مذهب

انسانيت جي تعمير

هي ڪتاب ”انسانيت جي تعمير“ اصل ۾ مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي صاحب آهي.
ڪتاب مان ورتل هڪ ٽڪرو:
بحث هيٺ آيل موضوع جي لحاظ کان ان جو مطلب هيءُ آهي ته جنهن ٽولي کي عدد برتري حاصل هوندي آهي، اهو پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳندو آهي. اهو شعوري يا غير شعوري طور تي اهو سمجهندو آهي ته محنت کانسواءِ ئي کيس سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويندو. اها نفسيات منجهس ذهني ۽ عملي جمود پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ايتري قدر جو سڄي قوم سستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي ويندي آهي. اها ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ جي قابل ناهي رهندي.
Title Cover of book انسانيت جي تعمير

انسانيت جو نمونو

سوامي ويو ڪانند (1902-1863ع) هڪ خط جي جواب ۾ لکيو هو ته منهنجو هي (مطالعاتي ۽ مشاهداتي) تجربو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به وقت يا دور ۾ ”انساني پائپي جي منزل“ جي وڌ ۾ وڌو ويجهو ڪو مذهب پهتو آهي ته اهو اسلام ۽ فقط اسلام ئي آهي. انهيءَ ڪري منهنجو هي قطعي خيال آهي ته عملي اسلام جي مدد کان سواءِ، ويدانت ازم جا نظريا ڇو نه اهي ڪيڏا ئي سٺا ۽ اعليٰ هجن، عام انسانن جي لاءِ بلڪل بي فائدي آهن. اسان جي وطن جي لاءِ ٻن عظيم نظامن جو ميلاپ، هندو ازم ۽ اسلام، ويدانت دماغ ۽ اسلام جسم، واحد اميد آهي. مان پنهنجي ذهن جي اک سان ڏسي رهيو آهيان، ته مستقبل جو معياري هندستان، انتشار ۽ ڀڃ ڊاهه کان نڪري ”ويدانت دماغ ۽ اسلام جسم“ جي ذريعي سوڀارو ٿي رهيو آهي.
My experience is that if ever any religion approached to this equality in an appreciable manner, it is Islam and Islam alone. Therefore I am Firmly persuaded that without the help of practical Islam, theories of Vedantism, however fine and wonderful they may be, are entirely valueless to the vast mass of mankind. For our own motherland, a junction of the two great systems, Hinduism and Islam- Vedanta brain and Islam body- is the only hope. I see in my mind’s eye the future perfect India rising out of this chaos and strife, glorious and invincible, with Vedanta brain and Islam body.
Letters of Swami Vivekananda (1986), pp. 379-80
مهاتما گانڌي (1948 ـ 1869ع) ڪانگريسي ليڊرن کي اهو مشورو ڏيندو هو، ته اهي خليفي ابوبڪر ؐ ۽ خليفي عمر ؐ جي پيروي ڪن.
We have follow the example of Abu Bakar and Umar.
گانڌيءَ هڪ دفعو پنهنجي اخبار (هريجن) ۾ لکيو هو ته سادگي ڪانگريسين جي ئي ناهي. مان رام چندر ۽ ڪرشن جو حوالو نٿو ڏيان، ڇو جو اهي تاريخي شخصيتون نه هيون. مان مجبور آهيان ته ابوبڪر ؐ ۽ عمر ؐجا حوالا ڏيان. جيتوڻيڪ اهي هڪ وڏي سلطنت جا حاڪم هئا، پر انهن فقيرن جهڙي زندگي گذاري.
Simplicity is not the monopoly of Congressites. I am not going to mention the names of Rama and Krishna. because they were not historic personalities. I am compelled to mention the names of Abu Bakar and Umar. Though they were masters of vast empire, yet they lived the life of paupers.
Harijan, July 27, 1937
اها هڪ حقيقت آهي ته اسلامي شخصيتن، اسلام جي صورت ۾ جيڪا تاريخ ٺاهي آهي. اها سڄي انسانيت جي لاءِ اعليٰ نموني جي تاريخ آهي. اسلام انهن صفتن جا تمام اعليٰ مثال قائم ڪيا آهن، جن کي انساني صفتون چيو ويندوآهي. فرضي قصن ڪهاڻين جي صورت ۾ ڪو به شخص هڪ ڪتاب لکي سگهي ٿو. پر انسانيت جي نموني ۽ مثال جي لاءِ حقيقي ڪردار جو حوالو ڏيڻو هجي، ته اسلامي شخصيتن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو حوالو نٿو ڏئي سگهي. ان لحاظ کان اهي اسلامي شخصيتون سڄي انسانيت جو گڏيل انساني ورثو آهن. اهي سڀني انسانن جي لاءِ بهترين اخلاقي نمونو آهن. هتي اسان انهيءَ ڳالهه جي وضاحت لاءِ مختلف رخن کان ڪجهه تاريخي مثال ڏيون ٿا.

[b]اعتماد ۽ توڪل
[/b]حضرت محمد ﷺ جن مڪي ۾ ڄاوا. پاڻ ڪريمن ﷺ پنهنجي ابتدائي تبليغ جا تقريباً 12 سال انهيءَ شهر ۾ گذاريا. ان زماني ۾ مڪي تي مشرڪن جو راڄ هوندو هو. انهن رسول پاڪ ﷺ جن کي سخت تڪليفون پهچايون، ايتري قدر جو پاڻ سڳورن ﷺ جن کي شهيدڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويا. جڏهن اها نوبت آئي ته پاڻ سڳورا ﷺ مڪي کي ڇڏي، مديني آيا.
ان وقت حالتون ايڏيون سخت هيون، جو حضور اڪرم ﷺ جن جو مڪي کان نڪري سڌو مديني وڃڻ خطري کان خالي نه هو. انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن جڏهن مڪي مان نڪتا، ته پهريان ٽي ڏينهن غار ۾ رهيا. جيڪا هڪ مشڪل ۽ ڏکئي جبل جي مٿان هڪ سوڙهي مقام تي واقع هئي. پر پوءِ به نبي ﷺ جن جا دشمن کين ڳوليندا، اتي به پهتا. نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي ساٿي ۽ رفيق حضرت ابوبڪر ؐ سان غار ۾ هئا ۽ سندن دشمن تلوارون سان غار جي ايترو ويجهو پهتا هئا جو پاڻ ڪريمﷺ جن سندن قدمن کي ڏسي پئي سگهيا. اهو ڏسي حضرت ابوبڪر صديق ؐ کي ڏاڍي ڳڻتيءَ ورايو. هن رسول ڪريم ﷺ جن کي چيو، منهنجا آقا، منهنجا سائين! اهي ته هتي به اچي پهتا. آقا ﷺ جن بنا ڪنهن پريشانيءَ جي فرمايو:
يا ابابکر! ماظنک با ثنين الله ثالثهما
اي ابوبڪر! تنهنجو انهن ٻنهي جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي. جن جو ٽيون الله هجي.
اهو لفظ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي توڪل ۽ اعتماد جو انتهائي ڪامل نمونو آهن. انهيءَ واقعي ۾ انسان، توڪل جي انهيءَ اعليٰ درجي تي نظر اچي ٿو. جنهن جي آڏو ان اعليٰ انساني گڻن جو ڪو ٻيو مٽ ۽ ثاني ناهي.

