منھنجي پھرين استاد ۽ رهنما منھنجي امڙ
هن ڏينھن جي مناسبت سان آئون، پنھنجي امڙ کي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان. جيڪا منھنجي پھرين استاد ۽ رهنما آهي. جنھن مونکي سڀڪ جهہ ڏنو. ڌڻي ٻاجهاري جا بہ اِهي ڪرم آهن. جنھن اسانکي شفقت ۽ پيار ڏيندڙ امڙ عطا ڪئي. مون کان ڪجهہ سال اڳ ڪنھن اِهو سوال ڪيو هو تہ ”توهان جي پسنديدہ شخصيت ڪھڙي آهي؟“ اُن وقت منھنجي زبان جواب نڪتو هو تہ ”منھنجي امڙ.“ ها بلڪل ايئن ئي آهي. منھنجي امڙ، منھنجي نادانين، ڪوتاهين ۽ نالائقين کي درگذر ڪري، هميشہ مونکي پيار ڏنو آهي ۽ ٻين سان پيار ڪرڻ جو بہ درس ڏنو آهي. ڪڏهن ڪنھن معاملي تي مونکي جذباتي ٿيندي ڏسندي آهي تہ يڪدم چوندي آهي ”پُٽ توکي اِها ڳالھہ نٿي سونھين“ ۽ آئون انھي وقت ئي پنھنجو جائزو وٺڻ شروع ڪندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مايوس بہ ٿي ويندو آهيان، تڏهن بہ مونکي حوصلو ڏيندي آهي.
منھنجي امڙ ايڏي شفيق آهي جو ڪنھن ڳالھہ تان گهڙي کن سختي ڪري ويندي (جيڪا جائز سختي هوندي آهي) تہ ڪجهہ وقت کانپوءِ وري معافي وٺندي تہ ”ابا ناراض نہ ٿجان“ ۽ آئون کيس چوندو آهيان تہ ”امان اِهو اوهانجو پيار آهي. اِها سختي وڻي ٿي ۽ اسانجي ناداني درگذر ڪجان.“ مونکي پڙهڻ لکڻ لاءِ همٿائڻ ۾ بہ امان جو وڏو ڪردار آهي. منھنجي ڪتابن کي سنڀالي رکندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪتاب پڙهڻ يا وري لکڻ ۾ ڪا وٿي اچي ويندي آهي يا وري سُستي ٿيندي آهي تہ امان چوندي آهي ”ابا گهڻن ڏينھن کان ڪو ڪتاب نہ پيو پڙهين ۽ ڪجهہ لکين بہ نہ پيو؟ خير تہ آهي.“ انھي کانپوءِ آئون وري اُنھي سُستي کي ختم ڪري، پڙهڻ لکڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو آهيان.
منھنجي ٽئين ڪتاب ”سِٽون پڙھہ ساڃاھہ جُون“ جي لاءِ امڙ جڏهن ٻہ اکر لکي ڏنا تہ اُهي بہ مون لاءِ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ناهن. مون پنھنجي سڀني ڪتابن جي پھرين ڪاپي امان کي ئي ڏني آهي ۽ ڪتابن جي مھورت امان ۽ بابا جي هٿان ڪرائي آهي. ڇو تہ منھنجي نظر ۾ اِهي ئي عظيم شخصيتون آهن، جن جو وجود، اسان لاءِ زندگيءَ جي اُس ۾ ڇانورو ۽ جيئڻ لاءِ وڏو اتساھہ آهي. امڙ تي جيترو لکجي گهٽ آهي. دنيا جي سڀني انسانن کي اِها گذارش تہ هُو پنھنجي امڙ ۽ ابي جو احترام ڪن، سندن خيال رکن. ڇو تہ جيڪڏهن اِهي شخصيتون نہ هجن ها تہ اسان بہ نہ هجون ها!
