آتم ڪٿا : ڪهاڻين جي ڪٿا منهنجي آتم ڪٿا
سن 1955ع کان 1965ع تائين گذاريل ڏهه سال منهنجي زندگيءَ جا مضطرب، منتشر ۽ ايڊوينچرس (مهمجوئي) سان ڀريل سال هئا. انهن ڏهن سالن مون کي مروڙي، ڊاهي، ٺاهي اهڙي ڪالب مان ڪڍيو جيڪو هر گذرندڙ گهڙيءَ سان گڏ سختگير ٿيندو ويو. انهن ڏهن سالن دوران مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏو گوڙ ۽ گهمسان پيدا ڪيو جنهن جا پڙلاءَ اڄ تائين مون کي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. مون پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏا زلزلا آندا جو اڄ تائين پيرن هيٺان زمين مون کي ڌڏندي محسوس ٿيندي آهي. مون پاڻ کي ايڏا وڏا دوکا ڏنا جو اڄ تائين ٻيو ڪوبه مليل دوکو مون کي وائڙو ڪري نه سگهندو آهي. مون لاڳيتو فنا جو در کُڙڪايو هو، پر در نه کليو هو، ماڻهو چوندا آهن ته معجزا ٿيندا آهن. مون معجزو ٿيندي ڏٺو آهي. ورنه، ڪو سبب ڪونهي جو نانگن بلائن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ کان پوءِ مان بچي سگهان ها. مون زندگيءَ کي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. مون پنهنجي لاءِ پلصراط ٺاهي ورتي، جنهن تان روزانو لنگهڻ منهنجو مقدر ٿي پيو آهي.
ادبي زندگيءَ جي پهرين ڏهن سالن (1955 کان 1965) واري دور جا تفصيل کولي ويٺس ته پوءِ اوائلي دور جي ڪهاڻين بدران اوهان کي پڙهڻ لاءِ منهنجي آتم ڪٿا جو هڪ طويل باب پڙهڻ لاءِ ملندو. مون کي اها به خبر آهي ته سلسليوار ۽ روايتي آتم ڪٿا لکڻ جو وقت مون کي ڪڏهن ڪونه ملندو. مان مهاڳن، مضمونن ۽ انٽرويوز ۾ پنهنجي آتم ڪٿا بيان ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪندو رهندس. هتي، پهرين ڏهن سالن جو سرسري ذڪر ڪندس.
عشق جڏهن انتها تي پهچندو آهي، تڏهن جنون ٿي پوندو آهي. ۽، جنون ديوانگيءَ جي سرحد آهي. زندگي هوشمندي ۽ پاڳلپڻي جي وچ ۾ ڌڪا کائيندي رهندي آهي. مان پنهنجي پهرين عشق جو انيڪ دفعا ذڪر ڪري چڪو آهيان. ڪرڪيٽ ۾ مون کي زندگيءَ جو ڀرپور فلسفو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پاڪستان جو پهريون وڪيٽ ڪيپر بيٽس مين امتياز احمد منهنجي لاءِ رول ماڊل هو. هن وانگر اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، هن جهڙو نظر اچڻ لاءِ اُهڙو ئي لباس پائڻ، وارن جي اسٽائيل، بيٽنگ، ۽ وڪيٽ ڪيپنگ جو انداز مون پاڻ تي طاري ڪري ڇڏيو هو. مان اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ئي هوس جو ڪرڪيٽ جي جنون ۾ مبتلا ٿي ويو هوس. ميٽرڪ پاس ڪرڻ به منهنجي لاءِ معجزي کان گهٽ نه هو.
مون کي ڪا خبر نه هئي ته ميٽرڪ کان پوءَ ڇا پڙهندس، آرٽس يا سائنس؟ مٿاهين سطح تي ڪرڪيٽ کيڏڻ کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪو نصب العين نه هو. بابا مون کي ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، ان خيال سان ته انجنيئر ٿيندس.
هڪ ته مان جڏو، مٿان وري ڪرڪيٽ جو جنون سر تي سوار! سائنس سمجهه ۾ نه ايندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ اوچتو هڪ خيال منهنجي هوش ۽ حواسن تي ڇانئجي ويو. امتياز احمد، منهنجو هيرو ۽ رول ماڊل، ايئر فورس ۾ پائليٽ هو. مان پنهنجي ساءِ، لڪ ڇپ ۾، بابا کي ٻڌائڻ کانسواءِ، ايئر فورس ۾ پائليٽ ٿيڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس. ان دوران، الاءِ ڪيئن فرسٽ ايئر جو امتحان پاس ڪيم. مون کي پڪ آهي ته منهنجي پاس ٿيڻ ۾ بابا جي سفارش جو دخل هو. بي انتها پيار ڪندو هو مون سان.
منهنجي ۽ ادا جي عمر ۾ پندرهن سالن جو فرق هو.مان جيستائين ميٽرڪ ۾ پهتس تيستائين ادا آمريڪا مان ايم ايس سي ڪري آيو ۽ نوڪريءَ سان وڃي لڳو ۽ شادي ڪري ٻارن ٻچن جو پيءُ ٿي پيو. سندس پوسٽنگ به سنڌ جي ڏوراهن شهرن ۾ ٿيندي هئي. اڪيلي گهر ۾ بابا جي سڄي توجهه مون طرف هوندي هئي. منهنجو هر انگل پورو ڪندو هو. هڪ دفعي ضد ٻڌي بيٺس ته مون کي لين هٽن آٽو گراف بيٽ ۽ ليزلي ايمز جا وڪيٽ ڪيپنگ گلوز گهرائي ڏيو. اهي شيون انگلينڊ مان ملنديون هيون. بابا جي ڀائرن کان وڌيڪ پياري دوست ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻيءَ جو وڏو پٽ وشنو لنڊن ۾ پڙهندو هو. بابا مهيني کن ۾ بيٽ ۽ گلوز مون کي گهرائي ڏنا. ٻئي شيون تمام مهانگيون هيون، ۽ فقط ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگر استعمال ڪندا هئا.
