سرحد
جيتوڻيڪ سج پوين پساهن ۾ هو پر تڏهن به جڏهن بارود جي دونهي جا بادل هوا ۾ منتشر ٿي ويا ته سج جي سونهري ڪرڻن ۾ واريءَ جا ذرڙا موتين وانگر جرڪڻ لڳا. حد ـ نگاهه تائين واري وڇايل هئي. ڪٿي ڪٿي، ڪجهه مٿڀرو واريءَ جا دڙا هئا جن جا طويل پاڇا واريءَ تي داغ وانگر نظر اچي رهيا هئا.
اهڙي ئي هڪ دڙي پويان هڪ نوجوان اسٽين گن کڻي، سامهون، دشمن جي مورچن ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. هو پنهنجن ساٿين کان گهڻو اڳتي ۽ هندستاني سرحد کي قريب هو. ٽين صبح جو گولين جي وسڪاري ۾ هو پنهنجي خندق مان نڪري، پيٽ ڀر رڙهندو، دڙن پويان لڪندو، دشمن جي مورچن جي سامهون هڪ دڙي جي اوٽ ۾ وڃي بيٺو هو. اتان هن واريءَ تي ليٽي دشمن جي سپاهين کي چٽڻ شروع ڪيو هو. جنهن به خندق مان ڪنڌ مٿي ڪيو ٿي تنهن مغز مان هن جي گولي پار ٿي پئي ويئي. صبح کان شام تائين هن دشمن جا ايترا ته سپاهي ماري وڌا جو شام جو، ڪجهه دير لاءِ کيس اهو احساس وڪوڙي ويو. ڄڻ هن اڪيلي سر دشمن سان جنگ جوٽي هئي ۽ دشمن جي فوج کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو هئائين.
هن دشمن جي ٽڙيل پکڙيل سامان، هٿيارن، جيپن، ٽرڪن ۽ ٽينڪن ڏانهن لاپرواهيءَ سان ڏٺو ۽ کيسي مان سگريٽ ڪڍي، دکائي لمبو ڪش هنيائين. ٻن ڏينهن کان کيس سگريٽ ڇڪڻ جي فرصت نه ملي هئي. اسٽين گن واريءَ تي رکي، هيلمٽ (لوهي ٽوپلو) لاهي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو. هيلمٽ پائڻ سبب سندس وار وچڙي پيا هئا. لاڳيتو هڪ هنڌ ويهي وڙهڻ سبب جسم سخت ۽ عضوا ساڻا ٿي پيا هئس. ڄڻ ته ٽنگن ۾ ڳڍڙيون پئجي ويون هئس. هن آرس ڀڳو ۽ ٽنگن کي اُڇل ڏنائين. ائين ڪرڻ سان هن پنهنجين ٽنگن جي ساڻائي ختم ٿيندي محسوس ڪئي. سندس دل ۾ پنڌ ڪندو پنهنجن مورچن ۽ خندقن کان ٿيندو ويو. سندس نگاهون واريءَ جي دڙن تان ترڪنديون اُفق تائين وڃي پهتيون. ان طرف ڪٿي عمر ڪوٽ به هو.
محاذ ڏانهن ايندي هو عمر ڪوٽ وٽان لنگهيو هو. عمر ڪوٽ ۾ هن اُها جاءِ به ڏٺي هئي. جتي هندستان جو عظيم مغل شهنشاهه اڪبر ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڄائو هو. هن عمر ڪوٽ جي مٽي مِٺ ۾ کڻندي چيو هو.
”پنج سئو سالن کان پوءِ اسان وري موٽي آيا آهيون، عمر ڪوٽ. هن زمين تي اسان جي فتح دشمن جي سڀ کان وڏي شڪست ثابت ٿيندي.“ ان وقت کان سندس دل ۾ دشمن کي اڪيلي سر چٿي ڇڏڻ جي تمنا جاڳي اُٿي هئي. سندس هٿ جي گرفت اسٽين گن تي مضبوط، ٿي ويئي هئي. دشمن کي ماري مات ڪري ڇڏڻ لاءِ هو بي چين ٿيڻ لڳو. دل جو آواز پنهنجي دوست کي ٻڌايو هئائين.
