مذهب

انسانيت جي تعمير

هي ڪتاب ”انسانيت جي تعمير“ اصل ۾ مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي صاحب آهي.
ڪتاب مان ورتل هڪ ٽڪرو:
بحث هيٺ آيل موضوع جي لحاظ کان ان جو مطلب هيءُ آهي ته جنهن ٽولي کي عدد برتري حاصل هوندي آهي، اهو پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳندو آهي. اهو شعوري يا غير شعوري طور تي اهو سمجهندو آهي ته محنت کانسواءِ ئي کيس سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويندو. اها نفسيات منجهس ذهني ۽ عملي جمود پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ايتري قدر جو سڄي قوم سستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي ويندي آهي. اها ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ جي قابل ناهي رهندي.
Title Cover of book انسانيت جي تعمير

ترقي ۽ ٻڌي

اڄ ڪالهه جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ بحث جو موضوع بڻيل آهي، اهو قومي ٻڌي، آهي. ان کي وسيع معنيٰ ۾ انساني ٻڌي به چئي سگهجي ٿو.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ اسان کي اهڙي ٻڌيءَ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. انهيءَ تي ئي ملڪ جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جو دارومدار آهي. ان معاملي تي ڳالهائڻ وارا، جيڪو ڪجهه ڳالهائي يا لکڻ وارا جيڪي ڪجهه لکي رهيا آهن، ان کي ڏسي، مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ته ان باري ۾ ماڻهن جو ذهن صاف نه آهي، ته اهي جيڪو ڪجهه چاهين ٿا، ان کي حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي.
اڪثر ماڻهن طرفان اهو چيو پيو وڃي، ته قومي ايڪي ۽ اتحاد جو ذريعو ثقافتي ٻڌي آهي. يعني ماڻهن ۾ ٻڌي ۽ ايڪي پيدا ڪرڻ جي تدبير اها آهي ته انهن جي ثقافت هڪ ڪئي وڃي. ٻولي، مذهبي رسمون، پوشاڪ، مذهبي ڏڻ ۽ شادي مرادي، ان قسم جي سڀني شين کي، سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو گڏيل بڻاويو وڃي. اهڙيءَ ريت ماڻهن ۾ اها ٻڌي پيدا ٿي ويندي. جنهن جي اسان کي ضرورت آهي.
پر مان انهيءَ تجويز کي ائين سمجهان ٿو، جيئن ڪنهن ملڪ ۾، سڀني ماڻهن جي وچ ۾، ايڪو ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي لاءِ، اها رٿ پيش ڪئي وڃي، ته پلاسٽڪ سرجريءَ جي وسيلي سڀني انسانن جي هڪڙي ئي شڪل ۽ صورت ٺاهي وڃي. جهڙيءَ ريت هڪ ئي نموني جي پلاسٽڪ سرجري جي ذريعي مختلف قسم جي ماڻهن ۾ ٻڌي پيدا نه ٿي ڪري سگهجي، تهڙيءَ ريت مٿي ذڪر ڪيل تدبيرن سان قومي ٻڌي يا قومي ايڪو به پيدا نه ٿو ڪري سگهجي. حقيقت هيءَ آهي ته قومي ٻڌيءَ جو راز هڪ ثقافت ۾ نه بلڪه هڪ ذهن ۾ آهي، ان مقصد جي لاءِ اسان کي ماڻهن ۾ سندن موافق سوچ پيدا ڪرڻي پوندي. پلاسٽڪ سرجريءَ جهڙو ڪو عمل ظاهري شين کي بدلائي سگهجي ٿو. پر اهو اندروني سوچ کي نٿو بدلائي سگهي.

[b]لينن ۽ اتاترڪ
[/b]اها هڪ حقيقت آهي ته قومي ٻڌيءَ جو معاملو هجي يا ٻيو ڪو مامرو. هرشيءِ سوچ جي سطح تي ختم ٿئي ٿي ۽ سوچ جي سطح تي ئي ان کي ٻيهر حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان معاملي جي وضاحت لاءِ هڪ تقابلي (ڀيٽ وارو) مثال کڻو: اهو تقابلي مثال لينن (1924 ـ 1870ع) ۽ اتاترڪ (1938 ـ 1818ع) جو آهي. ٻئي تقريبا ساڳئي دور ۾ هئا. ٻنهي کي هڪڙي ئي دور ۾ اقتدار مليو، پر لينن جو نالو ڪاميابيءَ جي علامت ۽ اتاترڪ جو نالو ناڪاميءَ جي علامت آهي.
ڪمال اتاترڪ کي ترڪيءَ ۾ 1919ع ۾ اقتدار مليو ۽ 1938ع تائين (اوڻيهه ورهيه) جاري رهيو. ڪمال اتاترڪ چاهيو پئي ته هو ترڪيءَ ۽ يورپ جي فرق کي ختم ڇڏي ۽ ترڪيءَ جي نقشي تي ٻنهي کي هڪ جهڙو مقام ڏئي. هن ان جو راز ثقافتي هيڪڙائي ۾ ڳوليو. هن رياستي طاقت جي ذريعي اها ڪوشش ڪئي، ته ترڪيءَ جا ماڻهو يورپ وارن جيان ٽوپلو ۽ پينٽ پهرين. اهي يورپين وارا آداب اختيار ڪن. ايتري قدر جو ڪمال اتاترڪ ترڪي ٻوليءَ جو رسم الخط تبديل ڪري ان کي يورپي رسم الخط ۾ لکڻ جو حڪم ڏنو، جيڪا ان کان اڳ عربي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي.
ڪمال اتاترڪ انهن ”سڌارن“ کي طاقت جي زور تي سڄي ترڪيءَ ۾ لاڳو ڪيو. پر انهن سڌارن جي لاڳو ٿيڻ کي تقريباً 70 سال گذارڻ کان پوءِ به ترڪي اڃان تائين هڪ مريض ۽ پوئتي پيل ملڪ آهي. يورپ جي نقشي ۾ اهو ترقي يافته ملڪ جو درجو حاصل نه ڪري سگهيو.
ان جي ابتڙ لينن جو مثال وٺو. لينن کي روس ۾ 1917ع ۾ اقتدار مليو ۽ 1924ع تائين (ستن سالن تائين) هليو. حالتن جو گهرو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ، هن ڄاتو ته موجوده زماني جي اصل طاقت سائنس آهي. هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو روس ۾ وڏي پئماني تي هڪ ”دارالترجمه“ (ترجمي ڪرڻ جو ادارو) قائم ڪيو. جنهن جي ڪارڪنن جو تعداد اٽڪل هڪ لک تائين پهتو. هن حڪم ڏنو ته جرمن، فرينچ، انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان سڀني سائنسي ڪتابن جو ترجمو روسي ٻوليءَ ۾ ڪيو وڃي. اهو ڪم وڏي پئماني تي شروع ٿي ويو ۽ لڳاتار جاري رهيو. اهو صحيح رخ تي صحيح قدم هو. ان ڪري روس کي ان جو اهو فائدو ٿيو جو، اهو اڄ ٻين سپر پاور منجهان هڪ سپر پاور جي حيثيت رکي ٿو.
اهو آهي تدبير۽ سوچ جو فرق، ڪمال اتاترڪ، ترڪي ۽ يورپ جي وچ ۾ ثقافت جي فرق کي ختم ڪرڻ چاهيو، پر ٻنهي جي وچ ۾ ثقافتي فرق کي مٽائڻ جي باوجود، کيس ڪجهه هڙ حاصل نه ٿي سگهيو. ان جي ابتڙ لينن روس ۽ يورپ جي وچ ۾ علم ۽ شعور جي فرق کي ختم ڪرڻ جي رٿا بندي ڪئي. ان ڪري جڏهن فرق ختم ٿي ويو ته روس دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي اڀريو هو.
اهو مثال اسان کي ٻڌائي ٿو، ته غير واسطيدار ڪارروائين ۾ وقت نه وڃائڻ گهرجي، نه ته اسان جي ڪارروائين جي پڄاڻيءَکان پوءِ به اصل مسئلو اتي ئي رهجي ويندو، جتي اهو اڄ اسان کي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.

