ڪھاڻيون

اندرا

”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“

  • 4.5/5.0
  • 3423
  • 1697
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Indra

انڪار به آ ـ اقرار به آ

سڄي ڪاليج تي اداسي ڇانيل هئي. هر طرف دل کي درد جو احساس ڏياريندڙ خاموشي هئي. ان خاموشيءَ ۾ شاگرد ڪنڌ جهڪائي مايوسيءَ سان هلي رهيا هئا ـ اڪثر پروفيسرن پنهنجا ڪلاس به نه ورتا ۽ هينئر ڪجهه شاگرد ڪامن روم ۾ ويٺا هئا ـ ڪجهه ڪينٽين ۾ ۽ باقي ڪاريڊار ۽ ورانڊن ۾ بيچينيءَ سان اچ وڃ ڪري رهيا هئا.
ڇوڪرن جي ڪامن روم ۾ وحشتناڪ ويراني هئي. ڪاليج جا شرير ۽ حرفتي شاگرد خالي ڪرسين تي پير ڊگها ڪري ويٺا هئا. ٻه ـ چار شاگرد ٽيبل ٽينس جي ٽيبل تي ليٽيل هئا. درن درين جا پردا هيٺ مٿي ٿيل ۽ ڪتاب فرش تي ۽ ٽيبل تي اڇلايل هئا. سڀني جي نگاهن ۾ بيچيني ۽ اضطراب هو ـ سڀني کي انتظار هو ـ ۽ انتظار طويل ۽ تلخ ٿيندو ٿي ويو. ساڳي حالت ڇوڪرين جي ڪامن روم جي هئي. شوخ ۽ چنچل ڇوڪريون خاموش هيون. ڪجل ڀريون اکيون اداس هيون ۽ ڀڙڪيلن ڪپڙن ۽ رنگين پلاندن ۾ پڻ هڪ دردناڪ جهلڪ موجود هئي.
اڄ مغرور شيلا جي اکين ۾ پڻ لڙڪ تري رهيا هئا.
هٺ ۽ وڏائيءَ جو احساس به سندس دل مان نڪري چڪو هو.
۽ هينئر،
ان احساس جي ياد ۾ هوءَ جلي رهي هئي ـ اها ئي ته ايرکا هئي ـ اها ئي ته محبت هئي. اها ئي ته پريم جي نشاني هئي. جو ڪوشش جي باوجود سندس پنبڻيون آليون ٿي پيون هيون. اکين اکين ۾ دل ڏکائيندڙ روش تي پڇتاءُ هو.
شيلا جي پاسي ۾ سبيتا ويٺي هئي. سبيتا جي چهري تي ڪوبه ظاهري اضطراب نه هو. هوءَ پٿر مثل خاموش هئي ـ ۽ سندس نگاهون شيلا جي بيڪلي ۽ بيچيني ڏسي رهيون هيون.
ٻيون ڇوڪريون آهستي آهستي سرگوشيون ڪري رهيون هيون ـ ڪجهه ڪامن روم جي در وٽ منتظر هيون.
کين انتظار هو هڪ خبر جو ـ
اهڙي خبر جو، جنهن کي ٻڌڻ لاءِ سڀ بيچين هيون.
پر مڃڻ لاءِ ڪابه نه!
انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ کان مجبور ٿي ۽ ڪڪ ٿي گهڻا شاگرد، پرنسپال جي آفيس ٻاهران جمع ٿي رهيا هئا. هڪ اندوهناڪ خبر ٻڌڻ لاءِ هو پنهنجن حواسن کي تيار ڪري رهيا هئا. گهٽيل لهجي ۾ گفتگو هلي رهي هئي.
