شخصيتون ۽ خاڪا

سڄڻ ماکيءَ منڌ

  سرمد کوسي جو هي پنجون ڪتاب نامور ادبي، علمي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ننڍا وڏا ڪُل 42 خاڪا شامل آهن. سرمد کوسي جي ٻولي سليس ۽ سادي آهي، هن شخصيتن کي مانُ ڏيندي نہ رڳو خاڪا نويسي ڪئي آهي پر هن سندن اهڙا اسڪيچ جوڙيا آهن، جن ۾ انھن شخصيتن جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل استادن تي لکيل خاڪا يا سندس امڙ ۽ بابا تي لکيل تاثر پڻ وڻندڙ آهن. سرمد گهڻو ڪري انھن شخصيتن تي لکيو آهي جن کيس متاثر ڪيو يا سندس زندگيءَ تي مثبت اثر ڇڏيا.

  • 4.5/5.0
  • 246
  • 50
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sajjan Makhi'a Mandh

معصوم مزاج رکندڙ منورحسين ديوانو

منور حسين کوسو، منھنجي بيحد پيارن دوستن مان هڪ آهي. هي پنھنجي مزاج ۾ هڪ معصوم ۽ يگانو ڪردار آهي. يونيورسٽي واري زماني ۾ اسان گڏ رهندا هئاسين. هِن جون ڪيتريون ئي ڳالھيون اڄ بہ ياد آهن، جيڪي نراليون آهن. هڪ ڀيري سندس سيميسٽر جو پيپر هو، هي سمھي رهيو پيپر لاءِ نہ اٿيو. جاڳايو مانس تہ ”ادا جاڳ، پيپر اٿئي...“ هن ننڊ مان جاڳي چيو ”يار پيپر لاءِ سوير جاڳيو هئس پر اڄ ننڊ قھر جي پئي اچي. ان ڪري اڄ ننڊ جا مزا ٿا وٺون، پيپر وري ايندڙ سال ڏيندس.“ پوءِ هِن ٻئي سال پيپر ڏنو ۽ سُٺين مارڪن ۾ پاس ڪيائين.
اهڙي طرح جڏهن يونيورسٽي ۾ عيد جون موڪلون ٿينديون آهن تہ سڀ شاگرد پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ڏانھن، عيد ملھائڻ لاءِ واپس ويندا آهن. هڪ ڀيري چيائين تہ هن عيد تي ڳوٺ نہ هلندس، اِتي اڪيلو ئي عيد ڪندس. چيومانس ايئن نہ ڪر، مائٽ پريشان ٿيندا تہ ڇو نہ آيو. چيائين تہ ”مائٽن سان هميشہ پيا عيدون ڪريون، هن ڀيري رڳو پنھنجو پاڻ سان ٿا عيد ملھايون...“ سو، هي عيد تي ڳوٺ نہ ويو ۽ سندس مائٽ واقعي بہ پريشان ٿيا.
هِن کي اسان پيار مان منور حسين ديوانو سڏيون ٿا، ڇو تہ سندس ڪاليج واري زماني ۾ هن جي اڪثر ڪتابن تي سندس نالي سان گڏ ديوانو لکيل هوندو هو. اهڙي طرح پوءِ هي ديوانو ٿي ويو. هِن ديوانگي بہ ڪئي، پيار بہ ڪيو ۽ عشق بہ ڪيو. انھن سمورن هن کي سون ڪري ڇڏيو. پنھنجي مزاج ۾ بيحد حساس ۽ معصوم، ٻين جو خيال رکندڙ ۽ درگذر ڪندڙ انسان آهي.
هن سماج جي بيحسي، ناجائزي ۽ ناانصافي کي خاموشي سان ڀوڳيو آهي. هِن انھن کي بہ وڏي دل سان معاف ڪري ڇڏيو، جن ساڻن بيوفائي ڪئي. هي هڪ بيباڪ ۽ زندہ دل انسان آهي. ساڻس جڏهن بہ ملبو آهي تہ هڪ خوشي جو احساس ٿيندو آهي.
پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. حڪومت پاران استادن سان ٿيندڙ زيادتين تي بہ واھہ جا ڇوھہ ڇنڊيندو آهي. چوندي آهي استاد ٿي ڦاٿا آهيون. نہ حڪومت وٽ ڪو قدر آهي ۽ نہ ئي سماج وٽ ڪو قدر آهي. وري چوندو تہ استاد نہ ٿيون ها تہ ٻيو ڇا ٿيون ها؟ پاڻ کان ٻيو ڪجهہ نہ ٿئي ها. خانگي ادارن تي بہ ڏاڍي ڪاوڙ اٿس، چوندو رڳو ٺڳي جو ٺاھہ ٺاهيو ويٺا آهن، سماجي بھتري سان هنن حرامخورن جو ڪو واسطو ناهي. سندس سبجيڪٽ سماجيات آهي. ان ڪري کيس سماج تي وڏي ڪاوڙ آهي. چوندو تہ هي ماڻھو نچڻ ڪڏڻ ۽ هنبوڇيون هڻڻ ۾ خوش آهن. هنن جو ڇا وڃي تعليم ۾! تعليم اسانجي ماڻھو ۽ سرڪار جي ترجيح ۾ ئي ناهي.

(10آڪٽوبر 2024ع)