[b]اڻ وڻندڙ گهڙين مهل صبر ڪرڻ
[/b]هڪ ڀيري هڪ ڏڪاريل علائقي جي ماڻهن جي واهر لاءِ پاڻ سڳورن ﷺ هڪ يهودي واپاريءَ کان ڪجهه دينار قرض ورتو. ان يهوديءَ جو نالو زيد بن سعنه هو. زيد بن سعنه سان اهو طئي ٿيو هو ته پاڻ سڳورا ﷺ فلاڻي مقرر وقت تي 80 مثقال کارڪون ادا ڪندا.
کارڪن ڏيڻ ۾ اڃا ٻه ـ ٽي ڏينهن باقي هئا، جو زيد بن سعنه اوچتو آيو ۽ سخت لهجي ۾ پنهنجي قرض جي واپسيءَ جي گهر ڪئي. ان وقت پاڻ ڪريم ﷺ جي ڪلهي مبارڪ تي هڪ چادر پيل هئي. زيد بن سعنه چادر کي وٺي زور سان ڇڪيو ۽ چيو ته اي محمدﷺ! تون منهنجو قرض ڇو نه ٿو ڏئين؟! خدا جو قسم! مان مُطلب جي اولاد کي سڃاڻان ٿو، اهي سڀ جا سڀ قرض وٺي واپس ناهن ڪندا.
ان وقت حضرت عمر ؐ رسول الله ﷺ جن وٽ موجود هو. عمر سائين ڪاوڙجي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين، ته اي خدا جا دشمن! تون هي ڇا پيو چوين؟ توکي ڊپ ڪو نه ٿو ٿئي ته تنهنجي اهڙي گستاخيءَ جي ڪري متان تنهنجي گردن اڏائي وڃي. پر نبي ڪريم ﷺجن ٿورو به ڪونه ڪاوڙيا. ايتري قدر جو پاڻ اهو به ڪو نه چيائون، ته تون وقت کان اڳ، قرض گهري رهيو آهين. ان جي بدران نبي ڪريم ﷺ جن حضرت عمر ؐ کي تنبيهه ڪئي ۽ فرمايو ته اي عمر! مان ۽ هيءُ هڪ ٻيءَ شيءِ جا وڌيڪ گهرجائو هئاسون. اها هيءَ ته تون مون کي حق بهتر نموني ادا ڪرڻ لاءِ چوين ها ۽ هن کي حق بهتر نموني گهرڻ لاءِ. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن حڪم ڏنو ته زيد بن سعنه کي مقرر تعداد ۾ کارڪون ڏنيون وڃن ۽ عمر جن جي سخت ڪلاميءَ جي عيوض 20 صاع (هڪ صاع پوڻا ٻه ڪلو يا اڍائي ڪلو جي برابر هوندو هو) کارڪون وڌيڪ ڏنيون وڃن. زيد بن سعنه پاڻ سڳورن ﷺ جي اهڙي سلوڪ کي ڏسي اسلام قبول ڪيو.
نبي ڪريم ﷺ ان وقت عرب جا حڪمران هئا، پاڻ سڳورا ﷺ زيد بن سعنه جي خلاف ڪا به سخت ڪارروائي ڪرڻ جو پورو اختيار رکن پيا. پر ان جي باوجود نبي ڪريم ﷺ جن زيد بن سعنه جي گستاخي ۽ بدسلوڪيءَ کي برداشت ڪيو. حضور جن ﷺ ان جي گستاخيءَ جي باوجود نه ڪاوڙيا. اهو هڪ انتهائي ڪامل ۽ تاريخي مثال آهي. جيڪو ٻڌائي ٿو، ته اعليٰ انساني سلوڪ ڇا آهي ۽ ڪهڙيءَ ريت ائين ٿي سگهي جو اجتماعي زندگيءَ ۾ هڪ شخص صبر ۽ سهپ جي اصول تي قائم رهي ڪري زندگي گذاري سگهي.

