بابا جو گُلن، وڻن ۽ ٻارن سان عشق
سو، بابا جو اڄ جو بہ معمول اِهو آهي، جو پنھنجي پوکيل هر هڪ ٻوٽي ۽ وڻ کي غور سان ڏسندو، ان جي خبر چار لھندو رهندو آهي. ٻين کان بہ فون ڪري انھن وڻن جي باري ۾ پڇندو رهندو آهي تہ وڻ ڪھڙي حال ۾ آهن.
اڄ بہ بابا جي سختي سان اها منع ڪيل آهي تہ ٻني مان ڪير بہ وڻ نہ وڍي. بابا جي وري وري سمجهائڻ جي ڪري، هاڻي اُتي جي ماڻھن کي اها ڳالھہ ڪجهہ ڪجهہ سمجهہ اچڻ شروع ٿي آهي. انھن کي هاڻي اها خبر پئي آهي تہ وڻن جي اهميت ڇا هوندي آهي!
اسان جڏهن اسڪول کان واپس ايندا هُئاسين تہ بابا چوندو هو، شام جو مون سان وڻ پوکرايو ۽ جيڪي اڳ ۾ وڻ پوکيل آهن، انھن کي پاڻي ڏياريو. اهڙي طرح اِها سرگرمي اسان جي بہ معمول ۾ شامل ٿي وئي. اهڙي طرح اسان جو بہ وڻن سان پيار ٿيڻ لڳو. بابا سان گڏجي، اسان جو ننڍو چاچو بہ وڻ پوکرائيندو هو. انھن وڻن مان ڪافي وڻ وڏا ٿي ويا آهن، انھن سان تہ اسان جي ننڍپڻ جون يادون وابستہ آهن. برساتن ۽ طوفانن دوران ڪو وڻ ڪري بہ پوندو هو تہ بابا، ان وڏي وڻ کي بہ پاڙن ۾ مِٽي ڏياري سِڌو ڪرائيندو هو ۽ پوءِ اُهي وڻ بچي پوندا هُئا. ڳوٺ ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻھو وڻ وڍيندو هو يا ڪو ٻار، ٻُوٽو پٽيندو هو تہ، اُن سان گهٽ نہ ٿيندي هُئي. بابا جي ڊپ کان پوءِ ماڻھو هروڀرو وڻ نہ وڍيندا هُئا. ان طرح ڪافي وڻ وڍجڻ کان بچي ويندا هُئا. ان ڪري اسان جو ڳوٺ، سڄي تَر ۾ وڻن جي ڪري مشھور آهي. ڳوٺ ڏانھن ايندي، پري کان وڏا وڻ اچڻ واري جي آجيان ڪندا آهن.
گذريل ڏهاڪو کن سالن کان بابا پنھنجي ڳوٺ جي غريب ٻارن جي تعليم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هاڻي سندس سوچ جو محور ڳوٺ جو اسڪول آهي. انھي اسڪول ۾ وڻ ۽ گل پوکي، انھي کي منفرد بڻائي ڇڏيو آهي. انھي نيڪ ڪم ۾ بابا جا دوست بہ سندس ٻانھن ٻيلي آهن. اسان جيڪڏهن اسڪول جي حوالي سان بابا سان ڪنھن ڳالھہ تي سھمت ناهيون ٿيندا تہ چوندو آهي تہ ”اوهان پنھنجي ننڍپڻ ۾ ايئن زندگي ناهي گذاري، جيئن مون گذاري آهي، ان ڪري اوهان انھي ڳالھہ کي ايترو نہ سمجهي سگهندو.“ مطلب اِهو تہ غريب ٻارن جي بھتري لاءِ هُو هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي، انھي ڪم ۾ ٻئي ماڻھو جي اختلاف کي بہ درگذر ڪري، پنھنجو ڪم ڪندو رهندو آهي. چوندو آهي تہ جيڪڏهن اسان هر ماڻھو جي ڳالھہ تي ايڏو ويٺا سوچينداسين تہ پوءِ ڪم نہ ڪري سگهنداسين.
(05 جون 2022ع)
