وري ياد آيا
پپل جي سامهون واريون ماڙيون ڪجهه ته ڪري چڪيون آهن ۽ ڪجهه سرن جي فرش تي جهڪي آيون آهن. وقت جي ٺوڪرن ۾ گهٽي اداس ۽ ويران ٿي چڪي آهي ۽ پپل جا پن به اڪثر ڇڻي چڪا آهن. پپل جي پاسي ۾ اسان جي حويلي جي ڏيڍي آهي. اسان جي هڪ گهر کان سواءِ سڄيءَ گهٽي ۾ ٻيو ڪوبه آباد ڪونهي. سڀ اسان کي اڪيلو ڇڏي وڃي چڪا آهن. اسان جا ساٿي! اسان کي وساري ويا آهن اسان جا دوست ۽ اسان کي هر لمحي تڙپائڻ ۽ ارمان ڪرڻ لاءِ ڏئي ويا آهن پنهنجيون حسين ۽ دلفريب يادگيريون!
انهن يادن جي سهاري ته اسان جيءَ رهيا آهيون ـ ورنه ـ جتي هنج هئا ات ڪانون ڪانگيرا ڪيا آهن. گهٽيءَ جي پهرين وراڪي وٽ قديم مندر آهن. ڏسان پيو ته مندر به اجڙجي ويو آهي. ڀڳوان جي گهر ۾ آشائن جا ديپ جلائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. ڇا سندس پوڄاري وڃي چڪا آهن؟ مندر مان ڀڄن جو آواز ڇو نه ٿو اچي. مان اندرا جو معصوم آواز ڇو نٿو ٻڌي سگهان جنهن ۾ سڄي دنيا جو مٺاڻ مليل هوندو هو.
”ڇا ٿي ويو ڀــڳوان.
ويا من مندر جا ديپ وسامي ڇا ٿي ويو ڀڳوان.“
ها! اڄ منهنجي من مندر جا سڀ ديپ اجهامي چڪا آهن. چئني طرف هيبتناڪ اونداهيءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. ڪرشن مراريءَ جي ساڌن ۽ سنتن سان گڏ منهنجي من مندر جي ديوي به وڃي چڪي آهي. هينئر منهنجي چپن تي مرڪ ڪونهي. اکين ۾ اداسي ۽ دل ۾ درد آهي، ڄڻ ته منهنجي من جو ڪنول ڪومائجي ويو آهي. ڄاڻان ٿو ته هڪ ڏينهن هي پپل به سڪي ويندو ۽ وقت جي واءُ ۾ سندس سڪل ۽ زرد پن به ڇڻي ويندا، پر منهنجي اکين مان وهندڙ لڙڪ موت جي آغوش ۾ خشڪ نه ٿي سگهندا. منهنجي آتما جون اکيون سانوڻ جي گهٽائن وانگر وسنديون رهنديون.
اسان جي حويليءَ جي پٺيان سنڌو آهي ۽ سنڌوءَ جي وچ ۾ خواجه خضر جو آستان ۽ ساڌ ٻيلو بيٺل آهي. انهن ٻنهي کي وقت جي آنڌي هڪ ٻئي کان دور ڪري نه سگهي آهي. اڄ به سنڌوءَ جون لهرون ساڳئي وقت ٻنهي جا قدم چمنديون آهن. نادان انسانن وانگر لهرن پنهنجي من ۾ ڪينو ۽ حسد نه لڪايو آهي. هميشه وانگر اڄ به درياهه شاهه جي هنج ۾ موتي مڙهيل آهن. پر ڏسان پيو ته، ڄڻ موتين جو مالڪ روئي رهيو آهي. سندس ڇولين ۾ فرياد آهي ـ ته. ڪٿي آهن اهي ديويون جي منهنجي لهرن ۾ پير پسائي، لڪندڙ سج جي وڇايل ڪرڻن ۾ اٽي جا ننڍڙا ننڍڙا ڏيئا وهائينديون هيون، ۽ ڪٿي آهن اهي ديويون جيڪي پرهه ڦٽي جل ۾ گلاب جون پنڙيون اڇلائينديون هيون!
ساڌن کانسواءِ ساڌ ٻيلو کنڊر ٿي ويو آهي. مندرن جا در بند آهن ۽ پوڄا پاٺ ۾ ماٺ آهي. خضر جو آستان پنهنجي صدين جي ساٿيءَ جي مجبور حالت ڏسي خود به ويران ٿي ويو آهي ـ هينئر آستان تي ڏيئو ٻارڻ وارو ڪوبه ڪونهي ۽ رات جو تارن جي روشنيءَ کانسواءِ سندس پڌر ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي. آستان ڪيئن گوارا ڪندو ته ساڌ ٻيلو اجڙندو رهي ۽ پاڻ سرهو رهي! انسانن وانگر هي ڪيئن ٿا هڪ ٻئي کان نفرت ڪري سگهن! ٻنهي جون عمارتون پٿر جون ٺهيل آهن. پر انسانن وانگر وحشي نه آهن.
