اُڃايل
هيٺين ڪمرن مان سهرن جو آواز بلند ٿي رهيو هو.
”اکيون ادل جون ٻرن شعله”
۽ رات جي خاموشي کي چيريندڙ نغما هن جي دل کي به چيري رهيا هئا. پر هو مجبور هو. هن کي اهي گيت ضرور ٻڌڻا هئا.
”ڪجل جوڙ بنايو آ.“
هن ڪنن کي ٻنهي هٿن سان بند ڪري بي چينيءَ مان پاسو ورايو، اڄ زرينه هن کان جدا ٿي رهي هئي.... هميشه لاءِ ...... ۽ هو پنهنجي مجبور نگاهن سان پنهنجي دنيا لٽجندي ڏسي رهيو هو. زرينه هن سان واعدو ڪيو هو ته هوءَ زندگيءَ جي تاريڪ راهن ۾ هن جو ساٿ ڏيندي. پر واعدو ڪندي هن اهو نه سوچيو هو ته هوءَ سماج جي غلام هئي ۽ ان جي قانونن جي بجا آوري هن تي فرض هئي. روزو نماز به فرض آهن ۽ سماجي قانون به فرض آهن.... هن ته محض واعدو ڪيو هو جا هن جي وڏي ۾ وڏي غلطي هئي ..... محبت جي تيز ڌار ۾ ترندي هن اها حقيقت فراموش ڪري ڇڏي هئي ته هوءَ عورت هئي ..... مجبور ۽ ڪمزور عورت ـ حيوان وانگر فرمانبردار ڌيءَ، جا پنهنجي خاندان ۽ والدين جي عزت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي ۽ هن واعدو ڪري ڇڏيو، ۽ واعدو ڪندي هن اهو ڇو ڀلائي ڇڏيو، ته هن جي حرفن تي ڪو پنهنجي انمول زندگي نڇاور ڪري ڇڏيندو، ۽ هو سوچي رهيو هو ته قدرت هن کي اهڙا سپنا ڇو ڏيکاريا جن جي ڪابه تعبير ڪونه هئي...... هن جي اميدن جو محل واريءَ جي دڙن تي ڇو تعمير ڪيو ويو. آخر هن کي ڇو بي معنيٰ بيتن سان بهلايو ويو.
اڄ هن جي آشائن جا ديپ پوين پساهن ۾ هئا، ۽ چند لمحن بعد جڏهن مولانا زماني جي پراڻي رسم دهرائيندو، تڏهن ديپ هميشه لاءِ وسامي ويندا ۽ هن جي مٿان نراشا جي هيبتناڪ سياهي ڦهلجي ويندي ۽ زرينه هميشه جي لاءِ هن کان جدا ٿي ويندي، محبت جا سڀ رشتا ٽٽي پوندا جن جي ڪڙيءَ ڪڙيءَ ۾ ارمان دفن هوندا.
ڪنهن جي قدمن جي آهٽ هن کي هوشيار ڪيو ۽ هن قميص جي دامن سان پگهر اگهي ڇڏيو. هن کي ته تڙپڻ جي به اجازت نه هئي ۽ اجايو ميز جي خاني ۾ ڪجهه ڳولهڻ لڳو. ”اختر،“ ماءُ سڏ ڪيو.
”جي امان،“ هن آهسته جواب ڏنو.
”هيٺ مهمان گڏ ٿي رهيا آهن ۽ تون هت ڇا ٿو ڪرين.“
”صفدر لاءِ لفافو ڳولهي رهيو آهيان.“ هن ڪوڙ ڳالهايو.
”اوندهه ۾ ڪيئن لڀندو. بجلي ٻاري ڳولهه ۽ جلد اوطاق ۾ وڃ.“ ماءُ چيو.
۽ هن کي پنهنجي غلطي محسوس ٿي ته هو اوندهه ۾ خانو کوٽي رهيو هو ۽ جڏهن هن بتي ٻاري ته ماءُ وڃي چڪي هئي.
