مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نياز ڳاهو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

بردبار ۽ باصلاحيت استاد (محمد مبين بجير)

استاد پيراڻو ڳاهو هڪ باصلاحيت ۽ باڪردار هڪ دلير انسان هو. اسان جي خاندان سان سندس تمام ويجها تعلقات هئا، جنھن ۾ مرحوم جيئو خان بجير ۽ حاجي محمد مٺن بجير تہ سندس تمام ويجها ۽ گهاٽا دوست هئڻ سان گڏ سائين ماما بہ سڏيندا هو. جنھن مان مراد سائين ذات پات کان هٽي ڪري بہ رشتا نڀائيندو هو. اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول بہ ان وقت جي آفيسرن سان جنگ جوٽي سائين کولرائي ڏنو. جيڪو اڄ ماشاءَ ﷲ اڄ هاءِ اسڪول جي درجي تي پھچي چڪو آهي. مونکي هڪ واقعو ياد آهي تہ ان وقت ڳوٺ لکميار جيڪو مٺي کي ويجهو آهي جتي پرائمري استادن تي ڪو ڪيس داخل ٿيو ۽ ان وقت مختيارڪار وٽ ضمانت جا پاور هئا ۽ مختيارڪار مٺي استادن جي ضمانت رد ڪري استادن کي جيل موڪلي ڇڏيائين. ان وقت سائين پيراڻو ڳاهو پ-ٽ-الف مٺي جو صدر هو. جنھن وڃي اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ استادن جي ضمانت منظور ڪري آزاد ڪريو، جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر نابري واري تڏهن پاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر کي چيائين تہ جيڪڏهن توهان ضمانت نٿا ڏيو تہ پوءِ آئون ٻاهر وڃي استادن کي ڪال ڪندس جيڪا توهان کي ۽ توهان جي ڪرسيءَ کي بہ لوڏو ڏئي سگهي ٿي. جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سمجهي ويو تہ استادن جو ڌرڻو لڳو تہ واقعي ڏکيو ٿي پوندو ۽ بروقت ضمانت منظور ٿي ۽ استاد هڪ ڪلاڪ جي اندر آزاد ٿيا. مطلب تہ سائين جي پ-ٽ-الف جي صدارت ۽ اڄ جي تنظيمي ڍانچي ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي ۽ اسان پراڻن استادن کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي هن وقت جي صدر جون پاليسيون ڏسي چوڻ جو مطلب تہ سائين پيراڻو پ-ٽ-الف ٿرپارڪر جو باني بہ هو تہ سندس خدمتون بہ ساراه جوڳيون آهن جيڪي ڪنھن بہ صورت وساري نٿيون سگهجن. دعا آهي ﷲ تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهي خانداني رشتا نڀائڻ جي توفيق ڏي. آمين.
**