اسلام جو ڪردار
اسلام جو تاريخي ڪردار ايڏو عظيم آهي جو هڪ مؤرخ ان کي سڀني معجزن جو معجزو چيو آهي. جن به علم وارن ان مسئلي جو اڻ ڌريو وسيع مطالعو ڪيو آهي. انهن غير معمولي انداز ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته انساني تاريخ ۾ اسلام، جو ڪردار ايڏو عظيم رهيو آهي جو ان جو ڪو ٻيو مثال ناهي.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، ته اسلام جي ظهور کان اڳ گذريل مڙني ڄاتل زمانن ۾ انسان ڪنهن به ميدان ۾ ڪا وڏي ترقي نه ڪري سگهيو. دنيا جون سڀ وڏيون وڏيون ترقيون اسلام کان پوءِ وجود ۾ آيون آهن. حقيقت هيءَ آهي ته اسلام جي وسيلي پهريون دفعو انساني ترقين جا اهي سڀ در کليا، جيڪي هزارن سالن کان بند پيا هئا.
هيءَ ڪا اتفاقي ڳالهه نه آهي. پر اها حقيقت آهي ته اسلام الله جو موڪليل اهو دين آهي، جيڪو اڄ به مڪمل طور تي پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهي. هي دين ڪائنات ۾ قائم ٿيل فطرت جي تمام وسيع نظام سان مڪمل مطابقت رکي ٿو. ڪائنات جي خالق اسلام جي شڪل ۾ اهي سڀ بنيادي اصول اسان کي ڏنا آهن. جيڪي خدا جي هن دنيا ۾ زندگيءَ جي تعمير ۽ ترقيءَ جي لاءِ صحيح بنياد جي حيثيت رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسلام اهو، صالح انقلاب، آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جيڪو هن وقت تائين ممڪن نه ٿيو هو.
اهو معاملو حقيقت ۾ صحيح نظريي ۽ غلط نظريي جو معاملو آهي. هن دنيا ۾ فقط ٻن قسمن جا نظريا ممڪن آهن. هڪ توحيد تي ٻڌل نظريو ۽ ٻيو شرڪ ۽ الحاد تي ٻڌل نظريو. پهريون بيان ڪيل نظريو حقيقي آهي ۽ ٻيو غير حقيقي. اسلام کان اڳ هزارين سالن کان دنيا ۾ زندگيءَ جو اڻ موحداڻو نظريو پکڙيل هو. ان غير حقيقي تصور انسانيت جي مٿان هر قسم جي ترقين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. اسلام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ڪيو جو عظيم جدوجهد جي نظريي، غير موحداڻي تصور جي مٿڀرائپ ختم ڪري ڇڏي ۽ ان جي جاءِ تي زندگيءَ جي حق پرست تصور کي فڪري ۽ عملي مٿڀرائپ ڏني. ان تاريخي انقلاب جو نتيجو اهو نڪتو جو انسان جي ترقيءَ لاءِ، اهي سڀ راهون کلي ويون، جيڪي ان وقت تائين بند پيون هيون.
ان اسلامي انقلاب جا ڪيترائي رخ آهن. ان جو تعلق انساني زندگيءَ جي تقريباََ سڀني شعبن سان آهي. هتي اسان ان جي فقط ڪجهه رخن جو نهايت مختصر ذڪر ڪنداسين، ته جيئن اسلام جي ان خاصيت جو اجمالي اندازو ٿي سگهي.
[b]مذهبي اصطلاح
[/b]مذهب انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. انسان پيدائشي طور تي هڪ مذهب چاهيندو آهي. پر اسلام کان اڳ اهو پنهنجي صحيح ۽ فطري شڪل ۾ انسان وٽ موجود نه هو. اسلام انسان کي صحيح ۽ فطري مذهب عطا ڪيو.
اسلام کان اڳ جيڪي مذهبي نظام دنيا ۾ موجود هئا، انهن جي مطابق انسان سڌو سنئون خدا تائين پهچي نه ٿي سگهيو. انسان جي لاءِ فقط اهو ممڪن هو، ته اهو مخصوص مذهبي طبقي يا فرض ڪيل مقرب شخصيتن جي واسطي ذريعي خدا سان پنهنجو رشتو قائم ڪري. اها صورتحال فطري گهرج جي ابتڙ هئي. ڇو جو انسان جي فطرت اهو چاهيندي آهي ته اهو بنا واسطي خدا سان ملي سگهي. اسلام ان فطري گهرج جي تڪميل ڪئي. قرآن مقدس ۾ اعلان ڪيو ويو ته:
وَ اِذَا سَاَلَکَ عِبَادِیۡ عَنِّیۡ فَاِنِّیۡ قَرِیۡبٌ ؕ اُجِیۡبُ دَعۡوَۃَ الدَّاعِ اِذَا دَعَانِ ۙ فَلۡیَسۡتَجِیۡبُوۡا لِیۡ
وَ لۡیُؤۡمِنُوۡا بِیۡ لَعَلَّہُمۡ یَرۡشُدُوۡنَ (البقرة: 186)
”۽ جڏهن منهنجا ٻانها توکان منهنجي باري ۾ پڇا ڪن ته بيشڪ آئون ويجهو آهيان. جڏهن (ڪو) مون کي سڏي ٿو. تڏهن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو. پوءِ گهرجي ته منهنجو حڪم قبول ڪن ۽ مون تي ايمان آڻين ته من اهي هدايت پائين.“
ساڳيو معاملو عبادتن جو آهي. قرآن پاڪ ۾ قديم عرب بابت چيو ويو آهي ته:
وَ مَا کَانَ صَلَاتُہُمۡ عِنۡدَ الۡبَیۡتِ اِلَّا مُکَآءً وَّ تَصۡدِیَۃً ؕفَذُوۡقُوا الۡعَذَابَ بِمَا کُنۡتُمۡ تَکۡفُرُوۡنَ (الانفال: 35)
”۽ سندن نماز الله جي گهر وٽ سيٽين ۽ تاڙين وڄائڻ کان سواءِ (ڪجهه) نه آهي. پوءِ اوهين جيڪو ڪفر پيا ڪريو، تنهن جي ڪري عذاب چکو.“
ان زماني ۾ سڄي مذهبي دنيا جو حال اهو هو، جو عبادت جي ظاهري ڍانچي کي، ان جي داخلي روح کان جدا ڪيو ويو هو. وڌيڪ خرابيءَ جي نتيجي ۾ عبادت جو ڍانچو به پنهنجي اصلي صورت ۾ باقي نه رهيو. اسلام عبادتن جي نظام کي ان جي اصل روح سان جيئرو ڪيو.