”دل چاهي ٿي، مان اڪيلي سر دشمن جي سموري فوج کي گولين سان ڍير ڪري ڇڏيان.“
”واهه ـ“ درانيءَ وراڻيو هئس ـ ”اسان ڄڻ دشمن جا لاش ڳڻڻ نڪتا آهيون! اڙي ميان، اسان سڀني جي دل جي اها ئي تمنا آهي.“
تڏهن هن پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏٺو جن جا جسم فولاد جهڙا هئا ۽ چهري تي بي مثال عزم هو. سڀ ٽرڪن، جيپن ۽ توپن سان گڏ محاذ ڏانهن وڃي رهيا هئا. هن غور سان هڪ هڪ جي منهن ۾ نهاريو، هنن سڀني جي دل ۾ ساڳي تمنا آهي!. اڪيلي سر دشمن کي تباهه ڪرڻ جي تمنا! هي ڪير آهن؟ آهن پاڪستان جي بري فوج جا جوان، پر آهن ڪير؟ ڊپ جن جي پاڇي کان به ڏڪي ٿو هي سڀئي طارق آهن، خالد آهن ۽ موسيٰ آهن. هنن کي مارڻ مذاق ڪونهي. هنن ڪڏهن به شڪست جو منهن نه ڏٺو آهي. هي فتح جا خريدار آهن. نصرت سندن ٻانهي آهي. سڀ هوشو آهن. جڏهن دٻي وٽان لنگهيا ته تڏهن درانيءَ کيس هوشو جي باري ۾ ٻڌايو هو ـ هي اٿئي دٻي جو ميدان، جتي وطن جي حفاظت لاءِ هوشو پنهنجي جان قربان ڪئي هئي.“
”هوشو!“
ها، هوشو شيدي، جنهن مڪار انگريزن جي فوجن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو. جسم تي چوراسي زخم لڳا هئس پر به نعرو ٿي هنيائين. ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.“
هن غور سان درانيءَ ڏانهن نهاريو هو ـ ڄڻ ته هو هوشو هو درانيءَ چيو.
”هوشو شيديءَ جي بهادريءَ شجاعت ۽ حب الوطنيءَ جي عزت اسان سنڌين جي دل ۾ ايڏي آهي جيڏي حيدرآبادين جي دل ۾ ٽيپوءَ لاءِ آهي.“
هن دراني ڏانهن ڏسندي چيو هو ـ
”توهان سنڌي دلير آهيو؟“
”دلير آهيون، پر اسان جي دليري پيرن مرشدن جي مريديءَ ۾ دفن ٿي ويئي آهي.“
”پر دليري جو جذبو ايتري آسانيءَ سان ختم ٿيڻ جو ته ناهي؟“
درانيءَ جي چپن تي زهر آلود مرڪ مڙي آئي ـ
”زوريءَ پرائي ٻانهن کڻائڻ ۽ ڪنهن نچڻيءَ جي ناز نخرن تي هارين جي پگهر جو پورهيو قربان ڪري ڇڏڻ وارو اسان ۾ سورهيه سڏائيندو آهي.“
”سنڌ جي باري ۾ تنهنجا خيال خطرناڪ آهن.“
”سنڌ جي باري ۾ نه ـ“ درانيءَ وراڻيو ـ ”اڄ جي سنڌي ذهنيت کان مان باغي آهيان. آزاديءَ کان اڳ سياڻو سيٺ اٻوجهه عوام جي کل لاهيندو هو ۽ آزاديءَ کان پوءِ ساڳيو ڪم ڀوتار، رئيس ۽ وڏيرو انجام ڏيندو آيو آهي ... پر ... .“
”پر ڇا؟“
”انقلاب کان پوءِ عوام سجاڳ ٿيو آهي. هن جنگ ويتر کين پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو آهي. گڏڙو جي محاذ تي مان توکي حر ڏيکاريندس. جيڪي اسان جي فوجين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دشمن سان وڙهي رهيا آهن.“
۽ پوءِ درانيءَ کيس حرن جي بهادري ۽ شجاعت جا اچرج ۾ وجهندڙ قصا ٻڌايا هئا. هو اسٽين گن گوڏن تي رکي. ٽرڪ کي ٽيڪ ڏيئي غور سان حرن جي جدوجهد ۽ انگريزن خلاف سندن بغاوت جا داستان ٻڌندو محاذ ڏانهن وڌندو ويو.
