ننڍڙو ڀاءُ، دلبر دوست منصور
ننڍي هوندي اسان اسڪول گڏجي ويندا هُئاسين. منصور مون کان ٽي ڪلاس پويان پڙهندو هو. صبح جو سوير اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيندا هُئاسين تہ منصور اڪثر روئڻ شروع ڪري ها تہ، اسڪول نہ ويندس. پڙهائي ۾ گهٽ دلچسپي رکڻ باوجود، منصور اسان سڀني ڀائرن ۾ سڀني کان وڌيڪ هوشيار آهي.
اسان جي تعليمي نظام ۾ هميشہ شاگرد ويچاري سان ٻين ناانصافين سان گڏ اها ناانصافي بہ ٿيندي اچي تہ ڪاپيون فيئر ڪريو. ان فيئر ڪاپين جي نالي ۾ ٻارن تي لکڻ جو تمام گهڻو بوجهہ وڌو ويندو آهي. سو، اُن وقت اسان کي ڪاپين لکڻ جو ڪم بہ جام ملندو آهي. پوءِ منصور جو اُهو ڪم اڪثر نامڪمل هوندو هو. پوءِ مون کي چوندو هو تہ، مون کي ڪاپيون لکي ڏي. آئون، چوندو هُئس تہ، منھنجو پنھنجو ئي لکڻ جو ڪم جام رهيل آهي، توکي وري ڪيئن لکي ڏيان. پوءِ يار ڪاوڙجي پوندو هو، چوندو هو بيڪار ماڻھو آهين. پوءِ سندس گهڻو وقت ڪاوڙ مون کي نہ وڻندي هُئي. پوءِ پرچائيندو هومانس تہ ادا ناراض نہ ٿي، ڪاپيون لکي ٿو ڏيان. پوءِ خوش بہ ٿيندو هو ۽ واعدو بہ وٺندو هو تہ لکي ڏيڻ جي پڪ ڏين تہ پوءِ آئون سمھي پوان، تون ويھي لک. جڏهن واعدو ڪري پڪ ڏيندو هومانس، تڏهن هي مزي سان سمھي رهندو هو. پوءِ آئون رات جو جاڳي پنھنجين ڪاپين سان گڏ، هن جون ڪاپيون بہ لکندو هئس. صبح جو جاڳي پڇي ها تہ، منھنجيون ڪاپيون لکيئي يا نہ؟ پوءِ ها ڪندو هُئس تہ خوش ٿيندو هو. ڪنھن ڏينھن مذاق ۾ نہ ڪندو هُئس تہ ڪاوڙجي چوندو هو تہ اسڪول بہ تون اڪيلو وڃ، آئون نہ ٿو هلان.
اسڪول واري زماني ۾ هر مھيني ۾ هڪ موڪل ڪري، بابا سان گڏ سندس ڊيوٽي تي گڏجي ويندا هئاسين. بابا، ڊيوٽي مڪمل ڪري پوءِ اسان کي شھر گهمائي، کاڌي پيتي جون شيون وٺي ڏيندو هو. اهڙي طرح اسان ٽئي بابا، منصور ۽ آئون گهُمي ڦِري، ڪچھريون ڪري شام جو گهر واپس ايندا هُئاسين.
منصور، مون سان ان ڳالھہ تي بہ ڪاوڙبو هو تہ يار، جنھن وقت بابا گهر ٿو اچي، تون اُن وقت ڪتاب کڻيو پيو پڙهندو آهين. ان ڪري بچيو وڃين، مون کي قابو ڪرايو ڇڏين. بابا جو اهو معمول هوندو هو تہ، هر روز اسان کان پڇندو هو تہ اڄ اسڪول ۾ ڇا پڙهيا ۽ ڇا لکيو اٿو؟ بابا، اڪثر اسان جي اسڪول جي استادن سان ملندو رهندو هو ۽ انھن کان اسان جي پڙهائي جي باري ۾ معلومات وٺندو رهندو هو. بابا، هر روز شام جو اسان سان راند بہ کيڏندو هو ۽ ٻارن سان ٻار ٿي ويندو هو. رات جو گڏجي ماني کائون تہ، ان دوران بہ اسان کي مختلف ڳالھيون ٻُڌائيندو رهندو هو. اسان کان مختلف سوال بہ ڪندو رهندو هو، اسان بہ کائنس سوال پڇندا هُئاسين. بابا، اسان کي مختلف ملڪن ۽ شھرن جا نالا ياد ڪرائيندو هو. اهي ملڪ ۽ شھر ڇا جي ڪري مشھور آهن، اهو بہ ياد ڪرائيندو هو. رات جو سمھڻ مھل آکاڻيون بہ دلچسپ انداز ۾ ٻُڌائيندو هو. مون کي اڄ بہ ياد آهي تہ جڏهن اسان کي گرمين ۽ سردين جو موڪلون ٿينديون هيون تہ بابا، مون کي چوندو هو تہ، هر روز ڀٽائي سائين جو هڪ بيت ياد ڪري، مون کي ٻُڌائيندو ڪر. اهڙي طرح ڪتابن سان ان وقت کان دوستي ٿي وئي.
منصور ٽيڪنالاجي سان پيار ڪرڻ وارو ماڻھو آهي. سُٺو ۽ مھانگو موبائيل فون سندس ڪمزوري آهي. ڪمپيوٽر جي بہ خاشي ڄاڻ اٿس. نہ رڳو هلائڻ تائين پر ڪمپيوٽر ۾ سافٽ ويئر توڙي هارڊ ويئر جي خرابي کي بہ ٺيڪ ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو. پنھنجي ڪم سان سچو، سڀني گهر ڀاتين جو بيحد خيال رکندڙ، يارن جو يار، تنقيد کي خاموشي سان ٻُڌندڙ ۽ پنھنجي مستي ۾ مگن رهندڙ منصور ئي ٿي سگهي ٿو.
(28 ڊسمبر 2021ع)