[b]اعزاز جي بدران ذميداري
[/b]حضرت ابوبڪر ؐ اسلام جا پهريان خليفا آهن. سندن خلافت جو دور 632ع کان 634ع تائين آهي. نبي ڪريم ﷺ جي وصال کان پوءِ جڏهن کين خليفو چونڊيو ويو، ته پاڻ ان کي هن عهدو نه بلڪه هڪ ذميداري سمجهيائون. پاڻ خوش ٿيڻ بدران فڪر مند ٿي ويا، بيعت کان پوءِ جڏهن پاڻ ماڻهن کي خطاب ڪرڻ جي لاءِ منبر تي بيٺا ته ذميداري جي احساس جي ڪري سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. پاڻ چيائون:
ایھا الناس قد ولیّت علیکم ولستُ بخیرکم. فان احسنتُ فاعینونی وان اسأتُ فقومّونی الصدق امانۃ والکذب خیانۃ۔ والضعیف فیکم قوی عندی حتیٰ اٰخذ لہ’ حقہ. والقوی ضعیف عندی حتیٰ اٰخذمنہ الحق ان شاءاللہ تعالیٰ
(الڪامل لابن الاثير)
اي انسانو! مان توهان جي مٿان حاڪم بڻايو ويو آهيان. جيتوڻيڪ مان توهان کان بهتر نه آهيان. جيڪڏهن مان چڱو ڪريان ته توهان منهنجي مدد ڪريو، ۽ جيڪڏهن مان خراب ڪريان ته توهان مون کي سڌو ڪريو. سچائي امانت آهي ۽ ڪوڙ خيانت آهي ۽ توهان منجهان هيڻو، منهنجي نظر ۾ طاقتور آهي، جيستائين مان ان جو حق کيس نه ڏياريان ۽ توهان جو طاقتور مون وٽ ڪمزور آهي، جيستائين مان ان کان سندس حق وصول نه ڪري وٺا، جيڪڏهن الله چاهيو.
ابن سعد عطا بن السائب کان نقل ڪيو آهي ته جڏهن حضرت ابوبڪر ؐ جي بيعت ٿي ته ٻئي ڏينهن ماڻهن ڏٺو ته اهو معمول مطابق پنهنجي ڪلهي تي ڪپڙا کنيو بازار وڃي رهيو آهي. حضرت عمر فاروق ؐ پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ حضرت ابوبڪر ؐ وراڻيو ته بازار وڃي رهيو آهيان. حضرت عمر فاروق ؐ چيو ته ڇا اوهان کي خبر ناهي ته هاڻ اوهان مسلمانن جا حاڪم آهيو؟! حضرت ابوبڪر ؐ چيو ته مان پنهنجي گهر ڀاتين کي ڪٿان کارائيندس؟! حضرت عمر فاروق ؐ چيو، ته ابو عبيده (ؐ) ڏانهن هلو. اهو اوهان جو وظيفو مقرر ڪندو. پوءِ ٻئي ڄڻا حضرت ابو عبيده ؐ ڏانهن ويا. هن عام ماڻهو جي معيار مطابق حضرت ابو بڪر صديق ؐ جو وظيفو مقرر ڪيو. ان ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا به شامل هئا. هڪ جوڙو اونهاري جي لاءِ هڪ جوڙو سياري جي مند لاءِ. جڏهن سندن وفات جو وقت آيو ته سندن گهر ۾ نه درهم هو ۽ نڪي دينار، فقط هڪڙي زمين هئي. جنهن لاءِ پاڻ وصيت ڪيائون ته اها زمين وڪڻي ان جي قيمت، مان اهو سڀ ڪجهه بيت المال ۾ واپس ڪيو وڃي، جيڪو مون خليفي جي حيثيت سان ورتو آهي.
حڪومتي عهدي کي اعزاز سمجهڻ بدران ذميداري سمجهڻ جو اهو ئي مثال ٻين خليفن سڳورن به قائم ڪيو. اهو مثال سڀني حڪمرانن کي ٻڌائي ٿو، ته اهي ڪنهن به ريت حڪومت کي عزت ۽ شهرت جي شيءِ نه سمجهن، پر ذميدارين کي ادا ڪرڻ جو هڪ نازڪ منصب سمجهن. اها ئي واحد شيءِ آهي، جيڪا ڪنهن حڪومت کي سندس ماتحت عوام جي لاءِ خير ۽ ڀلائيءَ جو ذريعو بڻائيندي آهي.

[b]معبود جي هيڪڙائي
[/b]نبي ڪريم ﷺ جن جو وصال 63 ورهين جي ڄمار ۾ مديني ۾ ٿيو. ان وقت ماڻهن جي مٿان عجيب ديوانگيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. ڪيترن ئي ماڻهن کي يقين ئي نه پئي آيو، ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جو وصال ٿي به سگهي ٿو يا وصال ٿي ويو آهي!!! حضرت عمر فاروق ؐ انهيءَ معاملي ۾ سڀ کان اڳتي هو. هو مديني جي مسجد نبوي ﷺ ۾ تلوار ڪڍي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو، ته جيڪو شخص ائين چوندو، ته رسول الله ﷺ جن جو وصال ٿي ويو، ته مان هن تلوار سان سندس سِسي لاهي ڇڏيندس.
مسجد نبويءَ ۾ زبردست خلفشار جاري هو. ماڻهو وائڙا ۽ حيران نظر اچي رهيا هئا. ايتري ۾ حضرت ابوبڪرصديق ؐ اتي آيا. پاڻ صورتحال جو جائزو ورتائون ۽ پوءِ مسجد جي هڪ پاسي تقرير ڪرڻ لاءِ بيٺا. پنهنجي انهيءَ تقرير ۾ هن هڪ تاريخي جملو چيائون.
من کان یعبد محمداً فان محمداً قدمات ومن کان یعبداللہ فان اللہ حی لایموت
”جيڪو شخص محمّد ﷺ جي عبادت ڪندو هو ته محمّد ﷺ جو وصال ٿي ويو آهي ۽ جيڪو شخص الله جي عبادت ڪندو هو ته الله زندهه آهي. ان تي ڪڏهن به موت ناهي اچڻو.“
انهيءَ واقعي ۾ انسان الٰهي معرفت جي آخري ڏاڪي تي نظر اچي ٿو. انسان، انسان آهي، ۽ خدا، خدا آهي. ان حقيقت کي ڄاڻڻ ئي اصل علم آهي ۽ هي واقعو ان اصل علم جو آخري شاندار مثال آهي.