محاذ تي ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين جي مسلسل جنگ کان پوءِ، ٽئين ڏينهن صبح جو گولين ۽ بمن جي وسڪاري ۾ هو پنهنجي خندق مان ٽپ ڏيئي نڪتو. درانيءَ کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
”ترس، تڪڙ نه ڪر شاهين.“
پر شاهين نه ترسيو. واريءَ جي دڙن پويان لڪندو دشمن جي مورچن جي بلڪل سامهون هڪ واريءَ جي دڙي جي اوٽ وٺي دشمن جو تعداد کٽائيندو رهيو هو. شام جو جڏهن دشمن ڀاڄ کاڌي تڏهن هو دڙي پويان نڪري آهستي آهستي پنڌ ڪندو پنهنجن ساٿين کان پري نڪري ويو هو. سندس چئني طرف دشمن جي سپاهين جا لاش پکڙيل هئا. انهن مان گهڻا اهڙا هئا جن کي هن پنهنجي گولين سان شڪار ڪيو هو. هن آسمان ڏانهن ڏٺو جتي اڃا به ڪجهه روشني باقي هئي. سوچيائين ـ صبح جو دشمن جي سپاهين جا لاش چچرڻ لاءِ آسمان تي ڳجهن جا ولر وري ايندا ـ ڪانو ۽ ڪتا هندستاني سورمائن جا لاش ٻوٽي ٻوٽي ڪرڻ ايندا.
هڪ لمحي لاءِ کيس دشمن جي مئل سپاهين تي رحم آيو ـ هڪ گهڙيءَ لاءِ پاڻ کان نفرت ڪيائين. رحم ۽ نفرت جي ڇڪتاڻ ۾ هو ڇڪبو ويو. ٻه متضاد جذبا سندس سيني ۾ الجهڻ لڳا. ياد آيس ته سيالڪوٽ جي محاذ تي ڪيئن نه دشمن جي سپاهين هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستاني جوانن کان ماني گهري هئي. تصور ۾ بي انت، طويل خيالن جو سٽ سلجهائيندو وڌندو رهيو ... بک ۾ پاهه ٿيل ... ماني ڳڀي لاءِ محتاج ... مسڪين ... بيروزگار عوام. نالو اٿن هندستاني فوج! ويچارا! ازل کان انسان، مانيءَ لاءِ عصمت کان وٺي جان تائين قربان ڪندو آيو آهي، ۽ مان؟ مان ڪير آهيان؟ قاتل! خوني! نه نه مون پنهنجي وطن جي حفاظت ڪئي آهي. مان محافظ آهيان. مان هر اُن نگاهه کي بي نور ڪري ڇڏيندس. جنهن ۾ منهنجي وطن لاءِ بد ارادي جي جوت هوندي.
هن منهن ورائي گڏڙو ڏانهن ڏٺو، اسٽيشن جي پڪ سري عمارت ۽ لانڍيون کانئس ڪافي دور رهجي ويون هيون. سج جي سونهري ٿالهه جي ڪني واريءَ جي دڙن سان اچي لڳي هئي. هن پنهنجي محاذ ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيو، اوچتو سندس ڪن تي چرپر جو آواز ٿيو. سندس پويان واريءَ جو وڏو دڙو هو. آواز اتان ئي آيو هو. هن اسٽين گن سڌي ڪئي ۽ پوءِ وڄ وانگر دڙي جي ٻئي پاسي وڃي پهتو. ڪو سندس قدمن ۾ اچي ڪريو. هن هڪدم پنهنجي وک پوئتي ڪئي ۽ اسٽين گن تاڻي بيهي رهيو.
”مون کي نه مار! مون کي نه مار!!“
هڪ هندستاني سپاهي واريءَ تي گوڏا کوڙي هٿ ٻڌي کانئس جان جي امان گهري رهيو هو.