ننڍي وهيءَ ۾، خاص ڪري تڏهن، جڏهن عشق جو جنون سر تي سوار هوندو آهي تڏهن هوشمنديءَ واري ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. زندگيءَ ۾ ڪنهن کي رول ماڊل (پنهنجو هيرو) ڪري وٺڻ تمام سولو آهي. آهستي آهستي اسين هيرو جي شخصيت ۾ گم ٿي ويندا آهيون. تڏهن اسين وساري ڇڏيندا آهيون ته قدرت اسان سڀني کي هڪجهڙي ڏات ڏيئي پيدا نه ڪيو آهي.لين هٽن بيٽ ۽ ليزلي ايمز جا گلوز خريد ڪري سگهجن ٿا. ڪپڙي لٽي، چال ڍال، وارن جي اسٽائيل سان امتياز احمد جهڙو نظر ته اچي سگهجي ٿو، پر امتياز جهڙي ڏات ڪٿان آڻجي؟ امتياز وانگر راند ڪيئن ڪجي؟
منهنجي ننڍپڻ جي دوست ظفر ڪاظميءَ کي دليپ ڪمار ڏاڍو وڻندو هو. هونءَ به دليپ انڊين فلم انڊسٽريءَ جو ديوتا هوندو هو. هر نوجوان جي دل دماغ تي طاري هوندو هو. ظفر ڪاظمي دليپ جي ذات ۾ اهڙي نموني گم ٿي ويو، جيئن مان امتياز احمد جي ذات ۾ گم ٿي ويو هوس. ڪپڙي لٽي، چال ڍال، وارن جي اسٽائيل کانسواءِ هن دليپ وانگر ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو. چهري جا تاثرات به دليپ جهڙا ٿي ويس. رومانٽڪ هيرو ٿيڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق ضرور ڪندو هو. اسان واري دور ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ پڙهندا هئا، يعني ڪو ايجوڪيشن هئي. تنهن ڪري ظفر کي عشق ڪرڻ لاءِ ڪا نه ڪا ڇوڪري ملي ويندي هئي.
رول ماڊل جي پيروي ڪندي ظفر اڃا به ڪجهه اڳتي نڪري ويو. اسين سڀيئي ميٽرڪ جي تيارين ۾ هئاسين جو ظفر وڃي لاهور کان نڪتو. لاهور جي فلم انڊسٽري ۾ ڪاهي پيو. هڪ ٻن فلمن جا ڪنٽريڪٽ به مليس. پر، اداڪاري ظفر جي وس جي ڳالهه نه هئي. هن ۾ اداڪاريءَ جي ڏات نه هئي. دل ڀڄي پيس. مايوس ٿي موٽي آيو. پر پنهنجي رول ماڊل جي پاڇي مان نڪري نه سگهيو. سٺو آرٽسٽ هوندو هو. سائين عبدالعلي قلباڻي اسان سڀني جو پيارو ٽيچر، کانئس شاهه لطيف جي سورمين جون تصويرون ٺاهرائيندو هو. سائينءَ جي همٿائڻ تي هن فائن آرٽس ۾ باقاعدي تعليم ورتي. سنڌ ميوزيم جو ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ٿيو، پر مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي رول ماڊل، دليپ ڪمار جي چڪر ۾ اهڙو پيو. جو هن غير ارادي طور پنهنجي شخصيت کي ڪڏهن نکري نروار ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو. هو زندگيءَ ۾ دليپ ڪمار وانگر ايڪٽنگ ڪندي ٽيهتر سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.
ظفر ڪاظميءَ وانگر مون به پنهنجي زندگيءَ جا چار پنج سال امتياز احمد ٿيڻ جي جنون ۾ داوءَ تي لڳائي ڇڏيا. ايئر فورس ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ دفتر ڊي جي سائنس ڪاليج کان پري نه هوندو هو. مان ڪلاس گُسائي ايئر فورس آفيس ۾ وڃي ڀرتي ٿيڻ لاءِ معلومات گڏ ڪندو هوس. ڏينهن رات تياري ڪندو هوس. ٽيسٽن جي مختلف مرحلن مان نڪرندو رهندو هوس. اڄ جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن محسوس ڪري رهيو آهيان ته امتياز احمد وانگر ايئر فورس ۾ وڃڻ جي خواهش کان علاوه مون سائنس پڙهڻ کان فرار جي واٽ تلاش پي ڪئي.
مان ذهني طرح سائنس کي سمجهي نه سگهندو هوس. منهنجو رجحان آرٽس ڏانهن هو. تخيل اهڙو تيز هوندو هو جو تصور ۾ اُڀري آيل منظر ۾ مورتون مون کي چٽي طرح ۽ واضح طور تي نظر اينديون هيون. مان هنن کي هلندي ڦرندي ڏسي سگهندو هوس. کين ڳالهائيندي ٻولهائيندي ٻڌي سگهندو هوس. هنن جي غم ۾، هنن جي خوشيءَ ۾ شامل ٿي سگهندو هوس. هنن سان روئيندو هوس. هنن سان کلندو هوس. هنن جي شڪست منهنجي شڪست هوندي هئي. هنن جي سوڀ منهنجي سوڀ هوندي هئي. مان پاڻ سوچي نه سگهندو هوس. سوچ مون کي خود بخود ويڙهي وڪوڙي ويندي هئي. ان قسم جي ذهني ڪيفيت ۾ اڄ تائين ڪا تبديلي نه آئي آهي. اُٽلندو ان قسم جي ڪيفيت وڌندڙ عمر سان گڏ پختي ٿيندي ويئي آهي. تخيلاتي ۽ تخليقي ذهن مون کي سائنس پڙهڻ نه ڏيندو هو.
هڪڙي ڏينهن رسالپور مان آخري انٽرويو جو سڏ آيو. (رسالپور ۾ پائليٽن جو ڪاليج ۽ تربيتگاهه آهي.) گهر ۾ روڄ راڙو ٿي پيو. امان ائين پئي روئي ڄڻ جهاز هلائيندي منهنجو ڪريش ٿيو هو ۽ مان مري ويو هوس. مون کي رسالپور وڃڻ نه ڏنائون.
مان پڙهڻ کان پڙ ڪڍي بيٺس. ڪاليج وڃڻ ڇڏي ڏنم. ڏينهن رات ڪروڌ ڪندو هوس. شام جو جهانگير پارڪ صدر ۾ پريڪٽس ڪرڻ وڃان، ته وائڙن وانگر بيٽنگ ڪريان. (اڄڪلهه جهانگير پارڪ جي اڌ حصي تي مُلن ۽ اڌ حصي تي چرسين قبضو ڪري ورتو آهي).
بابا ڏاڍو پريشان ٿي پيو. مون سان ايڏو پيار ڪندو هو جنهن جو اوهين اندازو لڳائي نه ٿا سگهو. سندس سنگتي ساٿي ويٺا مون کي سمجهائيندا هئا. علم بنا ايندڙ وقت جون خوفناڪ ڳالهيون ٻڌائي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. بابا ۽ ادا جي اعليٰ تعليمي قابليت جو ذڪر ڪري مون کي سندن پيروي ڪرڻ لاءِ پيا راضي ڪندا هئا. ان ڪيفيت ۾ اٺ ڏهه مهينا گذري ويا. هڪ تعليمي سال منهنجن هٿن مان نڪرندو پئي ويو، پر مان پنهنجي ضد تان نه لٿس. ٻيهر ڊي جي سائنس ڪاليج وڃڻ کان نابري واري بيٺس.
