ڪھاڻيون

اندرا

”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“

  • 4.5/5.0
  • 3423
  • 1697
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Indra

چرٻٽ ۽ هڪ مداري

هڪڙي ڏينهن اديءَ جون ٽي ساهيڙيون اسان جي گهر آيون ۽ ادي عذرا سان سس پُس ڪري، کجڪا ڪري کلڻ لڳيون.
ان وقت مان اديءَ جي ڪمري ٻاهران ورانڊي ۾ بيٺو هوس ۽ پنهنجي دوست ڦندڻ سان مداري ڏسڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هوس.
ڦندڻ ٻڌايو، ”مداريءَ وارو پاڪستان چونڪ وٽ بيٺو آهي ۽ مداريءَ جو سيڪنڊ شو شروع ٿيڻ وارو آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي مون کي بيحد خوشي ٿي ۽ مان پاڻ کي ڪتڪتائي ڪري کلڻ لڳس.
ادي ۽ سندس ٽي ساهيڙيون ڪنهن ڳالهه تان ايترو ته کليون جو ادي عذرا پلنگ تي ڪري پيئي ۽ ٻئي هٿ پاسرين تي رکي، اُڀا ساهه کڻي، کل روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
ڦندڻ پڇيو، ”ڀلا اديءَ جن به مداري ڏسڻ وينديون ڇا، جو ايترو کلي رهيون آهن.“
”نه“، کيس جواب ڏنم، ”هي چارئي پڪ وحيد مراد جي باري ۾ ڳالهائي رهيون آهن.“
ادي عذرا جون ٽيئي ساهيڙيون هر هڪ حليمان عرف هيلن، کتيجان عرف زيبا ۽ الله وسائي عرف شميم آرا، هڪ ڪاليج ۾ پڙهنديون آهن ۽ هڪ هفتي ۾ ٽي دفعا اديءَ سان ملڻ اينديون آهن. جڏهن به اينديون آهن تڏهن پاڻ ۾ سس پس ڪري، کجڪا ڪري کلنديون آهن ۽ کلي کلي ڪري پونديون آهن.
ڦندڻ کان پڇيم، ”مداريءَ وٽ هڪ ڪبوتر، ٻه جهرڪيون ۽ هڪ طوطو به آهي جيڪو توب هلائيندو آهي.“
”طوطو،“ مون چيو، ”طوطو خط نه تنهنجو پهتو.“
ڦندڻ کلڻ لڳو، جڏهن کلي رهيو هو تڏهن چيائين، ”مداريءَ وٽ هڪ ڀولڙو ۽ هڪ ڀولڙي به آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي مون کي ٻيهر ڏاڍي خوشي محسوس ٿي.
مون کي ڀولڙا بيحد پسند آهن. ڀولڙن کي پڃرن ۾ بند ڏسي مون کي ڏک ٿيندو آهي ۽ مان پاڻ کي هڪ ڀولڙو محسوس ڪرڻ لڳندو آهيان. هڪڙي ڏينهن پنهنجي دوست ڦندڻ کي ٻڌايو هوم، جيڪو ان وقت نڪ مان گينگا ڪڍي بينچ کي ٿڦي رهيو هو، ته مان وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس ۽ دنيا جي سڀني ڀولڙن کي پڃرن مان آزاد ڪندس.