[b]حق جي آڏو گوڏا کوڙڻ
[/b]مٿي جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو. ان موقعي تي حضرت عمر فاروق ؐ جو ڪردار منڍ ۾ بيحد انتها پسنداڻو هو. هن پنهنجي اکين سان ڏٺو ته پيغمبر اسلام ﷺ جو جسم مبارڪ ڪجهه چوندي چوندي چپ ٿي ويو. پر کين يقين نه پئي آيو، ته ڇا واقعي پاڻ سڳورن ﷺ جن جو وصال ٿي ويو آهي!؟ حضرت عمر سائين ؐ اهو سمجهيو ته اهو هڪ قسم جو روحاني معراج جو واقعو آهي، آقا سائين ﷺ جن پنهنجي رب ڏانهن ويا آهن ۽ جلد ئي ٻيهر زمين تي واپس ايندا.
هو ان معاملي ۾ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ بنهه تيار نه هو. ايتري قدر جو حضرت ابوبڪر ؐ جي ڳالهه به نه. حضرت ابوبڪر صديق ؐ مسجد نبوي ۾ داخل ٿي کين ماٺ ٿيڻ لاءِ چيو پر حضرت عمر ؐ خاموش ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا. سندن هٿ تلوار جي دستي تي هو ۽ لڳاتار ڳالهائي رهيو هئا. پوءِ جڏهن حضرت ابوبڪر صديق ؐ مسجد نبويءَ ۾ تقرير ڪرڻ جي لاءِ بيٺا، ته هن حضرت عمر فاروق ؐ جي آواز تي پنهنجو آواز بلند ڪندي، پنهنجي تقرير شروع ڪري ڏني. ايتري تائين جو حضرت ابوبڪر صديق ؐ تقرير ڪندي هن آيت تي پهتا.
وَ مَا مُحَمَّدٌ اِلَّا رَسُوۡلٌ ۚ قَدۡ خَلَتۡ مِنۡ قَبۡلِہِ الرُّسُلُ ؕ اَفَا۠ئِنۡ مَّاتَ
اَوۡ قُتِلَ انۡقَلَبۡتُمۡ عَلٰۤی اَعۡقَابِکُمۡ ؕ وَ مَنۡ یَّنۡقَلِبۡ عَلٰی عَقِبَیۡہِ فَلَنۡ یَّضُرَّ اللّٰہَ
شَیۡئًا ؕ وَ سَیَجۡزِی اللّٰہُ الشّٰکِرِیۡنَ (اٰ ل عمران:144)
”محمد(ﷺ) ته صرف هڪ آهي ان کان پهرين به گهڻائي رسول گذري چڪا آهن جيڪڏهن اهي مري وڃن يا قتل ڪيا وڃن ته ڇا توهين پٺين پيرن ڦري ويندؤ ۽ جيڪو شخص پٺين پيرن ڦري وڃي ته اهو الله جو ڪجهه نه بگاڙيندو ۽ الله شڪر ڪرڻ وارن کي ضرور بدلو ڏيندو.“
قرآن ڪريم جي انهيءَ آيت ٻڌڻ سان حضرت عمر فاروق ؐ هڪدم ٿڌا ٿي ويا. پوءِ واري زماني ۾ پاڻ پنهنجو ان وقت جو حال ٻڌائيندي چيائون.
وقعت علی الارض وما تحملنی رجلای
”مان زمين تي ڪري پيس. منهنجا پير منهنجو وزن سنڀالي نه سگهيا.“
انهيءَ واقعي ۾ انسان عبديت ۽ ٻانهپ جي تمام وڏي درجي تي نظر اچي ٿو. ٻانهپ اها آهي ته انسان خدا جي آڏو گوڏا کوڙي. حضرت عمر فاروق ؐ اهڙا ئي انسان ثابت ٿيا. پاڻ الله جو ڪلام ٻڌي زمين تي ڪري پيا. پنهنجي راءِ کي هن پنهنجي دماغ مان اهڙيءَ ريت ڪڍي ڇڏيائون، ڄڻ اها سندن دماغ ۾ ڪڏهن هئي ئي ڪو نه. اهو اعتراف حق جو اعليٰ ترين مثال آهي. اهو مثال ٻڌائي ٿو ته حق جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ، ڪهڙيءَ طرح ماڻهوءَ کي ان جي آڏو جهڪڻ گهرجي.

[b]سادگيءَ جي زندگي
[/b]خلفاءِ راشدين جي دور ۾ دولت ۽ حڪومت ٻنهي شين ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو هو. ان جي باوجود خليفا سڳورا بلڪل سادگيءَ واري زندگي گذاريندا هئا. ان جو اقرار سڀني مؤرخن ڪيو آهي، منٽگمري واٽ (W. Montgomery watt) لکيو آهي، ته مسلم خليفا جيڪي هاڻ هڪ وسيع بادشاهت جا حڪمران هئا، اهي هاڻي به مديني ۾ تمام سادي طريقي سان رهندا هئا:
The ruler of what was now a vast empire still lived a very simple life in Medina, and had not so much as a bodyguard.
The Majesty That Was Islam, (1984)
ٻيو خليفو حضرت عمر فاروق ؐ ايشيا ۽ آفريقا جي وڏي حصي جا حاڪم هئا. پر سندن جسم تي معمولي ڪپڙو هوندو هو. جنهن ۾ گهڻيون چتيون لڳل هونديون هيون. پاڻيءَ جي مشڪ ڪلهي تي رکي گهمندا هئا. پٿر جو وهاڻو مٿي هيٺان رکي سمهندا هئا. معمولي کاڌو کائيندا هئا ۽ معمولي گهر ۾ رهندا هئا.
هڪ دفعي احنف بن قيس ساڻن ملڻ جي لاءِ مديني آيو ته ڏٺائين ته معمولي حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙن پيا. احنف پڇيو ڇا ڳالهه آهي؟ حضرت عمر ؐ جواب ڏنو ته بيت المال جو هڪ اٺ ڀڄي ويو آهي. ان کي ڳولي رهيو آهيان. احنف چيو، اوهان اميرالمؤمنين آهيو، اوهان پاڻ ڇو ٿا اها تڪليف ڪريو. اوهان ڪنهن غلام کي حڪم ڪريو، اهو انهيءَ ڪم کي سرانجام ڏئي ها. حضرت عمر ؐ فرمايو:
ایُّ عبد اعبد منی
”ڪير آهي، جيڪو مون کان وڌيڪ غلام هجي.“
سلطنت جو حاڪم هجڻ جي باوجود، پاڻ کي عام ماڻهن منجهان سمجهڻ، اعليٰ ترين حاڪماڻو اخلاق آهي. انهيءَ پر حاڪماڻي اخلاق جو عملي شان، اسلامي تاريخ کان سواءِ ڪٿي به نه ٿو ملي.
حضرت عمر فاروق ؐ جي خلافت جو دور 634ع کان 644ع تائين آهي. سندن دور ۾ فلسطين فتح ٿيو. فتح جي انهيءَ موقعي تي فلسطين جي مسيحي برادرين جي مطالبي تي، حضرت عمر ؐ مديني کان فلسطين جو سفر ڪيو. اهو سفر هڪ عظيم سلطنت جي عظيم حڪمران جو هو. پر سفر اهو ايڏو ته سادو هو جو ان کان وڌيڪ سادگيءَ جو تصور نٿو ڪري سگهجي.
عبدالله التُل جيڪو فلسطين جي جنگ (1948ع) ۾ شريڪ هو. هن هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو ”خطراليهودية العالمية علي الاسلام والمسيحية“ آهي. اهو ڪتاب دارالقلم (قاهره) مان 964ع ۾ ڇپيو آهي. عبدالله التل کي فلسطين جي هڪ معبد ۾ هڪ تاريخي مخطوطو يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل مليو، اهو مخطوطو جيڪو آڳاٽي دور ۾ ڪنهن عيسائي لکيو هو. ان ۾ حضرت عمر ؐ جو فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جو ذڪر ٿيل آهي. عبدالله التل ان مخطوطي جو عربي ترجمو پنهنجي عربي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. ان جو تت ڪجهه هن ريت آهي:
جڏهن بيت المقدس تي مسلمان فوجين جو گهيرو وڌي ويو ته 636ع ۾ اتان جو وڏو پادري صفرو نيوس شهر جي ڀت تي چڙهيو. هن مسلم فوج کي مخاطب ٿيندي چيو، ته اسان توهان سان صلح ڪرڻ چاهيون ٿا، پر شرط اهو آهي ته صلح توهان جي امير جي هٿ تي ٿيندو. ان ڪري ان قسم جي مضمون جو هڪ خط مديني موڪليو ويو، ته جيئن اميرالمؤمنين فلسطين اچي ۽ فلسطين وارن سان صلح جا معاملا طئي ڪري.
حضرت عمر فاروق ؐ مديني کان بيت المقدس ڏانهن وڃڻ لاءِ نڪتا، پر سندن حال اهو هو جو ساڻن فقط هڪ سواري ۽ هڪ غلام هو. جڏهن اهي شهر کان ٻاهر آيا ته پنهنجي غلام کي چيائون ته اسان ٻه آهيون ۽ سواري هڪ آهي. جيڪڏهن مان سواريءَ تي ويهندس ۽ تون پنڌ هلندين ته مان ڄڻ تنهنجي مٿان ظلم ڪندس ۽ جيڪڏهن تون سواريءَ تي ويهندين ۽ مان پنڌ ڪندس ته ڄڻ تون مون تي ظلم ڪندين ۽ جيڪڏهن اسان ٻئي سواريءَ تي ويهنداسين، ته اسان ان جي پٺي ڀڃي ويهنداسين. انهيءَ ڪري اسان ٽيئي وارو مقرر ڪريو ٿا. پوءِ انهن رستو اهڙيءَ ريت طئي ڪيو جو هڪ ڀيرو حضرت عمر ؐ سواري تي سوار ٿئي پيو ته غلام پنڌي ڪري پيو. ان کان پوءِ غلام سواريءَ تي ويهي پيو ۽ حضرت عمر فاروق ؐ پنڌ ڪري پيو. ۽ پوءِ وري ٻئي ڄڻا پنڌ پيا ڪن ۽ سواري خالي رهي پئي. اهڙيءَ طرح اهي سفر ڪندا رهيا. ايتري قدر جو اهي بيت المقدس جي ويجهو پهتا ته اتفاق سان ان وقت غلام جو وارو هو. غلام سواريءَ تي ويهي هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ هن چاهيو ٿي ته حضرت عمر فاروق ؐ آخري مرحلي ۾ شهر ۾ داخل ٿيڻ مهل جو سواريءَ تي ويٺل هجي. پر حضرت عمر ؐ ان تي راضي نه ٿيو ۽ پاڻ بيت المقدس جي دروازي تي ان حال ۾ پهتا جو غلام سواريءَ تي ويٺل هو ۽ حضرت عمر فاروق ؐ پنڌ ڪري رهيو هو. حضرت عمر فاروق ؐ کي ان حال ۾ ڏسي شهر جي پادرين دروازو کوليو ۽ سندن هٿ تي صلح ڪيائون. صلح نامي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حضرت عمر ؐ مختصر تقرير ڪئي، جنهن ۾ چيائون ته اي فلسطين وارؤ! جيڪو اسان جي لاءِ آهي، اهو توهان جي لاءِ آهي. ۽ جيڪو اسان جي لاءِ ناهي. اهو توهان جي لاءِ به نه آهي. (یا اھل ایلیاء لکم مالنا وعلیکم ماعلینا). حضرت عمر فاروق ؐ جو اهو سفر دنيا جي سڀني حڪمرانن جي لاءِ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي آخري ۽ ڪامل ترين نموني جي حيثيت رکي ٿو.