جنون تي دليل حاوي ٿي نه سگهندو آهي. جنون مختلف صورتن ۾ پاڳلپڻي جي سرحد تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. مان پاڳلپڻي جي سرحد وٽ وڃي پهتو هوس. بابا جي ننڍپڻ جو دوست ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻي حيلن حوالن سان مون کي سمجهائيندو هو. سندس دليلن آڏو منهنجو جنون جهڪي پيو. پر، مان هڪ ضد تي قائم رهيس. سائنس نه پڙهندس، آرٽس پڙهندس.
منهنجي ڳالهه مڃيائون، تعليمي سال بچائڻ لاءِ مون کي نوابشاهه ۾ نئين قائم ڪيل ڪاليج ۾ داخل ڪرايائون. ڪاليج جو پرنسپال هو پروفيسر احمد سعيد خان. انگريزي پڙهائيندو هو. مون کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر ۾ رهايائين.
پروفيسر احمد سعيد خان وقت جو پابند هو. وقت تي سمهڻ، وقت تي جاڳڻ، وقت تي غسل خاني وڃڻ، وقت تي نيرن، وقت تي منجهند جي ماني، وقت تي شام جي چانهه، وقت تي رات جي ماني ۽ وري وقت تي بتي وسائي سمهي پوڻ. مان آزاد منش، پنهنجي مرضيءَ سان اٿڻ، پنهنجي مرضيءَ سان سمهڻ وارو شخص، آزاديءَ ۾ پليل، پروفيسر احمد سعيد خان جي مارشل لا جهڙي ماحول ۾ مون کي ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳي. گهٽ محسوس ٿيڻ لڳي. پهريون ڀيرو مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ڪراچي ڇڏي نوابشاهه اچڻ واري فيصلي ته پڇتايم. پر اظهار نه ڪيم. اظهار ۾ مون کي پنهنجي شڪست نظر پي آئي. فقط ايترو ڪيم جو بابا کي لکي موڪليم ته منهنجي رهڻ جو ٻيو ڪو بندوبست ڪريو.
بابا فون تي سائين ايڇ ايم خوجه سان ڳالهايو. هُن مون کي پنهنجي پناهه ۾ ورتو. نوابشاهه لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هوندو هو. سخت ايڊمنسٽريٽر هوندو هو. اسڪول جي هاسٽل ۾ تونگر قسم جي زميندارن جي ٻارن جو کانئس دم نڪرندو هو. سندس اڳيان ايندي ڪنبي ويندا هئا. انهن ۾ مرتضيٰ جتوئي ۽ عبدالستار ساريوال ۽ انهن جهڙا انيڪ شاگرد شامل هوندا هئا.
سائين خوجه صاحب مون کي اسڪول جي هاسٽل ۾ ڪمرو نه ڏنو. انهن ڏينهن ۾ لطيف هال ٺهي راس ٿيو هو، لطيف هال هينئر نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج ۾ شامل آهي. سائين خوجه صاحب مون کي هال جي اسٽيج سان لڳو لڳ گرين روم رهڻ لاءِ ڏنو. (گرين روم ۾ آرٽسٽ ميڪ اپ وغيره ڪرائي، ڪاسٽيوم پائي اسٽيج تي داخل ٿيندا آهن.) گرين روم تمام وڏو هو. سمورو لطيف هال گهاٽن وڻن سان وڪوڙيل هوندو هو. هاسٽلون، ۽ ڪاليج ڪافي پري هوندا هئا. سج لهڻ کان پوءِ ماحول هيبتناڪ ٿي پوندو هو. اوندهه، هيڪلائي ۽ خاموشيءَ ۾ گدڙن، بگهڙن ۽ ڪتن جي اونائڻ جا آواز ڏاڍا پُراسرار ۽ ڀوائتا لڳندا هئا.
اتان منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي دور جي ابتدا ٿي جنهن مون کي اُهو رهڻ نه ڏنو، جيڪي مان هوس. منهنجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو، جنهن ڏينهن قمر شهباز مون کي ٻانهن کان جهلي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ وڃي ويهاريو. تنهن ڏينهن کان، حيرت، تجسس، رازن ۽ رمزن جا در مون تي کُلڻ لڳا. منهنجو پنر جنم (ٻيهر جنم وٺڻ) ۾ پختو اعتبار آهي. اسين ڄمڻ کان اڳ هئاسين، ۽ مرڻ کان پوءِ به ٻيو جنم وٺي موٽي اينداسين. موت عارضي طرح اسان کي ماري سگهندو آهي، پر زندگيءَ جي سلسلي کي ختم ڪري نه سگهندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگن ۾ ويهندي مون محسوس ڪيو ته لکڻ پڙهڻ واري ڪرت سان منهنجو ڪنهن جنم جو رشتو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ مون کي ٻي ڳالهه سولائيءَ سان سمجهه م نه ايندي هئي. ادبي سنگت ۾ بردي سنڌي، نور عباسي، شمشير الحيدري، نياز همايوني، قمر شهباز ۽ گل محمد چنا جي شاعري ۽ ڪهاڻيون ٻڌي مان اچرج ۾ پئجي ويندو هوس. سڀ ڪجهه آهستي آهستي مون کي پنهنجو پنهنجو محسوس ٿيڻ لڳو. مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته مون سان ڇا ٿي رهيو هو! مان نفي (انڪار) مان نڪري، اثبات (هاڪار) ۾ داخل ٿي رهيو هوس.
اڄ آتم ڪٿا جو هيءُ باب لکندي محسوس ڪريان ٿو ته اسين زندگيءَ جي ڪنهن حتمي دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ظاهر ۽ باطن جي تبديلي Metamorphosis ۽ Transformation جي مرحلن مان گذرندا آهيون. ان قسم جي تبديليءَ ۾ اسان جي مرضي ۽ منشا جو عمل دخل نه هوندو آهي. ان تبديليءَ جو سمورو دارومدار اسان جي وجود ۾ داخلي ڪيفيت ۽ ٻاهرين ڪيفيتن جي مطابقت ۽ موافقت تي هوندو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾(56─1955) ٻن ٽن واقعن منهنجي اندر وارين ڪيفيتن ۽ ٻاهرين ڪيفيتن کي يڪجاءِ ۽ يڪ جان ڪري ڇڏيو.