اها ڳالهه مون پنهنجي وڏي ڀاءُ انور سان به ڪئي هئي. انور هڪ ڪاليج ۾ پڙهندو آهي، تقريرون ڪندو آهي، اسٽرائيڪون ڪرائيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بک هڙتال به ڪندو آهي، تنهن ڪري هو اسٽوڊنٽ ليڊر آهي. جنهن وقت مون کيس اها خبر ٻڌائي هئي ته مان وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس ۽ ڀولڙن کي پڃرن مان آزاد ڪرائيندس. تنهن وقت ادا انور آئيني جي آڏو بيٺو هو ۽ هڪ تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس مٺيون ۽ چپ ڀيڪوڙيل هئا، اکيون ڪاوڙ وچان ڳاڙهيون ۽ کاٻي ڀرو فلمي ايڪٽرن وانگر مٿي ڏانهن ڇڪجي ويئي هئس. هو آمريڪا کي گاريون ڏيئي رهيو هو ۽ ويٽ ڪانگ جي تعريف ڪري رهيو هو. هن اوچتو هڪ مڪ منهنجي ٽڪڻ تي وهائي ڪڍي ۽ آئيني کي چيائين، ”اڄ دنيا جو ٻچو ٻچو ويٽ ڪانگ آهي.“ مون کي سخت ڪاوڙ وٺي ويئي. مون ادا انور کي چيو هو، ”مان ڪنگ ڪانگ آهيان ۽ دنيا جي ڀولڙن کي پڃرن مان آزاد ڪرائيندس“، ادا انور پنهنجي تقرير اڌ ۾ روڪي، کيسي مان ٻه آنا ڪڍي مون کي ڏنا هئا ۽ چيو هئائين، ”وڃ وڃي قلفي کاءُِ ۽ منهنجو مٿو نه کاءُ.“ مون ٻه آنا ڪن ۾ وجهي کائنس پڇيو هو، ”ماڻهو ويچارن ڀولڙن کي پڃرن ۾ ڇو بند ڪندا آهن؟“ ادا انور گهور ڪري منهنجي منهن ۾ نهاريو هو. مان سندس اک جو رنگ ڏسي دنگ رهجي ويو هوس. هن تقرير ڪرڻ واري آواز ۾ پڇيو هو، اهو سوال ڇو پڇي رهيو آهين؟
جواب ڏنو هو مانس، ”مان ڀولڙن جو دوست آهيان.“
ادا انور منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو هو، ”اهو نهايت سنگين سياسي سوال آهي، ٻيهر نه پڇجانءِ.“
مون کي ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ لڳي هئي ۽ چيو هوم، ”ڀولڙا بيوقوف ڪونهن جو سياست ۾ بهرو وٺن، ڀولڙا ويچارا ته بي زبان ۽ گگدام آهن، مان ڀولڙن جو دوست آهيان.“
”تون چريو چرٻٽ آهين“، ادا انور ٻئي ٺونشا آئيني ۾ پنهنجي عڪس کي ڏيکاريندي چيو هو، ”ڀولڙا مظلوم انسانن جو Symbol يعني علامت آهن ۽ پڃرا سياسي قيد خانن جي علامت آهن. چرٻٽ اهو سوال ٻئي ڪنهن کان پڇندين ته ٻڌجي ويندين.“
ادا انور جي ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيو هو ۽ مون ٿوري دير لاءِ ڀولڙن جي باري ۾ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو، ان ڏينهن کان مظلوم ڀولڙن جي حال تي دل ئي دل ۾ افسوس ڪندو آهيان.
ڦندڻ کان پڇيم، ”ڀلا ڀولڙو ڪهڙا ڪرتب ڏيکاري ٿو.“
ڦندڻ چيو، ”ڀولڙو سولجرن جهڙا ڪپڙا پائي ۽ ڪاٺ جي بندوق کڻي جنگ تي وڃڻ جي ڪري ٿو، ڀولڙي کيس روڪي ٿي. ڀولڙو ڪاوڙ وچان ڀولڙيءَ کي سائين نبوءَ وانگر مار ڪڍي ٿو.“
مان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳس.
ادي عذرا دريءَ مان منهن ڪڍي چيو، ”ڇاهي ڙي چرٻٽ، مٿو ڦري ويو اٿئي ڇا؟ ماٺ ڪر.“
ڦندڻ چيو، ”ماٺ ڪر يار، نه ته تو سان گڏ مون کي به مار کائڻي پوندي.“
”هون!“ چيم، ”مار کائڻي پوندي جو ڄڻ اديءَ جو راڄ ٿو هلي.“ مان نه رڳو پتڪڙو آهيان پر عمر ۾ به اديءَ کان هڪ هزار سال ننڍو آهيان. تنهن ڪري کيس جڏهن وڻندو آهي مون کي ڇڙٻ ڏيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه بجا به هڻي ڪڍندي آهي.
هڪڙي ڏينهن مان اديءَ جي ڪمري ۾ ويٺو هوس ۽ البم ۾ ٽارزن جا فوٽا هڻي رهيو هوس. ان وقت اديءَ جون ٽيئي ساهيڙيون، هر هڪ حليمان عرف هيلن، کتيجان عرف زيبا ۽ الله وسائي عرف شميم آرا اديءَ سان سس پس ڪري رهيون هيون ۽ رکي رکي سيسڙاٽ ڪري، کجڪا ڪري رهيون هيون.
