ڪھاڻيون

اندرا

”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“

  • 4.5/5.0
  • 3423
  • 1697
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Indra

آتم ڪٿا : دل تي لکيل درس

مان منهن ورائي گذري ويل اڌ صديءَ کان ڏهاڪو کن سال اڳتي ڏسان ٿو. رتن تلاءُ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪراچي کي باهه ڏني اٿائون. اُلاوَ در درين ۽ بالڪونين مان ڀنڀٽ ڪري اُڀري رهيا آهن. هجوم ۾ هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو ڇوڪرو حيرت ۽ اچرج وچان باهه جي ڀنڀٽن ڏانهن ڏسي رهيو آهي. پريشانيءَ سبب هو توائي ٿي ويو آهي.کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري! هو اُڀرندڙ اُلائن ڏانهن وڌي ٿو. ماڻهو کيس روڪي، ڇڪي، پوئتي ڪن ٿا. ماڻهن جي ٻانهن ۾ جڪڙيل ڇوڪرو رڙيون ڪري رهيو آهي، ”ڇو؟ ڇو؟ ڇو؟“
1947 . مارچ يا اپريل جو مهينو. ٽيهٺ چوهٺ سال گذري ويا آهن. اِن ڳالهه کي. اُن وقت تائين اسان جي ڪچڙي ذهن ۾ انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ جون ڳالهيون هلنديون هيون. وڏن جي اوسي پاسي ويهندي يا لنگهندي ملڪ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ جون ڳالهيون ٻُڌبيون هيون. پوءِ الاءِ ڇا ٿي پيو! انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍڻ بدران ملڪ وراهڻ جون ڳالهيون نڪري پيون. چيائون پي ته هندستان کي ٻه ڀاڱا ڪندا. هڪ ڀاڱي ۾ هندو رهندا. ٻئي ڀاڱي ۾ مسلمان رهندا. ٻنهي ڀاڱن کي جدا رکڻ لاءِ وچ ۾ ڪا سرحد ڇڪيندا، يا ڀت بيهاريندا. ان قسم جي ڳالهين اسان ڇوڪرن کي منجهائي وڌو هو.
اين جي وي هاءِ اسڪول جي ٽينس ڪورٽ تي ٽينس بال سان ڪرڪيٽ راند ڪري سانجهيءَ ويلي سعيد منزل وٽ اچي بيهندا هئاسين ۽ ماحول ۾ ايندڙ تبديليءَ کي محسوس ڪندا هئاسين. اسان جي اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ، ۽ اسان جي گهر ايندڙ ويندڙ، پنهنجن عزيزن کان وڌيڪ ويجهين هندو فيملين مسلماني ويس وڳا پائي ورتا هئا. هردم کلڻ ۽ مرڪڻ وارن چهرن تي خوف جا پاڇا اُڀري آيا هئا. حراس سندن گهرن تي ڇانئجي ويو هو. اهڙي غير يقينيءَ واري ماحول ۾ منهنجي ذهني اوسر ٿي رهي هئي.
هڪڙي ڏينهن سعيد منزل جي ڪنڊ وٽ ماڻهن کي ٽولن ٽولن ۾ بيٺي، ۽ سرگوشيون ڪندي ڏٺوسين. ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ تي ڪجهه هندو فيملين تي مجاهدن خوني حملا ڪيا هئا. اِتي ڪنهن وڏي واڪ چيو، ”رتن تلاءَ اسڪول کي باهه ڏني اٿائون.“
اِن هڪ جُملي منهنجي ايندڙ زندگيءَ جي جنم پتري لکي ڇڏي – منهنجن لاڙن، رَوين، يقينن ۽ اعتقادن جو تعين ڪري ڇڏيو. تمام ننڍڙي ڄمار ۾ مون مذهبن جي نالي ۾ نفرتن کي بدترين روپ ۾ ڏسي ورتو. هوش هوندي به مان بيهوش بندر روڊ لتاڙي، ٽيمپل روڊ تان ڊوڙندي رتن تلاءُ اسڪول آڏو وڃي بيٺس. هجوم ۾ ڪجهه ماڻهو هنڀوشيون هڻي نعرا بلند ڪري رهيا هئا – ''لے کے رہیں گے پاکستان'' ڪجهه ماڻهو ماٺ ڪري اسڪول جي درن درين مان اُڀ ڏانهن اڀرندڙ اُلاوَ ڏسي رهيا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ فائر برگيڊ جون ٻه گاڏيون آيون، ۽ باهه وسائي هليون ويون.
مان گهر موٽي آيو هوس. امان سان چنبڙي روئي پيو هوس. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو – ڏاڍي تڪليف پهتي هئي. دل پي چاهيو هانءُِ ڦاڙي رئان، رڙيون ڪريان. مٿي ۾ مٽي وجهان! اُن شام کان پوءِ آيل رات ڏاڍي ڀوائتي هئي. اکيون بند ڪريان ته اسڪول کي لڳل باهه جا ڀنڀٽ نظر اچن. اکيون کوليان ته پاڻ کي پڄرندي محسوس ڪريان.