اهو ئي معاملو اخلاق جو هو، ڪجهه ڏيکاءُ ۽ نمائشي عادتن ۽ طور طريقن کي اخلاق سمجهيو ويو هو. اسلام اخلاقي نظام جي تڪميل ڪئي. اخلاق کي مڪمل حقيقي روح ۽ جذبي سان زندهه ڪيو.
پيغمبر اسلام ﷺ جي زندگيءَ جي صورت ۾ اخلاق جو هڪ جيئرو جاڳندو عملي نمونو قائم ڪيو. وڌيڪ هي ته اخلاق کي سماجي رويي ۽ سلوڪ کان مٿي کڻي، ان کي رباني سلوڪ جو درجو عطا ڪيو.
اهڙيءَ ريت اجتماعي ۽ سياسي نظام جي جوڙجڪ به اسلام جو نهايت اهم حصو آهي. اسلام کان اڳ سڄي دنيا ۾ بادشاهت جو نظام قائم هو. ان نظام تحت سياسي ۽ اجتماعي معاملا گهڻو ڪري هڪ حڪمران جي مرضيءَ جي تابع سمجهيا ويندا هئا. ان جي بدران اسلام اجتماعي ۽ سياسي معاملن کي خدا جي حڪم جي تابع ڪيو. انهيءَ سان گڏوگڏ رسول ﷺ اسلام ۽ سندن اصحابن سڳورن اجتماعي معاملن ۽ رياستي نظام جو هڪ صالح نمونو قائم ڪيو، جيڪو ماڻهن جي لاءِ عملي نموني جو ڪم ڏيندو رهيو.
اسلام هڪ پاسي انهن ڳالهين جي اصلاح ڪئي جيڪي نج مذهبي معاملا سمجهيا ويندا آهن. ٻئي پاسي زندگيءَ جي باقي معاملن کي مذهب جي صالح اصولن جي بنياد تي قائم ڪيو. اهڙيءَ ريت اسلام انسان جي سڄيءَ زندگيءَ کي خدا جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. هاڻ سڄي انساني زندگي، پنهنجي سڀني شعبن سان گڏ، خدا جي عبادت بڻجي وئي.
[b]سيڪيولر علمن جو بنياد آزاداڻي کوجنا (تحقيق) تي قائم ڪرڻ
[/b]نبي ڪريم ﷺجن مڪي ۾ ڄاوا. جتي کجين جا وڻ نه هوندا هئا. نبوت جي تيرهين سال پاڻ سڳورا ﷺ اتان کان هجرت ڪري مديني ۾ آيا. مديني ۾ کوڙ سارا کجين جا وڻ هئا . هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا ﷺ شهر کان ٻاهر گهمي رهيا هئا. پاڻ ڏٺائون ته ڪجهه ماڻهو کجين جي وڻن تي چڙهيا بيٺا آهن. اهي ماڻهو ان وقت اهو ڪم ڪري رهيا هئا، جنهن کي عربيءَ ۾ ‘تابير’ يا ‘تلقيح’ چيو ويندو آهي. يعني هٿراڌو زرخيزي (Pollination). انهن ماڻهن نبي سائين ﷺ جي پڇڻ تي ٻڌايو ته اسان هيئن هيئن ڪريون پيا. پاڻ سڳورن ﷺ قياس جي بنياد تي هڪ ڳالهه چئي. جنهن جو مطلب انهن هي سمجهيو ته پاڻ سڳورا ﷺ ان عمل کان منع فرمائي رهيا آهن. تنهنڪري انهن ماڻهن تلقيح (زرخيزي) جي ان عمل کي ڇڏي ڏنو.
ان جو نتيجو اهو نڪتو جو انهيءَ سال کارڪن جو فصل گهٽ لٿو ۽ جيڪو لٿو، اهو به خراب هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن پچيو ته هن سال کارڪن جو فصل ڇو خراب ۽ گهٽ لٿو آهي. ماڻهن ٻڌايو ته اسان جي تجربي جي مطابق، سڄي فصل جو داورمدار انهيءَ عمل تي ٿيندو آهي. جيڪو اسان ڪري رهيا هئاسين ۽ اوهان ان کان منع فرمائي. پيغمبر سڳوري ﷺ اهو ٻڌي فرمايو ته، جيڪو توهان ڪري رهيا هئا، اهو ڪريو. ڇو جو توهان پنهنجي دنيا جي معاملن کي مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا.
انتم اعلم با مر دنيا کم. (مسلم 15/118)
اها هڪ بيحد اهم رهنمائي هئي، جيڪا تاريخ ۾ پهريون دفعو پيغمبر پاڪ ﷺ جاري فرمائي. ان رهنمائيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو سائنسي کوجنا ۽ فطرت جي رازن جي ڳولا جو اهو سلسلو انسانن جي وچ ۾ لکيل انداز ۾ جاري ٿي ويو، جيڪو هزارن سالن کان رڪيل هو.
قديم زماني ۾ علمي تحقيق جي حيثيت آزاد شعبي واري نه هئي. ان زماني ۾ علمي تحقيق کي مذهبي عقيدن ۽ رسمن جي تابع بڻايو ويو هو. ڪائي علمي کوجنا انهيءَ وقت صحيح سمجهي ويندي هئي. جڏهن اها رائج عقيدن ۽ رسمن سان هڪجهڙائي رکندي هئي. جيڪڏهن اها ان جي مطابق نه هوندي هئي، ته بنا بحث جي ان کي رد ڪيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو قديم زماني ۾ هزارن سالن تائين علمي تحقيق جو ڪم پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ بيٺل رهيو ۽ اڳتي وڌي نه سگهيو.