الله وسائي عرف شميم آرا اخبار ۾ وحيد مراد جو فوٽو ڏسي، ٿڌو ساهه کڻي چيو هو، ”مان ته جيڪر وحيد مراد سان شادي ڪريان.“
ان وقت منهنجي هٿ ۾ هڪ تصوير هئي جنهن ۾ ٽارزن هڪ خوفناڪ گينڊي سان مقابلو ڪري رهيو هو. مون اها تصوير وحيد مراد جي فوٽي تي رکندي چيو، ”وحيد مراد عرف ڇوڪريءَ کان ته ٽارزن لک دفعا ٺاهوڪو آهي.“
اديءَ مون کي ٺڪ ٽڪڻ تي هڪ چماٽ هڻي ڪڍي هئي ۽ ٽارزن جي تصوير دريءَ کان ٻاهر اڇلائيندي چيو هئائين، ”شرم نٿو اچيئي، ڇوڪرين جي وچ ۾ ٿو ڳالهائين.“
مون باهه ٿي دريءَ مان ٻاهر ٽپو ڏنو هو ۽ ٽارزن جو فوٽو کڻي، ڇنڊي کيسي ۾ رکيو هوم.
ڦندڻ چيو، ”يار جلدي هل، مداري سيڪنڊ شو شروع ڪري ڇڏيندو ۽ طوطو توب به هلائي ڇڏيندو.“
”طوطو! خط نه تنهنجو پهتو،“ ڦندڻ کي چيم، ”تون هتي ترس، ”مان امان کان خرچي وٺي ٿو اچان.“
ڦندڻ ڪنڌ لوڏي ”ها“ چيو.
مان ٺينگ ڏيندو امان وٽ پهتس. ادي ۽ سندس ٽي ساهيڙيون امان وٽ بيٺيون هيون. الله وسائي عرف شميم آرا امان کي چئي رهي هئي، ”اڍائي ڪلاڪن جي ته ڳالهه آهي ماسي، فلم ڏسي سڌو گهر موٽي اينديون سين.“
مون امان کي چيو، ”امان مون کي خرچي ڏي مان ڀولڙن جي مداري ڏسڻ ٿو وڃان.“
امان منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو. شميم آرا کي چيائين، ”چڱو، هن کي به ساڻ وٺي وڃو.“
مون رڙ ڪئي، ”ڪيڏانهن؟“
امان چيو، ”تون عذرا ۽ سندس ساهيڙين سان گڏ فلم ڏسڻ وڃ.“
ادي ۽ سندس ٽن ساهيڙين جو منهن لهي ويو.
مون چيو، ”مان ڦندڻ سان گڏ مداري ڏسڻ ٿو وڃان. مان فلم نه ڏسندس مون کي خرچي ڏي.“
چئني ڇوڪرين جي منهن تي خوشي موٽي آئي. لٽڪيل کاڏيون کڄي وين.
امان چيو، ”چريا، فلم نه ڏسندين!“
وراڻيم، ”فلمن کان ته مداري لک دفعا سٺي هوندي آهي.“
”ڳالهه ٻڌ،“ امان چيو، ”تون عذرا جن سان گڏجي فلم ڏسڻ وڃ. اڪيليون وينديون ته ڀاڻين احمد ناراض ٿيندو.“
اها ڳالهه ٻڌي منهنجي دل ڀڄي پيئي. روئڻ آيو پر ڇوڪرين جي موجودگيءَ ۾ روئڻ بي عزتي ڀانيم.
منهنجو ڀاءُ احمد صوبيدار آهي ۽ ڏاڍو خوفناڪ آهي. ماڻهو خدا کان وڌيڪ کانئس ڏڪندا آهن. مان به سائين نبوءَ کان پوءِ ادا احمد کان ڏڪندو آهيان.
مان ڪنڌ جهڪائي ڦندڻ وٽ آيس. ڦندڻ نم جي ڏندڻ سان پنهنجا هيڊا ڏند صفا ڪري رهيو هو.
ڦندڻ کي افسوسناڪ لهجي ۾ چيم، ”مان مداري نه ڏسندس ڦندڻ.“ ڦندڻ ڏندڻ اڇلي ڇڏيو، پڇيائين، ”ڇو؟“
وراڻيم، ”مان وحيد مراد جي ڪا مردار فلم ڏسندس. تون وڃي مداري ڏس ۽ ڀولڙي کي منهنجا سلام ڏي.“
ڦندڻ ڪن مان مَر ڪڍندو هليو ويو.
ٿوري دير کان پوءِ چارئي ڇوڪريون تيار ٿي گهر کان ٻاهر نڪتيون. مان کانئن ٿورو پرڀرو هلڻ لڳس. کتيجان عرف زيبا مون ڏانهن درياهي گهوڙي وانگر نهاري رهي هئي. مون منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ۽ کيسي مان کٽمٺڙو ڪڍي چوسڻ لڳس.