[b]ڪجهه مثال
[/b]اسان جي ڀرپاسي ۾ جيڪي واقعا ٿيا آهن. انهن جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو ويندو، ته اها ڳالهه نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي، ته ثقافت جو فرق يا ثقافت جي هڪجهڙائي واڌو شيون آهن. ٻڌيءَ سان انهن جو ڪو ضروري تعلق نه آهي. انهيءَ جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
بمبئي ۾ پارسي ۽ هندو هزارن سالن کان گڏ رهي رهيا آهن. اوهان ڄاڻو ٿا ته پارسي معاشرو هڪ بند معاشرو آهي. اهي ماڻهو پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي صحيح نه سمجهندا آهن. انهيءَ ڪري بمبئيءَ ۾ هندن ۽ پارسين جي پاڻ ۾ شاديءَ ڪو نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪو مثال ملندو هجي، ته اهو هڪ ٻه نڪي اهو ڪوئي عام قائدو آهي. ان جي باوجود اڄ تائين اتي ڪڏهن به هندن ۽ پارسين جو پاڻ ۾ جهيڙو ناهي ٿيو. ٻنهي جي وچ ۾ معياري حد تايئن پر امن لاڳاپا آهن.
ان جي ابتڙ ٻيو مثال هندن ۽ سکن جو آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته هندن ۽ سکن جو پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو رواج بنا ڪنهن جهل پل جي آهي. پر انهن ٻنهي فرقن ۾ اڄ پنجاب ۾ تمام وڏي پيماني تي جهيڙو ٿي رهيو آهي، ڄڻ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جون دشمن هجن. اهو سلسلو ڀنڊران والا (پنجاب) ۽ آپريشن بلو اسٽار (اپريل 1986ع) جي وقت کان وٺي گهڻي شدت سان جاري آهي ۽ هر قسم جي ڪوشسش جي باوجود اڃا تائين ختم ناهي ٿي سگهيو.
اهڙيءَ ريت مثال طور چيو ويندو آهي ته سڀني فرقن جي هڪ ئي زبان ۽ ٻولي ٿي وڃي، ته ان کان پوءِ ماڻهن جي وچ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ٿيندو. پر اها به هڪ غير واسطيدار ۽ فائدي کان خالي تجويز آهي. سئيزر لينڊ ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون رائج آهن. انهن مان ٽن ٻولين کي سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي. فرانسيسي، جرمن ۽ اٽالين، پر ٻولين جي گهڻائيءَ جي باوجود، انهن جي وچ ۾ مڪمل اتحاد ۽ ٻڌي آهي. بلڪه سئيزر لينڊ موجوده دنيا جو سڀ کان وڌيڪ امن وارو ملڪ آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان جو مثال آهي، اتي باقاعده سرڪاري طور تي هڪ ٻولي يعني اردو رائج آهي. ان جي باوجود پاڪستان ۾ ماڻهن جا پاڻ ۾ ايترا گهڻا جهيڙا آهن، جو پاڪستان ٺهڻ کي 60 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، پر اتي اڃا تائين جهيڙو ختم ناهي ٿيو.
اهڙيءَ ريت بيشمار مثال موجود آهن، جيڪي اهو ٻڌائين ٿا ته ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو تعلق ماڻهن جي سوچ سان آهي، نڪي انهن جي ظاهري ريتن رسمن سان. ملڪ جي رهاڪن ۾ جيڪڏهن صحيح سوچ موجود هجي ۽ اهي زندگي گذارڻ جو راز ڄاڻندا هجن، ته اهي ظاهري فرق جي باوجود گڏجي سڏجي رهي سگهن ٿا. ان جي برعڪس جيڪڏهن سندن سوچ ٺيڪ نه هوندي ۽ اهي زندگي گذارڻ جي راز کان اڻ سونهان هوندا ته اهي هڪ ٻئي سان وڙهندا رهندا. توڙي جو سندن ظاهري اهڃاڻ هڪجهڙا ڇو نه هجن. حقيقت هيءَ آهي ته زندگيءَ جي معاملن جي درستگيءَ ۾ اصل اهميت ذهني فڪر ۽ رويي (Attitude of Mind) جي آهي. جيڪڏهن اسان هن ملڪ ۾ ايڪو ۽ مفاهمت پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي ماڻهن جي ذهني رويي ۽ فڪر کي درست ڪرڻو پوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻو جو اهو ئي واحد رستو آهي، ته ماڻهن ۾ اهو رويو پيدا ڪيو وڃي، ته اهي ٻين سان رواداريءَ وارو ورتاءُ ڪن. اهي هر ماڻهوءَ جو احترام ڪن. پوءِ اهو سندن پنهنجي برادريءَ جو هجي يا پاڻ کان ٻاهر واري برادريءَ جو، اهو ئي رويو اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو اصل بنياد آهي. اهو رويو جتي هوندو، اتي ايڪو هوندو ۽ جتي اهو رويو نه هوندو، اتي ڪنهن ٻي تدبير سان ايڪو پيدا نه ٿو ڪري سگهجي.

[b]قرآن جي رهنمائي
[/b]هاڻ مان ڪجهه وڌيڪ وضاحت سان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ته انهيءَ معاملي ۾ اسان کي قرآن شريف مان ڪهڙي رهنمائي ٿي ملي. اها رهنمائي هڪ لفظ ۾ هيءَ آهي ته انسان کان سواءِ باقي سموري ڪائنات، جنهن قانون تي هلي پئي، انهيءَ کي انسان به اختيار ڪري. ڪائنات پڌري پٽ مختلف ۽ متفرق جزن جو مجموعو (ميڙ) آهي. ان ۾ باهه به آهي ۽ پاڻي به. ان ۾ نازڪ ٻوٽا به آهن ته سخت پٿر به. ان ۾ ڏينهن جي روشني به آهي ۽ رات جي اونداهي به. پر انهن سڀني اختلافن جي باوجود سڄي ڪائنات هڪ هم آهنگ ڪُل (سَڀُ) وانگر عمل ڪندي رهي ٿي. اهو ڄڻ هڪ خدائي نمونو آهي. انسان کي گهرجي، ته اهو به اهڙيءَ طرح پنهنجي لاءِ رهنما بڻائي.
قرآن مجيد جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انسان ۽ باقي ڪائنات ٻئي هڪ اڪائي جا ٻه حصا آهن. ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي، اهو هي آهي ته انسان ذاتي شعور ۽ ذاتي ارادو رکي ٿو. جڏهن ته ڪائنات جون ٻيون سموريون شيون ذاتي شعور ۽ ارادو نه ٿيون رکن. جامد (بيٺل) مادو فطرت جي قانون (Law of Nature) سان قابو ٿيندو آهي ۽ جاندار شيون پنهنجي، اندر لڪل جبلت (Instinct) سان.
قرآن مقدس جي مطابق، ڪائنات ۾ جيڪو دين (عمل جو نظام) آهي. اهو ئي انسان جو دين (عمل جو نظام) به آهي. ٻنهي جي ڪامياب ڪارڪردگيءَ جو راز هڪ ئي فطري نقشي ۾ سمايل آهي. قرآن مجيد ۾ آهي ته:
اَفَغَیْرَ دِیْنِ اللہ یَبْغُوْنَ وَلَہٗ اَسْلَمَ مَنْ فِی السَّمٰوٰاتِ وَالْاَرْضِ طَوْعً وَّکَرھاً
(آل عمران: 83)
”ڇا اهي الله جي دين کان سواءِ ڪو ٻيو دين چاهين ٿا، حالانڪ ان جي تابع آهي اهو سڀ، جيڪو زمين ۽ آسمان ۾ آهي. خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان.“
ٻئي هنڌ فرمايو ويو آهي:
لاَتُفْسِدُوْ فِیْ الْاَرْضِ بَعْدَ اِصْلَاحِھَا (الاعراف: 56)
”زمين ۾ فساد نه ڪيو اصلاح کان پوءِ.“
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن زمين تي انسان کي آباد ڪيو ويو آهي. اها هڪ اصلاح ٿيل زمين آهي. ان جا سڀ جزا بلڪل صحيح ڪارڪردگيءَ تي قائم آهن. انهن ۾ ڪنهن به قسم جو نقص ناهي. هاڻي انسان کي گهرجي ته هو انهيءَ نافذ ٿيل (لاڳو ٿيل) اصلاح واري نظام سان مطابقت ڪري، زمين تي زندگي گذاري. جيڪڏهن هو ان نقشي سان مطابقت (هڪجهڙائي) نه رکندو، ته زمين تي فساد مچائڻ جي برابر سمجهيو ويندو. ڪنهن مجموعي جو هڪ جزو، جيڪڏهن مجموعي سان مطابقت (هڪجهڙائي) ڪري رهندو، ته نظام درست رهندو ۽ جيڪڏهن مجموعي جو ڪو هڪڙو جزو به اصل مجموعي سان مطابقت نه رکندو ته سڄو نظام بگڙجي ويندو، اهو اصلاحي نقشي ۾ فساد پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ويندو.
ان کي هڪ لفظ ۾ ڪائناتي نمونو چئي سگهجي ٿو. جيڪو ڪائناتي نمونو، ڪائنات کي ڪاميابيءَ سان هلائي رهيو آهي. اهوئي انسان جي لاءِ فائدي وارو ۽ ڪامياب آهي.