نبي ڪريم ﷺ جي ذڪر ڪيل انقلابي اعلان کان پوءِ تاريخ ۾ هڪ نئون دور آيو. هاڻي نه رڳو باغباني، زراعت ۽ فطرت جي علمن جي هر شعبي ۾ آزاداڻي تحقيق ٿيڻ لڳي پر هر علم بنا ڪنهن جهل پل جي ترقي ڪرڻ لڳو.
اهو ئي سبب آهي جو اسان جڏهن اهو ڏسون ٿا ته ان زماني جي مسلمانن زراعت ۽ باغبانيءَ جا نوان نوان طريقا ڳولي لڌا. انهن صنعت ۽ تعمير يعني اڏاوت جي ميدان ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. آپريشن کان وٺي جنگ تائين هر شعبي ۾ نوان نوان اوزار ٺاهيا. آزاداڻي تحقيق جي اها لهر وڌندي رهي. ايتري تائين جو صدين جي عمل جي دوران اها سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي. اهو ئي اهو تاريخي عمل آهي جيڪو ترقي ڪندو، هن نئين دور تائين پهتو آهي. جنهن کي اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور چئون ٿا.
[b]عقيدي ۽ ماديات جو جدا جدا هجڻ
[/b]پيغبر اسلام ﷺ مذهبن جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو ته پاڻ سڳورن ﷺ عقيدي کي ماديات کان الڳ ڪري ڇڏيو. مذهبي عقيدي جو بنياد رسول الله ﷺ جن خدائي شريعت تي رکيو ۽ مادي شعبن جي باري ۾ انسان کي آزادي ڏئي ڇڏي، ته توهان سائنسي انداز ۾ ان تي تحقيق ڪريو ۽ تحقيق جي ذريعي جيڪا ڳالهه ثابت ٿئي، ان کي اختيار ڪريو.
مقدس عقيدي کي مادي شعبن کان الڳ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. اهو حقيقت ۾ مادي ترقيءَ جي عمل ۾ آيل رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ جي برابر هو. ان جو مطلب اهو هو ته زراعت ۽ باغباني جهڙا شعبا فطرت جي قانون تحت آهن، نڪي شريعت جي قانون تحت. انساني زندگيءَ جي جوڙجڪ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي شرعي قانون جي تحت هئڻ گهرجي. پر زراعت، باغباني، انجنيئرنگ، اڏاوت، مشين سازي ۽ ڪارخانا سازي ۽ ان قسم جا ٻيا مادي شعبا جيڪي فطرت جي قانون تي ٻڌل آهن، انهن کي اهڙيءَ ريت قائم ڪيو ويندو، جو ان بابت آزاداڻي تحقيق ڪئي ويندي ۽ تجربا ڪيا ويندا. آزاد تحقيق ۽ تجربن جي ذريعي جيڪو طريقو ڪارائتو ثابت ٿئي، ان کي صحيح سمجهي اختيار ڪيو وڃي.
مادي شعبن جي تعمير ۽ ترقيءَ جي لاءِ اهو ئي واحد ڪارگر اصول آهي. موجوده دنيا ۾ ڪامياب زندگيءَ جي تعمير جي لاءِ صحيح طريقو هيءُ آهي، ته مذهب کي ذاتي عقيدي جي شيءِ مڃيو وڃي. هر ماڻهوءَ کي آزادي هجي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پنهنجي پسنديده مذهب جي مطابق بڻائي. جيڪڏهن ڪنهن سماج ۾ سڀئي ماڻهو هڪ مذهب جا مڃيندڙ هجن ته اتي قانون، اقتصاديات ۽ سياست جي شعبن کي به مذهب جي دائري ۾ آڻڻ ممڪن ٿي پوندو.
پر جيتري قدر مادي شعبي جو تعلق آهي، ان ۾ مذهبي عقيدي جو ڪو دخل نه هوندو. مثلاً: زميني ذخيرن جو استعمال، شهري رٿا بندي، رستن ۽ پلين جي اڏاوت. ڪارخانا لڳائڻ ۽ رابطي جو نظام قائم ڪرڻ. سفر جي لاءِ سوارين جو انتظام ڪرڻ، ان قسم جون سڀ شيون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان تعلق رکن ٿيون. نڪي مذهبي عقيدي سان.
ڪو شخص جيڪڏهن سرسوتي کي علم جي ديوي مڃي ٿو ته پنهنجي گهر ۾ ان جي پرارٿنا (پوڄا) ڪري سگهي ٿو. پر تعليمي ادارن ۾ ان جي پوڄا ڪرڻ ڪا فائدي واري ڳالهه نه آهي. اهو ايئن ئي آهي، جيئن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ”غريبي ختم ڪيو، غريبي ختم ڪيو“ جي ٽيپ وڄائي ڪو شخص اهو سمجهي ته ملڪ مان غريبي ختم ٿي ويندي. دنيا ۾ جن ملڪن علم جي ميدان ۾ وڏيون وڏيون ترقيون ڪيون آهن. انهن مان ڪو به ملڪ اهڙو نه آهي، جيڪو علم جي ديويءَ جا گيت ڳائي ترقي يافته بڻجي ويو هجي. هر هڪ نج سيڪيولر انداز ۾ پنهنجو تعليمي پروگرام ٺاهيو. هنن مڪمل طور تي تعليم جي روشنيءَ ۾ پنهنجا منصوبا جوڙي اها ڪاميابي حاصل ڪئي، ان قسم جي شعبن ۾ مذهبي عقيدي جو دخل ڏيڻ، فقط انهيءَ قيمت تي ٿيندو جو پاڻ کي گهربل ترقي بلڪل حاصل ٿي نه سگهي.