[b]انسانيت جو احترام
[/b]حضرت عمر فاروق ؐ جي زماني ۾ حضرت عمر و بن العاصؐ مصر جو گورنر هو، هن هڪ ڀيرو گهوڙن جي ڊوڙ ڪرائي. ان ڊوڙ ۾ گورنر جي پٽ جو گهوڙو به شريڪ هو. پر جڏهن ڊوڙ ختم ٿي ته هڪ مصري (غير مسلم) جو گهوڙو اڳتي نڪري ويو. مصريءَ فتح جي جوش ۾ ڪو اهڙو جملو چيو جيڪو گورنر جي پٽ (محمد بن عمر و بن العاص) کي خراب لڳو ۽ هن مصريءَ کي چهبڪ (ڪوڙو) هنيو، ڪوڙي هڻڻ وقت سندس زبان مان نڪتو.
خذ ھا وانا ابن الاکرمین
”هي وٺ، ۽ مان شريفن جي اولاد آهيان.“
حضرت انس بن مالڪؐ انهيءَ قصي کي بيان ڪندي چوي ٿو، ته مصري (غير مسلم) مصر کان ڪهي مديني اچي پهتو ۽ حضرت عمر ؐ وٽ شڪايت ڪيائين ته گورنر جي پٽ کيس ڪوڙي (چهبڪ) سان ماريو آهي. حضرت عمر ؐ فرمايو تون هتي ترس ۽ هڪدم پنهنجي خاص ماڻهوءَ کي مصر موڪليائون ته عمر و بن العاصؐ ۽ سندس پٽ محمد بن عمر و بن العاص کي جنهن به حال ۾ هجن، کين مديني وٺي اچ. پوءِ اهي ماڻهو آندا ويا. جڏهن اهي مديني پهتا ته حضرت عمر ؐ فرمايو.
این المصری، دونک الدرةٕ فاضرب بھاابن الاکرمین۔
”مصري ڪٿي آهي؟ هي ڪوڙو وٺ ۽ هن سان سندن پٽ کي مار.“
ان کان پوءِ مصري ڪوڙو کنيو ۽ مصر جي گورنر جي سامهون سندس پٽ کي هڻڻ شروع ڪيا. هو ماريندو رهيو، ايتري تائين جو کيس زخمي ڪري وڌائين. حضرت عمر ؐ وچ ۾ چيو پئي ته پٽ کي مار. جڏهن مصريءَ ڏاڍو ماريو ته حضرت عمر فاروق ؐ چيو ته هن جي پيءُ عمرو بن العاص ؐ کي به مٿي تي ڪوڙو هڻ. ڇو جو خدا جو قسم! سندس پٽ، فقط پنهنجي پيءُ جي مان مرتبي جي ڪري توکي ماريو هو. (فو اللہ ماضربک ابنہ الا بفضل سلطانہ۔)
مصريءَ چيو ته اي اميرالمؤمنين! جنهن مون کي ماريو هو. تنهن کي مون ماريو. ان کان وڌيڪ مون کي حاجت نه آهي. حضرت عمر ؐ چيو، خدا جو قسم! جيڪڏهن تون ان کي به مارين ها ته اسان، تنهنجي ۽ ان جي وچ ۾ رنڊڪ نه بڻجون ها، ايتري تائين جو تون پاڻ ئي ان کي ڇڏين ڏئين ها.
پوءِ حضرت عمر ؐ، عمر وبن العاص سان مخاطب ٿيندي فرمايو:
یا عمرو، متی استعبد تم الناس وقد ولدتھم امھاتھم احرارا۔
”اي عمرو! تو ڪڏهن کان ماڻهن کي غلام بڻايو آهي، جيتوڻيڪ سندن مائرن انهن کي آزاد پيدا ڪيو هيو.“
(ابن جوزي، سيرت عمر بن الخطابؐ)
اهو واقعو انساني احترام ۽ انساني برابريءَ جو آخري اعليٰ مثال آهي. ان واقعي هڪ انسان جو ٻئي انسان جي وچ ۾، هر قسم جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو. ان انساني عدل ۽ انصاف جو اهڙو بيمثال، مثال قائم ڪيو. جنهن جي آڏو انساني عدل ۽ انصاف جو ڪو ٻيو درجو ڪونهي.

