تاريخ جو سبق
(ٽيليگراف- 22 نومبر 1987ع)
ٻي مهاڀاري جنگ کان اڳ ۾ هٽلر کي اڳوڻي متحده (گڏيل) جرمنيءَ ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. ايتري قدر جو هو ملڪ جو ڊڪٽيٽر (آمر) بڻجي ويو. پر ان ”قائد اعظم“ جرمنيءَ کي ”قوم اصغر“ بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪارنامو سرانجام ڪونه ڏنو. هٽلر جيڪي حالتون پيدا ڪيون، تن جو نتيجو اهو نڪتو جو جرمنيءَ جو وسيع ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ ان تي چئن ٻاهرين قوتن (روس، برطانيه، آمريڪا ۽ فرانس) جو قبضو ٿي ويو. هٽلر جو آخري انجام اهو ٿيو جو، جنهن پستول کي هو پنهنجي ذاتي حفاظت جي لاءِ هر وقت پاڻ وٽ رکندو هو. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ شڪست کان پوءِ هن 30 اپريل 1945ع تي انهيءَ پستول سان پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي، خودڪشي ڪئي. هٽلر پنهنجي قوم کي به هلاڪ ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي به.
[b]هٽلر جو عروج ڪهڙيءَ ريت ٿيو؟!
[/b]جديد اقتصادي تاريخ جي باري ۾ اوهان ڪو به ڪتاب پڙهو، توهان کي ان ۾ هڪ اصطلاح عظيم بحران (Great Depression) نالي ملندو. ان مان مراد اها غير معمولي بازار جي موڙي يا اگهه جي ٿڌائي آهي. جيڪا يورپ ۽ آمريڪا ۾ 1929ع ۾ شروع ٿي ۽ 1939ع تائين جاري رهي. ان زماني ۾ مخصوص سبب جي ڪري صنعتي پيداوار گودامن ۾ جمع ٿي وئي ۽ بازار ۾ ان جا خريدار تمام گهٽجي ويا. نتيجو اهو نڪتو جو ڪارخانا بند ٿي ويا. اقتصادي سرگرميون ٺپ ٿي ويون. تقريباً 25% سيڪڙو صنعتي ڪارڪن بيروزگار ٿي ويا. جرمنيءَ ۾ بيروزگار ماڻهن جو انگ لکن تائين پهچي ويو. مغربي دنيا جو اڌ واپار برباد ٿي ويو.
اهو بحران شروعات ۾ جيتوڻيڪ اقتصادي هو. پر ان جا نهايت اهم سياسي نتيجا ظاهر ٿيا، انتها پسند عنصر وڌيڪ طاقتور ٿي ويا ۽ اعتدال پسند ماڻهن جي ساک پت تمام گهڻي گهٽجي وئي.
The Depression had important consequence is the political Sphere strengthening extremist forces and lowering the prestige of liberal democracy. (IV / 696)
ڪنهن سماج ۾ بظاهر سڀ کان وڌيڪ طاقتور ادارو حڪومت جو هوندو آهي. ان ڪري عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته جڏهن ڪا وڏي مصيبت ايندي آهي، ته ماڻهو ان کي حڪمرانن ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيندا آهن. نتيجي ۾ گهڻو ڪري وقت جي حڪمرانن جي خلاف فضا جنم وٺندي آهي. انهيءَ نفسيات جي بنياد تي ائين ٿيندو آهي ته جيڪو شخص مصيبتن جو ذميدار حڪومت کي سمجهي ان جي خلاف جذباتي تقريرون ڪندو آهي. اهو ماڻهن کي پنهنجو سچو همدرد ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان جي ابتڙ جيڪو شخص مجموعي حالتن جي روشنيءَ ۾ مسئلن جو تجزيو ڪندو، اهو ماڻهن جي نظر ۾ ”ظالم حڪومت“ جو ايجنٽ هوندو آهي. اهڙي شخص جي باري ۾ ماڻهن کي اهو شڪ هجي ٿو، ته هو عوام کي عمل جي اصل منزل کان هٽائڻ چاهي ٿو.
بحران جي زماني (1939 ـ 1929ع) ۾ جرمنيءَ جون اهي ئي حالتون هيون، جنهن کي هٽلر استعمال ڪيو. هن سڀني مصيبتن جو ذميوار وقت جي حڪومت کي قرار ڏيئي، ان جي خلاف جوشيليون تقريرون شروع ڪري ڏنيون. نتيجو اهو نڪتو جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو جرمنيءَ جو سڀني کان وڌيڪ هاڪارو ليڊر بڻجي ويو. هڪ مؤرخ جي لفظن ۾ 1929ع کان پوءِ پيدا ٿيندڙ اقتصادي بحران کان هٽلر کي عوامي پٺڀرائي ملي ۽ سندس پارٽي، جرمنيءَ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي.
