عورت
هن در جي وٿي مان اندر ڪلاس ۾ نهاريو. شاگرد غور سان پروفيسر ولسن جو ليڪچر ٻڌي رهيا هئا. هن شاگردن جي هڪ هڪ قطار ۽ هڪ هڪ بينچ کي غور سان ڏٺو، پر کيس ڪملا نظر نه آئي. هن جو درد وڌي ويو. کيس پنهنجن سنڌن ۾ سور جو احساس ٿيو ۽ وري سندس نگاهن تي لڙڪن جي جهالر پئجي ويئي.
هو ٻڏل دل ۽ روئندڙ روح سان ڪاليج جي گارڊن ۾ آيو. سڀ شاگرد ڪلاسن ۾ هئا. هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ هن وسيع دنيا ۾ سندس ڪوبه نه هو. تنهائيءَ هن جون مايوسيون سمنڊ جي گهراين کان به وڌيڪ اونهيون ڪري ڇڏيون. هو پپر جي ڇانوَ ۾، ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي، سائيءَ ڇٻر تي ليٽي پيو. دل کانئس پڇيو ته آخر ڪملا کيس ڇو ستائي رهي آهي. هوءَ هڪ هفتي کان ڇو غير حاضر آهي! ۽ پوءِ هن پاڻ سان ڳالهايو: ”ها، ڪملا هڪ هفتي کان غير حاضر آهي. آخر هوءَ سمجهي ڇو نٿي ته مان کيس دل جي گهراين سان چاهيان ٿو، منهنجي محبت پوڄا آهن. مان کيس پوڄيان ٿو. ها، پوڄيان ٿو. هوءَ منهنجي من ـ مندر جي ديوي آهي. پر ديويون ستائينديون ته ناهن ... ته پوءِ ڪملا هڪ هفتو منهنجي نظر کان اوجهل رهي، مون کي ڇو ستائي رهي آهي!“
هن ڪنڌ ورائي، سامهون واريءَ بينچ کي حسرت سان ڏٺو. هڪ دفعو اڳ، ڪملا ان بينچ تي ويٺي هئي ۽ هو سندس قدمن ۾ ويٺو هو.
”تون ديوانو آهين، ستيش!“ ڪملا چيو هو.
۽ جواب ۾ هن ڪنڌ جهڪائي، ڪملا جا پير چمي ورتا هئا. ڪملا حيرت مان اٿي بيهي رهي ۽ پوءِ ستيش جي اکين ۾ ڏٺائين. ستيش جون نگاهون ڄڻ ته ڳالهائي رهيون هيون. ”ڪملا، منهنجي دنيا تون آهين. منهنجي بهار تون آهين. منهنجي شفق تون آهين. منهنجو پيار تون آهين. منهنجي پوڄا تون آهين، ڪملا!“
۽ اڄ هو ان ڪملا لاءِ تڙپي رهيو هو، جنهن جي هن پوڄا ڪئي هئي. انتظار ڪندي ڪندي، هن محسوس ڪيو ته هو ڪملا کانسواءِ زندگيءَ جي خاڪ ۾ ملي ويندو.
پوءِ اوچتو، ڪملا گارڊن جي در وٽ اچي بيٺي. ستيش کان سڀ شڪوا ۽ شڪايتون وسري ويون ۽ سندس چئني طرف مسرت جون مکڙيون کلڻ لڳيون.
”اوه، ڪمو!“ هن ٻانهون کوليندي چيو، ”منهنجي ڪمو، منهنجي ڪملا!“
ڪملا در وٽ ئي بيٺي رهي ۽ پوءِ هن پنهنجا هٿ اڳتي وڌايا.
آسمان مان رت جا ڦڙا ٽمڻ لڳا.
ڪملا جي هٿن تي مينديءَ جي روپ ۾ ستيش جي حسرتن جي خون هاريل هو. پوءِ هوءَ، ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي، هميشه لاءِ هن کان جدا ٿي ويئي.
ڪملا عورت ـ هن جي محبوبه!