[b]بي غرضي
[/b]حضرت عبدالله بن عباس ؐ بيان ڪري ٿو ته حضرت ابوبڪرؐ جي خلافت جي دور ۾ ڏڪار پيو ۽ ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا. حضرت ابوبڪرؐ فرمايو ته توهان گهٻرايو نه. الله جلد ئي اوهان جي لاءِ ڪشادگيءَ جي ڪا نه ڪا صورت پيدا ڪندو. ان کان پوءِ ائين ٿيو جو حضرت عثمان ؐ جو واپاري قافلو شام کان آيو. انهيءَ قافلي ۾ هڪ هزار اٺ هئا جيڪي سڀ جا سڀ ڪڻڪ ۽ کائڻ جي شين سان ڀريل هئا. اها خبر مديني ۾ پکڙجي وئي ته شهر جا واپاري حضرت عثمان ؐ وٽ پهتا. انهن در کڙڪايو. پاڻ ؐ ٻاهر آيا. وٽن هڪ چادر هئي. جيڪا سندن ڪلهي تي اهڙيءَ ريت رکيل هئي، جو ان جو هڪ پاسو اڳيان ۽ ٻيو پاسو پويان لڙڪي رهيو هو.
حضرت عثمان ؐ پڇيو، توهان ڇو آيا آهيو ۽ مون کان ڇا ٿا چاهيو. واپارين چيو، اسان کي اها خبر پئي آهي، ته اوهان وٽ هڪ هزار اٺ ڪڻڪ ۽ کاڌي جو سامان آيو آهي. اسان اهو خريد ڪرڻ ٿا چاهيون. اوهان، اهو سيدو سامان اسان کي وڪڻو، ته جيئن اسان ان کي مديني جي ضرورتمندن تائين پهچائي سگهون. حضرت عثمان ؐ چيو، اندر اچي گهر ۾ ويهي ڳالهايو. اهي ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا، ڏٺائون ته کاڌي جي شين جا هڪ هزار ڍڳ گهر ۾ رکيل آهن.
هاڻي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. حضرت عثمان ؐ چيو، منهنجي هن مال جو توهان مون کي ڪيترو نفعو ڏيندؤ. انهن چيو ڏهن درهمن تي ٻارهن درهم. حضرت عثمان ؐ جواب ڏنو مون کي ان کان وڌيڪ ملهه ملي رهيو آهي. انهن چيو ڏهن درهمن تي چوڏهن درهم. حضرت عثمان ؐ وراڻيو، مون کي ان کان به وڌيڪ قيمت ملي رهي آهي. هنن جواب ڏنو ڏهن درهمن تي پندرهن درهم. حضرت عثمان ؐ چيو، مون کي ان کان وڌيڪ ملي رهيو آهي. انهن چيو ڪير آهي جيڪو اوهان کي ان کان وڌيڪ ڏئي رهيو آهي؟ جڏهن ته مديني جا سڀ واپاري هتي موجود آهن. حضرت عثمانؐ چيو ته مون کي هر هڪ درهم جي بدلي ۾ ڏهه درهم ملي رهيا آهن، پر ڇا توهان مون کي ان کان وڌيڪ ڏئي سگهو ٿا. انهن جواب ڏنو ته نه. حضرت عثمان ؐ وراڻيو ته الله پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمايو آهي.
مَنۡ جَآءَ بِالۡحَسَنَۃِ فَلَہٗ عَشۡرُ اَمۡثَالِہَا (الانعام: 160)
”جيڪو ڀلائي آڻيندو، ان لاءِ ان جهڙيون ڏهه نيڪيون آهن.“
ته مديني جا واپاريو! گواهه رهجو ته مون کاڌي جون هي سموريون شيون الله ڪارڻ شهرجي ضرورتمندن ۾ صدقو ڪري ڇڏيون.
(العبقريات الاسلاميه صفحو: 572)
اهو واقعو خدا جي وعدي تي يقين جو تمام وڏو مثال آهي. خدا تي ايمان، ماڻهو ۾ انهيءَ قسم جو يقين ۽ اعتماد پيدا ڪندو آهي ۽ جنهن ماڻهوءَ منجهه ان قسم جو يقين ۽ اعتماد پيدا ٿي وڃي، اهو مٿانهون ٿي وڃي ٿو. ان جا حوصلا ايڏا ته بلند ٿي ويندا آهن جو ان کان پوءِ وڏي کان وڏي قرباني به سندس لاءِ مشڪل شيءِ ناهي رهندي.