عبدالمالڪ کي نوابشاهه شهر وارا، ننڍا هجن يا وڏا ادا سڏيندا هئا. مون کان ٻه سال ننڍو هو. مان انٽر آرٽس ۾ هوندو هوس ۽ ادا ميٽرڪ ۾ پڙهندو هو. خوجه صاحب جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽس مين هوندو هو. شاندار بيٽنگ ڪندو هو. ڪرڪيٽ اسان جي دوستيءَ جو سبب ٿي پيئي. نرم سڀاو، خوش طبع، سچو، سپتيو ۽ هاٺي ڪاٺيءَ جو جانٺو جوان. هُن جهڙا هينڊسم نوجوان مون ورلي ڏٺا آهن. طلعت محمود جا گيت ٻڌندو هو، ۽ ڳائيندو به هو ۽ جڏهن ڳائيندو هو ته هوبهو طلعت محمود جي سُر، تال ۽ لهجي ۾ ڳائيندو هو. وري جو اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو ته پنهنجي قدرتي اداڪاريءَ سان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. ايتري ننڍي عمر ۾ ايڏي عزت مون حنيف محمد کانسواءِ ٻئي ڪنهن نوجوان کي ملندي نه ڏٺي آهي. مان پاڪستان جي ڳالهه ٿو ڪريان. ورنه سچن ٽنڊولڪر سان ڪنهن جي ڀيٽ ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. هن سورهن سالن جي عمر ۾ دنيا کي پنهنجي ڏات سان حيران ڪري ڇڏيو هو.
لطيف هال نوابشاهه ۾ امتياز علي تاج جو ڊرامو انارڪلي اسٽيج ٿيو هو. ڊرامي ۾ ادا عبدالمالڪ شهزادي سليم جو رول ڪيو هو. ڪمال جي اداڪاري ڪري رهيو هو. ڊرامي جي چوٿين ڏينهن، ڊرامو ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڪاسٽيوم بدلائيندي بيهوش ٿي ڪري پيو. سڌو اسپتال کڻائي ويس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو. حادثو ايتري تيزيءَ سان ٿيو جو اعتبار نه پي آيو ته نوابشاهه جو ادا، نوابشاهه مان هميشه لاءِ لڏي ويو هو. نه اکين کي اعتبار، ۽ نه ڪنن کي يقين پر، حقيقت کان منهن موڙڻ ممڪن نه هو. ادا گذاري ويو هو. ادا مري ويو هو. هو هن دنيا مان لڏي ويو هو.
منهنجو وهم هو، يا گمان هو. لطيف هال جي گرين روم ۾ رهندي، اسٽيج تان مون کي ادا جي مڪالمن جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ان ئي قسم جي ڪيفيت سڀني دوستن جي هئي. ادا جا پاڇولا ۽ عڪس حامد علي ڪرڪيٽ گرائونڊ کان وٺي نوابشاهه جي گهيرن ۽ گهٽين ۾ نظر ايندا هئا.
دوستن ادا جي ياد ۾ رسالو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. رسالي جو نالو رکيائون. ”ادا“. فيصلي ۾ طئي ڪيو ويو ته ”ادا“ رسالي جي پهرين شماري ۾ ادا جي ويجهن دوستن کي لکڻو پوندو. سمورا دوست هئا اديب ۽ شاعر. شعر ۽ ڪهاڻيون لکندي ويرم نه ڪيائون. نيٺ مون تي باٺو کنيائون. چيائون، ايندڙ پرچي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکي ڏي.
قمر شهباز سان صلاح ڪيم. هن همٿايو. ڪجهه هن ريت چيائين: قلم ڪاغذ کڻي ويهي رهه – ڪا اهڙي ياد لک جيڪا تون ڪڏهن به وساري نه سگهيو هجين.
اُن رات منهنجي ادبي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. مان لطيف هال جي هيڪلي گرين روم ۾ قلم ڪاغذ کڻي ويهي رهيس. ذهن تي هڪ نه، انيڪ يادگيريون تري آيون. انهن يادن ۾ سڀني يادگيرين تي حاوي ٿيندڙ ياد هئي رتن تلاءَ پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ منهنجي ڪلاس ميٽ اندرا جي ياد.
سموري رات لکندو رهيس. ٻي رات به لکندو رهيس. پنا پڙهي. ڦاڙي وري پئي لکيم. ائين ٽين رات گذري ويئي. چوٿين رات به گذري ويئي. پنجين ڏينهن ”ادا“ رسالي جي ايڊيٽر گل محمد چنا کي جيڪا ڪهاڻي ڇاپڻ لاءِ ڏنم تنهن ڪهاڻيءَ جو عنوان هو، اندرا.
هن ڪتاب لاءِ اوائلي ڪهاڻين جي چونڊ ڪندي جڏهن اندرا پڙهي ڏٺم ته مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو. ڪهاڻي ڪنهن به لحاظ کان شايع ڪرڻ جهڙي نه هئي. شايع فقط ان ڪري ٿي هئي جو ادا جي ويجهن دوستن کي رسالي ۾ جاءِ ڏيڻي هئي. ڪهاڻي ڪچي ڏڏ آهي. فلمي انداز جهڙا مصنوعي منظر – ڪردار ڪوڙا – واقعا بي ربط تاڃو پيٽو بنهه ڪمزور. ها، اندرا ڪهاڻي پڙهندي هڪ حيرت انگيز حقيقت منهنجي سامهون آئي آهي. موضوع جي لحاظ کان، پنجونجاهه سال اڳ لکيل اندرا منهنجي پهرين ۽ آخري ڪهاڻي آهي. مون پنجونجاهه سالن ۾ جيڪي لکيو آهي، ڪهاڻيون، ناول، ڪالم ۽ مضمون، منهنجي ڪابه تحرير اندرا جي موضوعاتي گرفت مان نڪري نه سگهي آهي. اندرا جو موضوع آهي. دنيا جو ڪوبه مذهب سچ ۽ محبت کان مٿاهون ناهي. ملڪ وراهي سگهجن ٿا، پر محبت نه – وڇوڙي ۾ عشق جي ابديت آهي. بقا آهي – وصل عشق جي نفي آهي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي. اهي ئي موضوع آهن جن تي مان اڄ تائين لکي رهيو آهيان.
شايع ٿيڻ کان پوءِ اندرا تي ڏاڍي تنقيد ٿي هئي. سڀ کان سخت تنقيد ۾ چيو ويو هو ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪفر جو پرچار ڪيل آهي. اڄ تائين ان قسم جي تنقيد ميڊل وانگر مون ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏي آهي. ارڙهن سالن جي عمر ۾ اندرا لکڻ مهل منهنجا جيڪي ويچار هئا، خيال هئا. انديشا هئا. سي ٽيهتر ورهين جي عمر ۾ پڪا پختا ۽ Fossil ٿي پيا آهن. هر گذرندڙ گهڙيءَ ۾ نظرين جي تصديق مون کي ملندي رهي آهي.
مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو منجهايا آهن، ماڻهو ڪهائيا آهن، ماڻهو وڙاهيا آهن، دلين ۾ ويڇا وڌا آهن. اهو ويچار مون کي مريديءَ ۾ پنهنجي مرشد سچل سرمست وٽان مليو آهي. هڪ مالڪ کي، خالق کي ماڻهن پنهنجي پنهنجي پروڙ مطابق مختلف نالا ڏيئي ڇڏيا آهن. هنن هڪ کي انيڪ ڪري ڇڏيو آهي، پر، تنهن هوندي به هو هڪ آهي. انسان پنهنجي محدود سمجهه آهر هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تخليق (ماڻهو) خالق کي پنهنجي تصور ۾ قيد ڪري کيس پنهنجي مرضيءَ مطابق وصفون ۽ صفتون ڏيئي ڇڏيون آهن. هن هڪ جو انت لهڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي.
اندرا ڪهاڻيءَ جي نائڪ جو نالو پريمي آهي. ليکڪ پنهنجو نالو مخفي رکندا آهن. يا مٽائي ڇڏيندا آهن. ڪجهه ليکڪ پنهنجي نالي سان ڪونه ڪو تخلص لڳائي ڇڏيندا آهن. هو ائين ڇو ڪندا آهن؟ مون کي خبر ڪونهي، پر، مون به سندن پيروي ڪئي. مون مختلف تخلصن جي باري ۾ سوچيو، پر ڪوبه تخلص مون کي نه وڻيو. تنهن ڪري، ڪهاڻيءَ جي نائڪ جو نالو ”پريمي“، پنهنجي نالي سان ڳنڍي ڇڏيم. منهنجي پهرين ڪهاڻي اندرا جليل پريميءَ جي نالي سان شايع ٿي هئي.
اندرا (1955) کان پوءِ ٻه ٽي سال مون ڪجهه نه لکيو. ڪرڪيٽ جي عشق مون کي سرگردان ڪري ڇڏيو. انهن ٽن سالن ۾ مان نوابشاهه ڪاليج لاءِ کيڏيس. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد لاءِ کيڏيس. سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ کيڏيس. سنڌ صوبي لاءِ کيڏيس. ان دوران 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ کيڏندي پشاور يونيورسٽيءَ خلاف وڪيٽ ڪيپنگ جو پاڪستان انٽر يونيورسٽيز رڪارڊ ٺاهيم. ميچ جي پهرين ۽ ٻي اننگ ۾ جيڪي نَوَ، رانديگر اسٽمپ يا ڪيچ ڪيم تن مان ستن کي قمر احمد جي بالنگ تي آئوٽ ڪيو هيم. قمر احمد ليفٽ آرم ليگ اسپنر هو. اڄ ڪلهه بي بي سي لنڊن طرفان هندستان ۽ پاڪستان جي راندين جي ڪوريج Coverage ڪندو آهي. پشاور يونيورسٽي ٽيم جو ڪيپٽن حسيب احسن هو. اڳتي هلي حسيب احسن پاڪستان ٽيم لاءِ کيڏيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ٽيم جو سليڪٽر به ٿيو هو.
مان نوابشاهه ۾ ئي هوس جو مغربي پاڪستان جي وڏيرن، چوڌرين، سردارن، خانن، ميرن، پيرن ۽ سيدن حڪومت کي صلاح ڏني ته سجاڳ ۽ سڄاڻ بنگالين جو اسيمبليءَ ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي چئن صوبن کي ملائي، هڪ ڪري، ون يونٽ ٺاهي، مشرقي پاڪستان کي منهن ڏجي. حڪومت رٿ قبول ڪئي. بنگالين ۽ مغربي پاڪستان جي ڪجهه ميمبرن ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي. هنن حڪومت تي واضح ڪري ڇڏيو ته ون يونٽ جي رٿ تي عمل ڪرڻ سان ملڪ ٽٽي پوندو. وڏو سياسي ممڻ مچندو جنهن کي حڪومت منهن ڏيئي نه سگهندي.
1956ع ۾ اسيمبليءَ ون يونٽ ٺاهڻ جي رٿ قبول ڪئي. مهينو مون کي ٺيڪ سان ياد ناهي ـ شايد آگسٽ يا سيپٽمبر جو مهينو هو. نوابشاهه ۾ ون يونٽ خلاف زبردست ريليءَ (جلسي جلوس) جي تياري ڪئي وئي هئي. مان ڪرڪيٽ جو ديوانو، سياسي سڌ ٻڌ کان محروم هوس. ها، ايترو سو ٿيو هو جو ادب طرح وڌندڙ لاڙي سبب مون ۾ سياست کي سمجهڻ جو گڻ پيدا ٿي پيو هو. احتجاجي ريليءَ لاءِ قمر شهباز هڪ گيت لکيو هو:
وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو،
يا بچايو سـنڌ کي، يا سـورمـا شهـيد ٿيو.
مان اسڪول ۽ ڪاليج (اڳتي هلي يونيورسٽي) ۾ چڱي سُر ۽ تال ۾ ڳائي سگهندو هوس. سڀني جي صلاح سان مون کي ريليءَ ۾ گيت ڳائڻ لاءِ چيو ويو. مان ڳائيندو هوس دوستن جي محفل ۾، يا ڪلاس روم ۾. هيڏي ساري سياسي جلسي ۾ ڳائڻ جي ڳالهه ٻڌي منهنجيون وايون بتال ٿي ويون. ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪيم. پر ڪڍائي نه سگهيس.
موني بازار جي چو واٽي تي اسٽيج ٺاهي هئائون. بعد ۾ خبر پيئي ته شيخ مجيب الرحمان جي دوست قاضي فيض محمد جي سڏ تي بنگالي ۽ پٺاڻ ليڊر به اچي نوابشاهه ۾ گڏ ٿيا هئا. مون ايڏو وڏو جلسو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. ڄڻ ماڻهن جو سمنڊ هو. مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. مان ڪو پروفيشنل سنگر ته هوس نه. شوقيه ڳائيندو هوس. سو به دوستن لاءِ. اول خيال آيو ته قمر شهباز جي اک بچائي ڀڄي وڃان. پر، مناسب نه سمجهيم.
هوش منهنجو تڏهن اُڏامي ويو، جڏهن مائيڪرو فون مون کي هٿ ۾ ڏيئي، چوٽ چاڙهي، چيائون:
ڳاءِ.