”مون کي گرفتار ڪر، پر ڀڳوان جي نالي مار نه“
هن کيس اُٿي بيهڻ لاءِ چيو. هو اٿي بيٺو. گوڏا ڪنبي رهيا هئس. منهن جو پنو لهي ويو هئس. هن کيس ٻانهون اُڀيون ڪري بيهڻ لاءِ چيو. قيديءَ پنهنجون ٻانهون اُڀيون ڪيون. هن قيديءَ کي وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو ۽ پوءِ پيرن تي نظر پونديئي کائنس ٽهڪ نڪري ويو ـ پڇيائينس ـ
”رٻڙ جو بوٽ ڇو پاتو اٿئي؟“
”نَون ڀرتي ٿيل سپاهين کي رٻڙ جا بوٽ مليا آهن.“
”ڇو.“
قيديءَ منجهندي منجهندي وراڻيو ـ ”ته جيئن ڀڄڻ ۾ سولائي ٿئي.“ قيديءَ جي جواب تي شاهين کي کل آئي. سندس تلاشي وٺندي کيس ڪجهه غير ضروري ڪاغذ، هڪ پرس (ٻٽون) قيديءَ جي کيسن مان مليا. هن قيديءَ کي ٻانهون اُڀيون ڪري گڏڙو ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. قيدي ٻانهون مٿي ڪري، ڪنڌ جهڪائي گڏڙو ڏانهن هلڻ لڳو. هو کانئس ٻه قدم پوئتان هلڻ لڳو. هلندي هلندي پرس کولي ڏٺائين. پرس ۾ پنج هندستاني ننڍا پيسا ۽ هڪ عورت جي تصوير هئي.
”هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي؟“
قيديءَ منهن ورائي شاهين ڏانهن ڏٺو. سندس هٿ ۾ پرس ڏسي وراڻيائين.
”هيءَ آشا آهي.“
”تنهنجي ڇا ٿئي؟“
قيديءَ هلندي هلندي وراڻيو ـ ”جنگ کان سال کن اڳ اسان شادي ڪئي هئي.“
”ته تنهنجي زال آهي.“
”مون کي بيحد چاهيندي آهي اسان Love Marriage ڪئي آهي.“
"Love Marriage"
”ها“
”هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هيو ڇا؟“
”ڪاليج ۾ گڏ پڙهندا هئاسين.“
ڪجهه دير ٻئي خاموش هلندا رهيا. رستو طويل هو.
هن قيديءَ کان پڇيو.
”تنهنجي لاءِ رني ته هوندي؟“
”ڪير؟“
”تنهنجي زال.“
”ها، رني هئي.“
”ڇا چيو هيائين؟“
”چيو هئائين ته ٻئي نوڪري نٿي مليئه ته فوج ۾ نه وڃ. ڇولا ۽ ڊبل روٽي وڪڻ.“
تو ڇا ”وراڻيس؟“
”چيومانس ڇا ته مون وٽ ايترو سرمايو ڪونهي جو ڇولن جو گاڏو ۽ ديڳڙا وٺي سگهان. مون وٽ ايترو پيسو به ڪونهي جو پوليس جي سپاهيءَ ۽ ميونسپالٽيءَ جي انسپيڪٽر کي ٻه روپيا روز ڏيئي سگهان.“
قيديءَ ٿڌو ساهه کنيو ۽ ماٺ ڪري هلندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ شاهين چيو.
”مون به Love Marriage ڪئي آهي.“
”سچ!“ قيديءَ منهن ورائي ڏانهس نهاريو ۽ پوءِ وري اڳتي هلڻ لڳو.
”ها.“
”توکي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان روڪيو هوندائين؟“
”نه ـ “ هن وراڻيو ـ ”مون سان شادي فقط تڏهن ڪيائين جڏهن مان فوج ۾ ڀرتي ٿيس.“
”محاذ تي اچڻ کان اڳ موڪلائڻ مهل ته رني هوندي؟“
”ها رني هئي، پر اُهي خوشي جا لڙڪ هئا.“
”خوشيءَ جا لڙڪ!“
”ها. سڄي ڳوٺ جا ٻار ٻڍا، ننڍا وڏا، عورتون ۽ مرد مون کي الوداع ڪرڻ اسٽيشن تي آيا هئا. مون کي ايترا ته هار وڌا هئائون جو منهنجو منهن نڪ تائين گلن ۾ ڍڪجي ويو هو.“
قيدي خاموش رهيو ۽ هن به ساڻس نه ڳالهايو. هلندي هلندي هو ٻئي گڏڙو جي لانڍين کي ويجها پهتا هئا. شاهين سگريٽ دکائي وڏو ڪش هڻندي قيديءَ کان پڇيو ـ
”سگريٽ ڇڪيندين؟“
”نه. مان اڃايل آهيان.“
”پاڻي پيئندين؟“
”ها.“
”ترس.“ هن پاڻيءَ جي جستي بوتل ڏانهس وڌائي ـ ”پيءُ.“ قيديءَ منهن ورائي ڏانهس نهاريو. ٻانهون هيٺ نه ڪيائين.