[b]عوام ۽ حاڪم جي وچ ۾ قانوني برابري
[/b]حضرت علي بن ابي طالب ؐ اسلام جو چوٿون خليفا هئا. کين غير معمولي اقتدار حاصل هو. پر پاڻ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ عام انسان جيان رهندا هئا. نه سندس زندگيءَ جو معيار ٻين کان مختلف هو ۽ نه کين ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قانوني حق حاصل هئا.
ترمذي، حاڪم ۽ ابو نعيم، حضرت علي ؐ جو هڪ واقعو هن طرح نقل ڪيو آهي.
حضرت علي ؐ وٽ هڪ زرهه هئي. جيڪا اتفاق سان گم ٿي وئي هئي. هڪ ڏينهن پاڻ ڪوفي جي بازار ويا. اُتي ڏٺائون ته هڪ نصراني زرهه وڪڻي رهيو هو. ويجهو وڃي ڏٺائون ته اها ساڳئي زرهه هئي، جيڪا کانئن گم ٿي وئي هئي.
حضرت علي ؐ ان وقت اسلامي ملڪن جا حڪمران هئا. پاڻ گُهرن ها ته ان وقت ئي زرهه تي قبضو ڪري سگهيا پئي، پر انهن پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون نه سمجهيو. پاڻ نصرانيءَ کي چيائون ته هيءَ زرهه منهنجي آهي. تون ان کي کڻي قاضيءَ وٽ هل. قاضي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪندو. ان وقت مسلمانن جو قاضي، شُريح هو. تنهنڪري ٻئي ڄڻا اچي قاضي شريح وٽ پهتا.
شريح قاضيءَ جي حيثيت ۾ پڇيو ته اي اميرالمؤمنين! اوهان ڇا ٿا چئو. حضرت علي ؐ، چيو، ته هيءَ زرهه منهنجي آهي، مون کي واپس ڏياري وڃي. قاضي شُريح، نصرانيءَ کان پڇيو ته تون ڇا ٿو چوين؟ ان چيو ته اميرالمؤمنين غلط بياني ڪري رهيو آهي. هي زرهه منهنجي آهي. قاضي شريح، حضرت علي ؐ کي چيو، ته فقط اوهان جي دعويٰ جي بنياد تي مان ائين نٿو ڪري سگهان ته زرهه ان کان وٺي اوهان کي ڏيان. اوهان پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ ثبوت آڻيو.
حضرت علي ؐ چيو ته شريح جو مطالبو صحيح آهي. ان کان پوءِ هن پنهنجي حق ۾ ٻه شاهد پيش ڪيا. هڪ پنهنجو غلام قنبر ۽ ٻيو پنهنجو پٽ حضرت حسن ؐ. قاضي شريح چيو، ته مان قنبر جي شاهديءَ کي ته مڃيان ٿو، پر مان حسن جي شاهديءَ کي نٿو مڃيان. حضرت علي ؐ چيو ته حسن ۽ حسين جنت جي جوانن جا سردار آهن. قاضي شريح چيو ته اها الڳ ڳالهه آهي. دنيوي معاملن ۾ اسلام جو اصول هيءُ آهي ته پيءُ جي حق ۾ اولاد جي شاهدي معتبر ناهي.
حضرت علي ؐ خليفا هئا ۽ قاضيءَ کي لاهڻ جو اختيار رکن پيا، پر پاڻ قاضيءَ جي حڪم کي مڃيائون. نصراني اهو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ دانهن ڪندي چيائين ته مان شاهدي ٿو ڏيان ته هي پيغمبرن جو حڪم آهي ته اميرالمؤمنين هڪ عام ماڻهوءَ جيان قاضيءَ جي عدالت ۾ اچي ۽ قاضي ان جي خلاف فيصلو ڪري. مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق ناهي ۽ محمّد ﷺ الله جا رسول آهن. پوءِ هن چيو ته هيءَ زرهه سچ پچ به عليءَ جي آهي. هڪ دفعو اها علي ؐ جي اٺ تان ڪري پئي هئي جو مان اها کڻي ورتي هئي. هاڻي حضرت علي ؐ اها زرهه انهيءَ شخص کي ڏئي ڇڏي ۽ ان کي وڌيڪ ست سو درهم به عطا ڪيا. ان کان پوءِ اهو نصراني مسلمان ٿي حضرت علي ؐ سان گڏ رهيو، ايتري قدر جو صفين جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو.
(حيات صحابه ـ الجزء الاول صفحا: 235 ـ 234)
اهو واقعو ان اصول جو وڏو مثال آهي جيڪو حڪمران فرد ۽ عام انسان، ٻئي قانون جي نگاهه ۾ برابر ۽ هڪجهڙا آهن. قانون جي عدالت ۾ ٻنهي کي هڪجهڙو حاضر ٿيڻ گهرجي ۽ ٻنهي جي مٿان قانون جو فيصلو هڪجهڙي نموني نافذ ٿيڻ گهرجي.

[b]حقيقت پسندي
[/b]حضرت حسن ؐ، حضرت علي سائين ؐ جي شهادت کان پوءِ خليفا مقرر ٿيا. حضرت حسن ؐ اسلامي تاريخ جو پنجون خليفو هو. کين شرعي ۽ اخلاقي اصولن جي مطابق خلافت تي قائم رهڻ جو حق حاصل هو. پر جڏهن کيس خلافت ملي ته صورتحال اها هئي جو حضرت امير معاويه ؐ جيڪو ان وقت شام جو حاڪم هو. هن خلافت کان باقاعده بغاوت ڪئي. حضرت عثمان ؐ جي خون جو بدلو وٺڻ جي نالي تي هن مسلمانن جي هڪ وڏي تعداد کي پاڻ سان گڏ ڪيو.
حضرت حسن بن علي ؐ حالتن جو جائزو ورتو ته کيس معلوم ٿيو ته چاليهه هزار فوج ان سان گڏ آهي. اهڙيءَ ريت حضرت امير معاويه ؐ سان به اٽڪل ايترائي ماڻهو هئا، اهي ٻئي فوجون جوش ۽ جذبي سان ڀريل هيون ۽ هڪ ٻئي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ بيقرار هيون. پر حضرت حسن ؐ سوچيو ته ٻنهي پاسن کان مسلمان آهن. جنگ جي معنيٰ اها ناهي ته مسلمان پاڻ ۾ وڙهن. اهي قيمتي فرد جيڪي اسلام جي جهنڊي هيٺان، انهيءَ ڪري گڏ ٿيا هئا، ته جيئن اهي دنيا مان شرڪ کي ختم ڪن، پر هن جنگ جي نتيجي ۾ اهي پنهنجو پاڻ کي ۽ گڏوگڏ اسلامي تاريخ کي ختم ڪري ڇڏيندا.
حضرت حسن ؐ جي حيثيت اسلام جي جائز خليفي واري هئي. جڏهن ته امير معاويه ؐ جي حيثيت يقيني طور باغيءَ جي هئي، پر حضرت حسن ؐ پاڻ اهو اندازو ڪري ورتو ته حضرت امير معاويه ؐ ڪنهن قيمت تي جهڪڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ۽ هو هر حال ۾ جنگ جاري رکندو، جنهن سان مسلمان سپاهين جي بربادي ٿيندي. تنهن ڪري حضرت حسن ؐ پاڻ کي جهڪائڻ تي راضي ڪري ورتو. مسلمانن جي پاڻ ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ حضرت حسن ؐ هڪ طرفو اهو فيصلو ڪيو، ته هو امير معاويه ؐ جي حق ۾ خلافت تان هٿ کڻي.
اهو حقيقت پسندي جو اعليٰ مثال آهي. هتي انسان حقيقت پسندي جي اعليٰ درجي تي نظر اچي ٿو. اهو درجو جتي انسان پنهنجو پاڻ کي حذف ڪري سوچي سگهي ٿو. حضرت حسن ؐ پنهنجو پاڻ کي حذف ڪري سوچيو. اهو ئي سبب آهي جو ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي راضي ڪري ورتائون، جنهن جو ڪو ٻيو مثال تاريخ ۾ مشڪل سان ملندو.

