احساسن ۽ دردن جي ڪٿا لکندڙ آصف جمالي
آصف لکندو بہ مختصر آهي ۽ ڳالھائيندو بہ مختصر آهي، انھي ڪري مونکي پاڻ جي ويجهو لڳندو آهي. پر سندس اُهو ڳالھائڻ ۽ لکڻ معني خيز هوندو آهي. هِن کان اڳ بہ آصف جمالي جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪھاڻين جو ڪتاب بہ شامل آهي. آصف جي هر ڳالھہ ۾ ڪا نہ ڪا ڪھاڻي سمايل هوندي آهي. انھي مان ئي سندس مشاهداتي سگهہ جو اندازو ٿئي ٿو. تلھار تي روايتي انداز ۾ واقعا تاريخن سان مختلف ليکڪن لکيو آهي پر تلھار جي شاندار ماضي ۽ بيحال حال تي، ڪنھن بہ ناهي لکيو. آصف اُهو لکي، پاڻ کي ٻين کان منفرد بڻايو آهي. شھر ڪٿا ۾ دردن ۽ احساسن جو ذڪر آهي. انھن ماڻھن جو ذڪر آهي، جن جو ذڪر ڪير بہ نٿو ڪري يا وري سماج لاءِ اُهي وڏا ماڻھو ناهن. آصف انھن تي لکي نہ رڳو کين تاريخ جو حصو بڻايو آهي پر ٻين کي بہ اِهو احساس ڏياريو آهي تہ پنھنجي آسپاس نظر ڦيرايو ۽ ڏسو تہ ڪي لڪل هيرا تہ موجود ناهن..؟! جن لاءِ ڀٽائي سائين چيو آهي تہ ”لِڪا ڀڻن لوڪ ۾....“
آصف جڏهن هن ڪتاب جو مسودو مونکي پڙهايو تہ ان وقت بہ آئون هي سمجهي سگهيس ۽ ان وقت لکيم تہ اڄوڪي هِن نفسانفسي ۽ وٺ پڪڙ جي جھان ۾، صاحبِ دل ۽ صاحبِ احساس هجڻ تمام وڏي ڳالھہ آهي. تمام ٿورا ماڻھو صاحبِ دل ۽ صاحبِ احساس آهن. اسانجو مانوارو سائين آصف جمالي بہ انھن ٿورن ماڻھن ۾ شامل آهي. جن جي صاحبِ احساس هجڻ جي شاهدي، سندن اکين ۾ موجود اُهو ڳوڙها بہ ڏيندا، جيڪا سندن اکين مان اڃا نڪتا ئي ناهن. هي ماڻھو دنيا جي روايتي ماڻھن کان بلڪل مختلف، پنھنجي الڳ دنيا ۾ رهندڙ ماڻھو آهن. هنن جي دنيا، احساسن، پيار، پنھنجائپ، سھپ، ساڃاھہ، ڏک ۽ پيڙاء جي دنيا آهي. هونئن بہ سُرت کي سُور آهي.
آصف ڪاغذ ۽ قلم سان بہ نينھن نڀائيندو اچي. هو مسلسل لکندو رهي ٿو. مونکي سندس هر لکڻي ۾ ڪا نہ ڪا ڪھاڻي نظر اچي ٿي. هونئن بہ هي بنيادي طور ڪھاڻيڪار ئي آهي. سندس لکڻيون احساساتي بہ آهن تہ سچ کي سامھون آڻيندڙ بہ آهن. سندس هي ڪتاب شھر ڪٿا بہ تلھار شھر جي تاريخ آهي. جيڪا روايتي تاريخ ناهي. جنھن ۾ رڳو واقعا ۽ انگ اکر هجن پر هي احساسن ۽ دردن جي تاريخ آهي. جنھن جي پڙهڻ سان هِن شھر جي حسناڪي ۽ شاندار ماضيءَ جو احساس شدت سان ٿئي ٿو ۽ اِهو بہ پتو پوي ٿو تہ اسانجو هي ليکڪ دوست ڪيڏو نہ حساس ۽ ڪومل جذبن جو مالڪ آهي. هِن ڪتاب ۾ انھن ماڻھن جو بہ ذڪر آهي، جن جو ذڪر عام طور تي نٿو ٿئي. آصف انھن جو ذڪر ڪري کين پيار مان ياد ڪيو آهي.
مونکي اِها اميد آهي تہ هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ پنھنجي هڪ الڳ جڳھہ جوڙيندو.
آصف پنھنجو ڪتاب پنھنجي بابا سائين کي ارپيو آهي، جنھن ۾ هُو لکي ٿو تہ
”اونداهيءَ جي وحشت ٿيندي آهي
روز دل ۾
اميد جو ڏيئو ٻاري
سمھندا آهيون
خواب ڏسندا آهيون
خوابن ۾
اڻ ڏٺل منظر
۽ ماڻھو ڏسندا آهيون
هڪ عجيب دنيا هوندي آهي
پر تون نہ هوندو آهين
خواب ڏسندا آهيون
خوابن جي دنيا ۾
توکي ڳوليندا آهيون
پر تون نہ ملندو آهين..“
تلھار شھر جي ڪٿا بيان ڪندي، تلھار جي ماڳ مڪان جو بہ ذڪر ٿئي ٿو. جن ۾ لائبرري، ڪتاب گهر ۽ پوسٽ آفيس جو بہ ذڪر آهي. اِهي ٽئي ماڳ نہ رڳو تلھار پر هاڻي گهڻن ئي شھرن ۾ ويران آهن. جن جو پنھنجو پنھنجو درد آهي.
شھر ڪٿا ۾ تلھار جي ڪردارن جو بہ ذڪر بيحد وڻندڙ انداز ۾ ٿيل آهي، جن ۾ مٺو مھيري، نور محمد سومرو، سليمان پرڏيھي، مائيڪل، پروفيسر مٺا خان مري، ڊاڪٽر سومار کوسو، پِي ڪي شاهاڻي سميت ٻيا ڪيترائي ڪردار شامل آهن.
آصف جمالي جو نثر، شاعراڻو نثر آهي، ان ڪري سندس لکڻيون وڻندڙ لڳن ٿيون ۽ پڙهندڙ رواني سان پڙهندو رهي ٿو.
امرتا پبليڪشن پاران شايع ڪيل هي ڪتاب، مونکي اميد آهي تہ هي ڪتاب اوهانجي لائبرري ۾ هڪ سھڻو اضافو ثابت ٿيندو.
