ڀارومل امراڻي سوٽھڙ)

سائين پيراڻي ڳاهي جو نالو مون پھريون ڀيرو ارباب امير حسن صاحب جي ان ڪچھري ۾ ٻڌو هو، جنھن ڪچھري ۾ سائين پريم شيواڻي ۽ نند لال لوهاڻي سان گڏجي ارباب صاحب کان ٿر مئگزين جي لاءِ تفصيلي انٽرويو ورتو هو. ارباب امير حسن پنھنجي پڙهائي وارن ڏهاڙن جو تذڪرو ڪندي چيو هو تہ ”ٿر جي ڳوٺ گلو جي تڙ جو رهواسي پيرڏنو ڳاهو منھنجو ڪلاسي هو، جيڪو پڙهائي ۾ اسان سمورن شاگردن ۾ ذهين هوندو هو. پيرڏنو ڳاهو مون سان گڏ رهندو هو، پيرڏني جي پڙهائي جو خرچ بابا سائين ارباب تاج محمد برداشت ڪندو هو، پيرڏنو مون سان گڏ رهندو هو، آئون نصابي پڙهائي ۾ پوچو هوندو هوس، پيرڏنو شام جو پڙهائي ۾ منھنجي مدد ڪندو هو. پيرڏنو منھنجو ڪلاسي هجڻ سان گڏ منھنجو استاد بہ هو. پوءِ هڪ غير سرڪاري ماحولياتي اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران اسلام ڪوٽ ۽ ان جي ڀر پاسي مان وٽ جي واٽن ڏانھن ويندي سائين پيراڻي عرف پير ڏني ڳاهي بابت لوڪن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون سھيڙيون.
1936ع ڌاري گلو جي تڙ جي رهواسي پورهيت محمد قاسم جي گهر ۾ جنم ٿيو. پيراڻو اڃان ننڍڙو هو تہ سندس ماءُ پيءُ جي وڇوڙي جو وڍ مليو. ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ جي ننڍي ڀاءُ کي پڙهڻ جو وڏو شوق هو . سندس وڏن ڀائرن يتيمي ۽ غربت ۾ هيڻي ٿيڻ جي بدران پورهيو ڪري ڀاءَ کي پڙهائڻ جو ارادو ڪيو. علائقي جي شفيق انسانن جي شفقت پيراڻي جي پڙهائي جي شوق جي لاءِ ڏڍ ٿي پئي. پيراڻي هوٿي جي تڙ ۾ حافظ محمد عمر جي مدرسي ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ جي لاءِ داخلا ورتي. اتي ڪجهہ پڙهڻ کان پوءِ ڏيپيار جي ديني گهراڻي جي مولوي گل محمد جي شفقت هيٺ پڙهڻ جي لاءِ ڏيپيار آيو. ڏيپيار ۾ سندس وڏو ڀاءُ محمد برهان بہ گڏ پڙهڻ لڳو، استاد محمد محسن هنگورجي ٻنھي ڀائرن کي دنياوي علم جو پنجون درجو پاس ڪرايو. وري محمد برهان مزدوري تي لڳي ويو، پيراڻي جي من ۾ وڌيڪ تعليم جي تشنگي ماٺ ڪري ويھڻ نہ ڏنو . پيراڻي ڏيپلي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتي ارباب امير حسن بہ پڙهڻ جي لاءِ آيو. ارباب امير حسن جي ڪلاسي هجڻ جي ناتي هن جي ارباب تاج محمد سان ملاقات ٿي. ارباب صاحب هن تي شفقت جو هٿ رکيو. پنھنجي پٽ سان گڏ پيراڻي جو خرچ ڀريو. پيراڻو ڳاهو تعليم مڪمل ڪري پرائمري استاد جي پيشي سان ڳنڍجي ويو. هن استاد ٿيڻ سان ٻين ٻارن کي پڙهائڻ سان گڏ پنھنجي ڀاءُ محمد برهان جي رهيل تعليم ڏانھن ڌيان ڏنو. محمد برهان پيراڻي جي مدد سان تعليم مڪمل ڪري پرائمري استاد ٿيو. پيراڻي ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ نوڪري ڪئي. هر هنڌ پنھنجي پيشي سان سچو ٿي رهيو. هن پنھنجن استاد دوستن سان گڏجي ٿر ۾ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو.
علم ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جو سفر آدجگاد کان جاري آهي. ٿر منجهان بہ ڪيترائي نالا هن سفر ۾ نامور رهيا آهن. پيراڻو ڳاهو انھيءَ سفر ۾ پير پٿون ڪندڙ پانڌيئڙو هو. پيراڻي ڳاهي جون هڪ استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ليکڪ ، سياستدان ۽ استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي اڳواڻ حيثيت ۾ بہ علائقي واسين جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پيراڻي پراڻي ضلع ٿرپارڪر جي استادن جي لاءِ پ ٽ الف جي ضلعي صدر جي حيثيت ۾ ڊيزرٽ الائونس منظور ڪرايو. ان وقت ميرپورخاص جو عثمانيه مسافر خانو هن جي رهائش جو اهم ٺڪاڻو هوندو هو ، ڏينھن جا ڏينھن اتي رهي استادن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. چون ٿا تہ پيراڻو غضب جو مقرر هو. پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان ڪيل هن جون تقريرون مشھور رهيون آهن. 1982ع ۾ هن نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن سياست ۾ حصو ورتو. ارباب امير حسن سان ويجهڙائپ جي ڪري سياست ۾ ارباب گروپ سان لاڳاپو رهيو. پنھنجي يونين ڪائونسل جو مختلف وقتن تي ميمبر ٿيوهو. عدل، انصاف ۽ گفتار حق جي معاملي ۾ پيراڻو سچو ۽ کرو شخص هو. هڪ ڀيري تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪانڪيه ۾ پيراڻي جي عزيزن سندس ساهرن ۽ مينگهواڙن جي وچ ۾ پڊ تان معاملو ٿيو. مينگهواڙ پنھنجي واجب گهر تي هئا، پيراڻي پنھنجن عزيزن جي مدد ڪرڻ جي بدران مينگهواڙن جي مدد ڪري پڊ وٺرائي ڏنو.
پيراڻي ڳاهي سدائين پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني، هن جي اندر ۾ ڪڏهن بہ پنھنجي لاءِ مڃتا واري رهاڻ ۽ سرٽيفڪيٽ جي تمنا نہ جاڳي، هن کي شھرت جو شوق رکندڙ ماڻھو مور نہ وڻندا هئا. پيراڻي غربت سان جهيڙي پنھنجي پڙهائي جو پنڌ پار ڪيو هو، ان ڪري هن کي ٿر جي ڀٽن ۾ علم جي اڃ جو شدت سان احساس رهندو هو. پوري ڄمار انھي اڻ تڻ ۾ گذاري تہ علم کي ٿر جي ڀٽن ۾ ڪيئن عام ڪجي!؟چيٽ جي چانڊوڪي ۽ ولھار جي هير جهڙا ڏهاڙا هن ڌرتي تي ڪيئن آڻجن. هن جي سپنن جو صحرا علم جي عشق جي هاڪڙي تي آباد ٿيندو هو. هن جي جستجو علم جي دشمنن ۾ وڏو ٿرٿلو مچايو هو.
پيراڻي ڳاهي سنڌي ٻوليءَ جي گرامر حوالي سان ”مثالي گرامر“ جو ڪتاب تيار ڪيو. جيڪو گهڻي وقت تائين ضلع ٿرپارڪر جي اسڪولن ۾ استاد پڙهائيندا رهندا هئا. پيراڻي ديني درس ۽ اصلاح جي حوالي سان هڪڪتاب اردو مان ترجمو ڪي ڇپرايو. پيراڻي جي ادب ۾ وڏي سڃاڻپ ”گفتار حق“ شعري مجموعي سان آهي. پيراڻي ڳاهي جي شاعري پڙهندي ادب جي ٻن اهم ڌارائن ترقي پسند ۽ روايت پسند ادب جون خبرون ذهن ۾ تري اچن ٿيون. سنڌي ادب ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي فڪري ادب جي بحث جا سمورا سماچار سامھون اچن ٿا. پيراڻي ڳاهي جي شاعري جي مجموعو ”گفتار حق“ جو پھريون ڇاپو 1959ع ۾ ڇپيو هو. ”گفتار حق“ جي شاعري تي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل ۽ فڪري رجحان جو وڏو اثر آهي. علم عروض تي سرجيل هن جي شاعراڻي مجموعي ۾ ”حمد شريف“، مناجات ۽ نعت شريف سان گڏ مسلمان فاتحن جي ڪردارن تي شعر چيل آهي. شاعرن جي سرتاج شاھہ عبدالطيف کي ڀيٽا ڏنل آهي. هن نظم ۽ غزل تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن جا مڪالمي وارا نظم پڻ سگهارا آهن . ”ماستر ۽ ملازم“ واري مڪالمي ۾ هڪ سچي استاد جي ساک واريل آهي. استاد ڏانسنگهہ امر سنگهہ جي ڀاءُ جي خون تي دل مان اٿندڙ درد بيان ٿيل آهي. مسڪين هاري ۽ ظالم زميندار واري مڪالمي ۾ هاري جي محنت ۽ هُن سان ٿيندڙ ظلم جي وارتا آهي. مڪالمي جي آخري بند ۾ پيراڻو هاري جي واتان چوي ٿو تہ ،