چارئي ڇوڪريون خاموش هلي رهيون هيون. مٺيون ۽ چپ ڀيڪوڙيل، نرڙ ۾ گهنج ۽ نڪ جون ناسون ڦنڊيل هئن. چئني کي جيتوڻيڪ منهن تي گهڻائي رنگ لڳل هئا ۽ چپ لالي پاپ وانگر ڳاڙها هئن، تڏهن به سندس شڪليون بيحد ڀوائتيون نظر اچي رهيون هيون.
مان سندن پوئتان هلڻ لڳس.
ادي عذرا حليمان عرف هيلن کي ڪن ۾ چيو. ”هي بلڪل چرٻٽ آهي، هن جو خيال ئي نه ڪريو.“
هيلن اها ڳالهه زيبا کي ٻڌائي ۽ زيبا اها خوشخبري شميم آرا تائين پهچائي. مون به اها ڳالهه ٻڌي ورتي. پوءِ چارئي ڇوڪريون ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳيون ۽ ڳالهائڻ لڳيون.
زيبا چيو، ”هيلن جو هيرو ڪٿي هوندو؟“
”اون هون، ڇڏ ڀي،“ هيلن عجيب نموني هلڻ لڳي.
اديءَ هيلن کي ڪک ۾ ٺونٺ هنئين. هوءَ کلڻ لڳي ۽ سندس وات مان ڏاند گاڏيءَ جهڙا آواز نڪرڻ لڳا. مان کڙيون کڻي حيرت مان ڏانهنس نهارڻ لڳس.
شميم آرا منهنجي ٽڪڻ تي چماٽ هڻندي اديءَ کي چيو، ”تنهنجو ڀاءُ نه فقط بندرو آهي، پر بلڪل بلڊي چرٻٽ به آهي.“ مان بلڊي اکر ٻڌي خوش ٿيس.
ادي عذرا شميم آرا کان پڇيو، ”هيلن جو هيرو ڪيئن آهي؟“
شميم آرا وراڻيو، ”هوبهو وحيد مراد جهڙو آهي.“
”هون، وحيد مراد جهڙو وري ڌوڙ آهي.“ زيبا هڪدم چيو، ”وحيد مراد جهڙو ته علي مدد گوپانگ آهي.“
”ڪير؟ تو وارو پاڏو،“ هيلن چيو، ”جيڪو گرلس ڪامن روم ٻاهران ٿاٻا کائيندو آهي.“
”ڏس، زبان سنڀالي ڳالهاءِ هيلن،“ زيبا چيو، ”مون تنهنجي هيرو کي ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهايو آهي.“
"I am sorry" هيلن چيو، ”مون کي معاف ڪر ڊيئر زيبا.“
مون هيلن کي چيو، ”تنهنجي هيرو کي مان به سڃاڻان.“
هيلن حيرت مان مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين. ”تون ڪيئن سڃاڻينس.“
”هن کي سڄو شهر سڃاڻي،“ مون خوش ٿيندي کيس ٻڌايو، ”تنهنجي ڪاليج جو فٽ بال ڪئپٽن سچو ٻچو هيرو آهي.“
سڀئي ڇوڪريون کلڻ لڳيون. زيبا چيو، ”چرٻٽ مولا بخش مڪراڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي.“
”مئو بن مانس،“ هيلن چيو.
”اڙي نه نه.“ مون کيس ٻڌايو، ”مولا بخش هن سال پاڪستان جي طرفان جرمن ٽيم خلاف کيڏندو ۽ پڪ ٽي گول ڪري پاڻ کي هيرو ثابت ڪندو.“
اديءَ مون کي ڇڙٻ ڏني، ”مئا چپ ڪري هل، ڇوڪرين جي وچ ۾ ٿو ڳالهائين. شرم نٿو اچيئي.“
مان ماٺ ٿي ويس.
چارئي ڇوڪريون پوءِ خانداني منصوبه بنديءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳيون ۽ خوش ٿيڻ لڳيون.
شميم آرا ادي عذرا کي ٻڌايو، سائينداد گهلو ۽ رب ڏنو ٿهيم به گهٽ ٺاهوڪا ناهن.“
اديءَ پڇيو، ”ڪيئن آهن.“
”ڏاڍا سمارٽ آهن.“
”ٽارزن کان به؟“ مون شميم آرا کان پڇيو، ”ٽارزن کي ڪڏهن مانگر مڇ سان وڙهندي ڏٺو اٿئي؟“
”بس ڪر مئا مرين“، ”اڙي عذرا وڏي آواز ۾ چيو، ٻه ماڻهو جيڪي سامهون اچي رهيا هئا ڇِرڪي، فٽ پاٿ ڇڏي ويا.