ادبي کيتر جي پهرين ڏهن سالن ۾ (1955 کان 1965) منهنجي زندگيءَ ۾ ٿيڻ وارن ٽن وڏن واقعن مان هڪ وڏو واقعو اڻ سڌي طرح سياست ۾ پير پائڻ هو ـ سا به احتجاجي ۽ بغاوتي سياست Politics of dissent مون قمر جو گيت ڳائڻ شروع ڪيو. اڃا اڌ کن گيت ڳايو هيم جو ماڻهن جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو ـ ڌرتي ۽ آسمان کي لوڏي ڇڏڻ جهڙا ايڏا ته نعرا هنيائون جو گيت نعرن ۾ گم ٿي ويو. ڏسنديئي ڏسندي جلسو سياستدانن جي هٿن مان نڪري ويو. ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويئي. ويڙهه، ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ ايڏي ته دز اڏامي ڄڻ مٽيءَ جا ڪڪر ڌرتيءَ تي لهي آيا هئا.
ان کان پوءِ اها ئي ڪارروائي شروع ٿي جيڪا اڄ تائين منظم نموني جاري آهي. وٺ پڪڙ، وارنٽ، گرفتاريون، ٿاڻن تي عقوبتون ۽ بيان کان ٻاهر تعديون. جيئن ته اسان جو ڪو تنظيمي ڍانچو نه هو ۽ نه ئي ڪا ليڊرشپ، تنهن ڪري اسين سڀئي ڇڙوڇڙ ٿي وياسين. پوليس کي گوهيون لڪ ڇپ، انڊر ڪَوَر ۽ انڊر گرائونڊ ٿي وياسين. يارن ون يونٽ ٺاهي دم پٽيو. دم ڇا پٽيو، سندن نڪ ۾ دم ٿي پيو، ملڪ، خاص ڪري بنگال ۽ سنڌ ۾ ممڻ مچي پيو، سنڌ جا سياستدان ڍرا، اديب، شاعر، دانشور ۽ صحافي نروار ٿي ميدان تي نڪري آيا، لاڳيتو ڏهه سال بنگالي ادب سان ڀيٽڻ جهڙو سنڌي مزاحمتي ادب پيدا ڪيائون.
ون يونٽ جي بچاءُ ۾ جنرل ايوب خان بيريڪن مان نڪري آيو. 1958ع ۾ مارشل لا لڳائي ملڪ جو صدر ٿي ويهي رهيو. اڳتي هلي، 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽي پيو. مولانا ابو الڪلام آزاد جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي ته پاڪستان پنجويهن سالن کان وڌيڪ جٽاءُ ڪري نه سگهندو. چوويهين سال پاڪستان ٻه اڌ ٿي پيو.
سلسليوار آتم ڪٿا لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. مان مختلف موقعن تي آتم ڪٿا جا مختلف باب لکندو رهندس، بلڪه لکي رهيو آهيان، جيئن هيءُ آتم ڪٿا جو هڪ باب آهي. 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ جا سبب ٻئي ڪنهن مناسب موقعي تي، الڳ باب ۾ لکندس. هن باب ۾ 1955ع کان 1965ع تائين جون ڳالهيون آهن.
ادب ۽ سياست ۾ منهنجي داخل ٿيڻ جو عرصو ساڳيو آهي. يارن منهنجي ادب تي نعريباز ادب هئڻ جي مهر هڻي ڇڏي. ماڻهن جڏهن غور سان مون کي پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ پيار ڀري موٽ ڏني تڏهن به يارن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ماڻهن کي هيٺين ذهن وارو سمجهي ڪا اهميت نه ڏنائون. سندن پروپيگنڊا جو اندازو اوهين ان مان لڳائي سگهو ٿا جو مهينو کن اڳ ايم فل جي هڪ شاگردياڻي مون سان ملڻ آئي. منهنجين ڪهاڻين تي ريسرچ پي ڪيائين. مختلف نوعيت جا سوال پڇڻ کان پوءِ، هڪ سوال پڇيائين، ”اوهان تي الزام آهي تي، اوهين نعري باز ادب لکندا آهيو.“
مون کيس جواب ڏنو هو، ”ها اهو الزام سئو سيڪڙو صحيح آهي. اردوءَ ۾ اهڙي ادب کي مزاحمتي ادب چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ Literature of resistance سڏيندا آهن. اهڙي ادب کي سنڌي ۾ اسان جا يار نعري باز ادب سمجهندا آهن.“
مان بنيادي طرح رومينٽڪ ليکڪ آهيان. پر، منهنجيون ڪهاڻيون ۽ ناول، ”نيٺ گونگي ڳالهايو،“ سياسي پس منظر ۾ لکيل آهن.
ادب ۽ سياست کان پوءِ منهنجي ادبي اوسر وارن پهرين ڏهن سالن جو ٻيو واقعو، منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو واقعو 1960ع ۾ امان جو اُسهڻ هو. ويهين آڪٽوبر تي اسر کان اڳ منهنجين ٻانهن ۾ هميشه لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون هئائين. ان واقعي جو ذڪر مان آتم ڪٿا جي ٻن ٽن بابن ۾ تفصيل سان ڪري چڪو آهيان. هتي فقط ايترو چوندس ته امان جي اسهڻ کان پوءِ مان اهڙو ته اٻاڻڪو ۽ ننڌڻڪو ٿيس جو ٽيهتر سالن جي عمر ۾ به مان پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪندو آهيان. منهنجي وجود ۾ جيڪڏهن ننڍڙي چلولي ٻار جو واسو نه هجي ها ته مان جيڪر ڪڏهن به زندگيءَ ۾ کلي نه سگهان ها.
ادبي اوسر جي پهرين ڏهن سالن جي ٽئين واقعي منهنجي حياتيءَ کي تهس نهس ڪري ڇڏيو. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ يونائيٽيڊ نيشنز جي هڪ عالمي پروجيڪٽ ۾ نوڪري ملي هئي. دنيا ۾ آباديءَ جي ردوبدل تي کوجنا ڪرڻي هئي. سڄي پاڪستان مان چار ڄڻا چونڊيا هئائون. پنجاب مان چونڊيل اميدوار کي فيصل آباد ۾ کوجنا ڪرڻي هئي، مون کي لاڙڪاڻي ۾، بنگال مان ٻن ڄڻن کي ڍاڪا ۽ چٽگانگ ۾ کوجنا ڪرڻي هئي. لاڙڪاڻي جي يونين ڪائونسل لغاريءَ ۾ ڪم ڪندي مون کي اتان جي وڏيري جو رويو اصل نه وڻيو هو. سن 1962ع ۾ استعيفا ڏيئي مان ڪراچي موٽي آيس. بابا جهٽ پٽ مون کي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ماستري وٺي ڏني، گڏوگڏ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٻن ٽن امتحانن لاءِ تياري شروع ڪرائي ڇڏي.
