پنھنجي جنم ڏينھن کي يادگار بڻائيندڙ نور احمد جنجهي
سائين بنيادي طور تي هڪ استاد آهي. اُن ڪري کيس خبر آهي تہ هِن سماج جو وڏو مسئلو تعليم آهي ۽ تعليم بہ اُها جنھن جو سنئون سڌو واسطو شعور، دليل ۽ فضيلتن سان هُجي. سائين سان روبرو منھنجي هڪ اڌ مختصر ملاقات آهي پر اُن ۾ ئي مون سائين کي شفيق ۽ خلوص واري انسان طور ڏٺو.
راڳ ۾ راڻو ۽ آواز ۾ لتا منگيشڪر کي پسند ڪندڙ جنجهي صاحب موسيقي سان بہ وڏو چاھہ رکي ٿو. اِها ڳالھہ سندس ڪافي لکڻين مان بہ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
سائين مسلسل لکندو رهي ٿو. ظاهر آهي تہ اِهو وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ئي آهي، جيڪو سائين کان مختلف موضوعن تي لکرائي پيو. سائين جي لکڻين جا موضوع بہ تمام گهڻا آهن. خاص طور تي لطيف ۽ اياز شناسيءَ جي حوالي سان سائين جو ڪم ڪمال جو آهي. سائين، سنڌي سميت ٻين ٻولين ۾ بہ نھايت ئي شاندار لکندو رهي ٿو.
اڪثر ماڻھو پنھنجي جنم ڏينھن تي پنھنجي پيارن کان تحفا وصول ڪندا آهن پر سائين جنجهي صاحب پنھنجي جنم ڏينھن تي ڪتابن جي صورت ۾ پنھنجي پڙهندڙن ۽ پيار ڪندڙن کي تحفا ڏئي ٿو. سائين جي اِها روايت مون کي ڏاڍي سُٺي لڳندي آهي تہ، سائين پنھنجي جنم ڏينھن تي ٻن ڪتابن جي پڌرائي ڪندو آهي. چوڻ تمام سولو آهي پر ڪتاب لکڻ، نور نچوئڻ ڪا معمولي ڳالھہ ناهي. اصل ۾ اِهو پنھنجي ٻولي سان پيار ۽ عشق آهي، جيڪو ماڻھو کان اِهي سڀ ڪم ڪرائي ٿو ۽ سائين مستقل مزاجي ۽ خاموشي سان اِهو پيار جو پورهيو ڪندو رهي ٿو.
مختلف علمي ادبي ۽ سماجي موضوعن تي سائين مختلف ليڪچر پروگرامن جو اهتمام بہ ڪندو رهندو آهي. مون اِهو نوٽ ڪيو آهي تہ، انھي ۾ سائين، نوجوان طبقي کي اتساهيندي ۽ همٿائيندي نظر ايندو آهي. اڄ جي دور ۾ نوجوانن کي ڪنھن چڱي ڪم لاءِ اتساهڻ جو لاڙو تمام گهٽ آهي پر اُتي جنجهي صاحب کي مون هميشہ نوجوانن کي اتساهيندي ڏٺو آهي. مون جڏهن سائين کي پنھنجا ڪتاب موڪليا تہ سائين اُنھن ٿورن ماڻھن مان هڪ آهي جن نہ رڳو ڪتاب پڙهيا پر انھن تي پنھنجو رايو بہ لکيو ۽ همٿايو تہ سھي تہ چڱو ڪم پيا ڪريو ۽ ڪندا رهو. مونکي ياد آهي تہ سائين مونکي چيو هو تہ ”هر ماڻھو پنھنجي حصي جو ڪم ٿو ڪري، اُن ڪري اوهان پنھنجو ڪم ڪندا رهو، ٻيو ڇا ٿو ڪري يا ڇا ٿو چوي، اهو توهان جو ڪم ناهي.“ نہ تہ اسان وٽ ٻئي جي ڪم مان رڳو نقص ڪڍڻ، پنھنجي اندر جي باھہ ڪڍڻ ۽ پنھنجي احساس ڪمتري جو اظھار ڪرڻ واري روايت عام آهي. اهڙي ماحول ۾ سائين نور احمد کي شابسون هُجن جو پاڻ ڪنھن بہ ننڍي سطح جي ئي سھي پر هر چڱي ڪم کي ساراهين ٿا.
ڪجهہ ڏينھن اڳ سائين جي جنم جي تاريخ هُئي، اُن ڏينھن بہ سائين جي ٻن ڪتابن جو مھورتي پروگرام هو. اُن پروگرام ۾ سائين جي ڳالھہ ٻولھہ کي مون فيس بڪ ذريعي ڏٺو ۽ ٻڌو. اُن ۾ سائين ڏاڍي پيار سان پنھنجي والد صاحب ۽ امڙ سانئڻ جو ذڪر ڪري ٿو تہ ”اِهي منھنجا استاد هُئا ۽ مون کي جيڪو بہ علم مليو آهي، سو انھن هستين وٽان مليو آهي.“ واقعي انھي ۾ ڪو شڪ ناهي تہ علم، ادب، پيار ۽ شفقت وارا والدين ئي پنھنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪن ٿا.
پنھنجي ڪتابن جي مھورتي پروگرامن ۾ سائين، ٻين دوستن سان گڏ اسانکي بہ ياد ڪندو رهندو آهي. اِهو سائين جو خلوص ۽ پنھنجائپ آهي. اسانجي دعا آهي تہ سائين ايئن ئي ڪتاب لکندو، ليڪچر ڏيندو ۽ شعور جي آبياري ڪندو رهي. آمين
(30 نومبر 2022ع)