Economic depression ofter 1929 brought mass support; making (1932) Nazis largest party in Reionstag. Hitler was oppointed chanceller (Jan. 1933) estabilished dictatorship in Germany.
[b]ٻيو مثال
[/b]هڪ پاسي هٽلر جي اها تاريخ آهي. ٻئي پاسي يورپ ۾ برطانيه جي هڪ تاريخ آهي.برطانيه ۾ ان (پارٽي يا سوسائٽي) جي بلڪل مخالف انداز ۾ هڪ پارٽي ٺاهي ويئي، جيڪا عام طور تي ”فيبين“ نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. انهن جي سوچڻ جو طريقو ۽ انداز ان کان بلڪل مختلف هو. جيڪو هٽلر ۽ سندس نيشنل سوشلسٽ (نازي) پارٽيءَ جو هو. فيبين سوسائٽي برطانيه ۾ ڪڏهن به عوامي مقبوليت حاصل نه ڪري سگهي. پر هن برطانيه جي لاءِ جيڪو ڪم ڪيو، اهو نازي پارٽيءَ جي مقابلي ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ اهم هو.
فيبين سوسائٽي لنڊن ۾ 1883ع ۾ قائم ٿي. ان جو مقصد سرمائيداراڻي نظام جي خرابين کي ختم ڪرڻو هو. ان سوسائٽي ۾ شروع ۾ جيڪي ماڻهو شامل ٿيا هئا. انهن مان هڪ جارج برناڊ شا (1950 ـ 1856ع) به هو. برناڊ شا عوامي تقرير ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. ان ڪري سندس تقريرن جي ڪري انهيءَ تحريڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو شامل ٿيا. نوجوان برناڊشا ان کان پوءِ عوامي مظاهري جو منصوبو جوڙيو ۽ پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪري هڪ جلوس ڪڍيو. ان جلوس ۾ اڪثر وچين طبقي جا ماڻهو شامل هئا. اهي ماڻهو جڏهن پنڌ (مارچ) ڪندي، لنڊن جي انهن علائقن ۾ پهتا، جتي وڏا وڏا سرمائيدار ۽ دولتمند رهندا هئا، ته انهن جا ڪجهه فرد تشدد تي لهي آيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لڳا.
ان پهرين تجربي کان پوءِ ئي فيبين سوسائٽي جا اڳواڻ جلوس ۽ مظاهري جا سخت مخالف ٿي ويا. انهن چيو ته عوام کي ”پر امن مظاهري“ جو پابند ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. انهيءَ ڪري اسان پنهنجي اصلاحي جدوجهد کي مظاهري کان سواءِ هلائينداسين ان کان پوءِ فيبين سوسائٽي پريس، گڏجاڻين، علمي ريسرچ وغيره جهڙن بنا مظاهرن وارن طريقن جو پابنديءَ سان بندوبست ڪرڻ لڳي. فيبين سوسائٽي (ڪنهن به ڪم يا تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ) مرحليوار ڪم ڪرڻ جي انتهائي سخت ضرورت (Inevitableness of gradualism) تي گهڻو زور ڏنو. ان تحريڪ جا ماڻهو سوشلزم کي مڃيندا هئا. پر ارتقائي سوشلزم جو عقيدو رکندا هئا، نڪي انقلابي سوشلزم جو.
The Fabians put their faith in evolutionary socialism rather than in revolution (4/20)
غير مظاهراتي عمل جو طريقو اختيار ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. حقيقت اها آهي ته اهو موجوده دنيا جو تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي. ان ڪم ۾ پنهنجو پاڻ کي روڪڻو پوندو آهي. وڌيڪ ملڻ جي بدران جيڪو ملندو هو تنهن تي راضي ٿيڻو پوندو آهي. شهرت ۽ مقبوليت جا موقعا هجڻ جي باوجود، پنهنجو پاڻ کي گمناميءَ ۾ دفن ڪرڻ جي لاءِ راضي ٿيڻو پوندو آهي. ان ڪري فيبين سوسائٽي سان اهو سڀ ڪجهه ٿيو. اها هڪ حقيقت آهي ته فيبين سوسائٽيءَ برطانيا ۾ هڪ زبردست تاريخ اَڏي. پر اها به حقيقت آهي ته برطانوي عظمت کي قائم ڪرڻ جي لاءِ ان جي اڳواڻن کي پنهنجي عظمت تان هٿ کڻڻو پيو.