هن کي سڀني مهمانن کان نفرت هئي. سينگاريل ڪمرن ۾ هن کي وحشت ٿي رهي هئي. هلڪا ۽ ٽين درجي جا چرچا ٻڌندي هن جا ڪن شل ٿي چڪا هئا. اڄ گهڻو ڪري هن جا عزيز ۽ هن جي والدين جا ويجها دوست آيا هئا. پر هن کي انهن سڀني کان نفرت هئي. هن نٿي چاهيو ته ڪو هن سان ڳالهائي. پر تنهن هوندي به هو مجبور هو ته مشڪندو رهي، ڦڪا ٽهڪ ڏيندو رهي ڇو جو شادي جو سڄو بار هن جي ڪلهن تي هو. ماسيءَ هن کي خاص طور تي شاديءَ جي بندوبست ۾ هٿ ونڊڻ لاءِ چيو هو ۽ هن به فيصلو ڪيو هو ته هو پنهنجي ارمانن جو ڳلو گهٽي ڇڏيندو پر پنهنجي سٺ ورهين جي ماسيءَ کي رنج نه ڪندو، هو پنهنجي هٿن سان زرينه کي سينگاريندو، هن جي هٿن تي ميندي لڳائيندو ۽ هن جي روشن پيشانيءَ تي جهومر لڳائيندو ... ۽ ... ۽.
ماسيءَ کي زرينه ۽ جميله کان سواءِ ڪابه ٻي اولاد نه هئي ۽ ان حال ۾ اختر تي سڄو بار اچي پيو هو. گهڻا مائٽ ٻاهران آيا هئا، جن جي رهائڻ جو بندوبست ۽ کائڻ پيئڻ جو خيال پڻ هن کي ڪرڻو هو ۽ گذريل هڪ هفتي کان هو ان ڪم ۾ رڌل هو. هن هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏنو ۽ سڀ هن جا فرمانبرداريءَ مان خوش هئا، ۽ جن جي به دل ۾ شڪ شبهه هئا، دور ٿي ويا. جيڪي به ڪهاڻيون اختر ۽ زرينه جي نالن سان وابسته هيون نامڪمل رهجي ويون. جا باهه زرينه ۽ اختر جي پيوسته نالن خاندان جي آن ۾ لڳائي هئي، تنهن کي اڄ اختر جي ڪشاده پيشانيءَ مان وهندڙ پگهر سرد ڪري ڇڏيو ۽ سڀني محسوس ڪيو ته بي بنياد الزام زرينه. اختر تي لڳايا ويا هئا ۽ هو پڻ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن جي منهن مان ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر نه ٿئي جا زرينه جي ازدواجي زندگيءَ لاءِ زهر هجي. اختر جي اها دلي خواهش هئي ته زرينه جتي به هجي، آباد رهي، خوش رهي ڇو جو هن کي خبر هئي ته محبت جي انتها وصال نه پر فراق آهي، ۽ هو زندگي جا زخم سيني ۾ سانڍي نامرادين جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهندو، جتي پياس جي شدت کان هن جو حلق خشڪ ٿي ويندو ۽ هن کي پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀندا محسوس ٿيندا... هو رڃ جي ڪڍ ڊڪندو رهندو ... پر هميشه اُڃايل!
اختر کي اڄ پنهنجون مجبوريون شدت سان محسوس ٿي رهيون هيون. هو زرينه لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو، هن سوچيو، هو زرينه کي پاڻ سان تمام پري وٺي وڃي ها. تمام دور. هن سماج جي پهچ کان لامحدود. جتي ڪوبه زرينه کي هن جي مضبوط ٻانهن مان جدا ڪري نه سگهي ها. پر محبت انڌي نه آهي. هن جي سامهون خاندان جي آن ۽ عزت پهاڙ مانند نمودار ٿي ۽ جڏهن هن ساهميءَ جي هڪ پڙ ۾ زرينه جي محبت ۽ ٻئي پڙ ۾ خاندان جو وقار وڌو، ته هن محسوس ڪيو ته هن جي محبت قربانيءَ جو ٻڪر آهي.
ظاهر هيءَ ڳالهه ڪهڙي نه سولي هئي ته زرينه هن جي ماسيءَ جي ڌيءَ هئي ۽ اختر هن کي حاصل ڪري سگهيو ٿي..... پر والدين هن سماجي ڄار کي اڃا به مضبوط ڪيو ۽ جڏهن زرينه ٽن سالن جي هئي ته هن جو مڱڻو سندس سئوٽ صفدر سان ٿي ويو هو. وقت جي وهنوار ۾ صفدر زرينه کان دور رهيو ۽ زرينه اختر ۾ سمائجي وئي.