”خبر ته غلط به ته ٿي سگهي ٿي.“
”ڪهڙي خبر.“
”شايد ڪنهن شرارت Activity ڪئي هجي.“
”ممڪن آهي.“
”بس هينئر سڀ معلوم ٿي ويندو.“
”پوسٽ مين تمام دير لاتي آهي.“
”ايندو ئي هوندو ـ ڪجهه شاگرد پوسٽ ۽ ٽيليگراف آفيس ويا آهن.“
۽ گرلس ڪامن روم ۾ ـ
سبيتا آهستي چيو ”شايد ڪنهن چرچو ڪيو هجي.“
”ائين ئي هجي سبيتا! ائين ئي هجي.“ شيلا بيچين ٿي چيو.
حسن کي عشق باهه لڳائي ڇڏي.
”توکي ته کانئس نفرت آهي.“ سبيتا طنز ڀريل لهجي ۾ چيو.
”هئي سبيتا، هئي.“ حسن برهم ٿي ويو.
”۽ هينئر؟“
”هينئر ارمان جا آنسو پيار جو نذرانو آهن.“ شيلا لڙڪ لڪائڻ لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل لڙڪ سندس ڳلن تي وهي آيا.
عشق ديوتا وڃي چڪو هو. حسن کان منهن موڙي ـ پيار جا پيمانا درد دل کي ڏيئي. ۽ هينئر پوڄا بيڪار هئي.
ڇوجو جنهن پرڪاش کان شيلا نفرت ڪندي هئي، سو ان وقت تائين چتا ۾ جلي چڪو هوندو ۽ اڄ جڏهن پرڪاش جي موت شيلا جي نفرت کي الفت ۾ بدلي ڇڏيو ته هن محسوس ڪيو ته سڄي عمر پرڪاش جي ياد جي چتا سندس سيني ۾ دکندي رهندي.
ٻن ڏينهن کان پرڪاش جي موت جي خبر ڪاليج ۾ پهتل هئي. پرنسپال هڪدم سندس مائٽن کي تار ڪئي ۽ اڄ ان تار جو جواب اچڻو هو، پڪ ٿيڻي هئي ته پرڪاش جو موت ڪيئن ٿيو. پڪ نه پوڻ ڪري پرنسپال شاگردن جي پرزور مطالبي تي به ڪاليج بند نه ڪيو. کيس تار جي جواب جو انتظار هو.
پر پرڪاش جي موت جي خبر سڄي ڪاليج ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. سڀ شاگرد ۽ پروفيسر دم بخود رهجي ويا ۽ ڌڙڪندڙ دليون هڪ لمحي لاءِ بيهي رهيون ۽ ساهه منجهڻ لڳا! پرڪاش کلمک ۽ ڪاليج جو هر دلعزيز رانديگر هو. ڪاليج جي فتحن ۾ هن جو هميشه وڏو حصو رهيو هو ... پر اڄ ڪاليج جي وڏي غم ۾ سڄو حصو پرڪاش جو هو!
۽ شيلا!
شيلا مغرور هئي!
کيس پنهنجي حسن ۽ امارت تي ناز هو. ڪاري ڪيڊلڪ مان لهندي، هوءَ لاپرواهيءَ سان ورانڊن ۽ ڪاريڊارن ۾ گهمندڙ شاگردن تي هڪ نظر وجهي ڪامن روم ۾ هلي ويندي هئي. سڀ کيس ڪيڙا ماڪوڙا نظر ايندا هئا. ۽ جڏهن به ڪنهن شرير شاگرد تي پنج ڏهه رپيا ڏنڊ وجهرائيندي هئي يا پاڻ ئي کيس اهڙين حقارت آميز نظرن سان ڏسندي هئي جو شرير شاگرد جي دل ڪنبي ويندي هئي ۽ هو وري ڪڏهن به کيس ڇيڙڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو.
۽ پرڪاش!
پرڪاش شڪست مڃڻ وارو نه هو!