پنهنجي اعتدال (وچٿرائي) واري فڪر ۽ پنهنجي غيرعوامي طريقيڪار جي ڪري فيبين سوسائٽيءَ کي اها قيمت چڪائڻي پئي جو اها ڪڏهن به برطانيا جي مقبول عوامي تحريڪ نه بڻجي سگهي. 1946ع جو دور، ان جي عروج جو دور سمجهيو وڃي ٿو، پر ان عروج ۽ ترقيءَ جو دور ۾ به فيبين سوسائٽي جي ميمبرن جو ڳاڻيٽو 8400 کان وڌيڪ نه هو. اها سدائين ”خاص“ جي تحريڪ سمجهي وئي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته فيبين سوسائٽي پنهنجي خاموش فڪري سرگرمين جي وسيلي برطانيا جي ذهين طبقي تي گهرو اثروڌو. ملڪ جي عام آباديءَ ۾ ان جي ميمبرن جو تعداد جيتوڻيڪ هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ نه هو. پر اعليٰ ترين ذهنن جو چڱو خاصو تعداد ان کان متاثر ٿيو. ان ڪري سندس ميمبرن جي وچور ۾ جارج برناڊشا، سڊني ويب ۽ ڪليمنٽ اٽيليءَ جهڙا ماڻهو ان ۾ شامل هئا.
فيبين سوسائٽيءَ جا ميمبر ٻئي مرحلي ۾ برطانيا جي ليبر پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا ۽ اهي ماڻهو ليبر پارٽيءَ ۾ ايڏو ته اثر انداز ٿيا جو اهي، ان جا دماغ بڻجي ويا. ان ڪري 1945ع جي چونڊن ۾ ليبر پارٽي برطانيا ۾ اقتدار ۾آئي ته ان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جو اڌ تعداد انهن جو هو، جيڪي فيبين سوسائٽي سان تعلق رکندا هئا. پارٽيءَ جو اڳواڻ ڪليمنٽ اٽيلي به ان جو هڪ ميمبر هو. فيبين سوسائٽي ملڪ جي مجموعي آباديءَ ۾ مشڪل سان هڪ سيڪڙو هئي، پر حڪمران پارٽيءَ ۾ ان جو شمار %50 سيڪڙو تائين پهچي ويو.
1945ع کان اڳ برطانيا ۾ سر ونسٽن چرچل جي پارٽي اقتدار ۾ هئي. ان وقت برطانيا جي نو آبادياتي بيٺڪن ۾ آزاديءَ جون تحريڪون هلي رهيون هيون. بظاهر برطانيا جي طاقت، انهن تحريڪن کي دٻائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي رهي هئي، پر چرچل برطانوي بيٺڪن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن پارليامينٽ ۾ پنهنجي تاريخي تقرير ۾ چيو هو، ته هو ملڪ جو وزيراعظم ان ڪري نه ٿيو آهي جو برطانوي شهنشاهت جي خاتمي جي تقريب جي صدارت ڪري.
He had not become his Majesty`s first Minster to Preside over the liquidation of his Majesty`s, empire.
ونسٽن چرچل جي پاليسي، برطانيا کي انهيءَ قسم جي انجام ڏانهن وٺي وڃڻ واري هئي. جتي هٽلر جرمنيءَ کي پهچايو هو. يعني پنهنجي قبضي هيٺ آيل ملڪن کان پر تشدد جنگ ۽ آخرڪار ظلم جو ميڊل وٺي، ان جي آزاديءَ تي راضي ٿيڻ.
پر 1945ع ۾ جڏهن ليبر پارٽي اقتدار ۾ آئي ته هن پنهنجي فيبين ميمبرن جي اثر هيٺ سٺي معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر نئين سر غور ڪرڻ شروع ڪيو. انهن جي حقيقت پسنداڻي فڪر جي انداز کين ٻڌايو ته نوآبادياتي ملڪن کي موجوده حالتن ۾ گهڻي وقت تائين پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ نا ممڪن آهي. جديد حالتن جي نتيجي ۾ بهرحال هڪ نه هڪ ڏينهن آزاد ٿي رهندا. پر جيڪڏهن برطانيا پر امن طور تي کين آزادي ڏئي، ته اهو ان جي لاءِ وڃائڻ بدران وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي برابر ثابت ٿيندو. اهو حقيقت ۾ فيبين ذهن ئي هو. جنهن تحت برطانيا 1947ع ۾ اهو تاريخي فيصلو ڪيو، ته اهي هندستان کي (۽ ان کان پوءِ ٻين ملڪن کي) پر امن طور تي آزاد ڪري.