وقت تيز رفتار سان نامعلوم منزل طرف گامزن هو ۽ هو ٻئي اهڙي سرحد تي اچي پهتا جتي کلڻ بدنامي ۽ سرد آهه ڀرڻ جو ڪارڻ هئا. هڪ ٻئي جي ويجهو رهڻ جي تمنا جواني ۾ پڻ اختر ۽ زرينه جو ساٿ ڏيندي آئي ۽ هو ڪوشش جي باوجود هڪ ٻئي کان دور ٿي نه سگهيا. ماضيءَ جي گرد والدين جي غلطيءَ کي لٽي ڇڏيو ۽ زرينه کان اهو به وسري ويو ته هوءَ اختر کي ڪڏهن به ملي نه ٿي سگهي.
اختر محسوس ڪيو ته هن جي محفل مان غير حاضري شايد مائٽن ۽ دوستن کي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪري نه ڇڏي ۽ هو قميص جي ٻانهن سان پگهر اگهندو هيٺ پڌر ۾ پهتو. سامهون ڪمرن مان اڃا به ڪنواريون سهرا آلاپي رهيون هيون ۽ ڪراڙيون ماضيءَ جي شيرين يادين کي دهرائي گد گد ٿي رهيون هيون.... پر هو محسوس ڪري رهيو هو ته هي خوشيءَ جا گيت نه آهن. بلڪه دک درد جا مرثيا آهن، جي دل جي شڪسته ارمانن مان نڪري رهيا آهن. هي سڀ نقلي ٽهڪ آهن، جن سان غمن جي حقيقت جي پرده داري ڪئي پئي وڃي.
”اختر.“
”جي امان.“ هن منهن ورائڻ بنا چيو.
”ڪهڙو نه سخت سيءُ آهي ۽ تون هڪ قميص ۾ رلندو ٿو وتين.“
”امان مون کي سيءُ نٿو ٿئي.“ هن مرده آواز ۾ چيو.
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ ماءُ سرگوشيءَ ۾ چيو. ماءُ کي خبر هئي ته اختر جي دنيا زرينه ۾ سمايل هئي ۽ هن کي اها به خبر هئي ته زرينه کي وڃائڻ کان پوءِ هو ڪڏهن به مرڪي نه سگهندو، هر وقت هن جي نگاهن ۾ حسرت ۽ محرومي رقص ڪندي رهندي. هو سڄي دنيا کان بددل ٿي ويندو. پر هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي. هن پنهنجي سر ته تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڀيڻ کي طرح طرح سان ريجهايائين. زرينه جي پيءُ کي ايلاز ڪيائين. پر سڀ بي سود، ڇو جو زرينه جو مڱڻو صفدر سان پندرهن سال اڳ ٿي چڪو هو ۽ ان سرد ۽ تير جهڙي تيز واءُ ۾ اختر جو هڪ قميص ۾ رلڻ به ماءُ لاءِ ان بي پرواهيءَ جي هڪ ڪڙي هئي جا هن جي زندگيءَ جو جز بنجي چڪي هئي. ماءُ جي ممتا وري اُڀري.
”پٽ تنهنجو ڪوٽ ڪٿي آهي.“ ماءُ هن جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو.
”مٿي، ڪمري ۾ پيو آهي.“
”تون هت ترس مان جميله کي ٿي موڪليان، کڻي ايندي.“ ماءُ چيو ۽ شادي جي گمسان ۾ جميله کي تلاش ڪرڻ هلي وئي ۽ هو انهن گيتن ۾ جلندو رهيو، هن ورانڊي جي ڀت جو سهارو وٺي پاڻ کي اونده ۾ لڪائي ڇڏيو. هن نٿي چاهيو ته ڪوبه هن جي منهن مان هن جي جذبات کي پڙهي سگهي. جميله هن جو ڪوٽ کڻي آئي.
”اختر.“ هن سڏ ڪيو. ”اختر“ هن وري سڏ ڪيو ۽ ورانڊي جي اونده ۾ غور سان نهارڻ لڳي ۽ هن کي اختر نظر آيو. جنهن مٿو ڀت سان لڳائي اکيون پوري ڇڏيون هيون. جميله هن جي ويجهو آئي ۽ اختر کي ٻانهن کان وٺي جهنجهوڙيندي چيائين. ”اختر ـ اختر.“
”جي.“ اختر ڄڻ ڪنهن سپني مان سجاڳ ٿيو.