پوءِ سڄي دنيا جون محروميون، مايوسين ۽ اداسيون هڪ دکي انسان جي حصي ۾ هليون آيون ـ ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي اوندهه فقط ستيش لاءِ هئي، ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جا غم فقط ستيش لاءِ هئا. ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي ناڪامين جو زهر فقط ستيش لاءِ هو.
۽ زهر ستيش جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو. هن جون حسرتون لٽجي ويون. ارمان لٽجي ويا ۽ سندس آرزوئن سان ڀريل دل ڀڄي پيئي. هڪ عورت جي پيار ۾ کيس روئندڙ اکيون، ويران ذهن، جلندڙ جذبات ۽ پنهنجي ئي دل جا ٽڪرا مليا!
آخر هو ڪيستائين سهي سگهيو ٿي! هن جو سڄو جسم هڪ عورت جي بي وفائي ۾ سڙي رهيو هو. صبر جو دامن هن جي هٿن مان ڇڏائجي ويو ۽ هن کي پاڻ تي رحم اچڻ لڳو. رحم جي جذبي هن کي شراب جي بوتلن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جيئن ڪجهه دير لاءِ هو پاڻ کي ۽ پنهنجي لُٽيل، اجڙيل ۽ ويران دنيا کي وساري سگهي ـ ۽ وساري ڇڏي ته هڪ عورت کيس پيار ۾ دوکو ڏنو ۽ پنهنجي مجبوريءَ جو سهارو وٺندي کيس فريب ڏنو!
هڪ رات هن خوب پيتو. شراب هن جي جسم ۾ داخل ٿي رهيو هو ۽ سندس زهر درد جي احساس کان آجو ٿي رهيو هو. هو آخري پئگ پي، بار مان ٻاهر نڪتو، هن جي ذهن ۾ آرام ۽ سڪون هو، هو ويران سڙڪن ۽ ٽيوب ـ لائيٽ ۾ چلڪندڙ رستن تي هلندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن هاسٽل جي ٻاهرئين در وٽ پهتو ته در بند ٿي چڪو هو ۽ هاسٽل جا ٻئي چوڪيدار سامهون ورانڊي ۾ ستل هئا. هن ڀت ٽپڻ مناسب نه سمجهي.
پوءِ هن جا ٿڙندڙ قدم هڪ بلڊنگ ڏانهن هلڻ لڳا. ان بلڊنگ جي هڪ فليٽ ۾ هڪ عورت رهندي هئي. جنهن سان هن ننڍي هوندي راند ڪئي هئي ۽ جنهن سان هڪ ئي گهر ۾ نپيو ۽ پليو هو. ان عورت جي جنهن ڏينهن شادي ٿي رهي هئي. تنهن ڏينهن ستيش بيحد اداس ۽ مايوس، مهمانن جي وچ ۾ گهمي رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن ڦيرن جي رسم به پوري ٿي ويئي ۽ منڊپ جي باهه به سرد ٿي ويئي، تڏهن هن جون اکيون وسي پئيون. هو معصوم ٻارن وانگر، ڪيوڙي جي سائي ٿڙ سان لڳي. سڏڪا ڀرڻ لڳو ـ ۽ ڄڻ ته ڪيوڙو به سندس آهن ۾ سڪڻ لڳو. پوءِ اها عورت سندس آلو چهرو پنهنجي سيني ۾ لڪائي. هن جي وارن تي پنهنجا چپ ۽ ڳل ڦيرڻ لڳي. هن عورت جي سيني تان منهن هٽائي. کيس پرنم نگاهن سان ڏٺو ۽ عورت سندس آلين اکين تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا.
”هن گهر ۾ توکان سواءِ منهنجي دل نه لڳندي، چندرا.“ هن سڏڪن ۾ چيو.
