ننڍڙي آرٽسٽ نين تارا، هر ٻار ۾ هڪ آرٽسٽ آهي!
حقيقت ۾ هر ٻار ۾ هڪ آرٽسٽ موجود هوندو آهي. جيڪو کيس فطرت سان ويجهو رکندو آهي. انھيءَ ڪري ئي ٻار مِٽي مان رانديڪا ٺاهي، انھن سان کيڏي ٿو. پکين، جانورن، گُلن ۽ وڻن سان پيار ڪري ٿو. پکين جون ٻوليون کيس وڻن ٿيون. هُو پاڻ بہ گُنگنائي ٿو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ وڏن کي ڪُتي جي گلر يا ڪنھن ٻئي جانور کي موچڙا هڻندي ڏٺو آهي. جڏهن تہ ٻار اُن ڪتي جي گُلر يا وري جانور کي پنھنجي حصي جي ماني بہ ڏئي ڇڏيندو آهي. بسڪوٽ وغيرہ کائيندو پيو تہ سو بہ اُن کي ڏيندو آهي. ساڳي طرح پکين کي بہ اَنَ ۽ پاڻي ڏيندو آهي.
هي پينٽنگ منھنجي ننڍڙي ڀائٽِي نين تارا، گهر جي ڀِت تي ٺاهي آهي. هُو پھرين ڪلاس جي شاگرد آهي. هُن هي پينٽنگ ڪنھن تصوير سامھون رکڻ بدران پنھنجي سوچ ۽ تصور جي بنياد تي ٺاهي آهي. نہ ئي هُن ڪا سِکيا ورتي آهي ۽ نہ ئي اُستادن کيس اِهو سيکاريو آهي پر سندس اندر ۾ موجود آرٽسٽ کائنس اِها پينٽنگ ٺھرائي آهي. نہ ئي هِن وٽ ڪو خاص پينٽنگ جو سامان يا رنگ آهن، بس هُن وٽ جيڪي رنگين پينون آهن، اُنھن جي مدد سان هُن اِها پينٽنگ ٺاهي آهي. پُڇيومانس تہ ”بابا هي ڪيئن پئي ٺاهين؟“ تہ چيائين ”چاچا، هي منظر منھنجي سوچ ۾ آهي.“ ڏسو، تہ سندس تصور ۾ بہ وڻ، پکي، جانور ۽ پاڻي آهن.
هُن هِن پينٽنگ ۾ پنھنجو نانءُ ”نين تارا“ بہ لکي هِن پينٽنگ تي پنھنجي مالڪي ظاهر ڪئي آهي. مون اِهو نوٽ ڪيو آهي تہ هر ٻار ڪا نہ ڪا تخليق پنھنجي ذهن ۾ رکي ٿو. بس رڳو کيس انھي کي سامھون آڻڻ جو موقعو ملي. ڪيترائي ٻار پنھنجي حسرتن کي پنھنجي اندر ۾ رڳو اِن ڪري دٻائي ڇڏيندا آهن، جو متان وڏا ناراض نہ ٿين يا سندن انھي ڪم کي خراب نہ سمجهن.
ڪجهہ سال اڳ هِڪ وڊيو ڏٺي هُئم. اُن ۾ هڪ ٻار پنھنجي پيءُ جي نئين خريد ڪيل ڪار تي هڪ پَٿر سان ڪجهہ اسڪريچ ڪري ٿو. نتيجي سندس پيءُ سخت ناراض ٿيندي کيس مار ڏئي ٿو ۽ ٻار روئندو رهي ٿو. ٿوري دير کانپوءِ جڏهن سندس پيءُ جي ڪاوڙ ڪجهہ جهڪي ٿئي ٿي تہ هُو غور سان ڏسي ٿو تہ سندس پُٽ ڪار تي اُهو اسڪيچ ٺاهيو آهي، جنھن ۾ هُو پاڻ آهي ۽ سندس پيءُ آهي. اُن اسڪيچ ۾ پُٽ پيءُ کي ڀاڪر پائي ڳل تي چُمي ڏئي رهيو آهي. اُهو ڏسي پيءُ بہ روئي پوي ٿو. اُن وڊيو ۾ پيغام اِهو هو تہ ”اسان شَين سان پيار ڪريون ٿا ۽ ماڻھن کي استعمال ڪريون ٿا. حقيقت ۾ شين کي استعمال ڪبو آهي ۽ ماڻھن سان پيار ڪبو آهي.“
اسانکي گهرجي تہ ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي هٿي وٺرايون. کين همٿايون تہ ڏاڍو بھترين ڪم ٿيندو.
(پنھنجي بيحد پياري ڀائٽي نين تارا جي ٺاهيل هڪ شاندار پينٽنگ ڏسي، هي خيال لکيا ويا)
(16 اپريل 2021ع)