[b]وهمن ۽ وسوسن جو انت/ خاتمو
[/b]صحيح البخاري ۽ حديث جي ٻين ڪتابن ۾ هڪ روايت آئي آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته مدني دور ۾ هڪ دفعو سج گرهڻ جو واقعو پيش آيو. اتفاق سان انهيءَ ڏينهن نبي ڪريم ﷺ جي ننڍڙي پٽ ابراهيم وفات ڪئي. جيئن ته ان زماني ۾ گرهڻ جي باري ۾ هڪ عقيدو اهو هو ته وڏن ماڻهن جي موت تي سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري اتان جي ماڻهن اهو چوڻ شروع ڪيو، ته اڄوڪي ڏينهن جيئن ته پيغمبر جي صاحبزادي جي وفات ٿي آهي، انهيءَ ڪري هي سج گرهڻ ٿي آهي.
الله جي رسول ﷺ کي جڏهن ان جو اطلاع مليو ته پاڻ سڳورن ﷺ هڪدم مديني جي مسجد ۾ پهتا. پاڻ ﷺجن اتي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ پوءِ فرمايائون ته سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ ڪنهن جي موت يا زندگيءَ جي ڪري نه ٿيندي آهي. بلڪه اهي خدا جي نشانين مان ٻه نشانيون آهن. پوءِ جڏهن توهان سج گرهڻ يا چنڊ گرهڻ ڏسو ته عبادت ڪريو ۽ الله کان دعا گهرو. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن مسجد ۾ جماعت سان گڏ ڊگهي نماز ادا ڪئي ۽ دعا فرمائي. (صحيح البخاري: ڪتاب الڪسوف)
اها ڪا عام ڳالهه نه هئي. اهو هڪ انقلابي اعلان هو. جيڪو تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪيو ويو. پراڻي زماني ۾ هزارن سالن کان وهمي فڪرن جو غلبو هو. انهن مان هڪ اهو هو ته سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جي باري ۾ عجيب قسم جا بي بنياد نظريا رائج هئا. ڪجهه ماڻهو اهو سمجهندا ها ته آسمان ۾ هڪ وڏو اجگر آهي. اهو ڪاوڙ ۾ اچي سج ۽ چنڊ کي ڳهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان سان گرهڻ ٿي پوندي آهي. ڪي وري اهو سمجهندا هئا ته جڏهن ڪو وڏو ماڻهو مرندو آهي ته ان جي اثر ڪري سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي.
پيغمبر اسلام ﷺ پهريون ڀيرو انسان کي هيءُ ٻڌايو ته سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جو انهن وهمي نظرين سان ڪو به واسطو نه آهي. اهي فقط فطرت جا مظهر (ڏيک) آهن ۽ اهي ڄاتل فلڪياتي قانونن جي تحت واقع ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت پيغمبر سڳوري ﷺ انسان کي وهم ۽ وسوسي واري فڪر جي دور کان ڪڍيو ۽ ان کي سائنسي فڪر جي دور ۾ داخل ڪيو. ان کان پوءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ممڪن ٿيو جو فطرت جي مظهرن تي سائنسي انداز ۾ غور ۽ ويچار ڪيو وڃي ۽ فرضي قياسن جي بدران حقيقي سببن جي روشنيءَ ۾ نظريا قائم ڪيا وڃن.
انهيءَ انقلابي رهنمائيءَ جو نتيجو هو، جو مسلمانن جي وچ ۾ اهي بيشمار وهم ۽ وسوسا نه پکڙيا، جيڪي هزارن سالن کان دنيا ۾ هلندا پيا اچن.
ان جي نتيجي ۾ سڀ کان پهريائين اهو ٿيو جو مسلم سماج حقيقت پسند سماج بڻجي ويو. ان کان پوءِ جڏهن مسلمان عرب کان نڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ويا، ته اهو غير وهمي فڪر هر هنڌ پکڙجي ويو. اهو تاريخي عمل مسلسل جاري رهيو. ايتري تائين جو موجوده دنيا ۾ اها شيءِ ظهور ۾ آئي، جنهن کي سائنسي فڪري انداز چيو وڃي ٿو ۽ جيڪو سڀني علمي ۾ مادي ترقين جو بنياد آهي.
[b]علم جي عمومي اشاعت
[/b]اسلام کان اڳ ڪنهن به زماني ۾ علم جي عمومي اشاعت نه ٿي سگهي. قديم زماني جي سڄي ڄاتل تاريخ علم جي عمومي اشاعت کان خالي آهي. ان زماني ۾ مختلف مقامن تي ڪجهه اهڙا فرد ضرور پيدا ٿيا، جن علمي تحقيق ۾ دلچسپي ورتي. مثلاً: يونان، مصر، شام، انڊيا، چين وغيره. انهن پنهنجي علمي کوجنائن کي ڪتابن جي صورت ۾ قلم بند ڪيو. پر اهي ڪتاب عمومي طور تي ڦهلجي نه سگهيا. اهي انفرادي دائري ۾ محدود ٿي ويا.
ان جو سبب هيءُ آهي ته قديم زماني ۾ مذهب ۽ ثقافت جو، جيڪو ڍانچو هو، اهو مڪمل طور تي وهمي روايتن تي ٻڌل هو. هر قوم وهمي عقيدن ۾ زندگي گذاري رهي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو علمي تحقيق کان ڊڄندا هئا. اهي شعوري يا غير شعوري طور تي اهو سمجهندا هئا، ته جيڪڏهن ڪا نئين تحقيق آڏو آئي ته ان سان وهمي ڍانچو ٽٽي ويندو. انهيءَ سبب جي ڪري اهي علمي جستجو ۽ ڳولا جا سخت مخالف بڻيا رهيا.
اسلام جي هڪ خصوصيت هيءَ آهي ته هن مذهب کي، وهمي جزن کان پاڪ ڪيو. هن مذهب کي وهمن جي بدران فطرت جي اٽل قانونن تي قائم ڪيو. ان مذهبي انقلاب اسلام وارن کي ان ذهني پيچيدگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ اڳيان ماڻهو مبتلا رهندا هئا. هاڻي ان کي اهو خطرو نه رهيو ته ڪائي علمي دريافت سندن مذهب کي غلط ثابت ڪري ڇڏيندي. هو ان يقين ۾ جيئندا هئا ته هر علمي دريافت اسلام جي مطابق ثابت ٿيندي، ڇو جو، جيڪو اسلام آهي. اها ئي فطرت آهي ۽ جيڪا فطرت آهي، اهو ئي اسلام آهي.