”هي ڪوٽ وٺ.“ ۽ ڪوٽ ڏيندي هن جو هٿ اختر جي هٿ سان ٻنهي هٿن ۾ جهليندي چيو.
”نه.“ هن آهسته وراڻيو ۽ ڪوٽ پائڻ لڳو.
”توکي بخار آهي.“ جميله هن جي پيشاني ڇهي جا پگهر ۾ تر هئي. ”توکي ضرور بخار آهي.“
”نه جميله نه.“ هو وڃڻ لاءِ مڙيو.
”اختر“ جميله هن کي ٻانهن کان وٺندي چيو. ”پنهنجي ڀيڻ کي به نه ٻڌائيندين.“
”جميله مون کي ڪجهه به نه آهي.“ هن شڪسته آواز ۾ چيو، ”۽ اڄ تائين مون توکان ڪهڙي ڳالهه لڪائي آهي ۽ جميله جيڪڏهن خدا مون کي تو جهڙي ڀيڻ نه ڏئي ها ته خبر نه آهي ته منهنجو ڪهڙو حشر ٿئي ها.“
جميله پنهنجي رئي جي پلاند سان هن جي پيشاني خشڪ ڪئي.
”اختر مان چڱي طرح سمجهي سگهان ٿي ته تنهنجي دل تي ڪيترا نه گهرا زخم آهن.“
”منهنجي چري ڀيڻ.“ اختر هن جي مٿي ته آهسته ڌڪ هنيو، ”جنهن کي تو جهڙي ڀيڻ هوندي تنهن جا زخم به خود ڀرجي ويندا.“
”تون ڪوڙو آهين.“ هن ننڍن ٻارن وانگر چيو، ”تو منهنجي ڪاليج مئگزين لاءِ اڃا ڪوبه افسانو نه لکيو آهي. هڪ هفتي کان ايلاز پئي ڪيان.“
”ديواني“ اختر مرڪندي چيو. ”هي شاديءَ جا جهنجٽ لهي وڃن ته پوءِ توکي ضرور لکي ڏيندم ۽ توکي ملڪ چاڪليٽ به آڻي ڏيندم.“
”اون ڪوڙا.“ چاڪليٽ جميله جي چيڙ هئي ۽ هن اختر جي پٺيءَ تي هڪ زوردار مڪ هنئين ۽ کلندي اندر ڪمري ۾ هلي وئي، جتي چاءِ جو دور هلي رهيو هو.
هو آهستي آهستي قدمن سان اوطاق طرف وڃڻ لڳو. هن جو ذهن ڪجهه هلڪو هو. ڇوجو هن هر وقت کلندڙ جميله کي پنهنجي ڀيڻ ڪيو هو. هوءَ زرينه کان يڪلخت مختلف هئي. زرينه سنجيده، بافڪر ۽ جذباتي هئي. جنهن اختر جي زندگيءَ جي راهن ۾ ڪنڊا وجهي ڇڏيا، هن جي چپن تان مرڪ ڦري سرد آهون ڏيئي ڇڏيون هيون ۽ جميله زرينه کان ٻه سال ننڍي هئي. پر بلڪل مختلف. هر وقت مشڪندڙ هر خيال کان لاپرواهه. سنجيدگيءَ کان دور ۽ اختر هن کي ڀيڻ بنايو هو ۽ ان جي عيوض جميله هن کي فلڪه شگاف ٽهڪ ڏنا هئا ۽ جميله سان ملڻ کانپوءِ اختر جي هر اداسي دور ٿي ويندي هئي. اختر جڏهن ورانڊي جي ڏاڪڻ وٽ پهتو ته هن جا قدم رڪجي ويا. ٻه عورتون پاڻ ۾ سرگوشي ڪري رهيون هيون.
”ان کان وڌيڪ بي حيائي ٻي ڇا هوندي.“ هڪ عورت چيو.
”ڪيئن ته کلي کلي ڳالهائي رهي هئي.“
ٻيءَ چيو، ”۽ رئي جي پلاند سان منهن اگهي رهي هيس.“
”ڏاڍو خيال ٿي رکيس.“ پهرين عورت چيو. ”ڪيئن نه ڪوٽ کڻڻ لاءِ ڊڪندي هلي وئي.“
پوئين ڪمري مان هڪ ٽين عورت پڻ نڪري ان طرف اچڻ لڳي ۽ هو ٿنڀي جي اوٽ ۾ لڪي پيو، هن جي ذهن ۾ شعله اڀري رهيا هئا.