”ٻانهون هيٺ ڪر.“
قيدي پاڻيءَ جي جستي بوتل وٺي ويهي رهيو. هڪ ڳيت سان اڌ بوتل پي ويو. ٻانهن سان وات اُگهندي اُٿي بيٺو. بيهنديئي پيٽ ۾ ڄڻ وٽ پيس. هو ٻئي هٿ گوڏن تي رکي جهڪي بيهي رهيو.
”ڇو؟ ڇا ٿيو.“ شاهين کانئس پڇيو.
”پيٽ ۾ وٽ پيو اٿم.“ قيدي ڪنجهندي وراڻيو. هن اسٽين گن واريءَ تي رکي ۽ قيدي کي سهارو ڏيندي واريءَ تي ويهاري ڇڏيائين. قيديءَ چيو.
”مان ٻن ڏينهن کان بکايل آهيان. خالي پيٽ تي پاڻيءَ وٽ ڪيو آهي.“
قيدي واريءَ تي ليٽي پيو. ٻانهون ڊگهيڙيائين ته هڪ هٿ اسٽين گن تي وڃي پيس. منهن ورائي اول اسٽين گن ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ پاڪستاني فوجيءَ ڏانهن. هن کانئس پڇيوـ
”ڪيئن، هلڻ جهڙو آهين؟“
”شايد.“
قيديءَ پنهنجي مٺ اسٽين گن ۾ قابو ڪري ڇڏي. ٻي ٻانهن جي سهاري سان هو اُٿي بيٺو. هو قيديءَ جي هڪ هڪ حرڪت غور سان جاچي رهيو هو. قيديءَ ڏانهس ڏسندي پڇيو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”شاهين“ ـ هن وراڻيو ۽ عقاب وانگر مٿانئس بيٺو رهيو. قيديءَ جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. اسٽين گن کي اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو ـ چيائين.
”مون وٽ برين گن هئي.“
هو اسٽين گن کڻي اُٿي بيٺو، شاهين کانئس هڪ قدم پوئتي هٽي ويو. گن شاهين کي موٽائيندي چيائين.
”انسان پنهنجي موت جو سامان پاڻ تيار ڪيو آهي.“ هو ٻئي هٿ مٿي ڪري هلڻ لڳو. شاهين حيرت مان ڏانهس نهاريندي چيو ـ ”ٻانهون هيٺ ڪري ڇڏ.“
قيديءَ پنهنجون ٻانهون هيٺ ڪري ڇڏيون. شاهين کانئس پڇيو.
”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
”شڪتيمان.“ هن جواب ڏنو ۽ ڪنڌ جهڪائي شاهين سان گڏ هلڻ لڳو. منهن مٿي ڪري لانڍين ڏانهن نهاريائين ۽ اوچتو هڪ هنڌ بيهي رهيو. لانڍين ڏانهن اشارو ڪندي پڇيائين.
”هو ڪير آهن.“
”ڪير؟“
”هو جيڪي سامهون بيٺا آهن. جن جي جنگ ڪرڻ جو طريقو نرالو آهي. ڪير آهن؟“
”هي سڀ حر آهن.“
”حر!“ شڪتيمان ڄڻ گوڏن تائين زمين ۾ لهي ويو.
”ڇو؟ هلين ڇو نٿو؟“ شاهين کانئس پڇيو.