[b]عدل ۽ انصاف
[/b]حضرت عمر بن عبدالعزيز (101 ـ 62 هه) پنجون خليفه راشد آهي. سندس خادم ابو اميه چوي ٿو، ته مون هڪ ڏينهن پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته دال ئي دال کائي کائي منهنجو برو حال ٿي ويو آهي. گهرواريءَ کيس چيو ته تنهنجي خليفي جو به روز جو کاڌو اهوئي آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز کان اڳ واري خليفي جي حفاظت جي لاءِ 100 سپاهي مقرر هئا. جڏهن پاڻ خليفو ٿيو ته حضرت عمر بن عبدالعزيز سڀني کي ٻين سرڪاري ڪمن ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ فرمايائين! منهنجي حفاظت جي لاءِ الله ئي ڪافي آهي. هيءُ انهيءَ شخص جو حال هو. جنهن جي حڪومت جون حدون سنڌ کان وٺي فرانس تائين پکڙيل هيون.
سندس خلافت جي دور جو واقعو آهي ته سمرقند جي رهاڪن جو هڪ وفد آيو. ان هڪ فوجي سردار قتيبه بن مسلم باهليءَ جي باري ۾ شڪايت ڪئي ته اسلامي قاعدي مطابق هن اسان کي اڳواٽ تنبيهه نه ڪئي ۽ اسان جي شهر ۾ اوچتو پنهنجي فوج آڻي داخل ڪئي. ان ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. سمرقند جي فتح حضرت عمر بن عبدالعزيز کان اڳ ٿي هئي ۽ هينئر ان کي ست سال به ٿي چڪا هئا. پر پاڻ انصاف جي گهرجن کي پورو ڪرڻ ضروري سمجهيو. حضرت عمر بن عبدالعزيز عراق جي حاڪم کي لکيو ته سمر قند جي ماڻهن جي مقدمي کي ٻڌڻ لاءِ هڪ خصوصي قاضي مقرر ڪيو. پوءِ ان خصوصي قاضيءَ جي عدالت ۾ مقدمو پيش ٿيو. ٻنهي ڌرين آزاداڻي نموني پنهنجا پنهنجا دليل پيش ڪيا.
آخر ۾ قاضيءَ سمرقند وارن جي شڪايت کي صحيح قرار ڏيندي فيصلو ٻڌايو ته، مسلمانن جي فوج سمرقند کي ڇڏي ٻاهر اچي ۽ سمرقند وارن کي انهن جو قلعو ۽ ٻيون سڀ شيون واپس ڏنيون وڃن. ان کان پوءِ اسلامي قاعدي مطابق مسلمانن جو فوجي سردار انهن جي اڳيان ضروري شرط رکي. جيڪڏهن اهي سڀني شرطن کي مڃڻ کان انڪار ڪن ته پوءِ انهن سان جنگ ڪئي وڃي. اسلامي فوج ان وقت فاتحاڻي حيثيت رکندڙ هئي، هن چين جهڙي ملڪ جي بادشاهن کي به هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پر جڏهن قاضيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته اسلامي فوج جي سردار ڪنهن بحث مباحثي کان سواءِ اهو قبول ڪيو. ان هڪدم حڪم ڏنو ته سموري فوج سمرقند کي ڇڏي ٻاهر نڪري اچي. پر ان تي عمل جي نوبت نه آئي. سمرقند جي ماڻهن جڏهن ڏٺو ته مسلمان ايڏا اصول وارا ۽ انصاف پسند آهن ته حيران ٿي ويا. هنن ان کان اڳ ڪڏهن اهڙي اڻ ڌري انصاف جو تجربو نه ڪيو هو. هنن محسوس ڪيو ته مسلم فوج جو اچڻ انهن جي لاءِ رحمت جو اچڻ آهي. تنهنڪري هنن پنهنجي مرضيءَ ۽ خوشيءَ سان مسلم حڪومت کي قبول ڪيو. انهن چئي ڏنو. ڀلي ڪري آيا، اسان اوهان جا مطيع ۽ فرمانبردار آهيون. (مرحبا سمعنا واطعنا، فتوح البلد ان بلا ذري)
اهو واقعو عدل ۽ انصاف جو جيڪو نمونو پيش ڪري ٿو. ان جو مثال سڄي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن واقعي ۾ عدل ۽ انصاف جو اصول پنهنجي اوچي مقام تي نظر اچي ٿو. عدل بنا ڪنهن شڪ شبهي جي انساني زندگيءَ جو اعليٰ کان اعليٰ قدر آهي ۽ هي واقعو ان قدر جي اعتراف جو تمام وڏو عملي مثال آهي.
هر دور ۾ سڀني غور ويچار ڪندڙ انسانن جو تمام محبوب مقصد اهو رهيو آهي، ته هو هڪ اهڙو انساني نظام جوڙين، جتي حق جي حڪمراني هجي. جتي هر هڪ کي انصاف ملي. جتي معاشي ظلم ۽ ڏاڍ نه هجي. جتي هر انسان عزت جي زندگي گذاري. جتي اعليٰ انساني قدرن کي ترقي ملي. ان قسم جو سماج ٺاهڻ جي دعويٰ ته گهڻن ئي ماڻهن ڪئي، پر عملي طور تي اهو پنهنجي ڪامل صورت ۾ فقط هڪ ڀيرو قائم ٿي سگهيو ۽ اهو اسلام جي شروعاتي تاريخ جي زماني ۾ ٿيو. اسلام جي پهرين نسل ۾ پيش ايندڙ هي واقعو ڄڻ سڄي انسانيت لاءِ هڪ نمونو آهي. هاڻي هر دور جي انسانن کي اهو ڪرڻو آهي، ته هو نموني (مثال) کي ڏسن ۽ انهيءَ نموني جي روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو نظام ڏين.