”ڇا آهي ادي.“ نو وارد پڇيو.
هڪ عورت رسيءَ مان نانگ ٺاهيندي نو وارد کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. ان عورت چيو.
”اختر به ته وڏو ڪمينو آهي. پهريائين وڏي ڀيڻ کي خوار ڪيائين ۽ جڏهن هوءَ هٿن مان نڪري ويس ته ننڍيءَ تي ڏورا وجهي رهيو آهي.“
اختر جو مغز دکي رهيو هو. هن کي نس نس ۾ ڪنڊا چڀندا محسوس ٿيا. هن ٽنهي عورتن کي غور سان ڏٺو، جي هن جون مائٽياڻيون هيون. هن کي پنهنجو خيال بلڪل نه هو. هو جميله لاءِ فڪرمند هو، جنهن کي هو پنهنجي ننڍي ڀيڻ سمجهندو هو ۽ اڄ محض هن جي ڪري جميله تي الزام لڳي رهيو هو. اختر هنن عورتن جي پست ذهنيت تي جهنجهلائجي ويو. هن سوچيو. آخرهي سوچڻ کان اڳ فيصلو ڇو ٿيون ڪن. ڇا ٻه نوجوان دليون ڀيڻ ڀاءُ جي پاڪ رشتي ۾ هڪ ٿي نٿيون سگهن. زرينه کي هو پيار ڪندو هو. هن زرينه کي روح جي گهراين سان چاهيو هو ۽ ٻنهي جي پيار ۾ شدت هئي. پر جميله کي هو ڀيڻ سمجهندو هو. خدا هن کي سڳي ڀيڻ کان محروم رکيو هو. پر جميله جي روپ ۾ هن کي ڀيڻ جي پاڪ محبت ميسر ٿي هئي. ۽ اختر کي خبر هئي ته جڏهن مخالفت جون هوائون تيز ٿي وينديون. جڏهن هو منزل کان محروم ٿي ويندو. جڏهن هن جا پير زندگيءَ جي ڪٺن راهن ۾ متزلزل ٿي ويندا. تڏهن هو جميله جو سهارو وٺندو. هو جميله جي پلاند ۾ منهن لڪائي دنيا جي غمن کي وساري ڇڏيندو... ۽ هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪ خشڪ ٿي ويندا. هو محبوبه جي پيار کان محروم رهجي ويندو. پر ڀيڻ جي پاڪ محبت هن کي ميسر هوندي. پر اڄ اختر محسوس ڪيو ته هنن ٽن عورتن جي اندر پهچنديئي هيءَ ڳالهه باهه مانند پکڙجي ويندي ۽ جميله جي گردن هميشه جي لاءِ جهڪي ويندي. هوءَ ڪڏهن به ٽهڪ ڏيئي نه سگهندي.
اختر کي پنهنجي وجود کان نفرت ٿيڻ لڳي. هن جي ڪري زرينه سڄي خاندان ۾ بدنام ٿي ۽ اڄ جميله کي پڻ هيءَ دنيا تباهه ڪرڻ لاءِ اٿي رهي هئي. هوءَ سڀني جي نظرن ۾ ڪري پوندي. هن جي دل پاش پاش ٿي ويندي ۽ اختر محسوس ڪيو ته هن سماجي دنيا ۾ ڪنهن کي به پيار ڪرڻ نه گهرجي. هتي آشا جا ديپ نراشا جي آنڌيءَ ۾ وسامي وڃن ٿا. اميدن جا چمن ويران ٿي ٿا وڃن. هن دنيا ۾ جوان ٿيڻ پاپ آهي ۽ ٻن دلين جو پاڻ ۾ ملڻ طوفان جو پيش خيمو آهي، ڀل ته هو ڪهڙي روپ ۾ کڻي ملن. هن دنيا ۾ سڀني کي هڪ ٻئي کان نفرت ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي جي خون لاءِ پياسو هئڻ گهرجي. هت محبت جي اڃ ڪڏهن به سيراب نه ٿي ٿئي ۽ پريمي هميشه اڃايل رهجي وڃي ٿو! اختر خيالات جي روانيءَ ۾ وهندو رهيو ۽ تلخي مان ٿڪ اڇلي هن سماج جي بدمزاج منهن تي ۽ تڪڙن قدمن سان اوطاق ۾ پهتو، هن جو دماغ دکي رهيو هو، ڄڻ ته ڪنهن هن جي بدن کي ٽانڊن تي اُڇلي ڇڏيو هو.