هڪڙي ڏينهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ احمد ظهير ملڻ آيو. احمد ظهير نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪلچرل ونگ جو جوائنٽ سيڪريٽري هوندو هو. پاڻ سان هڪ فنڪار قسم جي ماڻهوءَ کي وٺي آيو هو. سانورو، مڇون ڏاڙهي چٽ، مٿي جا وار گهاٽا ۽ گنڍيدار، پوري پني بدن سان وچولي قد جو اڌڙوٽ هو، نالو هوس اقبال اي خان. جيتري دير ويٺو رهيو، مون کي مٿي کان پيرن تائين ڏسندو رهيو. پوءِ احمد ظهير کي ڪن ۾ ڪجهه چيائين.
احمد ظهير منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين، ”اقبال خان پاڪستان ٿيٽرس جو مالڪ ۽ ڊائريڪٽر آهي. ٿيٽر جي دنيا ۾ وڏو نالو اٿس. پنهنجي نئين ڊرامي ۾ هڪ اهم ڪردار لاءِ هن ڪراچيءَ جا سمورا آرٽسٽ ڏسي ڇڏيا آهن. تون کيس ڏاڍو وڻي ويو آهين.“
مون سڌو سنئون اقبال خان سان ڳالهايو. کيس چيم ته، ”حضرت، تون غلط ماڻهوءَ وٽ آيو آهين. مان ايڪٽنگ ويڪٽنگ مان نه ڄاڻان.“
اقبال خان چيو، ”تون فقط حامي ڀر، باقي ڪم مون تي ڇڏي ڏي.“
”ڪيئن ڇڏي ڏيان؟“ چيم، ”اهو ڪم مون کي ممڪن نه ٿو لڳي.“
اقبال خان منهنجين اکين ۾ اکيون وجهندي چيو، ”ميان، تون ته ماڻهو آهين ـ منهنجي چوڻ تي پٿر به ايڪٽنگ ڪري سگهندا آهن.“
احمد ظهير ڏاڍو زور ڀريو. ايوب خان خلاف جلسا جلوس ڪڍڻ، پوليس سان وڙهڻ ۽ چڪريون کائڻ واري دور جو ساٿي هو. مون پاڪستان ٿيٽرس جي ڊرامي ” ایک کمہار سب کہلونی“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي. ڪرشن چندر جي ڊرامي ” سراءے کے باہر“، تان انتصار حسين ايڊاپٽ ڪيو هو.
بابا کي اها ڳالهه بنهن نه وڻي هئي. فقط ايترو چيو هئائين، ”ان ڪم مان ڪو چڱو نتيجو ڪونه نڪرندو.“
بابا جي ڳالهه ڄڻ اڳڪٿي هئي. پاڪستان ٿيٽرس ۽ نيشنل ٿيٽرس لاءِ ڊراما لکندي، ڊراما ڊائريڪٽ ڪندي، ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي مان خود هڪ المناڪ ڊرامي جو ڪردار ٿي پيس. 1963ع ۾ هڪڙي ڏينهن زنجير پائي مون خودڪشي ڪري ڇڏي. هڪ جنم کان ٻئي جنم تائين الاءِ ڪائون دفعو مرڻ کان اڳ مري ويو هوس. ٿيٽرس سان گذاريل ٻن اڍائي سالن جو احوال منهنجي آتم ڪٿا جو آخري باب هوندو، ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ شايع ٿيندو.
انسان زندگيءَ ۾ ڄاڻيندي يا اڻڄاڻائيءَ ۾، (دانشته يا نادانسته) اهڙيون غلطيون، خطائون ۽ گناهه ڪري وجهندو آهي جن کي هو وساري نه سگهندو آهي. سڄي ڄمار پڇتائيندو رهندو آهي. پاڻ تي ملامت ڪندو رهندو آهي.
هن ڪتاب ۾ نه چاهڻ جي باوجود مون اهڙيون ٻه ڪهاڻيون شامل ڪيون آهن جن مون کي هميشه شرمندو ۽ پشيمان ڪيو آهي. اهي ٻه ڪهاڻيون آهن، ”سرحد“، ۽ ”سنڌو سجاڳ ٿيندو.“ اهي ٻئي ڪهاڻيون منهنجي لاءِ ثبوت آهن. ان ڳالهه جو، ته انسان ڀل ته ذهني ۽ نظرياتي طرح ڪيترو به سجاڳ ۽ اورچ ڇونه هجي، هو ڪڏهن نه ڪڏهن ڌڪ ضرور کائي ويهندو آهي.
ون يونٽ جي پهرين ڏينهن کان منهنجي ويڙهاڪ سياسي زندگي جي شروعات ٿي هئي ۽ ان سان گڏ ادب جي بارگاهه ۾ سجدن جي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٽي سال جنرل ۽ بعد ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان جي رياستي جبر ۽ ڏاڍ خلاف وڙهندي گذري ويا هئا. عوام خلاف رياستي رياڪارين، چالاڪين ۽ نفسياتي جنگ کي سمجهڻ ۽ ان جو ٽوڙ ڳولڻ لاءِ ذهن کي لاڳيتو تربيت ملي هئي. سمجهندو هوس، بلڪه بانور ڪندو هوس ته ڪابه رياستي چالاڪي مون کي چڪر ڏيئي نه سگهندي. پر، سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود مان دوکو کائي ويٺس.
جنرل ايوب خان 1964ع ۾ پاڻ کي ڊڪٽيٽر بدران منتخب صدر سڏائڻ جي شوق ۾ صدارتي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. اڪيلي سر پاڪستان ٺاهيندڙ محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح، ايوب خان خلاف چونڊ ۾ بيهڻ جو فيصلو ڪيو. فاطمه جناح ايڏي ته هر دلعزيز هئي جو ڪنهن جي خواب خيال ۾ نه هو ته جنرل ايوب کانئس چونڊ ۾ کٽي سگهندو. رياستي سياڻن، ملن کي فاطمه جناح خلاف مسجدن مان پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ کڙو ڪيو. ملن جو موقف هو ته ڪابه عورت شريعت مطابق هڪ اسلامي ملڪ جي سربراهه نه ٿي سگهندي آهي.
پاڪستان جي آبادي ۾ اڌ کان وڌيڪ آدمين وارو صوبو مشرقي پاڪستان فاطمه جناح جو حمايتي هو. سنڌ فاطمه جناح سان ساڻ هئي. کيس بلوچستان جي به حمايت حاصل هئي. پنجاب جو ترقي پسند عنصر به فاطمه جناح جي حق ۾ هو. سرحد جي کاٻي ڌر وارا به فاطمه جناح جا حمايتي هئا.