”مان هميشه تنهنجي رهنديس، ستيش.“ عورت جو سندور ستيش جي چپن کي لڳو پيو. ”منهنجو نئون گهر به تنهنجو ئي آهي.“
۽ هينئر هو انهيءَ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. بلڊنگ جي ڏاڪڻ ۾ ٿاٻڙندو، هو فليٽ جي در وٽ بيهي رهيو. هن بيل تي آڱر رکي ۽ اندر گهنٽي وڳي. هو انتظار ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن وري بيل تي زور ڏيئي گهنٽي وڄائي. ڪجهه دير کانپوءِ ان عورت در کوليو. ستيش جي وات ۽ ڪپڙن مان نڪرندڙ شراب جي بوءِ، عورت کي سخت ناگوار لڳي. هوءَ هڪ قدم پوئتي هٽي ويئي. ستيش اندر داخل ٿيڻ لاءِ قدم وڌايو، پر عورت هن جي سامهون اچي ويئي.
”نه، ستيش“ هن چيو، ”منهنجو گهر تو جهڙن اوباشن لاءِ ناهي!“
”چندرا!“
”پنهنجي زندگي ته تباهه ڪري چڪو آهين، هينئر مون کي برباد نه ڪر، نڪري وڃ. هليو وڃ، ستيش ۽ وري منهنجي چانئٺ تي قدم نه رکجانءِ!“ عورت کيس حقارت سان ڏسندي چيو ۽ پوءِ در بند ڪري اندر هلي ويئي.
ستيش جو درد جاڳي اٿيو، هن جا زخم گهرا ٿي ويا ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ڏاڪڻ لهي آيو. چندرا عورت هئي ـ هن جي ڀيڻ!
جڏهن هڪ انسان جون حسرتون خاڪ ۾ ملي وينديون آهن، جڏهن قدم قدم تي انسان کي ٺوڪرون ملنديون آهن، جڏهن منزل نظرن کان اوجهل ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن انسان رات جي تاريڪين ۾ ۽ ڏينهن جي روشنين ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي، تڏهن هو سهارا تلاش ڪندو آهي.
ستيش کي به سهاري جي ضرورت هئي. کيس هڪ بهاني جي ضرورت هئي. جنهن جي سهاري هو جي سگهي. ورنه هن جون ته سڀ آسون ۽ اميدون مٽجي چڪيون هيون ـ هن کي قدم قدم تي دوکا مليا، کيس موڙ موڙ تي فريب مليو ۽ پوءِ تمنائن جا ديپ وسامي ويا. هينئر زندگيءَ جي تاريڪ راتين لاءِ کيس فقط جگنوءَ جي ضرورت هئي، جيئن هو جي سگهي. هو قدرت جي قانون موجب زنده هو، پر سندس دل مري چڪي هئي.
هڪ ڏينهن، ستيش کي ياد آيو ته زهر جو علاج زهر آهي، پوءِ هو پنهنجي ذهن جي تلخيءَ ۽ زندگيءَ جي ڪوڙاڻ مٽائڻ لاءِ، زهر کي امرت جي پيالي ۾ وجهي پيئڻ آيو.
”تنهنجو نالو؟“ هن زهر کان پڇيو.
”مان شانتي آهيان.“ زهر جواب ڏنو.
”۽ مان ستيش آهيان.“ هو زهر جي پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ پوءِ شانتيءَ هن کي سهارو ڏنو، کيس درد ڀريا گيت ٻڌائي، سندس زخمن تي پهو رکيو. کيس پيار ڏيئي، هوءَ کانئس سندس ماضيءَ جون چوٽون کسيندي رهي ۽ هو زندگيءَ جي محور تي موٽي آيو. شانتيءَ هن کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو، کيس زندگيءَ جي قدرن جي اهميت سمجهائي ۽ وري هن کي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي آئي. شانتيءَ جي محبت ستيش کي جهڪائي ڇڏيو، ۽ هن سوچيو ته شانتي سندس درد جي دوا آهي: شانتي عورت جو مڪمل روپ آهي، شانتيءَ جي گيتن ۾ گنگا ۽ جمنا جي وهڪري جي رواني آهي ۽ هن شانتيءَ کي محبت جي عيوض سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيو. هن کي سڪون جي تلاش هئي، آرام جي جستجو هئي، ته پوءِ هو ڇو نه شانتيءَ کي سڀ ڪجهه ڏيئي، سندس پيار ۽ سندس الفت خريد ڪري وٺي ها!