اوطاق ۾ مهمانن جي پيهه هئي. ڪوبه هن ڏانهن متوجه نه ٿيو ۽ هو آتشدان جي ويجهو پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هن جي نڙي خشڪ ٿي چڪي هئي. آتشدان مان نڪرندڙن شعلن کي هو غور سان ڏسي رهيو هو ۽ حاضرين مولانا جو انتظار ڪري رهيا هئا. آتشدان ۾ باهه جو زور وڌي رهيو هو. هن جگ مان پاڻي ڪڍي نڪرندڙ شعلن تي ڇنڊا هنيا. باهه جو زور ڪجهه ڍرو ٿيو ۽ پوءِ مولانا ڪمري ۾ داخل ٿيو.
هو حسرت ڀريل نگاهه سان صفدر کي ڏسي رهيو هو، صفدر کٽيو ۽ هن هارايو. سماج فتح پاتي ۽ محبت شڪست. هن سڪل چپن تي زبان ڦيري ... ۽ جڳ جو بچيل پاڻي يڪساهي پي ويو. مولانا زماني جي پراڻي رسم دهرائيندو رهيو ۽ ان جي لفظ لفظ سان گڏ هن جو دم خشڪ ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ هن کي شاهدن سان گڏ اندر زناني ۾ موڪليو ويو. بجليءَ جي لهر هن جي بدن ۾ ڊڪي وئي. آخر هو ڪيترو ضبط ڪري سگهيو ٿي. هو به ته انسان هو..... زرينه هن جي سامهون ويٺي هئي ..... ڳاڙهي وڳي ۾ ملبوس .... منهن گوڏن ۾ وجهي .... هن جو گونگهٽ پيرن تائين نڪتل هو.
اختر جو مٿو ڦرڻ لڳو. ايترو ضبط ڪرڻ هن لاءِ ناممڪن هو ۽ ڪوچ تي ويهي رهيو. سڀ زرينه کان پڇندا رهيا. پر هوءَ ديوار وانگر خاموش هئي.... سڀ انتظار ۾ هئا ته زرينه زبان سان نه ته ڪنڌ جي اشارن سان ها ڪري ته هوءَ بلڪل ذبح ٿي چڪي آهي ...... پر هوءَ خاموش هئي. ماءُ، ماسي چاچي .... سڀ پڇي رهيا هئا ...... پنج منٽ گذري ويا .... ڏهه ۽ پندرهن منٽ گذري ويا. زالن ۾ چمگيويون ٿيڻ لڳيون.... اختر آهستي آهستي ڪوچ تان اٿيو ۽ زرينه جي ويجهو آيو ۽ سڀ پري هٽي ويا. هن ٻڏل آواز ۾ چيو:
”زرينه” آواز هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي رهيو هو. ”زرينه ..... ڏس مان آيو آهيان اختر هڪ ستايل انسان ..... ڇا تون به مون کي مايوس ڪنديئن .... ها ڪر زرينه ها ڪر.“ ۽ هن جو آواز ڀرجي آيو. زرينه منهن گوڏن مان ڪڍي ها ڪئي. مبارڪ ........ مبارڪ..... سڄي ماحول ۾ مبارڪ جا آواز گونجي ويا ۽ هو تڪڙن قدمن سان ورانڊي مان گذرندو پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ويو ۽ اوندهي منهن کٽ تي ليٽي پيو ..... هو لٽجي ويو .... بي يارو مددگار.
ٿوري دير کان پوءِ الوداعي گيت گونجڻ لڳا .... هن اٿي رستي واري دري کولي ... زرينه ڏوليءَ ۾ ويهي رهي هئي گيت بند ٿي ويا ... ڏولي رواني ٿي وئي. هو حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندو رهيو. ۽ چند لمحن بعد هن کي پنهنجي پٺيءَ تي ڪنهن جا هٿ محسوس ٿيا ۽ پوءِ جميله هن جي پٺيءَ سان لڳي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
1958