ان يقين اسلام وارن (مسلمانن) کي ان تي آماده ڪيو ته اهي سڄي دنيا جا علم حاصل ڪن. ان مقصد تحت هر هنڌ جي علمي ڪتابن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ وڏا وڏا مرڪز قائم ٿيا. انهن مان بغداد جو بيت الحڪمت (830ع) ۽ قاهره جو دارالحڪمت (1005ع) گهڻا مشهور آهن. ان زماني ۾ سڄيءَ دنيا جي علمي ڪتابن مان استفادو ڪرڻ هڪ عمومي تحريڪ بڻجي ويو. امير ۽ حاڪم ڳريون ڳريون رقمون خرچ ڪري پنهنجا وفد دنيا جي مختلف شهرن ڏانهن موڪليا ۽ اهي علمي ذخيرا جيڪي گهرن ۽ ڪتب خانن ۾ بند پيا هئا، انهن کي حاصل ڪري، انهن جا ترجما عربي ٻوليءَ ۾ ڪرايا.
اهڙيءَ ريت اهي قديم علم پهريان مسلمانن ۾ پکڙيا. ان کان پوءِ اهي علم مسلمانن جي پيش قدميءَ سان ٻين ملڪن ۾ داخل ٿيا. ايتري تائين جو مسلمانن جڏهن اسپين ۾ سلطنت قائم ڪئي، ته اهي عربي ڪتاب لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت اهي علم آفريقا، ايشيا ۽ يورپ جي سڄي آباد دنيا ۾ پکڙجي ويا.
[b]ڏاڍ جو خاتمو ۽ آزاديءَ جي شروعات
[/b]قديم زماني ۾ سڄي دنيا ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر جو نظام هو. هر ملڪ ۾ نسلي بادشاهيءَ جو رواج هو. بادشاهه پنهنجي حڪومت کي مضبوط رکڻ جي لاءِ ڏاڍ جي فضا کي قائم رکڻ ضروري سمجهندا هئا. انهيءَ ڪري اهي انساني آزاديءَ جي تصور کي فروغ ڏيڻ ۾ مستقل رنڊڪ بڻيل هئا. ان زماني ۾ هر هنڌ اهو ماحول قائم هو ته سوچڻ حڪمرانن جو ڪم آهي. باقي ماڻهن جو ڪم فقط هيءُ آهي ته اهي تابعداريءَ جي زندگيءَ تي خوش رهن.
علمي ۽ فڪري ترقي سدائين آزاديءَ جي ماحول ۾ ٿيندي آهي. تنهنڪري ان ڏاڍ واري نظام جي تحت انسان جي علمي ۽ فڪري ارتقا به مسلسل رڪيل رهي. مثال طور: رومن شهنشاهيت دنيا جي وڏي حصي تي ٻن هزار سالن تائين حڪومت ڪئي. ان بادشاهت جي پکيڙ يورپ، ايشيا ۽ آفريقا جي اڪثر آباد حصي تي مشتمل هئي، پر پوءِ به ٻن هزار سالن جي ان ڊگهي عرصي ۾ ڪا به ذڪر جي قابل علمي ۽ فڪري ارتقا ممڪن نه ٿي سگهي.
اسلام ان ڏاڍ واري نظام جي خلاف تحريڪ شروع ڪئي. اهو آواز وقت جي حڪمرانن کي پسند نه آيو. انهيءَ ڪري پهرين ئي دور ۾ اسلام وارن جو مقابلو ان زماني جي سڀ کان وڏين ٻن بادشاهين رومن ۽ ساساني بادشاهت سان ٿيو هو اهو. مقابلو ظلم ۽ ڏاڍ جي حدتائين پهتو. اهو مقابلو نيٺ اسلام وارن کٽيو ۽ اهي ٻئي بادشاهتون ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ساٿاري حڪومتون به هميشه لاءِ سياست جي دنيا مان ميسارجي ويون. مؤرخن عام طور تي اهو مڃيو آهي ته اسلام جيڪڏهن رومي سلطنت ۽ ساساني شهنشاهيت کي ختم نه ڪري ها، ته انساني تاريخ ۾ آزاديءَ جو دور ڪڏهن به نه اچي ها.
اسلام جو آندل آزاديءَ جو اهو انقلاب به هڪ تاريخي عمل جي صورت ۾ قومن جي وچ ۾ جاري رهيو. فطرت جي قانون مطابق، ان تي مختلف لاها چاڙها ايندا رهيا، پر ڪا به شيءِ ان عمل کي روڪي نه سگهي. انساني آزاديءَ جو اهو سلسلو مسلسل اڳتي وڌندو رهيو. ايتري تائين جو ويهين صديءَ ۾ اهو پنهنجي تڪميل تي رسيو. هاڻي مختلف سبب جي تحت، انساني آزادي هڪ اهڙو مڃيل اصول آهي. جنهن جو انڪار ڪرڻ ڪنهن لاءِ ممڪن نه آهي.
[b]اخلاقيات جو مڪمل ٿيڻ
[/b]رسول الله ﷺجن فرمايو ته:
بعثت لاتمم حسن الاخلاق (موطا امام مالڪ: 65)
”مون کي سٺن اخلاقن جي تڪميل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.“
اها ڳالهه ڪا سادي نه آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته انساني سماج ۾ پهريو دفعو، جنهن اخلاق جو حقيقي نظام قائم ڪيو ويو، اهو اسلام ئي هو. اسلام پهريون ڀيرو اخلاقيات جي لاءِ بنياد هڪو ڪيو.