پوءِ، هڪ ڏينهن، اوچتو ئي اوچتو، شانتيءَ هن کان منهن موڙي ڇڏيو. شانتيءَ جي توجهه ٻئي ڪنهن طرف ٿي ويئي. سندس گيت ۽ سندس دلفريب ادائون انهن لاءِ رهجي ويون، جن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه هو. پر ستيش ته سڀ ڪجهه ڏيئي چڪو هو ۽ هڪ ڏينهن ڪنگال ستيش کي شانتيءَ پنهنجي ڪوٺيءَ مان ڌڪاري ڇڏيو. اها چوٽ عظيم هئي، اها ضرب ڪاري هئي ۽ ان فريب ۾ اذيتناڪ تڪليف هئي. هڪ عورت، هڪ دفعو، وري کيس ڀڳل شيشن تي اڇلائي ڇڏيو.
شانتي عورت هئي ـ هڪ وئشا!
مسلسل بيوفائين هن جي سيني ۾ داغ وجهي ڇڏيا. زماني خوب دل کولي کيس ستايو. بدتر حالتن کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتو. قدرت هن جو مذاق اڏايو ۽ دنيا هن جي مجروح دل تي ٽهڪ ڏنا، ۽ هو پنهنجو غم ڀلائڻ لاءِ شراب خانن ۽ سينگاريل ڪمرن ۾ ڀٽڪڻ لڳو. هو پنهنجي دلجوئيءَ لاءِ انهن ڪمزور سهارن کي چنبڙي رهيو هو، جن کان دنيا کي نفرت آهي. پوءِ، آهستي آهستي، سڀ کانئس دور ٿيندا ويا، پري ٿيندا ويا، پر هو لاپرواهه رهيو.
هاڻي ستيش جو سينو ڇلجي پيو ۽ کنگهه ۾ کيس رت اچڻ لڳو. وچڙندڙ مرض هن کي اڇوت ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هن وڏن شهرن کان منهن موڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن پوسٽ آفيس مان هڪ عورت کي تار ڪئي ۽ ڪجهه دير کان پوءِ، هو هڪ گاڏيءَ جي دريءَ وٽ، ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪري ويٺو هو ۽ ريل کيس منزل ڏانهن نيئي رهي هئي. اسٽيشنون اينديون رهيون، مسافر لهندا ۽ چڙهندا رهيا. ڪن جون منزلون آيون ۽ ڪي منزلن لاءِ سوار ٿيا. دريءَ مان ايندڙ سرد هوا سندس ڪمزور جسم ۾ خنجر وانگر چڀي رهي هئي. سندس سيني ۾ درد وڌي رهيو هو، ڄڻ ته سرد هوائون سلهه لاءِ موزون هيون. کيس کنگهه جو دورو پيو ۽ هن ڪوٽ جي کيسي مان رومال ڪڍي، هڪ هٿ سان وات تي رکيو ۽ ٻئي هٿ سان سيني کي زور ڏيئي، دريءَ تي ليٽي پيو. گاڏيءَ جا مسافر ڄڻ ته سڀ ڪجهه سمجهي ويا. سڀني جي اکين ۾ حقارت ڀرجي ويئي ۽ سندن نڪ نفرت جي اظهار ۾ شهنائين وانگر ويڪرا ٿي، سُسي ويا.
ستيش سڀني کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. هن دريءَ جي چائنٺ تي ٻانهن رکي، منهن ويڻيءَ ۽ ڏوري جي وچ تي رکي ڇڏيو. سندس ٻيو هٿ دريءَ کان ٻاهر لٽڪي رهيو هو. هزارين خيال تيزيءَ سان سندس دماغ ۾ اڀري ۽ ٻڏي رهيا هئا. ڪملا، چندرا ۽ شانتيءَ جون تصويرون سندس تصور ۾ اُجاگر ٿيون.