امڙ جي محبتن ۽ اوجاڳن جو تہ آئون سموري زندگي قرضي رهندس ۽ اهي محبتون اهڙيون تہ انمول آهن، جو اها هستي ئي ڪري سگهي ٿي. لوليون ڏئي سمھاريندڙ ۽ منھنجا ٻاتڙا ٻول ٻُڌندڙ ، منھنجي پھرين استاد، منھنجي امڙ آهي. ننڍپڻ جون يادون ساريندي سوچيان ٿو تہ، منھنجي امڙ ڪيئن سوير جاڳي مون کي بہ جاڳيندي هُئي تہ، پُٽ اُٿي اسڪول لاءِ تيار ٿي. پوءِ مون کي اسڪول جي سُٺي سُٺي ڊريس پائڻ لاءِ ڏيندي هُئي. وارن ۾ تيل وجهي ڦَڻي ڏيندي هُئي. نيرن تيار ڪري پنھنجي هٿن سان کارائيندي هُئي. مون کي هميشہ صاف سٿرو رهڻ، ڏندڻ ڏيڻ، ننھن ڪٽڻ، هر روز وهنجڻ، سوير سُمھڻ سوير جاڳڻ، وقت تي ماني کائڻ، اسڪول تان واپسي کان پوءِ جلدي ڊريس تبديل ڪري، پھرين هٿ منھن ڌوئي پوءِ ماني کائڻ، سڀني سان پيار ڪرڻ، سُٺو کائڻ، سُٺو ۽ صاف پاڻي پيئڻ، سُٺو پِهرڻ، سُٺي صحبت ۾ رهڻ، سُٺو ڳالھائڻ، وغيرہ جھڙا عظيم درس ڏيندي هُئي. آئون، ٻين ٻارن سان مٽي ۾ رانديون کيڏي جڏهن واپس گهر ايندو هُئس تہ، امان منھنجا هٿ ۽ پير ڌوئاريندي هُئي ۽ چوندي هُئي تہ پُٽ صفائي جو خيال رکو، ڪٿي بيمار نہ ٿيو. ڪپڙا ٿورا بہ ميرا ٿيندا هُئا تہ جلدي جلدي ٻيو وڳو ڏيندي هُئي تہ، وڳو تبديل ڪريو. هميشہ اهو چوندي هُئي تہ ڪپڙا هميشہ صاف سُٿرا ۽ استري ٿيل پايو.
مون جڏهن اسڪول وڃڻ لاءِ پھرين وِک کنئي تہ، جنھن هستي مون کي سڀني کان وڌيڪ اُتساهيو ۽ اسڪول وڃڻ لاءِ همٿايو، سا هستي منھنجي امڙ آهي. ان وقت (1992) اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي جي سھولت نہ هُئي. سو، رات جو اسڪول جو پڙهڻ لکڻ جو ڪم گاسليٽ تي ٻرندڙ بتي ٻاري ڪبو هو. ٻار هجڻ باوجود مون ۾ رات جو دير تائين پڙهڻ جي عادت هُئي، اسڪول جو ڪم مڪمل ٿي ويندو هو تہ وري ٻاراڻا رسالا ۽ آکاڻين جا ڪتاب پڙهندو هُئس. ڳوٺ ۾ بجلي نہ هجڻ ڪري تقريبن سڄو ڳوٺ جلدي ماني کائي، سوير سمھي پوندو هو. ان ڪري هر طرف انڌيرو هوندو هو. ان ڪري مون کي ڊپ ٿيندو هو. پوءِ منھنجي امڙ چوندي هُئي تہ پُٽ تون ويھي پڙھہ، آئون تو سان گڏ ويٺي آهيان. پوءِ آئون اطمينان سان ويھي پڙهندو هُئس. امان، مون کي سبق بہ ياد ڪرائيندي هُئي ۽ وري جڏهن مون کي سبق ياد ٿي ويندو هو تہ، مون کي شاباس ڏيندي منھنجي پُٺي ٺپيندي هُئي. مون لاءِ اهو وڏو انعام هوندو هو. اسڪول ۾ امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ تي، ان خوشي ۾ مون کي خرچي ڏيندي هُئي ۽ نوان ڪپڙا وٺي ڏيندي هُئي. مختلف کاڌا پچائي، اسان کي کارائيندي هُئي.