ان قسم جي ڀوائتي ڪيفيت غير معمولي هئي. رتن تلاءُ اسڪول منهنجو پهريون درسگاهه هو. رتن تلاءُ اسڪول جا ٽيچر منهنجا پهريان پهريان استاد هئا. رتن تلاءُ اسڪول ۾ پهريان پهريان دوست مليا هئا، اندرا، ارجن، پرشوتم ۽ سشيل. رتن تلاءُ اسڪول جي راندين واري ميدان ۾ مون پهرين دفعي فٽبال کي ٿڏا هنيا هئا – ۽ بيٽ هٿ ۾ کنئين هئي. صبح جو ساڍي نوين لڳي اسڪول جي اسيمبلي ٿيندي هئي. چئن درجن جا اسين شاگرد، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون چار قطارون ٺاهي بيهندا هئاسين. هيڊ ماستر ڊگهي پول سان ٻڌل رسيون ڇڪي ٽن رنگن وارو جهنڊو جهولائيندو هو. چار شاگرد اول را بندر ناٿ ٽيگور جو ترانو، جَن مَن گَهن، ۽ پوءِ علامه اقبال جو ترانو، سارے جہاں سے اچھا ھندستان ہمارا،ڳائيندا هئا، ۽ قطارن ۾ بيٺل شاگرد هنن سان سُر ۾ سُر ملائيندا هئا. سڀني شاگردن لاءِ منجهند جي ماني گهران ايندي هئي. اسين ننڍڙيون ننڍڙيون ٽوليون ٺاهي، ڪڏهن ٻه ڄڻا، ته ڪڏهن چار ڄڻا پاڻ ۾ ونڊي وراهي ماني کائيندا هئاسين. ٽيچرس کان نه ملندي هئي ڇڙٻ، نه ملندا هئا دڙڪا. ڪلاس هلندي موقعي مهل سان ٽيچر اسان کي شعوري تربيت ڏيندا هئا – ڌرتي اسان جي ماءُ آهي – پنهنجيءَ ماءُ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻو آهي – انگريزن کي پنهنجي ملڪ مان ڌڪي ڪڍڻو آهي – اسان جو مرڻ جيئڻ ماءُ سان آهي.
اهڙي ماحول ۾ مون پيڙهه واري پٿر جهڙا چار سال گذاريا هئا. هينئر مان چوهتر سالن جو اچي ٿيو آهيان. انهن چوهتر سالن ۾ مون انيڪ لاها چاڙها ڏٺا آهن، پر مان رتن تلاءُ اسڪول ۾ گذاريل چار سال وساري نه سگهيو آهيان. اڄ به منهنجي لاشعور ۾ لوح تي محفوظ ٿيل آهي ته جنهن ڌرتيءَ تي مون جنم ورتو، سا ڌرتي منهنجي ماءُ آهي. مان 1936 ۾ ڄائو هوس. اُن وقت پاڪستان جو نالو نشان نه هو. فقط هندستان هو. تنهن ڪري مان پيدائشي هندستاني Born Indian آهيان. اِها تاريخي حقيقت آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي آڻڻ امڪان کان ٻاهر آهي. 1947 ۾ مسلمان سياستدانن منهنجي ماءُ کي ٻه اڌ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اِن ڳالهه کي ٽيهٺ سال گذري ويا آهن. پر مان پنهنجي ماءُ جو ورهاڱو قبول ڪري نه سگهيو آهيان. ماءُ جو ورهاڱو ٿي نه سگهندو آهي. سندس ٻار وراهجي ويندا آهن.
رتن تلاءُ اسڪول کي ڏنل باهه فائر برگيڊ جون ٻه گاڏيون وسائي هليون ويون هيون، پر منهنجي وجود ۾ سوچن جو مَچُ وسائي نه سگهيون هيون. منهنجو رتن تلاءُ اسڪول هندو هو، نه مسلمان هو، نه مندر هو، نه مسجد هو، پوءِ منهنجي اسڪول کي باهه ڇو ڏني هئائون؟ ڌرتيءَ کي ماءُ مڃڻ جو درس مون کي اِن اسڪول مان مليو هو. مون پنهنجي ماءُ جو ورهاڱو، جيتوڻيڪ تاريخي حقيقت آهي، پر قبول نه ڪيو آهي. مان ماءُ جي سرير تي نڪتل سرحدن جو منڪر آهيان. مان بادل آهيان. سرحدن کي ڪَٿ ۾ نه آڻيندو آهيان. مان واءُ وانگر مٿان اُڏامندو رهندو آهيان.
منهنجي تصور جي ڪابه حد مقرر ٿيل ناهي. منهنجي آتما، منهنجو روح آزاد آهي. مان بنا پاسپورٽ، بنا ويزا جي ڪراچيءَ مان اُڏامي ڪلڪتي جي ايڊن گارڊن ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڏسي موٽي ايندو آهيان. مان مڌوبن ۽ مٿرا مان ٿي ايندو آهيان. ڪاشيءَ مان تيرٿ ياترائون ڪري ايندو آهيان. بندرا بن ويندو آهيان. مان پوني جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ان جاءِ کي ڳوليندو آهيان جتي منهنجيءَ ماءُ جنم ورتو هو. مان ممبئيءَ ۾ اُن پاڙي لاءِ سرگردان رهندو آهيان جتي منهنجي ماءُ وڏي ٿي هئي. تڏهن، مون وٽ نه هوندو آهي پاڪستاني پاسپورٽ ۽ پاسپورٽ تي لڳل هندستاني ويزا. منهنجو تصور سرحدن جو پابند ناهي. مان 1936 ۾ ڄائو هوس. مان پيدائشي هندستاني Born Indian آهيان. مان کڻي ڪٿي به رهان، پر هندستان ۾ آزاديءَ سان اچڻ وڃڻ، گهمڻ ڦرڻ، رهڻ، ياترائون ڪرڻ منهنجو بنيادي، انساني، اخلاقي، ۽ پيدائشي حق آهي. مان سمجهان ٿو، محسوس ڪري سگهان ٿو ته اِن قسم جي ذهني ڪيفيت مون کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ديوانگيءَ جو در ڏيکاريندي.

امر جليل

B-702, Sand View Homes
Frere Town
Clifton-Karachi, Sindh.
E-mail: amarjaleel@cyber.net.pk
amarjaleel36@gmail.com
17 مئي، 2010
ڪراچي