شخصيتون ۽ خاڪا

سڄڻ ماکيءَ منڌ

  سرمد کوسي جو هي پنجون ڪتاب نامور ادبي، علمي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ننڍا وڏا ڪُل 42 خاڪا شامل آهن. سرمد کوسي جي ٻولي سليس ۽ سادي آهي، هن شخصيتن کي مانُ ڏيندي نہ رڳو خاڪا نويسي ڪئي آهي پر هن سندن اهڙا اسڪيچ جوڙيا آهن، جن ۾ انھن شخصيتن جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل استادن تي لکيل خاڪا يا سندس امڙ ۽ بابا تي لکيل تاثر پڻ وڻندڙ آهن. سرمد گهڻو ڪري انھن شخصيتن تي لکيو آهي جن کيس متاثر ڪيو يا سندس زندگيءَ تي مثبت اثر ڇڏيا.

  • 4.5/5.0
  • 245
  • 50
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sajjan Makhi'a Mandh

سنجيدہ نوجوان زبير چانڊيو

هي سال 2012ع جي ڳالھہ آهي. مون هن خوبصورت نوجوان کي تڏهن ڏٺو هو. جنھن وقت هي شايد ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ سندس وڏو ڀاءُ مون وٽ انٽر ڪلاس ۾ پڙهندو هو. ڏهين ڪلاس ۾ ڪيميسٽري جو سبجيڪٽ نہ هجڻ ڪري مون اُن وقت تہ هنن جا ڪلاس نہ ورتا پر جڏهن بہ هن کي ڏسندو هُئس تہ، مون کي سندس چھرو انتھائي سنجيدہ لڳندو هو ۽ سندس اکين ۾ ڪيترائي سوال نظر ايندا هئا. هڪ سال کان پوءِ جڏهن مون هنن جو ڪلاس ورتو تہ، اُن ۾ مون هن نوجوان کي بيحد سنجيدہ ۽ پنھنجي عمر کان ڪافي وڏي طور محسوس ڪيو. هي پنھنجي عمر کان اُن ڪري وڏو لڳندو هو جو هن جا سوال عام رواجي ۽ روايتي نہ هئا. سندس ورتاء ۽ ڳالھائڻ جو انداز عام ڪاليجي شاگرد کان گهڻو مٿي هو. مون اِهو بہ محسوس ڪيو هو تہ، جڏهن کيس ڪا ڳالھہ نہ وڻندي هُئي تہ، بغير ناراض ٿيڻ ۽ ضد ڪرڻ جي چھري تي هلڪي مُرڪ آڻي انھي کي درگذر ڪري ڇڏيندو هو، پر سندس اکيون گهڻو ڪجهہ چئي وينديون هيون.
چوندا آهن تہ، چھرو اندر جي فھرست آهي. سو، هن نوجوان جي اکين ۾ بہ گهرائي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مون هميشہ پنھنجي سڀني شاگردن کي پنھنجي ننڍن ڀائرن وانگر پيار ڪيو آهي پر پوءِ بہ ڪجهہ ماڻھو شايد مزاج ملڻ ڪري بيحد ويجها محسوس ٿيندا آهن. سو، مون هن نوجوان کي فڪري ۽ شعوري طور پنھنجي ويجهو محسوس ڪيو آهي. ساڳي اُنسيت مون هن جي مزاج ۾ بہ محسوس ڪئي آهي. هن وقت هي نوجوان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ڪراچي ۾ پڙهي رهيو آهي. جڏهن بہ کيس موڪلون ٿينديون آهن تہ، فون ڪندو سر توهان سان ملڻو آهي. آئون بہ سندس اچڻ جو ٻُڌي خوشي مان سندس انتظار ڪندو آهيان. نہ تہ عام طور ماڻھن سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ڪرڻ منھنجي مزاج ۾ ناهي، اسان جو پنھنجو جھان آهي. پر پوءِ بہ ڪجهہ ماڻھو اِهڙا آهن، جن سان ملاقات ڪري ڏُکندو ڏور ٿيندي ۽ اندر جو بار هلڪو ٿيندي محسوس ٿيندو آهي. هن نوجوان جو مطالعو بہ وسيع آهي، سو جڏهن بہ ملندو آهي تہ، گهڻو ڪجهہ ٻُڌائڻ چاهيندو آهي. آئون بہ بلڪل خاموشي سان ويھي کيس ٻُڌندو آهيان. هي ڏاڍيون گهرائي واريون ڳالھيون ٻُڌائيندي انتھائي سُٺو لڳندو آهي. هونئن بہ مون کي ڳالھائڻ کان وڌيڪ ٻُڌڻ سُٺو لڳندو آهي. سو بہ اهڙي نوجوان کي، جنھن وٽ گُلاب جي گُلن جھڙيون تازگي واريون ڳالھيون ۽ نئون فڪر هجي تہ ڪير نہ ٻُڌندو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ هن نوجوان جو جنم ڏينھن هو. فيس بڪ ياد بہ ڏياريو، رسمي واڌايون ڏيڻ نہ پئي چاهيم. دل چيو پئي تہ، ڪجهہ لکجي. پر انھي ڳالھہ کي ڪافي ڏينھن ٿي ويا. نيٺ هڪ ڏينھن زبير کي چيم تہ، پيارا جنم ڏينھن جون واڌايون، سو بہ دير سان! پر سبب اهو آهي تہ، اوهان تي ڪجهہ لکبو. سو، اِهو بہ دل جو معاملو آهي، جڏهن لکڻ ڏانھن وٺي وڃي. هن کان اڳ مون مجموعي طور تي تہ پنھنجي شاگردن تي لکيو آهي پر خاص طور تي ڪنھن شاگرد تي ناهي لکيو پر هاڻي زبير کان اِهو سلسلو بہ شروع ڪجي ٿو. هونئن بہ نوجوانن کي اتساهڻ ۽ کين گهربل مان ڏيڻ جي ضرورت بہ آهي. ڇو تہ، اِهي نوجوان ئي هن سماج جو خوبصورت مستقبل آهن. اسان جي سماج کي هنن مان تمام گهڻيون اميدون آهن. اميد تہ هي نوجوان هن بيمار سماج جي دردن جو درمان ٿيندا.

(زبير هن وقت انگلينڊ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي)

(30 آڪٽوبر 2021ع)