ڪملا سندس ديوي هئي، جنهن کي هن محبت جي نالي ۾ پوڄيو، چندرا سندس ڀيڻ هئي، جنهن کيس اوباش ۽ آوارهه سمجهي ڌڪاريو، ۽ شانتي وئشا هئي. جنهن کيس ڪوڙو پيار ۽ مصنوعي محبت ڏيئي، کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتو.
ڪملا، چندرا ۽ شانتي، عورت جا مختلف روپ هئا، ۽ عورت هر روپ ۾ هن تي ظلم ڪيا، کيس زخم ڏنا، کيس پائمال ڪيو، ستايو، لٽيو ۽ آخر ۾ کيس زندگي جي اذيتناڪ مايوسين، محرومين ۽ تاريڪين ۾ ڌڪي ڇڏيو.
۽ هينئر هو وري هڪ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. کيس خيال آيو ته موٽي وڃي. هن عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ نٿي چاهيو. کيس ڊپ هو ته جيڪڏهن عورت کيس چوٿين روپ ۾ به پيار بدران نفرت ڏني، يا کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ته پوءِ هو هڪ لمحو به زنده رهي نه سگهندو، ۽ سندس روح موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ لٽڪندو رهندو. هن موٽي وڃڻ جو خيال ڪيو.
پر اڳين اسٽيشن سندس منزل هئي. هو دريءَ وٽ ويٺو ئي رهيو: هن فيصلو ڪيو ته عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ کان اڳ، هو ريل سان گڏ اڳتي هليو ويندو، ڀل ته سڀ ڪجهه پوئتي رهجي وڃي. هن ڪمزور اکين جي سرد نگاهن سان هڪ دفعو پنهنجي منزل جي اسٽيشن ڏسي، اکيون بند ڪري ڇڏيون.
يڪا يڪ سندس ڪن تي لرزندڙ ۽ ڪنبندڙ آواز پيو، ”ستيش! منهنجا لال!“
هن ٿڪل پنبڻيون مٿي ڪيون. عورت سندس سامهون پليٽ فارم تي بيٺي هئي. هو ڪجهه دير عورت کي ڏسندو رهيو. عورت هن جون سڪل آڱريون زرد چهرو ۽ اداس اکيون ڏسي ورتيون. هن ٻانهون کولي، کيس وري سڏ ڪيو، ”منهنجا لال، منهنجا ستيش! لهي آ، منهنجا لال!“
گاڏي سرڻ لڳي هئي. ستيش عورت جي اکين ۾ سمنڊ جون لهرون ڏسي ورتيون پيار جو ساگر ڏسي ورتو ۽ پوءِ هن هلندڙ گاڏيءَ مان پليٽ فارم تي ٽپو ڏنو. سندس رهيل کهيل رت منهن ۾ تري آيو، ۽ ساهه جي وچ ۾ پردا پئجي ويس. وري ساڳيءَ کنگهه کيس بيحال ڪري ڇڏيو، عورت سندس پاسي ۾ فرش تي ويهي رهي. ۽ کيس معصوم ٻار وانگر پنهنجيءَ هنج ۾ ليٽائي ڇڏيائين. هو کنگهي رهيو هو. سندس سيني ۾ بڙڇيون چڀي رهيون هيون. پوءِ کيس خون جي اُلٽي آئي. عورت سڄي اُلٽي پنهنجن ڪمزور ۽ ڪنبندڙ هٿن ۾ کڻي ورتي. پيار جو ساگر اٿلي پيو: ”تو ڇا ڪيو، منهنجا لال، منهنجا لال، منهنجي جوت!“
عورت هن جو رت ۾ ٿڦيل چهرو چمي ورتو. ۽ هن آهستي چيو:
”ڪجهه به ناهي ... مان هينئر جلد ٺيڪ ٿي ويندس، جلد ٺيڪ ٿي ويندس!“
پوءِ ٻنهي جي چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي، ٻنهي جي اکين ۾ محبت جون کنوڻيون چمڪڻ لڳيون ۽ ٻنهي ڳڙاٽڙي پائي، هڪ ٻئي جي سيني ۾ چاهت جا نغما ٻڌي ورتا.
اها عورت هن جي ماءُ هئي.
1961