هولي
هميشه وانگر ڊوڙندو آيو. ڪتابن جو ٿيلهو ڪليءَ سان لٽڪائي، رنڌڻي ڏانهن هليو ويو. منجهند جي ماني آڻي ٽيبل تي رکيائين. ڏاڍي بک لڳي هيس، جو هٿ ڌوئڻ به وسري ويس. ڪرسي آڻي ٽيبل وٽ رکيائين ته چيومانس:
”هولي!“
”جي. چاچا.“
”پٽ، هٿ نه ڌوئيندين؟“
”ڌوئان ٿو، چاچا.“ هٿ وارو گرهه اتي ئي رکي، گينڊيءَ جو نل کولي، هٿن کي صابڻ سان ڌوئي صفا ڪيائين. جيترو مان کيس گهرندو آهيان. ان کان وڌيڪ مون لاءِ ماندو رهندو آهي. ٽوال سان هٿ اگهي. وري اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. هڪ گرهه مس کاڌائين ته کيس ڪجهه ياد آيو.
”چاچا!“
”هولي پٽ ...“
”چاچا، مون کي هولي ڇو سڏيندا آهيو؟“
”پيارو جو آهين!“
پر سندس اڻتڻ پوري نه ٿي. ٻه ـ چار گرهه کائي، منهن ورائي چيائين: ”اڄ اسان جي نئين ٽيچر پڇيو ته سڀ توکي هولي ڇو چوندا آهن.“
”تو ڇا چيس؟“
”چيو مانس ته منهنجي چاچا منهنجو نالو هولي رکيو آهي.“
پاڻيءَ جا ٻه ـ ٽي ڍڪ ڀري، شوخيءَ سان ٻڌايائين: ”چاچا، ٽيچر مون کي هوليءَ جي معنيٰ به ٻڌائي.“
مون سوچيو، ان ٽيچر هولي کي ”هولي“ جي ڪهڙي معنيٰ ٻڌائي هوندي. جنهن رنگين پاڻيءَ جي راند ئي نه ڪئي هوندي، تنهن کي ڀلا هوليءَ جي ڪهڙي ڄاڻ؟ پر هوليءَ کان ئي پڇيم: ”ٽيچر توکي ڇا ٻڌايو، هولي؟“
هولي پنهنجو پتڪڙو هٿ کڻي چيو: ”ٽيچر چيو، هولي معنيٰ پاڪ، پويتر.“
مون سوچيو، سچ ئي ته ٽيچر کيس ٻڌايو آهي! سڪ ۽ محبت سان هڪ ٻئي تي هاريل پاڻي، پاڪ ئي ته هوندو آهي. پر جنهن جذبي ڪري مان کيس هولي سڏيندو آهيان، ان کي معصوم هولي ڪيئن سمجهي سگهندو؟ مون ته کيس ڪنهن جي ياد سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. چيومانس: ”هولي معنيٰ پاڪ. پاڪ پاڻي!“
هو منجهي پيو. سندس ننڍڙي دماغ لاءِ اهي ڳالهيون بي معنيٰ هيون. پر تڏهن به پڇيائين: ”ڀلا ڪيئن هوندو آهي اهو پاڻي؟“
”رنگا رنگي .... انڊلٺ جهڙو!“ مون کيس سمجهايو: ”پچڪارين ۾ رنگين پاڻي ڀري، هڪٻئي کي پيار وچان پُسائڻ جو نالو اٿئي ”هولي.“ رنگين پاڻيءَ جي راند جو نالو اٿئي ”هولي!“
”ڪهڙي رنگ جو هوندو آهي پاڻي؟“ هن ڏائي ڳل تي هٿ رکي چيو.
”ڳاڙهو، سائو، گلابي، ... ۽ ـ“ منهنجو آواز ڀرجي آيو.
”ڀلا ڪير ڪندا آهن اهي راند؟“ هوليءَ وري پڇيو.
”ڪندا هئا ... هولي! .... ”مون دل جي درد کي اکين ۾ لڪائيندي چيو، ”پرڪاش، موهن، پرشوتم ... ۽ اندرا ... ۽ ...“ منهنجون پنبڻيون آليون ٿي ويون. پراڻا زخم وري تازا ٿيڻ لڳا ـ ناسور ڪيئن ڇٽندا! هولي غور سان دلچسپيءَ سان رنگين پاڻيءَ جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو، ۽ مون کيس وري ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”ساڌ ٻيلي کان شيش محل تائين، ڄڻ سنڌو به رنگجي ويندي هئي. ڍورو، ناري شالا، چبوتڙو، ڍڪ بازار، سڀ انڊلٺ کان وڌيڪ سهڻن رنگن ۾ رنگجي ويندا هئا!“
هولي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو.
” ... ۽، هولي! اندرا اسان جي گهر اچي، امان، بابا، ادا ۽ مون کي پچڪاريءَ سان رنگي ڇڏيندي هئي. هميشه آسماني رنگ هڻندي هئي ... اهڙو سندر، اهڙو پيارو رنگ، هولي!“
لڙڪ پنبڻين جو بند ڀڃي، اندر جي آگ اجهائڻ آيا. مون هوليءَ کان نظرون بچائي، اکيون اگهي ڇڏيون. هولي ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿي آيو. ۽ پنهنجون نرم ٻانهون منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي، ڳراٽڙي پائي چيائين.
”چاچا، اسين به رنگين پاڻيءَ جي راند ڪنداسين!“
گهاءُ گهرا ٿي ويا. سڏڪا جهلي چيومانس: ”اسان وٽ اهو پاڻي ڪونهي، هولي اسان وٽ اهو پاڻي ڪونهي!“
هوليءَ جو منهن مرجهائجي ويو، ۽ مون کيس پنهنجي گهائل سيني سان لڳائي ڇڏيو.
1963