پرڪاش کي پنهنجن حرڪتن ۽ شرارتن ۾ پنهنجي مجبور ساٿين جو بدلو نظر اچڻ لڳو. ۽ هن شيلا کي خوب پريشان ڪرڻ شروع ڪيو. ڪلاس ۾ جڏهن به هوءَ پروفيسر کان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي يا پروفيسر کانئس سوال ڪندو هو ته هو کلي پوندو هو، ان کل کان شيلا کي نفرت هئي ۽ هوءَ منجهي پوندي هئي، سندس منجهڻ ڏسي سڄو ڪلاس ٽهڪن ۾ پئجي ويندو هو، ۽ ٽهڪن جو طوفان فقط ان وقت ختم ٿيندو هو جڏهن پروفيسر پنهنجو هٿ مٿي ڪري شاگردن کي خاموشيءَ لاءِ چوندو هو. پرڪاش، شيلا جي ڪپڙن تي کلندو هو. شيلا جي هلڻ تي کلندو هو ۽ خوامخواه کلندو هو ۽ جلي ويندو هو.
۽ پوءِ!
پوءِ ڪاليج جي شاگردن پرڪاش جي شرارتن ۾ محبت جي لاٽ ڏسي ورتي ۽ هينئر هن وقت ان جي دماغ تي شيلا سان ڳالهائڻ جو ڀوت سوار رهندو هو. هر وقت شيلا سان ڳالهائڻ جا موضوع تلاش ڪندو هو، پر شيلا هميشه بي مروت رهي. هميشه هن پرڪاش کي ٺڪرايو ۽ ڌڪاريو. پوئين ڏينهن پڻ!
پوئين ڏينهن پرڪاش شيلا کي لائبريريءَ جي ٻاهران روڪيو هو.
”شيلا!“ ان ڏينهن پرڪاش بيحد سنجيده هو.
۽ شيلا بيدليءَ سان بيهي رهي.
”اڄ مان پنهنجي گهر وڃي رهي آهيان.“
شيلا خاموش رهي.
”منهنجي ماءُ بيمار آهي شيلا!“
”تو کي ڳالهائڻ لاءِ بهانا گهرجن!“ شيلا سخت ناگوارا لهجي ۾ چيو.
”ها شيلا!“ پرڪاش اطمينان سان جواب ڏنو. ”مان هر وقت تو سان ڳالهائڻ جا موقعا تلاش ڪندو آهيان.“
”آخر ڇو؟“ خشڪ آواز ۾ چيو. ”ڪاليج ۾ ٻيون ڇوڪريون به ته آهن.“
”پر شيلا فقط هڪ آهي.“ پرڪاش آهستي چئي ويو.
”تنهنجو مطلب ڇاهي پرڪاش!“ شيلا هڪ طرف هلندي چيو. ”تون چاهين ٿو ته، مان تنهنجين بيهودين حرڪتن جي پرنسپال وٽ رپورٽ ڪيان؟“
”ها شيلا! اهو تنهنجو مون تي پهريون ۽ آخري احسان هوندو.“ پرڪاش جي لهجي ۾ اعتماد هو.
”ته مان تنهنجي حسرت پوري ڪندس.“ شيلا چيو ۽ پوءِ پنهنجي گلابي ساڙيءَ جو پلو سنڀاليندي جڪ کائيندي هلي وئي.
”سنگدل“ پرڪاش چپن ۾ چيو.
شيلا سڄي ڪاليج ۾ سنگدل مشهور هئي.
۽ پرڪاش شيلا جي سنگدليءَ کي دل ڏيئي ويٺو.
هڪ ڏينهن، سالياني راندين ۾ پرڪاش پريان شيلا کي ايندي ڏٺو. ان وقت پندرهن سو ميٽرن جي ڊوڙ لاءِ پهريون آواز آيو. پرڪاش ٽريڪ تي نالو ڏيئي ـ شيلا کي ملڻ لاءِ ڇوڪرين جي تنبوءَ وٽ پهتو.
”شيلا!“
”ڇو؟“ بي رخيءَ جواب ڏنو.