”هي مون کي ماري ڇڏيندا.“
”نه. تون جنگي قيدي آهين. اها کين خبر آهي.“
”پر هي سڀ مون کي گهوري رهيا آهن ... ڄڻ ته ... “
”ڏڪ نه. هي ڪمزور دشمن کي پنهنجي بهادريءَ جا جوهر نه ڏيکاريندا آهن.“
”انگريزن جي فوجي طاقت هنن آڏو هيچ هئي.“
”تون هنن جي باري ۾ ڄاڻين ٿو؟“
”ها.“ شڪتيمان وراڻيو. ”ڪجهه سندن باري ۾ پڙهيو هئم ۽ گهڻو ڪجهه سنڌي هندن کان ٻڌو اٿم. جيڪي ڪجهه ٻڌو هئم تنهن کان وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جنگ ۾ ڏسي چڪو آهيان.“
”تڏهن ڏڪين ٿو؟“
”ها. جيڪي شخص رائيفل کي رانديڪو ۽ جنگ کي ونجهه وٽي سمجهن ٿا سي مون کي زنده نه ڇڏيندا.“
”هي بهادر آهن. ڪمزور قيديءَ تي هٿ نه کڻندا.“ قيديءَ ڏڪندي ڏڪندي قدم وڌايو. اکين ۾ ڊپ جا ليڪا ظاهر هئس. هو لانڍين ۾ حرن کي ڏسندو. جن کي اڇيون اجريون پڳون، وڏيون شلوارون ۽ ڊگها چولا پهريل ۽ ڪلهن تي اجرڪ هئن. اڳتي وڌندو ويو.
اسٽيشن کان ڪجهه پرڀرو هو ٻئي هڪ پاڪستاني مورچي تي پهتا. مورچي ۾ شاهين جو دوست دراني مشين گن سنڀالي ويٺو هو. سندس نگاهون دشمن جي تاڙ ۾ لڳل هيون. جيئن ته هندستاني فوجن کي سندن ئي علائقي ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، تنهن ڪري ٻنهي فوجن جي سرحد ٻنهي جي مورچن جي قطار هئي. دراني پهرين مورچن مان هڪ تي ويٺو هو. هندستاني مورچا کانئس گهڻو پري نه هئا. هن ڪنڌ ورائي شاهين ۽ شڪتيمان ڏانهن ڏٺو. قيديءَ کي ڏسندي چيائين.
”لڪيو ويٺو هو ڇا؟“
”ها ۽ بکايل آهي.“ شاهين وراڻيو ـ ”منهنجي خندق آهي. تو وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه آهي؟“
”کوڙ.“ درانيءَ مشين گن جي ڀر ۾ رکيل خاڪي ٿيلهي ماني کائڻ جون شيون ڪڍي شاهين کي ڏنيون. شڪتيمان بکايل نگاهن سان ماني ڏسڻ لڳو. شاهين ماني ۽ پاڻي ڏانهس وڌايو. شڪتيمان ڪنبندڙ هٿن سان ماني ورتي، ۽ خندق جي پاسي ۾ واريءَ جي ڳوڻين کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. شاهين ڏانهس رحم ڀريل نگاهن سان ڏٺو. شڪتيمان ماني کائڻ ۾ مشغول ٿي ويو. شاهين پنهنجي اسٽين گن ڳوڻين تي رکي، هيٺ خندق ۾ لهي بيٺو. مشين گن تي ٻانهن رکي ٻئي هٿ سان سندس رخ ڦيرايائين. درانيءَ آرس ڀڃندي چيو.
”گولين کان تعداد ۾ وڌيڪ دشمن جا سپاهي هئا.“
”مئا به ته بي انداز آهن.“
۽ پوءِ ٻئي دوست ڳالهيون ڪندا رهيا. ڪڏهن پاڻي پٽ جي جنگ جو ذڪر آيو، ڪڏهن راڊرڪ سان طارق جي مقابلي جي ڳالهه آئي. شاهين ڳالهائڻ جي دوران رکي رکي شڪتيمان ڏانهن به نهاري ورتو ٿي. سندن ڳالهين جو سلسلو المنصور جي سينتياگو کي تباهه ڪرڻ تائين وڃي پهتو. شاهين شڪتيمان ڏانهن نهاريو ۽ ڄڻ ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
شڪتيمان اسٽين گن کڻي خندق جي مٿان بيٺو هو. سندس ويجهڙائيءَ ۾ ان مورچي کانسواءِ ٻيو ڪوبه مورچو نه هو. سندس منهن تي مرڪ هئي. شاهين مورچي مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر شڪتيمان اسٽين گن کي سٽ ڏيئي سڌو ڪري ڏانهس گهورڻ لڳو. درانيءَ شاهين کي ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي پاسي ۾ بيهاريو.
