سنجيدہ نوجوان زبير چانڊيو
چوندا آهن تہ، چھرو اندر جي فھرست آهي. سو، هن نوجوان جي اکين ۾ بہ گهرائي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مون هميشہ پنھنجي سڀني شاگردن کي پنھنجي ننڍن ڀائرن وانگر پيار ڪيو آهي پر پوءِ بہ ڪجهہ ماڻھو شايد مزاج ملڻ ڪري بيحد ويجها محسوس ٿيندا آهن. سو، مون هن نوجوان کي فڪري ۽ شعوري طور پنھنجي ويجهو محسوس ڪيو آهي. ساڳي اُنسيت مون هن جي مزاج ۾ بہ محسوس ڪئي آهي. هن وقت هي نوجوان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ڪراچي ۾ پڙهي رهيو آهي. جڏهن بہ کيس موڪلون ٿينديون آهن تہ، فون ڪندو سر توهان سان ملڻو آهي. آئون بہ سندس اچڻ جو ٻُڌي خوشي مان سندس انتظار ڪندو آهيان. نہ تہ عام طور ماڻھن سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ڪرڻ منھنجي مزاج ۾ ناهي، اسان جو پنھنجو جھان آهي. پر پوءِ بہ ڪجهہ ماڻھو اِهڙا آهن، جن سان ملاقات ڪري ڏُکندو ڏور ٿيندي ۽ اندر جو بار هلڪو ٿيندي محسوس ٿيندو آهي. هن نوجوان جو مطالعو بہ وسيع آهي، سو جڏهن بہ ملندو آهي تہ، گهڻو ڪجهہ ٻُڌائڻ چاهيندو آهي. آئون بہ بلڪل خاموشي سان ويھي کيس ٻُڌندو آهيان. هي ڏاڍيون گهرائي واريون ڳالھيون ٻُڌائيندي انتھائي سُٺو لڳندو آهي. هونئن بہ مون کي ڳالھائڻ کان وڌيڪ ٻُڌڻ سُٺو لڳندو آهي. سو بہ اهڙي نوجوان کي، جنھن وٽ گُلاب جي گُلن جھڙيون تازگي واريون ڳالھيون ۽ نئون فڪر هجي تہ ڪير نہ ٻُڌندو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ هن نوجوان جو جنم ڏينھن هو. فيس بڪ ياد بہ ڏياريو، رسمي واڌايون ڏيڻ نہ پئي چاهيم. دل چيو پئي تہ، ڪجهہ لکجي. پر انھي ڳالھہ کي ڪافي ڏينھن ٿي ويا. نيٺ هڪ ڏينھن زبير کي چيم تہ، پيارا جنم ڏينھن جون واڌايون، سو بہ دير سان! پر سبب اهو آهي تہ، اوهان تي ڪجهہ لکبو. سو، اِهو بہ دل جو معاملو آهي، جڏهن لکڻ ڏانھن وٺي وڃي. هن کان اڳ مون مجموعي طور تي تہ پنھنجي شاگردن تي لکيو آهي پر خاص طور تي ڪنھن شاگرد تي ناهي لکيو پر هاڻي زبير کان اِهو سلسلو بہ شروع ڪجي ٿو. هونئن بہ نوجوانن کي اتساهڻ ۽ کين گهربل مان ڏيڻ جي ضرورت بہ آهي. ڇو تہ، اِهي نوجوان ئي هن سماج جو خوبصورت مستقبل آهن. اسان جي سماج کي هنن مان تمام گهڻيون اميدون آهن. اميد تہ هي نوجوان هن بيمار سماج جي دردن جو درمان ٿيندا.
(زبير هن وقت انگلينڊ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي)
(30 آڪٽوبر 2021ع)