پراڻي زماني ۾ اخلاق جو ڪو گهڻو معيار قائم نه هو. ان جو سبب اهو آهي ته اخلاق جي لاءِ هڪ مددگار نظريو گهربل هوندوآهي ۽ پراڻي زماني ۾ اخلاق جي حق ۾ ڪو مؤثر قسم جو اخلاقي نظريو موجود نه هو.
يوناني فلسفين اهو چيو هو ته زندگي ابتدا ۾ نباتات جي صورت ۾ جنم ورتو. ان کان پوءِ اها حيوانات جي دور ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ انسان جي صورت ۾ تڪميل تائين پهتي. ان نظريي کي موجوده زماني ۾ چارلس ڊارون وڌيڪ سائنٽيفڪ انداز ۾ پيش ڪيو. جنهن کي حياتياتي (زندگيءَ جي) ارتقا جو نظريو چيو وڃي ٿو. انهيءَ نظريي تحت انسان جي حيثيت، محترم ۽ مانائتي حيثيت نه ٿي رهي. هو ائين ئي ٿي وڃي ٿو، جيئن ڪو وڻ يا حيوان. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ انسان جي اندر، ٻئي انسان جي لاءِ اعليٰ اخلاقي جذبا پيدا نٿا ٿي سگهن.
ٻيو نظريو اهو هو. جنهن کي هندستان ۾ آواگون (ٻيو جنم) چيو وڃي ٿو. ان جي مطابق هر انسان پنهنجي اڳين جنم جو نتيجو ماڻي رهيو آهي. يعني هو جهڙو آهي، ان کي پنهنجي پوئين جنم جي مطابق هجڻ گهرجي. ان نظريي ۾ به رحم جو جذبو ختم ٿي وڃي ٿو. جيڪو اخلاقيات جو لازمي بنياد آهي.
ٽيون نظريو، جيڪو تاريخ جي هر دور ۾ رائج رهيو آهي، اهو آهي ته زندگي فقط هن ئي دنيا جي زندگي آهي. جڏهن ڪو مرندو ته انهيءَ وقت هو هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندو آهي. هيءُ نظريو به اخلاقيات جي لاءِ ڪو مؤثر بنياد نه آهي. ان قسم جو نظريو، فقط اها شيءِ پيدا ڪري سگهي ٿو. جنهن کي استحصال (Exploitation) يعني ڏاڍ چيو وڃي ٿو.
اسلام انهن سڀني جي بدران پڇاڻي (Accountability) جو تصور ڏنو، جيڪو اخلاق جي حق ۾ يقيني طور تي هڪ مددگار نظريي جي حيثيت رکي ٿو. اسلام ٻڌايو ته انسان مرڻ کان پوءِ الله جي عدالت ۾ پيش ٿيندو ۽ اتي پنهنجي موجوده اخلاقي عمل جي مطابق کيس سزا يا جزا ملندي. هيءُ نظريو اخلاق جي حق ۾ هڪ سگهاري محرڪ (سبب) جي حيثيت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسلامي انقلاب کان پوءِ جيڪو اخلاقي سماج جڙيو، اهڙو سماج ان کان اڳ هن دنيا ۾ ڪڏهن ڪو نه بڻيو هو.
[b]امن ۽ سلامتي ذريعي جدوجهد جي تعليم
[/b]آڳاٽي زماني ۾ ڪنهن وڏي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ انسان رڳو هڪ ئي طريقو ڄاڻيندو هو ۽ اهو هو هٿياربند جدوجهد. اسلام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پُرامن جدوجهد جو تصور رائج ڪيو ۽ ان جو هڪ ڪامياب عملي مثال به تاريخ ۾ قائم ڪيو. جيڪو هميشه ماڻهن لاءِ هڪ نموني جو ڪم ڏئي.
قرآن ڪريم ۾ پيغمبر اسلام ﷺ کي حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته:
وجاهدهم به جهادا کبيرا (الفرقان: 52)
”۽ هن قرآن وسيلي ساڻن وڏو جهاد ڪر.“
قرآن هڪ ڪتاب آهي نڪي ڪا تلوار. انهيءَ ڪري ان حڪم جو مطلب اهو ئي ٿي سگهي ٿو توهان پنهجي جدوجهد جي لاءِ امن وارو طريقو (Peaceful method) اختيار ڪريو.بغير سختي ۽ بغير تشدد وارن وسيلن کي ڪم آڻيندي پنهنجي مشن کي ڪاميابي تائين پهچايو.
انهيءَ ڳالهه کي قرآن مجيد ۾ ٻئي هنڌ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ (العصر: 3)
”۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهيا.“
يعني حق جي لاءِ صبر ڪندي جدوجهد ڪريو. ٻين لفظن ۾ ان مان مراد امن واري جدوجهد آهي. ڇو جو صبر کان سواءِ امن واري جدوجهد نه ٿي سگهي.
اهائي ڳالهه حديث ۾ به مختلف انداز ۾ ٻڌائي وئي آهي. مثلاً: صحيح البخاري جي هڪ روايت جي مطابق پيغمبر سڳوري ﷺ جن فرمايو ته:
ان الله يعطی علٰی الرفق مالا یعطی علیٰ العنف۔
”الله تعاليٰ جيڪا شيءِ (ڀلائي) نرمي ڪرڻ تي عطا ڪري ٿو، اها سختي ڪرڻ تي عطا نٿو ڪري.“
جيڪڏهن لفظ ڦيرائي يا تبديل ڪري ڏٺو وڃي ته اها بلڪل اها ئي شيءِ آهي جنهن کي اڄوڪي دور ۾ ”عدم تشدد جي تحريڪ (Non-violent activism) يا ”پرامن تحريڪ“ (Peaceful activtion) چيو وڃي ٿو.