[b]ٻه رخ
[/b]اها شيءِ جنهن کي اسان ڪائناتي نمونو (نقشو) چيو آهي. ان جا ٻه رخ آهن. هڪ فني (Technical) ۽ ٻيو اخلاقي (Ethical). جيتري قدر ڪائناتي نموني جي فني رخ جو تعلق آهي، ان معاملي ۾ انسان بلڪل اهو ئي ڪيو آهي. جيڪو کيس حقيقت جي لحاظ کان ڪرڻ گهرجي. هو ان معاملي ۾ تمام گهڻو سنجيده آهي. هو تمام گهڻي محنت سان ان کي ڳوليندو ۽ ان جي مڪمل پيروي ڪندو آهي. هو ڪائناتي نموني جي فني رخ کان ادنيٰ درجي جي به ڀڃڪڙي ناهي ڪندو، ڇو جو هو ڄاڻندو آهي ته فني رخ جي مڪمل پيروي جي ذريعي ئي هو تمدني ترقيون ڪري سگهي ٿو. پر ڪائناتي نموني جي اخلاقي رخ جي باري ۾ هن جو رويو بلڪل مختلف آهي. هتي هو پيرويءَ جي بدران ڀڃڪڙيءَ جي روش اختيار ڪندو آهي.
انهيءَ معاملي جي وضاحت جي لاءِ هڪ سادو مثال وٺو. هن هال ۾ اسان جي آڏو ٻه شيون آهن، هڪ بجلي جيڪا اسان کي روشني ڏئي رهي آهي ۽ ٻيو پکو جنهن سان اسان کي ٿڌي هوا ملي ٿي. اهي ٻئي شيون ڪائناتي نموني جي فني رخ جي پيروي ڪري حاصل ڪيو ويون آهن. ڪائنات ۾ قدرت جي قانون تحت اڳواٽ ئي هڪ امڪان موجود آهي. اهو هي ته جيڪڏهن اوهان هڪ اهڙي مشين ٺاهيو، جنهن ۾ ميگنيٽڪ فيلڊ (مقناطيسي ميدان) ۽ حرڪت (Motion)کي گڏ ڪيو ويو هجي ته هڪدم ان جي اندر اليڪٽران متحرڪ ٿي ويندا ۽ اها شيءِ پيدا ٿيندي، جنهن کي ڪرنٽ (بجلي) چوندا آهن. جنريٽر ۾ انهيءَ طريقي کي استعمال ڪري بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي. جنهن سان بلب ٻرندو آهي ۽ ٻيا ڪم ڪيا ويندا آهن.
ڪائناتي نموني جو هڪ ٻيو فني رخ هيءُ آهي ته جيڪڏهن اوهان هڪ اهڙي مشين ٺاهيو، جنهن ۾ مقناطيسي ميدان (ميگنيٽڪ فيلڊ) ۽ بجلي (ڪرنٽ) کي گڏ ڪيو ويندو، ته هڪدم ان جي اندر حرڪت (Motion) پيدا ٿيندي. اها ئي قدرتي تدبير آهي، جنهن جي ذريعي حرڪت (چرپر) پيدا ڪري پکو هلايو ويندو آهي ۽ ٻيون سڀ مشينون حرڪت ۾ آنديون وينديون آهن.
هي ڪائناتي نموني (نقشي) جا فني رخ جا مثال آهن. دنيا جا سڀئي انسان اهي ڪنهن به قوم يا فرقي سان واسطو رکندڙ هجن. اهي ان رخ جي %100 سيڪڙو پيروي ڪندا آهن. اهي ٿورڙو به ان کان پري ناهن ٿيندا. ڇو جو اهي ڄاڻندا آهن، ته هتي نتيجي ۾ يا ٻين لفظن ۾، صحيح ڪارڪردگيءَ جو دارو مدار سڄو سارو ان تي آهي، ته خارجي قانون جي مڪمل پيروي ڪئي وڃي.
هي ڪائناتي نموني (نقشي) جي فني رخ جا ڪجهه مثال آهن. اهي مثال اهو به ٻڌائين ٿا ته ڪائناتي نقشي ۾ هڪ ٻيو مقرر ڪيل رخ به موجود آهي، جنهن کي نوعيت جي لحاظ کان اخلاقي (Ethical) رخ چئي سگهجي ٿو. ان مان منهنجو مطلب ڪائنات ۾ اڳڪٿي ڪرڻ جي قابليت (Predictability) آهي. ڪائنات مڪمل طور تي پيشن گوئيءَ جي قابل ڪردار (Predictability Character) واري آهي. مثلاً: مٿي ڄاڻايل مثال ۾ اڻ تبديل ٿيندڙ طور تي هيءَ اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي، ته جڏهن به مقناطيسي ميدان ۾ حرڪت کي ملايو ويندو، ته لازمي طور تي اتي ڪرنٽ پيدا ٿيندو. اهڙيءَ ريت جڏهن به مقناطيسي ميدان ۽ ڪرنٽ کي گڏ ڪيو ويندو، ته اتي لازمي طور تي حرڪت پيدا ٿيندي. ڪائنات جي اهڙيءَ ريت اڳڪٿي ڪرڻ، ڄڻ ان جو اهو رخ آهي، جنهن کي انساني ٻولي ۾ اخلاقي رخ چئي سگهجي ٿو.
موجوده دنيا ۾ اسان اهو تضاد ڏسي رهيا آهيون، ته اسان جي ٽيڪنالاجي نهايت ٺيڪ طرح سان ڪم ڪري رهي آهي. اها هميشه اهي ئي گهربل نتيجا ڏيندي رهي ٿي، جنهن جي ان مان اميد ڪئي ويندي آهي. ان جي ابتڙ انسان ٺيڪ طور تي ان گهربل معيار تي پورو نٿو لهي. جنهن جي ان مان اميد رکي ويندي آهي. ان تضاد جو واحد سبب هي آهي ته انسان ڪائنات جي نقشي جي فني رخ کي مڪمل طور تي اختيار ڪيو، پر هن ان جي اخلاقي پهلوءَ کي ڇڏي ڏنو.