اولاد ڪيڏو بہ وڏو ٿي وڃي پر والدين لاءِ هو پوءِ بہ ننڍو ئي هوندو آهي. اڄ بہ ڊيوٽي تان واپسي ۾ دير ٿيندي اٿم تہ امان فون ڪري پڇندي تہ پُٽ خيريت سان تہ آهين؟ اڄ بہ ساڳي پيار ۽ محبت سان هر شيء جو خيال رکڻ، ڪا بہ ننڍڙي تڪليف بہ ايندي اٿم تہ، امان بيچين ٿي پوندي آهي. اڄ بہ رات جو دير تائين جاڳندي ڏسندي تہ چوندي ابا هاڻي سمھي رھہ، صبح جو ڊيوٽي تي وڃڻو اٿئي. امان پنھنجي پيار ذريعي مون کي پنھنجي ذميواري جو بہ احساس ڏياريندي آهي تہ پنھنجو هر ڪم مقرر وقت تي ڪريو. مون، اڄ تائين اهڙو ڪو بہ استاد ناهي ڏٺو، جيڪو ايڏي پيار سان سڀ ڪجهہ سمجهائي وڃي. ڪڏهن پريشان ڏسندي تہ چوندي پُٽ خير تہ آهي پريشان پيو لڳين. آئون اڪثر چوندس تہ، امان خير آهي، ڪا ڳالھ ناهي. اُن تي امان چوندي تہ، ابا مون کي ڀلين نہ ٻُڌاء، پر مون تنھنجي چھري کي پڙهي ورتو آهي. وري بہ پيار ئي ڪندي تہ، پُٽ پريشان نہ ٿي. هر مسئلي کي همٿ سان منھن ڏيڻ جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪريو.امان پکين ۽ جانورن سان بہ بيحد پيار ڪندي آهي. صبح سوير پکين کي داڻو ۽ جانورن کي چارو ۽ پاڻي ڏيڻ سندس معمول ۾ شامل آهي. ڪڏهن ڪو جانور بيمار ٿي پوندو آهي تہ امان جو سُڪون ڦِٽي ويندو آهي. جيستائين اُن جانور جو علاج نہ ٿيندو ۽ اُهو ٺيڪ نہ ٿيندو، تيستائين امان کي آرام ناهي. ايستائين جو ماني بہ ناهي کائيندي. وڻن جي سنڀال ڪرڻ جو بہ بيحد خيال هوندو اٿس.
سو، امان لاءِ جيترو بہ لکان سو گهٽ ئي آهي. منھنجي دُعا آهي تہ منھنجي امڙ سميت سڀني جون مائرون سدا سلامت ۽ صحتمند رهن.
آخر ۾ ”منھنجي امڙ“ جي عنوان سان لکيل پنھنجو هڪ نثري نظم بہ هتي لکان ٿو. جنھن ۾ پنھنجي امڙ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو اٿم.
منھنجي امڙ
منھنجَن ٻاتڙن ٻولن،
منھنجيُن نادانيءَ وارين ڳالھين
کي هميشہ ساراهيندي،
مون کي اُتساھہ
۽ حوصلو ڏيندي آهي
منھنجي امڙ
منھنجين ارڏايُن،
منھنجين نالائقين،
منھنجين اڻڄاڻاين
۽ منھنجين خطائن کي
هميشہ پيار سان
بخشيندي آهي...
منھنجي امڙ
زندگيءَ جي تتلَ اُسَ ۾
مان جڏهن بہ ٿڪجي،
هارائجي صفا ساڻو
ٿي ويندو آهيان تہ،
اُن وقت مون کي پناھہ
لاءِ پنھنجي جهولي آڇيندي آهي
منھنجي امڙ
ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڳالھہ تي،
جذباتي يا ضدي ٿيندو آهيان
تہ مون کي پيار سان
صبر ۽ ڌيرج جو
درس ڏيندي آهي،
منھنجي امڙ
منھنجي چھرَي کي،
جا بخوبي پڙهي
۽ سمجهي وٺي ٿي،
سا آهي،
منھنجي امڙ
منھنجي بہ هر پل
اِها ئي دعا ۽ آس آهي،
تہ هر گهڙي، هر وقت
خوش ۽ سلامت رهي
دنيا جي سڀني امڙين ساڻ،
منھنجي امڙ
(10 جولاءِ 2024ع)