نبي ڪريم ﷺ پنهنجو مشن بلڪل انهيءَ اصول تي هلايو ۽ ان کي مڪمل تڪميل تي پهچايو. پاڻ سڳورن ﷺ جي سيرت جو انهيءَ نقطه نظر سان مطالعو ڪيو وڃي نبي ڪريم ﷺ جن جي امن واري جدوجهد جا سڀ اصول ڪاميابيءَ سان ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. انهن منجهان ڪجهه نمايان اصول هي آهن:
(1) تحريڪ جي شروعات دعوت سان ڪرڻ، نڪي عملي قدم سان. (رسالت جو شروعاتي دور)
(2) فيصلي واري مرحلي ۾ پهچڻ کان اڳ عملي برائين کي سهڻ. (ڪعبي ۾ بت)
(3) ٻيءَ ڌر جي زيادتي جي باوجود صبر ڪرڻ. (مڪي دور)
(4) جنگي ٽڪراءُ کي آخري حد تائين ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ (غزوه خندق)
(5) جهيڙي ۽ تڪرار کان پنهنجو پاڻ کي پري رکڻ. (هجرت)
(6) فقط بچاءَ ۾ وڙهڻ. اهو به ان وقت، جڏهن ڪو ٻيو دڳ ۽ وسيلو نه رهي. (احد ۽ حنين)
(7) وک کڻڻ ۾ خاموشيءَ جو طريقو اختيار ڪرڻ. (مڪي ڏانهن هلڻ)
(8) جنگ ٿي پوي ته هر قيمت تي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ. (صلح حديبيه)
(9) قابو ڪرڻ جي باوجود، دشمن کي معاف ڪري ڇڏڻ ۽ ان کي پنهنجو ساٿي بنائڻ. (فتح مڪه)
(10) مسئلن کي نظرانداز ڪندي. موقعن کي استعمال ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ.
رسول الله ﷺجن فقط 23 سالن جي عرصي ۾ سڄي عرب ۾ هڪ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو. انهيءَ جدوجهد جي دوران مخالف ڌر 80 کان وڌيڪ ڀيرا پاڻ سڳورن ﷺ کي جنگين ۾ ڦاسائڻ چاهيو. پر پاڻ سائين ﷺ جن جي امن واري پاليسيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو عملي طور تي فقط ٽي ڀيرا (بدر، احد ۽ حنين) فقط اڌـ اڌ ڏينهن جي لاءِ باقاعده جنگ لڳي. اها به ضروري بچاءَ جي طور تي، ان سڄي عرصي ۾ ٻنهي طرفن کان 150 کان به گهٽ ماڻهو ماريا ويا. اهو مڪمل طور تي غير خوني انقلاب (Bloodless Revolution) هو.
انهيءَ انقلاب جي نتيجي ۾ هڪ عمل (Process) جاري ٿيو. جيڪو تاريخ ۾ ساندهه سفر ڪندو رهيو. اسلام جي آندل ٻين تبديلين جيان اسلام جو هي امن ڀريو انقلاب به عمل جي روپ ۾ تاريخ ۾ جاري رهيو. موجوده زماني ۾ انهيءَ تصور، ”امن“ جي نالي سان هڪ مستقل سماجي نظريي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. ان ۾ ڪانٽ، سيموئيل، ڪالون کان وٺي مهاتما گانڌيءَ تائين، ڪيترن ئي شخصيتن جا نالا شامل آهن.
پر جيتري قدر ان جي عملي ڪاميابيءَ جو تعلق آهي، ان جو ڪو به ٻيو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. مثال طور: هندستان جو گانڌي وارو انقلاب (1947ع) عدم تشدد (Non-violence) جي ذريعي وجود ۾ آيو. پر ان انقلاب هندستاني سماج اندر گهڻو ڪري ڪا هاڪاري تبديلي ڪو نه آندي. جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو فقط هي ته انگريزن بدران ڪجهه هندستاني فرد حڪومت تي قابض ٿي ويا. اهڙيءَ ريت ڏکڻ آفريڪا جو تازو انقلاب به سماجي معنيٰ ۾ اتي ڪا صالح تبديلي نه آڻي سگهيو. ان جي نتيجي ۾ ٻيهر جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو فقط هيءُ ٿيو ته ملڪ ۾ گورن بدران ڪجهه ڪارا حڪومت جي منصب تي قابض ٿي ويا.
[b]جمهوري دور جي ابتدا
[/b]اسلام کان اڳ سڄي دنيا ۾ بادشاهت جو راڄ هو. اهو سياسي رواج هزارن سالن کان هلي رهيو هو. ان نظام هيٺ فقط شاهي خاندان مڙني اختيارن جو ڌڻي هوندو هو. عوام جي حيثيت فقط رعيت جي هئي، نڪي حقيقي معنيٰ ۾ آزاد شهريءَ جي. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جو سياسي تاريخ جو ڪو به شاگرد، ان کان اڻ سونهون نه آهي.
اسلام پهريون ڀيرو قومي زندگيءَ ۾ جمهوريت جي ابتدا ڪئي. جنهن کي قرآن جي ٻوليءَ ۾ ‘شورائيت’ چيو ويندو آهي. اها جمهوري تعليم قرآن پاڪ ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪئي وئي آهي.
اَمۡرُہُمۡ شُوۡرٰی بَیۡنَہُمۡ (الشوريٰ: 38)
”۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح مشوري سان آهي.“
يعني انهن جي اجتماعي ۽ سياسي معاملن جو فيصلو پاڻ ۾ مشوري سان ڪيو ويندو آهي.
اوائلي انساني اتهاس (تاريخ) ۾ اسلام پهريون ڀيرو اها سياسي روايت قائم ڪئي، ته پاڻ سڳورن ﷺ جي وصال کان پوءِ خليفي جي مقرري نسلي بنياد تي نه ڪئي وئي، بلڪه عوام جي راءِ سان ڪئي وئي، اسلام جي پهرين دور ۾ چارئي خليفا سڳورا انهيءَ جمهوري انداز ۾چونڊيا ويا. اهڙيءَ طرح اسلام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نسلي بادشاهت جي بدران عوامي جمهوريت جو اصول دنيا ۾ قائم ڪيو.