[b]اڳڪٿي جي قابل ڪردار
[/b]قرآن شريف ۾ پسند پيل ٻانهن (ماڻهن) جي تعريف هن ريت ڪئي وئي آهي:
وَ الۡمُوۡفُوۡنَ بِعَہۡدِہِمۡ اِذَا عٰہَدُوۡا ۚ (البقره: 177)
”۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ جڏهن انجام ڪن ٿا.“
اها اها ئي اخلاقي صفت آهي. جنهن کي اسان اڳڪٿي جي قابل ڪردار (Predictable character) سان ڀيٽيو آهي. جهڙيءَ ريت لوهه جي مٿان ڪنهن ڇت کي بيهاريو ويندو آهي ته اڳواٽ ئي اهو يقين هوندو آهي ته لوهه ڇت جو وزن سنڀاليندو. اهڙيءَ ريت جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان سان ڪو عهد (وعدو) ڪندو، ته اڳواٽ ئي اهو اعتماد هئڻ گهرجي ته اهو ضرور ان عهد کي پوروڪندو. اهو ڪنهن به حال ۾ ان کان نه ڦرندو.
ان ڳالهه کي هڪ حديث ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته منافق ماڻهوءَ جون ٽي نشانيون آهن: جڏهن ڳالهائي، ته ڪوڙ ڳالهائي. جڏهن اهو وعدو ڪري، ته ان کان ڦري وڃي، جڏهن ان کي امانت حوالي ڪئي وڃي ته ان ۾ خيانت ڪري. (اٰیۃ المنافق ثلاث۔ اذا حدّث کذب واذا وعدا اخلف واذا اْتمن خان)
مٿين ٽنهي ڳالهين ۾ اڳڪٿي جي قابل ڪردار، جي خلاف آهن. ڪنهن انسان سان جڏهن ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته، ان اعتماد تي ڪئي ويندي آهي، ته اهو صحيح ڳالهه چوندو. اهو غلط بيانيءَ کان ڪم نه وٺندو. هاڻي جڏهن اهو حقيقت جي ابتڙ ڳالهائيندو، ته ان اڳواٽ اندازي جي خلاف عمل ڪيو. اهڙيءَ ريت جڏهن ڪنهن سان وعدو ۽ اقرار ڪيو ويندو آهي ته ان يقين جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي، ته هن جو ايندڙ عمل ٺيڪ انهيءَ وعدي مطابق هوندو. هاڻي جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪرڻ لڳي، ته هن پنهنجي باري ۾ اڳواٽ اندازي کي پورو نه ڪيو. اهڙيءَ ريت جڏهن ڪا امانت ڪنهن جي حوالي ڪئي ويندي آهي، ته اها به ان اڳواٽ اعتماد جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي ته هو ادائيگي جي وقت امانت کي پوريءَ ريت ادا ڪندو. هاڻي جيڪڏهن ادا ڪرڻ وقت هو امانت کي ان جي حقدار ڏانهن نه موٽائيندو، ته ان جو مطلب هي آهي ته اهو اڳڪٿي جي قابل ڪردار وارو نه هو.
ڪائنات پنهنجي اڳڪٿي جي قابل ڪردار جي سبب ڪامل آهي. اهڙيءَ ريت انسان به ان وقت ڪامل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اهو اڳڪٿي جي قابل ڪردار وارو ٿي وڃي.

[b]ڪثرت ۾ وحدت
[/b]ڪائنات جي مطالعي مان خبر پوي ٿي، ته ان ۾ ڪثرت ۾ وحدت جو اصول پيو ڪم ڪري. يعني شيون ظاهر ۾ مختلف ۽ گهڻيون آهن، پر جڏهن انهن جو تجزيو ڪيو وڃي ٿو، ته معلوم ٿئي ٿو ته سڀ شيون پنهنجي آخر ۾ ايٽم (Atom) جو مجموعو آهن. هر شيءِ آخرڪار ايٽم آهي. اها ظاهر ۾ ڪجهه به ڏسڻ ۾ ايندي هجي.
اهو ئي ڪائناتي نقشو انسانن منجهه به رکيو ويو آهي. انسان بظاهر ڏسڻ ۾ هڪٻئي کان مختلف نظر اچن ٿا. انهن ۾ رنگ ۽ ٻين شين جي لحاظ کان تمام گهڻو فرق هوندو آهي. پر انهن جو تاريخي تجزيو ڪيو ويندو ته خبر پوندي ته سڀئي نسل نيٺ اچي هڪ ماءُ پيءُ تي ختم ٿين ٿا. ڄڻ سڀ هڪ ٻئي جا ڀائر آهن، نڪي هڪٻئي جا دشمن.
اها ئي ڳالهه قرآن پاڪ ۾ هنن لفظن ۾ چئي وئي آهي:
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّکُمُ الَّذِیۡ خَلَقَکُمۡ مِّنۡ نَّفۡسٍ وَّاحِدَۃٍ وَّ خَلَقَ مِنۡہَا
زَوۡجَہَا وَ بَثَّ مِنۡہُمَا رِجَالًا کَثِیۡرًا وَّ نِسَآءً (سورۃ النساءِ: 1)
”اي انسانو! ڊڄو پنهنجي رب کان جنهن پيدا ڪيو توهان کي هڪ ڄڻي مان ۽ خلقيائين ان مان سندس زال ۽ پکيڙيائين انهن ٻنهي مان مرد گهڻا ۽ عورتون.“
اهائي ڳالهه حديث ۾ هن ريت آئي آهي:
الا کلکم بنو اٰدم واّدم من تراب .
”ٻڌو ته توهان سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽي مان هو.“
انسانيت جي وحدت جو اهو تصور هر انسان جي دل ۾ ٻين انسانن جي لاءِ محبت ۽ خيرخواهيءَ جو جذبو پيدا ڪري ٿو، جيڪو سموري انساني نسل کي هڪ خاندان ۽ هڪ برادريءَ وانگر بڻائي ڇڏيندو آهي.
حديث مبارڪ ۾ آهي ته:
الخلق عیالُ اللہ فاحبُّ الخلق الی اللہ من احسَنْ عیالہ۔
”سڄي مخلوق الله جو ڪٽنب آهي. توهان سڀني ماڻهن ۾ الله وٽ سڀ کان وڌيڪ محبوب اهو آهي، جيڪو ان جي ڪٽنب سان سٺو سلوڪ ڪري.“
ڪائناتي نقشو ڪثرت ۾ وحدت جي صفت رکي ٿو. انسان کي به انهيءَ ڪائناتي نموني تي پنهنجي زندگي جو نقشو ٺاهڻ گهرجي.. ڪائنات ۾ جڏهن ڪثرت ۾ وحدت (Unity of diversity) جو اصول متحرڪ آهي، ته انسان جي لاءِ اهو صحيح نه آهي ته هو هتي ڪثرت کي هڪ ڪرڻ (Unification of diversity) جي طريقي تي زندگيِءَ جو نظام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري.