پر، نتيجو ڇا نڪتو؟ پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين ڌانڌليءَ واري صدارتي چونڊ ۾ فاطمه جناح هارايو. ملڪ وائڙو ٿي ويو. بنگال ۾ بغاوت ٿي پيئي. سنڌ ۾ رڻ گجيو، راڙو ٿيو. لاهور ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد رستن تي نڪري آيا. ايوب خان ششدر ٿي پيو. وايون بتال ٿي ويس.
ايوب خان وٽ شيطاني ذهن رکڻ وارن جو ٽولو هوندو هو، جڏهن ڏٺائون ته ملڪ ۾ لڳل باهه ڀنڀٽ ٿيندي پي ويئي، هنن ايوب خان کي عوام خلاف نفسياتي جنگ وڙهڻ جي صلاح ڏني ـ اهڙي ڪا چال چلجي جو ماڻهن جو ڌيان صدارتي چونڊ جي نتيجي تان هٽي وڃي، ۽ هو ذهني طرح ڪنهن جذباتي وهڪري ۾ وهي وڃن. ڏاڍي خوفناڪ چال چلي هئائون.
ايوب خان اوچتو 1965ع ۾ هندستان سان سرحدن تي جنگ ڇيڙي وڌي. جنرل ايوب خان جي ذهين ڪاموري الطاف گوهر ڏاڍي جذباتي تقرير لکي ـ لفظن سان جيڪا راند ايندي هيس. سا ڪيائين. ايوب خان اها تقرير وڏي اداڪاريءَ سان ۽ ڏاڍي دردناڪ انداز ۾ ريڊيو تان نشر ڪئي. پوءِ ته جنگي نغمن، گيتن، شهادت لاءِ واعظن ۽ تلاوتن سان ماڻهن خلاف نفسياتي حربي جو سلسلو شروع ٿي ويو. اڳتي هلي جيڪي حقيقتون سامهون آيون، انهن مطابق 1965ع واري جنگ جي اهميت سرحدي جهڙپن کان وڌيڪ نه هئي. جن فوجين ان جنگ ۾ حصو ورتو هو، تن مان ڪجهه فوجين ڪتاب لکي 1965ع واري جنگ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. بهرحال، ان وقت سموري ملڪ سان ڊرامو کيڏيو ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائرن وڄندا هئا. هوائي حملن جا اطلاع ايندا هئا. بتيون وسائي بليڪ آئوٽ ڪرائي ويندي هئي.
ان قسم جي انيڪ چالن سان ايوب خان جي ذهين ٽولي خاطر خواهه نفسياتي نتيجو حاصل ڪري ورتو. وڏي تعداد ۾ اديب، ۽ شاعر دوکو کائي ويهي رهيا. هنن نغما لکيا، گيت لکيا، غزل لکيا، نظم لکيا، نوحا لکيا، مرثيا لکيا، شهادت نامه لکيا، افسانه لکيا، مان پڻ دوکو کائي ويٺس. دوکي جي اثر دوران اهي ٻه ڪهاڻيون لکيم، ”سرحد“، ۽ ”سنڌو سجاڳ ٿيندو.“ جيتوڻيڪ ٻئي ڪهاڻيون ڇسيون ۽ حقيقت کان هٽيل آهن. تنهن هوندي به ٻنهي ڪهاڻين ۾ سنڌي معاشري ۾ اوچ نيچ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي عقوبتن جي چٻي ٽنڊي عڪاسي ڪيل آهي. اهي ٻئي ڪهاڻيون سياسي، نظرياتي ۽ صوفياڻي سوچ تي هڪ ڊڪٽيٽر جي عوام خلاف نفسياتي ڪاهه دوران عارضي غلبي جي بدنما داغ آهن. هوش ۾ ايندي مون کي دير نه لڳي. پر، دوکي جو ڌڪ مان وساري نه سگهيو آهيان. رياستي شطرنج ۾ مان هر چال کي اڄ تائين شڪ جي نگاهه سان ڏسندو آهيان.
ادبي عمل جي پهرين ڏهن سالن (1955 کان 1965) تائين مان گهڻو ڪري هندستان ۾ شايع ٿيندو هوس. اتان جا ذهين ايڊيٽر، پرم ابيچنداڻي، اُتم، هري موٽواڻي ۽ راڌا ڪرشن گرناڻي، ”پريان سندي پار جي مڙيوئي مٺائي،“ طور قبول ڪندي منهنجي هر لکڻيءَ کي پنهنجن رسالن ۾ جاءِ ڏيندا هئا. انهن مان ڪجهه تحريرون شايع ڪرڻ لائق نه هيون. هندستاني رسالن لاءِ لکندي مان دانسته، يعني ڄاڻي ٻجهي پنهنجين تحريرن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ ٽنبيندو هوس. تنهن ڪري هن ڪتاب ”اوائلي ڪهاڻيون“ ۾ شامل ڪجهه ڪهاڻيون ٻوليءَ جي لحاظ کان اوهان کي اوپريون لڳنديون.
ننڍپڻ ۾ ئي منهنجي سڌ ٻڌ ۽ سوچ سمجهه جي پيڙهه ڏاڍي پختي پئجي ويئي هئي. تازو شروع ڪيل ڀڳوان سان مڪالمي جو سلسلو، ڪٿا، (2008) ۽ پهرين ڪهاڻي، اندرا (1955)، عقيدي ۽ اعتقاد جي ساڳي سطح تي لکيل آهن. مان پيدائشي صوفي آهيان. جنهن هنج ۾ منهنجي پرورش ٿي، سا منهنجي ماءُ مڪمل صوفياڻي هئي. مان ته سمجهان ٿو جوڳياڻي هئي. سچل سرمست جي معتقد ۽ مريدياڻي هئي. نه رکندي هئي روزا، نه پڙهندي هئي نمازون، پر، مون کي ڪا اهڙي رات ياد ناهي جنهن ۾ مون امان کي سچل سائينءَ جو رسالو پڙهندي ۽ روئيندي نه ڏٺو هجي. ڪڏهن ڪنهن کي تڪليف نه ڏنائين. ڏک نه ڏنائين. ويٺي سڀني کي کلائيندي هئي. دل جي تڪليف هوندي هئس، پر ڪنهن کي ڪل پوڻ نه ڏنائين. آڪٽوبر 1960ع ۾ اسر ويل اٽيڪ ٿيس، منهنجين ٻانهن مان اڏامي هلي ويئي.
امر جليل
25-11-2008
B-702, Sand View Homes,
Frere Town,
Clifton-Karachi, Sindh.
E-mail: amarjaleel@cyber.net.pk
amarjaleel36@gmail.com