”آخري ڊوڙ ٿي رهي آهي.“
”مان ڇا ڪيان؟“
”دعائون“
”هارائيندين.“
”مان دل جي بازي هارائي ويٺو آهيان.“ ۽ هو موٽي ٽريڪ تي آيو. پرڪاش پندرهن سو ميٽرن جي ڊوڙ سان سالياني چيمپئن شپ کٽي ورتي. هن ٽرافي ۽ ڪپ ڊائس تي رکيا ۽ شيلا ڏانهن ڊوڙندو آيو. هوءَ پنهنجي ڪاري ڪيڊلڪ ڏانهن وڃي رهي هئي.
”شيلا!“
هوءَ بيهي رهي.
”مبارڪ نه ڏيندينءَ شيلا!“ التجا.
”تون مبارڪ جو مستحق ناهين.“ بيرخي.
”تنهنجي بيرخي منهنجي لاءِ مبارڪ آهي.“
”مان بڪواس ٻڌڻ جي موڊ ۾ نه آهيان.“ شيلا بيزاريءَ مان چيو.
”۽ سنگدلي تنهنجو تحفو!“ پرڪاش آهستي وراڻيو.
۽ هوءَ ڪار جو در کولي ويهي رهي.
۽ هينئر شيلا کي ستائيندڙ وڃي چڪو هو. هن هميشه لاءِ ڪاليج ڇڏي ڏنو ـ ۽ شيلا شدت سان محسوس ڪيو ته وري ڪڏهن به ان پرڪاش کي نه ڏسي سگهندي. جنهن جي تمنا فقط کيس ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ هئي.
اُف! مون ڇا ڪيو.
حسن پڇتايو ۽ محبت پُر درد گيت اَلاپيا.
پوسٽ مين اچي چڪو هو. ورانڊي ـ ڪامن روم ۽ ڪينٽين جا شاگرد پرنسپال جي آفيس ٻاهران گڏ ٿيڻ لڳا. پوسٽ مين آفيس ۾ گهڙي ويو ۽ سڀني جون دليون ٽٽندڙ آسن ۽ اميدن جي وچ ۾ ڌڙڪڻ لڳيون ـ ڄڻ ته هوائون رڪجي ويون ۽ سج پنهنجو منهن ڪارن ڪڪرن ۾ لڪائي ڇڏيو. انتظار جو هڪ هڪ لمحو اذيتناڪ هو، هڪ هڪ گهڙي گهائل ڪندڙ هئي ۽ هڪ هڪ ساعت سڪائيندڙ هئي. سڀني جون نگاهون پرنسپال جي در تي لڳل هيون. اڄ پرڪاش جي موت جي پڪ ٿيڻي هئي.
پرنسپال جي آفيس جو در کليو، دليون ڌڙڪڻ لڳيون ـ زور سان! پرنسپال هٿ ۾ تار کڻي ٻاهر نڪري آيو ۽ سڀني جا قدم لڙکڙائجي ويا. پرنسپال خاموش شاگردن تي هڪ نظر وجهي. اندوهناڪ خبر ٻڌائي ته پرڪاش جو موت جيپ جي ايڪسيڊنٽ ڪري ٿيو هو. سندس آخري الفاظ هئا ته، مان سڀني ساٿين جو پريم دل ۾ کڻي ٿو وڃان ۽ ان جو پڻ جنهن مون کي ڪڏهن به نه چاهيو.
پرنسپال موڪل جو اعلان ڪيو ۽ شاگردن يونين پاران ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ يونين جي وائيس پريزيڊنٽ کان سواءِ، پرڪاش جي گهرن دوستن به پرڪاش جي شخصيت تي تقريرون ڪيون، پر شاگردن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته پرڪاش جو سڀ کان گهرو دوست مقبول موجود نه هو. پوءِ پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته، جنهن ڏينهن کان پرڪاش ويل هو، ان ڏينهن کان مقبول به غائب هو.