پوءِ جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ اهو جمهوري اصول پنهنجي معياري صورت ۾ رائج نه رهي سگهيو. پر اسلامي انقلاب جي اثر سان اها فضا دائم ۽ قائم رهي ته ڪنهن سلطان جي لاءِ اهو ممڪن نه ٿي سگهيو، ته اهو پراڻي دور جو مطلق العنان (خودمختيار يا بي مهار) بادشاهه بڻجي وڃي. بنو اميه جي دور ۾ سليمان بن عبدالملڪ پنهنجي ذاتي فيصلي جي تحت شاهي خاندان جي هڪ فرد حضرت عمر بن عبدالعزيز کي خليفو چونڊيو. جڏهن حضرت عمر بن عبدالعزيز کي فرمان مليو ته هن دمشق جي وسيع ۽ ڪشادي مسجد ۾ ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ اهو اعلان ڪيو ته هن شاهي فرمان کي مان توهان ڏانهن واپس ڪريان ٿو. هاڻ توهان مالڪ آهيو، توهان جنهن کي گهرو تنهن کي پنهنجي آزاد راءِ سان پنهنجو خليفو چونڊيو. ماڻهن گڏيل راءِ ڏيندي چيو ته اوهان کي ئي اسان خليفي طور قبول ڪريون ٿا. ان کان پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز مسلمانن جي خليفي جي حيثيت سان پنهنجو عهدو سنڀاليو.
ان قسم جي انقلابي تبديلي انساني سماج ۾ هڪدم ناهي ايندي. اهڙي تبديلي جي مڪمل طور ظاهر ٿيڻ لاءِ هڪ وڏو وقت گهربل هوندو آهي. اهوئي انهيءَ معاملي ۾ به ٿيو. اسلام جو آندل جمهوري انقلاب، تاريخ ۾ هڪ عمل جي روپ ۾ جاري ٿي ويو. اهو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ مسلسل سفر ڪندو رهيو. ايتري تائين جو 18 هين صديءَ ۾ يورپ ۾ داخل ٿي اهو فرانس جي جمهوري انقلاب جي صورت ۾ پنهنجي تڪميل جي مرحلي تائين پهتو. موجوده جمهوريت، جنهن کي مغربي جمهوريت چيو وڃي ٿو. اها حقيقت ۾ اسلام جي انهيءَ شورائي نظام جو سيڪيولر ايڊيشن آهي.
[b]انقلاب جو نمونو قائم ڪرڻ
[/b]انقلاب (Revolution) جو لفظ اهل فڪر جي لاءِ هڪ ڏاڍو پسنديده مقصد رهيو آهي. پر تاريخ ۾ اهو مقصد مڪمل معنيٰ ۾ فقط هڪ ڀيرو حاصل ٿي سگهيو. اهو رسول الله ﷺ جن جو آندل انقلاب هو. جيڪو ستين صدي عيسويءَ ۾ پيش آيو. موجوده زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن کي انقلاب چيو وڃي ٿو. پر اهي سڀ واقعا پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان قبضا هئا. نڪي ڪو انقلاب، انهن سڀني واقعن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهن ۾ فقط وڏي رت جي راند کان پوءِ هڪ حڪمران ٽولي کي هٽايو ويو ۽ ٻئي حڪمران ٽولي کي ان جي جاءِ تي ويهاريو ويو. جڏهن ته انقلاب هڪ اهڙي عمومي واقعي جو نالو آهي، جنهن ۾ اخلاقي، معاشي ۽ سماجي مطلب ته زندگيءَ جي هر دائري ۾ نئين صالح سوچ ۽ تبديلي اچي ۽ اهو سڄي انساني تاريخ ۾ فقط هڪ ڀيرو اسلامي انقلاب جي صورت ۾ پيش آيو.
انقلابي تحريڪن جي ڊگهي ناڪام تاريخ ۾ اسلام جو اهو تجربو روشنيءَ جي هڪ اوچي مناري جي حيثيت رکي ٿو. اسلامي انقلاب جي تڪميل کان پوءِ پهريون دفعو هڪ اهڙو سماج وجود ۾ آيو، جيڪو اهڙن فردن تي مشتمل هو. جتي هر انسان، هر قسم جي فرق جي باوجود مساوات ۽ برابري جي ماحول ۾ رهي سگهيو پئي. جنهن ۾ انساني لاڳاپن جو بنياد ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جي بدران ڀائپي ۽ ڀائيچاري تي قائم ڪيو ويو هو. جتي سياسي حڪمران عام انسانن وانگر رهندا هئا، نڪي ماڻهن جي آقا وانگر، جتي هر هڪ کي يقين هو ته اهو عدالت کان انصاف حاصل ڪري سگهي ٿو.
ان ڪامياب عملي مثال جي ذريعي اسلام سڄي انسانيت کي هڪ اهڙو حقيقي نمونو ڏئي رهيو آهي، جنهن جي پيروي ڪري، اهو بهتر دنيا جي باري ۾ پنهنجي خواب جي ساڀيان ماي يا تعبير ڏسي. اسلامي انقلاب هڪ لحاظ کان ماضيءَ جي تاريخ جو هڪ واقعو آهي ۽ ٻئي لحاظ کان حال ۽ مستقبل جي تعمير جو هڪ پروگرام.
اسلام جو ڪردار انساني تاريخ ۾ فقط اهو نه آهي، ته هن انسان کي جياپي لاءِ هڪ صحيح ۽ اعتماد جي قابل نظريو ڏنو. پر انهيءَ سان گڏوگڏ انسانيت لاءِ اسلام جو هڪ عطيو هيءُ به آهي، ته هن انساني زندگيءَ جي هر شعبي لاءِ هڪ عملي نمونو قائم ڪيو.
اهڙيءَ ريت اسلام جي ذريعي انسانن کي اهو ويساهه ملي ٿو ته اعليٰ انساني آئيڊيل (نمونو) هڪ خيالي آئيڊيل ناهي. اهو هڪ اهڙو آئيڊيل آهي، جيڪو مڪمل طور تي عمل جي قابل آهي ۽ اسان جي تاريخ ۾ اهو عملي طور تي پوريءَ ريت قائم به ٿي چڪو آهي. اسلام نظر ايندڙ سچائي به آهي ۽ هڪ قائم ٿيل عملي نظام به.