يا خدا ظالم زميندارن کي تون نابود ڪر،
پنھنجي حق جي لاءِ جي چئون ٿا اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي،
حق گهرڻ جي عيوض گاريون ٿا هي فرعون ڏين،
اي پيراڻا ٿيندي طاقت تن جي ڍيري ڪجهہ تہ ڏي.

گفتار حق جو تخليقڪار ۽ استاد پيراڻو ڳاهو 19 آڪٽومبر 1991ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو پرسندس سارون سنڀارون راڄن ۾ رمي رهيون آهن. گفتار حق تي گفتگو ٿي رهي آهي.
ريڊيو پاڪستان مٺي تي پروگرام ڪرڻ دوران سائين پيراڻي جي فرزند نياز ڳاهي سان منھنجي نياز مندي ٿي. مون جيستائين ريڊيو تي پروگرام ڪيو، نياز نہ صرف پابندي سان هر پروگرام کي ٻڌندو رهيو پر پنھنجين لکڻين ۽ صلاحن سان نوازيندو رهيو. تعلق نڀائڻ جي حوالي سان نياز جي وڏي تربيت ٿيل آهي، نيازمندي واري جڙيل تعلق کي پنھنجائپ جي ريشمي تعلق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. نياز سان ملندي ڳوٺاڻي سماج جي چوڻي ياد ايندي آهي تہ ڀت تي چٽ ٺھندا آهن.