ميٽنگ ختم ڪري شاگرد، چهرن تي اُداسيون ۽ دل ۾ ويرانيون کڻي موٽڻ لڳا. ڪنهن به ڪينٽين ۾ ويهڻ پسند نه ڪيو ۽ نه ئي ان دردناڪ موضوع تي ڳالهائڻ چاهيو.
”تو پرڪاش جا آخري الفاظ ٻڌا؟“
”ها.“ شيلا جو ڪنڌ جهڪي ويو.
”تو پرڪاش تي هميشه ظلم ڪيو. کيس ستايو ـ ٺڪرايو.“ سبيتا کيس نشتر ڇپايو.
”مان گهائل آهيان سبيتا، مان گهائل آهيان.“
ورانڊا ۽ ڪاريڊار خالي ٿي چڪا هئا ـ ۽ هينئر فقط شيلا ۽ سبيتا خالي ورانڊي مان گذري رهيون هيون. شيلا جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار هيون ۽ سبيتا جي چهري تي الميه آثار! لائبريريءَ جي ڏاڪڻ وٽ سبيتا چيو.
”تو کيس هميشه ڌڪاريو ـ سنگدل.“
”بس ڪر سبيتا، بس ڪر ـ مان ...“ ۽ شيلا ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي روئي پئي.
”روئڻ مان ڇا ورندو شيلا!“ سبيتا کيس سمجهائيندي چيو. ”ٻڌ، ڪو ڏاڪڻ لهي رهيو آهي، ماڻهو ڇا چوندا؟“
”مون کي ماڻهن جي پرواهه ناهي. شيلا منهن تان هٿ نه هٽايا اڄ مان سڀني کي ٻڌائيندس ته مان سنگدل نه آهيان. مون کي پرڪاش سان .... ها ... سبيتا پرڪاش منهنجو ديوتا آهي ۽ ... ۽ مان سندس داسي.“
قدمن جو آواز هن جي قريب رڪجي ويو ۽ پوءِ ڪنهن سندس قدمن کي ڇُهيو. شيلا منهن تان هٿ هٽائي ڇڏيا. پرڪاش سندس قدمن ۾ گلاب جو گل رکي رهيو هو. شيلا جي وات مان هلڪي رڙ نڪري وئي.
”پرڪاش.“
”ديوتا، پنهنجي داسيءَ جي قدمن ۾ عقيدتن جا گل نڇاور ڪرڻ آيو آهي!“ پرڪاش شيلا جي سامهون اٿي بيٺو. شيلا ڏاڪڻ جي ريلنگ کي مضبوطيءَ سان جهلي ورتو، پرڪاش وڌي کيس سهارو ڏنو ۽ هن پاڻ کي پرڪاش جي ٻانهن ۾ ڇڏي ڏنو.
”پرڪاش.“ شيلا جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. پريان سبيتا جي ٽهڪن جو آواز آيو، شيلا، حواسن تي قابو پائيندي اکيون کوليون ـ ۽ پوءِ سبيتا جي ويجهو هلي آئي.
”اڃا به توکي شڪ آهي ته مان ڪاليج جي ڊرامئٽڪ سوسائٽيءَ جي بهترين هيروئن نه آهيان؟“ سبيتا فخر سان چيو ”ٻن ڏينهن کان ڪهڙي نه الميه اداڪاري ڪئي اٿم.“
شيلا جي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي آئي.
”۽ تار؟“
”مقبول منهنجي گهر پهچي چڪو هو.“ پرڪاش ٻڌايو، ”اسان پروفيسر ريمنڊ سان شرط رکي هئي ته هڪ ڏينهن ڪنهن Activity سان ڪاليج ۾ موڪل ڪرائينداسين.“
”ته توهان شرط کٽي ورتي.“ شيلا هيڻي آواز ۾ چيو.
”ها.“ پرڪاش مسرت لڪائي نه سگهيو.“ پر مون هيءَ سڄي ڪائنات جيتي ورتي.“
۽ ڪائنات جي ذري ذري مان محبت جا گيت گولجڻ لڳا.

1962