”شڪتيمان!“ شاهين کان حيرت ۾ رڙ نڪري وئي. شڪتيمان بت وانگر خاموش بيٺو رهيو. ڄڻ ته اجل هو. ڄڻ ته موت جو پيغام هو. سندس منهن تان مرڪ به غائب ٿي چڪي هئي. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو هئس. سندس آڱر ”ٽرگر“ تي ڪنبي رهي هئي. هڪ جنبش ـ هڪ لرزش اسٽين گن مان گولين جو وسڪارو ڪري ڇڏي ها.
اوچتو، بيٺي بيٺي شڪتيمان پوئتي وک وڌائي. نگاهون خندق تان هٽايائين نه. نه ئي اسٽين گن جو رخ ٻئي طرف ڪيائين. هو پٺيرو هٽندو ويو. هندستاني مورچن ڏانهن وڌندو ويو. درانيءَ مشين گن جو رخ شڪتيمان ڏانهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شاهين کيس منع ڪئي. درانيءَ زور رکيو.
”مون کي مشين گن هلائڻ ڏي شاهين.“
”نه.“
”اسان ٻنهي مان هڪ کي هن موزيءَ جي گولي کائڻي آهي.“
”ته اول مان گولي کائيندس.“ شاهين وراڻيو. ”مون شڪتيمان کي ماني کارائي، پاڻي پيئاريو آهي. مان ئي سندس گوليءَ جو نشانو ٿيندس.“
”ترس. نه تون نه مان.“ درانيءَ شاهين کي ڇڪي ڳوڻين جي اوٽ ڪندي چيو. ”هن نمڪ حرام کي اسان جي گولين جو شڪار ٿيڻو آهي.“
درانيءَ مشين گن جو رخ سڌو شڪتيمان ڏانهن ڪيو. شڪتيمان مشين گن جو رخ پاڻ ڏانهن ڦرندو ڏٺو. هن پنهنجي هٽڻ جي رفتار ۾ تيزي نه آندي. نه ئي ڪنهن ڀٽ جو سهارو ورتائين. درانيءَ شڪتيمان جي سيني جي سنوت ورتي. تڏهن شاهين کيس روڪيو.
”ترس. کيس هندستاني مورچي تائين پهچڻ جي مهلت ڏي. هن اسان جي ماني کاڌي آهي اسان هن کي پنهنجي زمين تي نه مارينداسين. هندستاني مورچو سندس موت جي سرحد آهي.“
شڪتيمان هٽندو هٽندو هندستان جي ڀڄي ويل سپاهين جي پهرين مورچي وٽ پهتو. مورچو خالي هو.
”مورچي ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪيائين، مورچي جي سرحد ٽپڻ جي ڪيائين ته مان کيس ٿڏي تي ماري وجهندس.“ درانيءَ فائر جي تياري ڪندي چيو.
”تڪڙ نه ڪجانءِ دراني. ڏسڻ ڏي ته شڪتيمان ڪرڻ ڇا ٿو چاهي. اسان سندس نگاهن کان لڪل آهيون. هو اسان جي سامهون آهي.“ شاهين کيس حيرت مان ڏسندو رهيو.
شڪتيمان پهريائين هندستاني مورچي کي گهوريندو رهيو. پوءِ وڄ وانگر پاڪستاني مورچن ڏانهن پٺي ڪري بيهي رهيو، اوچتو اسٽين گن سڌي ڪري خالي مورچن ۾ گوليون هلايائين. درانيءَ ۽ شاهين حيرت مان هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. شڪتيمان گوليون هلائي وري خالي مورچي کي گهورڻ لڳو. پوءِ آهستي آهستي هن هڪ هٿ سان پنهنجي ڪلهي تان هندستاني ٻلو پٽي مورچي ۾ اڇلائي بيلٽ لاهي زور سان پري ڦٽو ڪيو، ۽ آخر ۾ ٽوپي لاهي ڇڏيائين. ان وقت سج ريگستان جي رڃ ۾ رلي ويو. شاهين مورچي مان ٻاهر نڪري بيٺو.
شڪتيمان ٻئي مٺيون اسٽين گن ۾ وجهي ٻانهون اُڀيون ڪيون (hands up) ۽ پاڪستاني مورچن ڏانهن موٽڻ لڳو.
1965