[b]زندگيءَ جو ڀائپيءَ وارو سرشتو
[/b]انسانيت جي وحدت يا بني آدم جي وحدت جي حقيقت جنهن جو اعلان پيغمبر اسلامﷺ چوڏهن سئو ورهيه اڳ ڪيو هو. هاڻي اهو جديد تحقيق جي نتيجي ۾ هڪ سائنسي حقيقت جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
موجوده زماني ۾ ماليڪيول حياتيات (Molecular Biology) تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. ڊي اين اي (DNA) جي ذريعي نسلي ڳجهن رازن کي ڳولڻ ممڪن ٿي ويو آهي. انهيءَ ڪري آمريڪا ۾ جين جي ماهرن (Geneticists) جي هڪ ٽيم اهو ڪم پنهنجي ذمي ڪيو، ته اها انسان جي گڏيل جد اعليٰ (پر ڏاڏي) (Common ancestor) کي ڳوليندا. DNA جي طريقي ۾ ابتدائي پيءُ (Great grandfather) کي ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو هو. انهن شروعاتي ماءُ (Great grandmother) کي ڳولي لهڻ ۾ پنهنجي سمورو ڌيان ان تي ڏنو.
انهن حياتياتي سائنسدانن مختلف علائقن جي 147 ڳورهاين عورتن کي تيار ڪيو ته اهي اڻ ڄاول ٻار جا مادا (placentas) کين عطيي طور ڏين. ان مادي تي انهن ورهين تائين آمريڪا جي ايئرڪنڊيشنڊ ليبارٽرين ۾ تحقيق ڪندا رهيا، جيڪي ”برڪلي“ ۾ هيون. هنن انهن جسماني ريشن (Body Tissue) جا نمونا ڪڍيا ۽ انهن تي قسم قسم جا تجربا ڪيا. نيٺ انهن اعلان ڪيو آهي ته هنن پهرين عورت (First Women) يا مذهبي اصطلاح ۾ حوا (Eve) کي ڳولي لڌو آهي. سائنسدانن جي خيال ۾ اها عورت ٻه هزار ورهيه اڳ زمين تي رهندي هئي. اها سڀني انسانن جي گڏيل ماءُ آهي. اها اسان سڀني جي تقريباً 000،10 هين ڏاڏي آهي.
تحقيق ٻڌايو آهي ته اهي سڀ ظاهري فرق، جن جي بنياد تي نسلي اختلاف يا اعليٰ نسل ۽ ڪمتر نسل جا نظريا ٻڌايا ويا هئا. اهي فقط وقتي ۽ سطحي هئا. مثال طور: چمڙيءَ جو رنگ فقط آب هوا سان مطابقت جو نتيجو هوندو آهي. آفريقا ۾ ڪارو رنگ سج جي روشني کان بچاءَ جي لاءِ، يورپ ۾ اڇو رنگ الٽراوائلٽ شعائن کي جذب ڪرڻ جي لاءِ جيڪا وٽامن ڊي جي پيدائش ۾ مددگار آهي. چمڙيءَ جو رنگ فقط چند سالن جي عمل سان بدلجي ويندو آهي.
Skin colour, for instance, is a miner adaptation to climate black in Africa for protection from the sun, White in Europe to absorb ultraviolet radiation that helps produce vitamin D. It takes only a few thousand years of evolution for skin colour to change. (p-42)
سائنسدانن پنهنجي تحقيق جي نتيجن مطابق اعلان ڪيو آهي ته سڀني ٻارن جا DNA نيٺ هڪ عورت تائين پهچن ٿا. پهرين نظر ۾ اهي قبول ڪرڻ جوڳا نه ٿا لڳن ته سڀني انسانن جو حياتياتي ذريعو فقط هڪ اڪيلي عورت هئي. پر اهو اتفاق سان قانون تحت حاصل ٿيڻ وارو هڪ نهايت ثابت ٿيل نتيجو آهي.
All the babies’ DNA could be traced back, ultimately, to one woman At first glance it may seem inconceivable that the source of all mitochondrial DNA was a single woman, but it’s a well- established outcome of the laws of probability. (p42)
برڪلي جي حياتياتي سائسندانن (Geneticists) جي ذڪر ڪيل ٽيم کان علاوه ايموري يونيورسٽي (Emory University) جي ٽيم به انهيءَ سلسلي ۾ ڪم ڪيو آهي. ان ٽيم جو اڳواڻ پروفيسر ڊگلس (Dougles wallecse) هو. انهيءَ ٽيم وڌيڪ اهو امڪان ظاهر ڪيو آهي، ته پهرين عورت (حوا) ممڪن آهي، ايشيا جي ڪنهن حصي ۾ رهندي هجي.
Eve might have lived on Asia (P.42)
اهو نتيجو انهن جيني شاهديءَ (Genetic evidence) جي بنياد تي ڪڍيو آهي، جيڪو مختلف براعظمن جي 800 ماڻهن جي رت جي خصوصي جانچ ۽ چڪاس کان پوءِ حاصل ڪيو ويو آهي. اها تحقيق نج سائنسي سطح تي اهو ثابت ڪري رهي آهي، ته سڄو انساني نسل، ظاهري فرق جي باوجود هڪ عظيم خاندان (Great family) جي حيثيت رکي ٿو.
(صفحو 44 ـ 43)
انهيءَ قسم جي تحقيق انگلينڊ، فرانس وغيره ۾ به ٿي رهي آهي. انهيءَ تحقيق تي آمريڪا جي ڪيترن ئي سائنسي جرنلن ۾ مقالا ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ٻن مقالن جو تت نيويارڪ (آمريڪا) جي انگريزي هفتيوار نيوز ويڪ (11 جنوري 1988ع) ۾ ستن صفحن تي ڇپيو آهي.
انهيءَ تحقيقات جي مطابق جينيٽڪ شاهدي ان قديم خيال جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، ته انساني نسل مختلف جدا جدا شاخن سان تعلق رکن ٿا. ان سان ثابت ٿيو آهي ته سموري آدم جي اولاد هڪ ئي گڏيل انساني برادريءَ جو حصو آهي. هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر اسٽيفن جي گولڊ (Stephen Jay Gould) چيو آهي:
This idea is tremendously important. It makes us realize that all human beinigs, despite differences in external appearance, are really members of a single entity that’s had a very recent origin in one place. There is a kind of biological brotherhood that’s much more profound than we ever realized. (p. 39)
اهو خيال حيرت جي حد تائين اهم آهي، اهو اسان کي يقين ڏياري ٿو ته سڀ انسان، ٻاهرين نشانن ۾ فرق جي باوجود، حقيقت ۾ هڪ ئي واحد نسل جا فرد آهن جيڪا نهايت ئي ويجهڙائي واري دور ۾ هڪ مقام تي شروع ٿي هئي. هتي هڪ قسم جي حياتياتي ٻڌي آهي. جيڪا ان کان گهڻي گهري آهي. جيڪا اڄ تائين اسان سمجهي آهي.
اها ٻڌي جيڪا حياتياتي واقعي جي طور تي اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان کي سماجي سطح تي اختيار ڪرڻ، اها ئي انساني ٻڌي ۽ انساني يڪجهتيءَ جو واحد راز آهي. اهو ٻڌي ۽ يڪجهتيءَ جو اهو فطري نسخو آهي، جنهن جو اشارو خود اسان جي پيدائشي بناوت ۾ موجود آهي. ان تحقيق هڪ پاسي انهن سڀني نظرين کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي رنگ، نسل ۽ فرق جي بنياد تي انسانيت کي مختلف گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. ٻئي پاسي ان ٻڌايو آهي ته انسانن جي وچ ۾ هڪجهڙائي قائم ڪرڻ جي فطري تدبير ڪهڙي آهي.

[b]تنوع جو اصول
[/b]جنهن دنيا ۾ اسان رهون پيا، ان جو نظام تنوع ۽ رنگا رنگي جي اصول تي قائم آهي. اهو ئي تنوع انسانن جي وچ ۾ به گهريل آهي. اسان کي انسانن جي وچ ۾ اهو ئي مزاج بنائڻ گهرجي، ته اهي اختلاف جي باوجود متحد هجن. اهي مختلف ۽ متنوع انسانن سان گڏجي ڪري زندگي گذارڻ سکن. انساني ٻڌي ۽ ايڪو قائم ڪرڻ جي لاءِ فرق کي ختم ڪرڻ قدرت جي نظام جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري اهو ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي.
مثال طور: جانورن کي ڏسو، جانورن جا هڪ ملين (ڏهه لک) کان به وڌيڪ قسم دنيا ۾ ملن ٿا ۽ هر هڪ جو هڪ ڪم آهي. جيڪو انهيءَ سان مخصوص آهي. هتي زمين تي رهندڙ جيتن جي به ضرورت آهي، جيڪي گندين، خراب ۽ بيڪار شين کي (Decompose) ڪري، اسان جي فضا کي لڳاتار پاڪ ۽ صاف ڪندا رهند آهن. هتي ڏاند جي به ضرورت پوندي آهي، جيڪي اسان جي زمين کي کيڙن ۽ گهوڙي جي به ضرورت آهي، جيڪو اسان جي سواريءَ جي ڪم اچي. هڪ پاسي جيڪڏهن هتي جهرڪين جي گهرج آهي، جيڪي چون چون ڪن ته ٻئي پاسي گڏهه جي به ضرورت آهي جيڪو جڏهن هينگي، ته اوهان سوچيو ته مون کي ان وانگر رڙيون ڪري ڳالهائڻ نه گهرجي.
اهو ئي معاملو سڀني ٻين شين جو آهي. هن دنيا ۾ بي حساب تنوع ۽ رنگا رنگي آهي. انهيءَ تنوع تي ان جو سمورو نظام هلي رهيو آهي. انهيءَ نموني تي انسانن کي پيدا ڪرڻ واري، انسانن جي اندر به فرق ۽ تنوع رکيو ويو آهي. انهيءَ تنوع کي باقي رکڻ ئي انسانيت جي ترقي ۽ ڪاميابي آهي. انهيءَ تنوع کي ختم ڪرڻ ائين ئي آهي، جيئن انسانن کي هڪ جيتري قد جو بنائڻ لاءِ ماڻهن کي هيٺان مٿان ڪٽي سٽي برابر ۽ هڪجيترو ڪيو وڃي.

