اجنبي مسافر - سرواڻ سنڌي
ڪافي سالن کان پوءِ مون جڏهن پابندي سان سوجهرو رسالو پڙهڻ شروع ڪيو تہ، اُن ۾ بہ سرواڻ سنڌي جي نالي سان خوبصورت شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. جڏهن شاعري سان گڏ سندس تصوير ڏٺم تہ چئي ڏنم، اڙي هي تہ اُهو سرواڻ سنڌي آهي، جنھن سان اسان هڪ مختصر سفر گڏ ڪيو هو. اُن کان پوءِ ڪڏهن ڪاوش مئگزين تہ ڪڏهن ڪنھن ٻئي مئگزين ۾ سندس شاعري پڙهڻ لاءِ ملندي هُئي. وري جڏهن سوشل ميڊيا جو دور آيو تہ فيس بوڪ تي هڪٻئي جا دوست ٿي وياسين. جتي سندس شاندار شاعري، ڪھاڻيون، ناول ۽ تنقيدي تبصرا پڙهڻ لاءِ ملندا رهيا. هر ظلم، ناانصافي ۽ انتھاپسندي تي قلم کڻڻ ۽ بيباڪ انداز سان لکڻ ڪو سرواڻ سنڌي کان سِکي. جيڪا ڳالھہ دل ۾ ايندي اٿس، اُن جو پوري سچائي ۽ بھادري سان اظھار بہ ڪري ڇڏيندو آهي پوءِ ڀلي ڪنھن کي اُها ڳالھہ نہ وڻي يا نہ هضم ٿئي. اڄ جتي هر ماڻھو منافقي، مصلحت پسندي ۽ چمچاگيري جو عادي بڻجي ويو آهي، اُتي ڪو ماڻھو جيڪڏهن پنھنجي دل جي سچائي سان پنھنجو واضح موقف رکي تہ، اِها تمام وڏي ڳالھہ آهي.
هُو پنھنجي لکڻين ۽ لھجي مان جذباتي ۽ ضدي بہ لڳندو آهي تہ، ننڍڙي ٻار وانگر صفا معصوم بہ لڳندو آهي. مون کي اِئين لڳندو آهي تہ، سندس اندر ۾ موجود درد ئي آهي، جيڪو کيس وڏا وڏا ٽھڪ بہ ڏياري ٿو تہ، کيس بيباڪي ۽ بھادري سان لکرائي بہ ٿو. ٿي سگهي ٿو اِهو درد کيس اڪيلائي ۾ روئاريندو بہ هُجي. سندس تصويرن ۾ بہ هِن جي چھري تي اُداسي ۽ ڪاوڙ ئي نظر ايندي آهي پر سندس دل ۾ بي پناھہ محبت ۽ پيار سمايل آهي.
2017ع ۾ سندس پھريون شاعريءَ جو ڪتاب "هنج نہ آيا هيل" ڇپيو، جيڪو هڪ تمام بھترين ڪتاب آهي. انھي ڪتاب ۾ سرواڻ سنڌي جي خوبصورت شاعري پڙهي ائين لڳي ٿو تہ، اڄ بہ سنڌي شاعريءَ ۾ نوان خيال، نئون فڪر نئين انداز ۾ لکجي پيو. مون سندس اُهو ڪتاب دل سان پڙهيو هو. انھي کانپوءِ سال 2018ع ۾ سندس ٻيو شاعري جو ڪتاب "مند بنا موتيا" ڇپيو، جيڪو بہ سندس پھرين ڪتاب جون سِڪون لاهيندي نظر آيو. اِهو ڪتاب ڏاڍو شاندار ڇپيل آهي، مون ويجهائي ۾ اهڙو خوبصورت شاعري جو ڪتاب نہ پڙهيو ۽ نہ ڏِٺو. مون انھن ٻنھي ڪتابن تي تبصرا بہ لکيا، جيڪي عبرت اخبار جي ادبي صفحي تخليقڪار ۾ پياري واحد پارس هيسباڻي شايع ڪيا.
سرواڻ سنڌي تازو هڪ ناول بہ لکيو آهي، جيڪو بہ يقينن جلد شايع ٿيندو. انھي کان سواءِ هي تنقيدي مضمون بہ سُٺا لکندو آهي، جيڪي بہ ڪتابي شڪل ۾ اچن تہ ڀلو ڪم ٿيندو. سرواڻ پنھنجي زندگي بابت بہ لکندو رهندو آهي، جيڪا سندس آپ بيتي آهي، انھي کي بہ اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪندو تہ، اِهو بہ هڪ شاندار ڪم هوندو.
انھي 15 سال پھرين واري ملاقات کان پوءِ، اسان جي مختصر ڳالھہ ٻولھہ فيس بوڪ تي چيٽ ذريعي ئي ٿي آهي. انھي ۾ بہ سرواڻ هميشہ منھنجي لکڻ جي همٿ افزائي ڪئي آهي ۽ بلڪل پنھنجي ننڍي ڀاءُ وانگر پيار ۽ خلوص ڏنو آهي. آئون بہ سندس هڪ شاندار تخليقڪار هئڻ ڪري ۽ وڏي ڀاءُ وانگر محسوس ٿيڻ ڪري تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان.
(28 مئي 2020ع)