ان حقيقت پسنداڻي فيصلي جو زبردست فائدو برطانيا کي مليو. هڪ پاسي هن جا عالمي اقتصادي فائدا گهڻي حد تائين محفوظ رهيا. ٻئي پاسي برطانيا ڪامن ويلٿ جي صورت ۾ هن گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي وڌيڪ پنهنجي عالمي سياسي وقار جو تحفظ ڪيو.
[b]اسان جي لاءِ سبق
[/b]هندستان جي حالتن جيتوڻيڪ ان جي اجازت ڪونه ڏني ته هتي ڪو شخص ”هٽلر“ بڻجي. پر هڪ لحاظ کان اسان جا اڪثر اڳواڻ هٽلر جي پوئواري رهيا آهن. اسان جي ملڪ جا اڪثر اڳواڻ چاهي اهي ڪميونٽي اڳواڻ هجن يا قومي اڳواڻ، اهو ئي ڪندا رهيا آهن، ته اهي فرقي يا قوم کي پيش ايندڙ ڪنهن مصيبت کي وٺي اٿي کڙا ٿيندا آهن. اهي بگڙيل حالتن جي سموري ذميداري وقت جي حڪومت تي اڇلائي، ان جي خلاف جذباتي تقريرون شروع ڪري ڏيندا آهن. جلسا جلوس ۽ اخباري بيانن جو هُل هنگامو شروع ٿي ويندو آهي ۽ انهن سڀني جو رخ سدائين حڪومت ڏانهن ئي هوندو آهي.
عوام پنهنجي مخصوص نفسيات جي ڪري ٽولن جا ٽولا اهڙن ليڊرن جو ساٿ ڏيندو آهي. عوام جي اڪثريت انهن جي چوڌاري تڪڙو گڏ ٿي ويندي آهي. ايتري قدر جي اهي ڪامياب ٿي ويندا آهن، ته وقت جي حڪومت جو انت آڻيو ڇڏين. پر ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، انهيءَ سان حالتون پهريان کان به ويتر خراب ٿي وينديون آهن. ڪنهن جو اهو قول اهڙي قسم جي سڀني انقلابن تي ٺهڪي اچي ٿو، ته انقلاب ان ڳالهه جي هڪ ڪامياب ڪوشش آهي ته هڪ خراب حڪومت کي ختم ڪري، ان کان وڌيڪ خراب حڪومت کي پنهنجي مٿان مڙهيو وڃي.
A revolution is a successful effort of get ridotabad govt: and setup a worse.
[b]وقت جي ضرورت
[/b]اڄ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ فيبين سوسائٽيءَ جي نموني جون تحريڪون قائم ڪيون وڃن. ڪميونٽيءَ جي سطح تي به ۽ قومي توڙي ملڪي سطح تي به. حقيقت اها آهي ته آزاديءَ کان سگهوئي پوءِ مهاتما گانڌيءَ انهيءَ قسم جي هڪ جماعت جو نقشو پيش ڪيو هو ۽ ان جو نالو هن ”جن ڪانگريس“ رکيو هو. گانڌيءَ جو اهو چوڻ هو ته سياسي آزادي ملي وڃڻ کان پوءِ هاڻي اسان جي آڏو ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ جو تمام گهڻو ۽ وڏو ڪم آهي. انهيءَ ڪري اسان کي هڪ غيرسياسي جماعت جي ضرورت آهي. ان جماعت جو ڪم عوام جي ذهني تربيت ڪرڻ هوندو ۽ اها چونڊن واري سياست کان الڳ رهي، نج تعميري انداز ۾ ڪم ڪندي. ”جن ڪانگريس“ جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري هو ته ڪانگريس جا وڏا وڏا اڳواڻ عهدي ۽ اقتدار جو رستو ڇڏي ”خاموش عمل“ تي پنهنجو پاڻ کي راضي ڪن. ۽ پنهنجي مڪمل توجهه سان ان ۾ مشغول هجن پر ڪو به اڳواڻ ان سياسي قربانيءَ جي لاءِ تيار نه ٿيو ۽ گانڌيءَ جي موت سان گڏ ئي ”جن ڪانگريس“ جو به انت ٿيو.