[b]حد بندي جو نظام
[/b]ڪائنات جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هتي حدبنديءَ جو نظام قائم آهي. هر شيءِ پنهنجي مقرر ڪيل دائري ۾ رهي، پنهنجو ڪم ڪري ٿي، اها پنهنجي دائري کان ٻاهر نڪري ٻئي دائري ۾ داخل نه ٿي ٿئي. اها ئي ڳالهه قرآن پاڪ ۾ هنن لفظن ۾ چئي وئي آهي:
وَ الشَّمۡسُ تَجۡرِیۡ لِمُسۡتَقَرٍّ لَّہَا ؕ ذٰلِکَ تَقۡدِیۡرُ الۡعَزِیۡزِ الۡعَلِیۡمِ ﴿ؕ۳۸﴾ وَ الۡقَمَرَ قَدَّرۡنٰہُ مَنَازِلَ حَتّٰی عَادَ کَالۡعُرۡجُوۡنِ الۡقَدِیۡمِ ﴿۳۹﴾ لَا الشَّمۡسُ یَنۡۢبَغِیۡ لَہَاۤ اَنۡ تُدۡرِکَ الۡقَمَرَ وَ لَا الَّیۡلُ سَابِقُ النَّہَارِ ؕ وَ کُلٌّ فِیۡ فَلَکٍ یَّسۡبَحُوۡنَ (یٰسٓ: 38 تان 40)
”۽ سج پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي هلي ٿو. اهو زبردست ڄاڻندڙ جو اندازو آهي. ۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن. ايتري تائين جو (مهيني جي پڇاڙيءَ ۾) کجيءَ جي ڇڙيءَ وانگر ٿي پوي ٿو. سج لاءِ چنڊ کي پهچڻ آسان نه آهي ۽ نه رات ڏينهن (پوري ٿيڻ) کان اڳي اچڻ واري آهي ۽ سڀئي آسمان ۾ ترن ٿا.“
انهن آيتن ۾ ان فلڪياتي حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته هن ڪائنات جا سڀ گهمندڙ ڦرندڙ ستارا ۽ سيارا تمام گهڻي درستگيءَ سان پنهنجي پنهنجي مدار (Orbit) ۾ گهمن ٿا. اهي ڪڏهن به پنهنجي حد کي ڇڏي، ٻئي جي حد ۾ داخل نه ٿيندا آهن.
اها ئي حد بندي انسان کان به گهربل آهي. انهيءَ ڪري قرآن ڪريم ۾ چيو ويو آهي ته:
وَ مَنۡ یَّتَعَدَّ حُدُوۡدَ اللّٰہِ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ (البقره: 229)
”جيڪي الله جي حدن کان لنگهي ويندا، سي ظالم آهن.“
اها ئي ڳالهه حديث ۾ هنن لفظن ۾ ڪئي وئي آهي. وحدّ حدوداً فلا تعتدوها. ”۽ الله حدون قائم ڪري ڇڏيون آهن ته توهان انهن کي نه اورانگهيو.“
هڪ ٻي حديث ۾ ان ڳالهه کي هن مثال جي ذريعي واضح ڪيو ويو آهي:
مثل للمومن ومثل الایمان کمثل الفرس فی اٰخیتہ یجول ثم یرجع الیٰ اٰخیتہ
”مومن جو مثال ۽ ايمان جو مثال اهڙو آهي، جيئن گهوڙو جيڪو پنهنجي رسيءَ ۾ ٻڌل هجي. اهو گهمندو آهي. پوءِ اهو پنهنجي رسيءَ جي طرف موٽي ايندو آهي.“
هڪ گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ پنجن ميٽرن جي رسي هجي. اها هڪ ڪلي سان ٻڌل هجي ته گهوڙو پنهنجي عادت جي مطابق چوڌاري گهمندو. پر اهو رسيءَ جي ڊگهائيءَ کان وڌي پري وڃي نه سگهندو. رسي جيڪڏهن پنجن ميٽرن جي آهي ته ان جي حرڪت جو دائرو به پنجن ميٽرن تائين محدود رهندو.
آسمان جا ستارا هڪ اڻ ڏٺل رسيءَ ۾ ٻڌل آهن، جيڪا کين مقرر مدار (Orbit) کان ٻاهر وڃڻ نه ٿي ڏئي. اهڙيءَ ريت انسان کي به هڪ اخلاقي رسيءَ ۾ ٻڌو ويو آهي. اها رسي صحيح ۽ غلط جي رسي آهي. ان کي صحيح ڪم ڪرڻو آهي. پر غلط ڪم ڏانهن قدم ناهي واڌائڻو. انسان کي انصاف تي قائم رهڻو آهي. کيس ظلم ڪرڻ جي اجازت ناهي. ان کي جڏهن ڳالهائڻو آهي ته سچ ڳالهائڻو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سندس لاءِ جائز ناهي. ان کي پنهنجي ترقيءَ ۾ڪاميابيءَ جي لاءِ سرگرم ٿيڻ جي اجازت آهي. پر کيس اها اجازت نه آهي، ته اهو ٻين کي نقصان ڏئي پنهنجي لاءِ فائدو حاصل ڪري.
اها حقيقت هڪ لطيفي ۾ چڱيءَ ريت واضح ٿئي ٿي. هڪ ملڪ جي ڳالهه آهي ته ان کي ٻاهرين ملڪ کان آزادي ملي هئي. ان کان پوءِ ان ملڪ جو هڪ شهري سڙڪ تي نڪتو، اهو خوشيءَ مان لڏندو لمندو وڃي رهيو هو ۽ پنهنجا ٻئي هٿ زور زور سان لوڏي رهيو هو. ان دوران ان جو هڪ هٿ واٽ ويندڙ جي نڪ کي لڳو. واٽهڙو ڪاوڙجي کانئس پڇيو، ته تون اهڙيءَ ريت هٿ ڇو لوڏي گهمي رهيو آهين. آرام سان ڇو نه ٿو هلين. شهريءَ چيو ته اڄ منهنجي ملڪ کي آزادي ملي آهي. هاڻ مان آزاد آهيان، ته جيڪو چاهيان، اهو ڪريان. واٽهڙو هورڙيان چيس ته تنهنجي آزادي اتي ختم ٿي وڃي ٿي. جتان کان منهنجو نڪ شروع ٿئي ٿو.
Your freedom ends where my nose beings.
هن دنيا ۾ هر ماڻهوءَ کي عمل جي آزادي آهي، پر هڪ شخص کي پنهنجي ”هٿ“ لوڏائڻ جي آزادي ايستائين آهي، جتي اهو ٻئي جي ”نڪ“ سان نه ٽڪرائجي. جيئن ئي ٻئي شخص جي نڪ سان ٽڪرائڻ جي حد شروع ٿئي، اتي هٿ لوڏائڻ واري جي آزاديءَ جي حد به ختم ٿي ويندي.