اندرا کي خواجه جي آستان سان عقيدت هوندي هئي. چوندي هئي. ”پاڻ ٻئي به هڪ ڏينهن خواجه جي آستان ۾ ڏيئو ٻارڻ هلنداسين.“
هينئر مان جوان ٿي چڪو آهيان. پر منهنجي اندرا ڪٿي آهي. جنهن کي ساڻ ڪري مان آستان تي ڏيئو ٻارڻ ويندس! پڪ اٿم. ته هينئر مان ڪڏهن به جوت جلائي نه سگهندس. مان اندرا کان وڇڙي چڪو آهيان. آڪاش تي اڏامي نه سگهندس منهنجا پنک ڪپجي ويا آهن. ها! وري ڪڏهن به لينڊس ڊائون پل جي پاسي ۾ بيهي سکر بئراج جي پويان ٻڏندڙ سج جي رجيل سون کي نه ڏسي سگهندس، ڇو جو منهنجي پاسي ۾ اندرا نه هوندي!!!
۽ پوءِ جڏهن سج ٻڏي ويندو هو ۽ سکر ۽ روهڙي جي بتين جا عڪس پاڻيءَ ۾ رقص ڪرڻ لڳندا هئا، ته اندرا چوندي هئي ته ”امر هي ٻئي شهر ڪيترا نه حسين آهن. آڪاش جي ستارن سان گڏ ڄڻ سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي به ستارا چمڪي رهيا آهن.“
پر اندرا کي ڪهڙي سڌ ته هينئر هڪ پاسي جا ستارا وسامي ويا آهن. سندس سپنن جو شهر روهڙي اجڙي چڪو آهي. بلند ماڙيون ڪري پيون آهن. ناري شالا ۾ وحشتناڪ اداس آهي ۽ ستين جي آستان جون ڪاشي لڳل سرون ڪري پيون آهن. اندرا کي ڪهڙي خبر ته هينئر چوسول تي ڪابه رونق ڪونهي درن بنان دڪان ماضيءَ جي يادگيرين جا تيز نشتر هر دفعي چڀائن ٿا ۽ پوءِ جڏهن چندر جو مڌر آواز درد ۾ ٻڏل گيت آلاپيندو آهي:
”وطن کان دور آهيان، دربدر آهيان.“
ته ان وقت گهڻي ڪوشش جي باوجود نيڻن مان نير وهي نڪرندا آهن. چندر جنهن وطن جي ياد ۾ دربدر آهي. اهو هينئر خزان جي ويرانين ۾ ويڙهجي ويو آهي. ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ٿوري عرصي اندر هي اندرا جو شهر جديد دڙي ۾ بدلجي ويندو. هي اجڙيل دڪان وسي نه سگهندا ۽ مان اڄ به تاريڪ راتين ۾ هن پپل هيٺان ويهي پنهنجي ماضيءَ کي سڏيندو آهيان. انهن حسين لمحن کي پڪاريندو آهيان جيڪي مون اندرا سان گڏ گذاريا آهن ۽ پوءِ جڏهين چانڊوڪي راتيون اينديون آهن ۽ چانڊوڪي پپل جي پنن مان ڇڻندي مون تائين پهچندي آهي تڏهن مان چنڊ کان پڇندو آهيان. ”اي چندرما! ٻڌائي ته منهنجي اندرا ڪٿي آهي؟ هينئر ته هوءَ اڇي فراڪ بدران هلڪي آسمان رنگ جي ساڙهي پائيندي هوندي ۽ يقين اٿم ته سندس بي پناهه حسن توکي به شرمائي ڇڏيندو هوندو. ٻڌاءِ چندرما ته ڪڏهن اندرا به مون وانگر بيچين ٿي آهي. منهنجي ياد ۾ ڪڏهن لڙڪن جي موتين جي مالها به پوئي آهي! ڇا اندرا به مون وانگر کلندي اوچتو ڪجهه ياد ڪري اداس ٿيندي آهي. ٻڌاءِ آڪاش جا مسافر! ته اندرا به اڪيلن رستن ۽ تنها پيچرن تي منهنجي تصور کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي گهمندي رهندي آهي؟ اي ستارن جا ساٿي! اسان جي محبت امر آهي ۽ امر رهندي.“
1960