[b]ادنيٰ کان اعليٰ
[/b]هڪ وڻ جي ڪاميابيءَ جو راز هيءُ آهي جو اهو ادنيٰ کي اعليٰ بڻائي سگهي ٿو. اهو جامد (بيٺل) مادي کي واڌ ويجهه واري شيءِ ۾ تبديل ڪندو آهي. اهو ٻاهران مٽي، پاڻي ۽ گئس حاصل ڪندو آهي ۽ ان کي پن، گل ۽ ميوي جي صورت ۾ آڏو آڻيندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪنهن انساني سماج جي، بهتر سماج هئڻ جو سڄو سارو دارو مدار ان تي آهي، ته ان جا فرد اها صلاحيت رکندا هجن، ته اهي ادنيٰ سلوڪ کي اعليٰ سلوڪ ۾ تبديل ڪري سگهن.
ان معاملي ۾ انسان جي نفسياتي وجود کي به ائين ئي هئڻ گهرجي، جيئن خلقڻهار ان جي حياتياتي وجود کي بڻايو آهي. انسان جيڪي شيون کائيندو آهي، ان ۾ هڪ جزو کنڊ جو هوندو آهي. کنڊ پنهنجي ابتدائي صورت ۾ انسان جي لاءِ ڪارگر نه آهي، ان ڪري انسان جي جسم ۾ شير دان (Pancereas) جو نظام رکيو ويو آهي. جنهن جو عمل سادي طور تي اهو آهي ته اهو کنڊ کي گلوڪوز (Energy) يعني طاقت ۾ تبديل ڪندو آهي. انهيءَ تبديلي جي صلاحيت تي انسان جي طاقت ۽ صحت جو دارومدار آهي. جنهن ماڻهوءَ جي جسم جو اهو نظام خراب ٿي وڃي، ته ان جي اندر داخل ٿيڻ واري کنڊ، طاقت ۾ تبديل نه ٿيندي. پوءِ اها يا ته خون ۾ شامل ٿي ويندي يا پيشاب جي رستي خارخ ٿيڻ لڳندي . ان کان پوءِ انسان تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويندو. انهيءَ سان ئي اها خطرناڪ بيماري پيدا ٿيندي آهي. جنهن کي مٺا پيشاب/ذيابيطس (Diabetes) چيو ويندو آهي.
جيڪڏهن هڪ ماڻهو شگر يعني مٺن پيشابن (Diabetes) جو مريض ٿي وڃي. يعني ان جو جسماني نظام کنڊ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويهي ته ان جي لاءِ زندگي بي معنيٰ ٿي ويندي. اهو سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه رهندو. اهڙيءَ ريت جيڪو سماج ان مزاج کان خالي ٿي وڃي. يعني ان جا فرد ادنيٰ سلوڪ کي اعليٰ سلوڪ ۾ مٽائڻ جو ثبوت نه ڏئي سگهن، ته اهڙو سماج هڪ بيمار سماج آهي. اهڙي سماج کي درست ڪرڻ جي لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪائي تدبير نه آهي، ته منجهس ٻيهر اها صلاحيت پيدا ڪئي وڃي.
اڄ ڪلهه اسان جي سماج ۾ جيڪا بگاڙ ۽ ٽڪراءُ آهي. ان جو ڪارڻ اهو نه آهي، ته ماڻهن جي وچ ۾ تهذيبي فرق آهي. ان جو اصل سبب هيءُآهي ته اسان جي سماج جا فرد نفسياتي لحاظ کان ڊائبٽڪ ٿي ويا آهن. منجهن اها صلاحيت ناهي رهي آهي جو اهي کنڊ کي ”طاقت“ ۾ تبديل ڪري سگهن، اهي بي طاقتيءَ کي پنهنجي لاءِ طاقت بڻائين.
سماجي زندگيءَ ۾ سدائين ائين ٿيندو آهي جو ماڻهوءَ آڏو اڻ وڻندڙ تجربا ايندا آهن. هڪ شخص کي ٻئي شخص سان ڪا نه ڪا شڪايت ٿيندي آهي. ڪنهن جو مفاد ٻئي جي مفاد سان ٽڪرائبو آهي. هڪ شخص اهڙا لفظ ڳالهائيندو آهي، جنهن کي ٻڌي ٻيو محسوس ڪندو آهي، ته هو ان جي ذاتي يا قومي حيثيت کي نندي رهيو آهي. اهڙي قسم جا واقعا سماجي زندگيءَ ۾ لازمي پيش ايندا رهندا آهن. اسان جي لاءِ اهو ممڪن نه آهي، ته اسان اهڙن واقعن جي پيدا ٿيڻ کي روڪيون. اسان جي لاءِ جيڪا شيءِ ممڪن آهي، اها فقط هيءَ آهي ته اسان اهڙن واقعن مان ناڪاري اثر نه وٺون.
هڪ صحتمند ماڻهو پنهنجي اندر داخل ٿيندڙ کنڊ کي طاقت ۾ تبديل ڪندو آهي. اهو ئي تبديليءَ جو عمل نفسياتي طور تي گهربل آهي. هن دنيا ۾ بهتر سماجي زندگي ٺاهڻ جو راز فقط هيءُ آهي، ته ماڻهن کي شعوري لحاظ کان ان قابل بڻايو وڃي، ته اهي اڻ وڻندڙ واقعي کي وڻندڙ واقعي ۾ تبديل ڪري سگهن. اهي ڪاوڙ جي جواب ۾ معافي آڇين ۽ برائي ڪرڻ وارن کي سٺي سلوڪ جي سوکڙي ڏين.
موجوده سماج جا فرد نفسياتي لحاظ کان ڊائبٽڪ ٿي ويا آهن. انهن جي انهيءَ نفسياتي بيماريءَ جو علاج ڪريو ۽ پوءِ اوهان ڏسندؤ ته جيڪو سماج پاڻ اختلافن جو ڳڙهه بڻيل هو، اهو رنگ برنگي قسم جي وڻن ۽ ٻوٽن جو من موهيندڙ باغ بڻجي ويو آهي.

[b]تبديليءَ جو اصول
[/b]ڪائناتي نقشي يا نموني جو هڪ رخ هيءُ آهي ته هتان جو سڄو نظام، تبديلي (Conversion) جي اصول تي قائم آهي. هتي ڪنهن شيءِ جي افاديت جو معيار هي آهي، ته اها تبديليءَ جي اصول تي پوري لهي. مثلاً: هن دنيا ۾ انسان جي ساهه سان ۽ ٻين سببن جي ڪري گهڻي مقدار ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس پيدا ٿئي ٿي. وڻ ان کي پنهنجي اندر کڻندا آهن. وڻ جي اندر جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ داخل ٿيندي آهي، جيڪڏهن اهي ٻيهر ان کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي صورت ۾ ڪڍن، ته پوري فضا زهريلي ٿي وڃي. انسانن ۽ حيوانن جي لاءِ هن دنيا ۾ جيئرو رهڻ ناممڪن ٿيو پوي. پر وڻ ان ڪاربارن ڊاءِ آڪسائيڊ کي مخصوص عمل جي ذريعي آڪسيجن ۾ تبديل ڪندا آهن ۽ ان کي آڪسيجن جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍندا آهن. اهي ٻين کان زهريلي گئس وٺي، ٻين کي مفيد ۽ ڪارائتي گئس جو تحفو ڏيندا آهن.
اهڙيءَ ريت ڳئونءَ کي ڏسو. ڳئون ڄڻ قدرت جو ڪارخانو آهي. جيڪا گاهه کائيندي آهي ۽ ان کي کير جي صورت ۾ اسان کي موٽائي ڏيندي آهي. اها انسان جي لاءِ ناقابل خوراڪ شين کي خوراڪ جي قابل شين ۾ تبديل ڪرڻ جو قدرتي ڪارخانو آهي، جيڪڏهن ڳئون ائين ڪري ته اها گاهه کائي موٽ ۾ گاهه ڏيڻ لڳي، ته اها پنهنجي قيمت ۽ افاديت وڃائي ڇڏيندي.
تبديلي جو اهو اصول باقي دنيا ۾ به قائم آهي ۽ اهو ئي انسان کان به گهربل آهي. باقي دنيا جي صحيح ڪارڪردگيءَ جو راز هيءُ آهي ته اها تبديليءَ جي اصول تي ڪم ڪري رهي هجي. اهڙيءَ ريت بهتر زندگي ۽ ڪامياب انساني سماج اڏڻ جو راز به اهو ئي آهي، ته ان جا فرد ان صلاحيت جو ثبوت ڏئي سگهن، ته کين ”گاهه“ ملي ۽ ان کي ”کير“ جي صورت ۾ دنيا وارن ڏانهن موٽائي سگهن.
قرآن مقدس ۾ سچن انسانن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته:
وَ اِذَا مَا غَضِبُوۡا ہُمۡ یَغۡفِرُوۡنَ. (الشُّوۡرٰی: 37)
”۽ جنهن وقت ڪاوڙ ٿي اچين ته معاف ٿا ڪري ڇڏين.“
يعني ٻين کان کين اهڙي سلوڪ جو تجربو هوندو آهي، جيڪو سندن اندر ڪاوڙ ۽ بدلي جي باهه ڀڙڪائڻ وارو هجي، پر اهي ڪاوڙ ۾ بدلي جي باهه کي پنهنجي اندر ۾ وسائي ڇڏيندا آهن ۽ ٻئي شخص کي جيڪا شيءِ موٽائيندا آهن، اها معافي ۽ درگذر وارو سلوڪ هوندو آهي، نڪي ڪاوڙ ۽ بدلي وٺڻ جو سلوڪ.
قرآن شريف ۾ آهي ته:
وَ لَا تَسۡتَوِی الۡحَسَنَۃُ وَ لَا السَّیِّئَۃُ ؕ اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ فَاِذَا الَّذِیۡ
بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَہٗ عَدَاوَۃٌ کَاَنَّہٗ وَلِیٌّ حَمِیۡمٌ (حٰمٓ السَّجۡدَۃِ: 34)
”۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آهن. (بديءَ کي) ان (نيڪي) سان دفع ڪر، جا ڏاڍي چڱي آهي، پوءِ ان وقت اهو ماڻهو جنهن جي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ دشمني آهي، سو ڄڻ ته دوست مائٽيءَ وارو ٿيندو.
ان آيت جي باري ۾ حضرت علي سائين ؐ فرمايو ته:
امر لله المومنين بلصبر عندالغضب والحلم عند الجهل والعفو عندالاِساءۃ فاذا فعلوا ذالک عصمھم اللہ من الشیطان وخضع لھم عدوہم کانہ ولی حميم.
”الله، ايمان وارن کي حڪم ڏنو آهي، ته اهي ڪاوڙ مهل صبر ڪن. ڪو جهالت ڪري، ته ان کي برداشت ڪن. برائي ڪئي وڃي ته معافي ۽ درگذر جو طريقو اختيار ڪن. جڏهن اهي ائين ڪندا، ته الله انهن کي شيطان کان بچائيندو ۽ سندن دشمنن کي اهڙيءَ ريت جهڪائيندو جو اهي ان جا ويجهو دوست بڻجي وڃي.“
هيءَ اها ئي صفت آهي. جنهن کي اسان مٿي تبديليءَ سان ڀيٽيو آهي. خدا پرست ماڻهوءَ جي خدا پرستي، سندس اندر اهڙي صلاحيت پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، جو اها برائيءَ کي ڀلائيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي. جيڪي ماڻهو ان کي گار ڏين، اهي ان جي لاءِ دعا ڪن. جيڪي ماڻهو ان سان غير انساني سلوڪ ڪن، ان سان اهي انساني سلوڪ جو طريقو اختيار ڪري. جيڪي ماڻهو ان سان گٿو يا خراب ڳالهائين، اهي ان جو آڌرڀاءُ مٺن گفتن سان ڪن.
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سٺي سماج جي اڏاوت لاءِ اسان جي ڪوشش جو رخ ڪهڙو هئڻ گهرجي. اُهو هيءُ هجڻ گهرجي، ته اسان فردن منجهه ”تبديليءَ“ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. موجوده دنيا ۾ صالح سماج انهيءَ تبديليءَ جي ذريعي بنائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ نيڪ ۽ صالح سماج اڏڻ جو ٻيو ڪو به طريقو ناهي.

[b]هڪ مثال
[/b]سچن انسانن کي ماڻهن جي و چ ۾ ڪهڙيءَ ريت رهڻ گهرجي. ان جو بهترين ميڪنيڪل مثال ڪرنٽ جذب (Shock absorber) ڪرڻ جو آهي. ڪرنٽ جذب ڪرڻ جي لفظي معنيٰ آهي جهٽڪي کي برداشت ڪرڻ وارو. هي هڪ اوزار آهي، جيڪو موٽر ڪارن ۾ لڳايو ويندو آهي. ايڪسل ۽ باڊيءَ جي وچ ۾ هڪ قسم جي گدي جو ڪم ڪندو آهي. اهي روڊ جي سطح جي خراب هجڻ ڪري پيش ايندڙ جهٽڪن کي باڊيءَ تائين پهچڻ کان روڪيندو آهي.
A device which on an automobile, acts as a cushion between the axels and the body and reduces the shocks on the body produced by undulation of the roads surface (IX/159)
جيڪڏهن اوهان ٽريڪٽر تي 50 ڪلوميٽر جو سفر ڪندا، ته اوهان پنهنجي منزل تي اهڙي ريت پهچندا جو اوهان تمام گهڻا ٿڪل هوندا. ان جي ابتڙ جڏهن اوهان هڪ سٺي ڪار تي 50 ڪلوميٽر سفر ڪندا ته اوهان منزل تي اهڙيءَ ريت لهندا آهيو جو اوهان بلڪل تازا توانو هوندا آهيو.
ٻنهي گاڏين ۾ فرق جو ڪهڙو سبب آهي. ان فرق جو سبب جهٽڪن جذب ڪرڻ واري صلاحيت آهي. ڪار جڏهن هلندي آهي، ته اڪثر ان جو ڦيٿو هيٺ مٿي ٿيندو آهي. باڊي هيٺ مٿي نه ٿيندي آهي. ان جي ابتڙ جڏهن ٽريڪٽر هلندو آهي، ته ان جو ڦيٿو ۽ باڊي ٻئي هيٺ مٿي ٿيندا رهندا آهن. ٻين لفظن ۾ ڪار ان گاڏيءَ جو نالو آهي جو، جيڪو جهٽڪو گاڏيءَ کي آيو. اهو گاڏيءَ تائين رهجي ويو . اهو مسافرن تائين نه پهتو. ان جي ابتڙ ٽريڪٽر ان گاڏيءَ جو نالو آهي جو جيڪو جهٽڪو گاڏيءَ کي لڳو. اهو گاڏيءَ تائين محدود نه رهيو. بلڪه اهو مسافر تائين پهتو.
سچو انسان دنيا ۾ ڪار جيان جيئندو آهي، ۽ ڪوڙو انسان ٽريڪٽر وانگي رهندو آهي. سچي انسان جي سيني ۾ هڪ ”جهٽڪن برداشت ڪرڻ وارو اوزار هوندو آهي. جيڪو سڀني جهٽڪن ۽ صدمن پاڻ اندر سهندو ۽ برداشت ڪندو رهندو آهي. ان جي ابتڙ ڪوڙي انسان جي اندر ”جهٽڪن برداشت ڪرڻ وارو اوزار“ ناهي هوندو. اهو هر جهٽڪي کي ٻين تائين پهچائيندو رهندو آهي. سٺو سماج اڏڻو آهي، ته سٺا انسان تيار ڪريو. ڇو جو هي اصل ۾ ڪوڙا انسان ئي هوندا آهن، جيڪي سماج ۾ خرابي ۽ فساد برپا ڪري ڇڏيندا آهن.

[b]هڪ طرفو طريقو
[/b]دهليءَ جي هڪ انگريزي اخبار ۾ مون هڪ مضمون پڙهيو، جنهن جو عنوان هو، ”ٻه ـ طرفو طريقو، بهترين طريقو آهي.“ (Bilateralism is Best) يعني ٻن ڌرين جي وچ ۾ تڪرار هجي، ته ان جي حل ڪرڻ جو طريقو هيءُ آهي ته ٻئي ”اڌو اڌ“ تي راضي ٿين. پنجاهه سيڪڙو %50 ذميداري هڪ ڌر کڻي ۽ %50 ذميداري ٻي ڌر کڻي ۽ اهڙيءَ ريت معاملي کي ختم ڪيو وڃي.
اها ڳالهه گرامر جي لحاظ کان صحيح، پر حقيقت جي لحاظ کان بلڪل غلط آهي، ڇو جو موجوده دنيا ۾ اها عمل جي قابل ئي ناهي. هن دنيا ۾ ڪو به تڪرار ان وقت ئي ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن هڪ ڌر هڪ طرفي ٿي ان کي ختم ڪرڻ تي راضي ٿئي. ان لحاظ کان اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته هڪ طرفو طريقو بهترين طريقو آهي.
نبي ڪريم ﷺ جهيڙن ۽ شڪايتن کي ختم ڪرڻ جو اهو ئي طريقو ٻڌايو آهي.
حديث پاڪ ۾ ارشاد ٿيو آهي ته:
احسن الیٰ من اساءِ اليک
”جيڪو شخص توهان سان برو سلوڪ ڪري، ان سان سٺو سلوڪ ڪريو.“
يعني رد عمل جو طريقو اختيار نه ڪريو ۽ نڪي ان جو انتظار ڪريو ته ٻي ڌر %50 جهڪي ته توهان به %50 درگذر ڪريو. ان جي ابتڙ خدا پرست انسان جي لاءِ هي حڪم آهي، ته هو هڪ طرفو سهڻي سلوڪ جو طريقو اختيار ڪري. انهيءَ هڪ طرفي سهڻي اخلاق جو ٻيو نالو صبر آهي. ۽ انهيءَ صبر ۾ بهتر انساني سماج جو راز لڪل آهي.