شميم آرا چيو، ”محمد ابو سعيد زخمي اڪبر آبادي به ڏاڍو هينڊسم آهي. شڪل ئي شاعرن جهڙي اٿس.“
”خبردار جو ٻيهر ڪنهن پناهگير ڇوري جو نالو کنيو اٿئي.“ کتيجان عرف زيبا شميم آرا تي الر ڪري آئي، ”خبر اٿئي سنڌين لاءِ هي ڪهڙو نازڪ دور هلي رهيو آهي.“
شميم آرا سُسُي ويئي. ان دڙڪي کان پوءِ ڪجهه دير خاموشي رهي. ٽريفڪ جو آواز باقاعدي ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
هيلن شميم آرا کان پڇيو، ”تنهنجا اڌ ڊزن عاشق ڪهڙي حال ۾ آهن؟“
”زمان حال استمراريءَ ۾ آهن،“ شميم آرا وراڻيو، ”ڇهن ئي کي ٽيليفون تي الو بنائيندي آهيان.“
مون هيلن کان پڇيو، ”ڀلا پاڻ ڪهڙي فلم تي هلي رهيا آهيون؟“
”تون ماٺ ڪري هَلُ،“ هيلن چيو.
”ماٺ ڪري وري ڪيئن هلان،“ مون وراڻيو، ”مان سڌير جي فلم هرگز نه ڏسندين. جهڙو خچر.“
”ڇوڪرين جي وچ ۾ نه ڳالهاءِ،“ اديءَ اکيون ڏيکاريون.
”ڪيپيٽال ۾ ٽارزن جي فلم هلي رهي آهي،“ مون اديءَ جي ڪرڙي اک کان اک بچائيندي چيو، ”هلو ته هلي اها ڏسون.“
ڪنهن به منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو. مان ڪجهه ڪجهه ڦڪو ٿيس.
ان وقت هڪ ميوي وارو، پنهنجو گاڏو ڌڪيندو اسان وٽان لنگهي ويو. چئني ڇوڪرين جي ڳالهائڻ جو موضوع ماڻهن تان ڦري ميون تي وڃي بيٺو.
شميم آرا چيو، ”مون کي ته بس ڪيلا پسند آهن. جيڪر پنج هزار ڊزن ڪيلا هڪ مهل کائي وڃان.“
”۽ ڪدو؟“ زيبا کانئس پڇيو.
”ٻه چار ته جيڪر کائي وڃان.“
”بس! رڳا ٻه چار؟“
”ها، ٻيو نه ته؟“ شميم آرا وراڻيو، ”مان ڪا هاٿڻ آهيان ڇا؟“
مون شميم آرا کان پڇيو، ”ڀلا اڌ مڻ جو هڪ هنداڻو عرف ڇانهي کائي سگهنديئن؟“
سڀئي ڇوڪريون زور زور سان کلڻ لڳيون. جڏهن کلي بس ڪيائون تڏهن ادي عذرا چيو، ”موئا چرٻٽ، چپ ڪري نٿو هلين. بيشرم.“
مون کي شرم آيو ۽ مان ماٺ ڪري هلڻ لڳس.
صدر ۾ الاڪو هائوس وٽ چاريئي ڇوڪريون بيهي رهيون. زيبا ڪيوالٽي ريسٽورنٽ ڏانهن اشارو ڪندي ادي عذرا کي ٻڌايو، ”هوٽل جي در وٽ جيڪو قداور جوان بيٺو آهي. جنهن کي سليٽي سئيٽر ۽ ڪاري تنگ پتلون پاتل آهي، سو اٿئي هيلن جو هيرو.“
۽ هيلن چيو، ”۽ جيڪو ڪنڌ تان مَر لاهي رهيو آهي، سو اٿئي، علي مدد گوپانگ، يعني وحيد مراد.“
شميم آرا مون کي چيو، ”چرٻٽ، ٻنهي کي وٺي اچ.“
”ڪنهن کي؟“ پڇيم، ”هيلن جي هيرو ۽ علي مدد گوپانگ کي؟“
”ها،“ شميم آرا چيو، ”سڃاڻي سگهندين.“
”ها، ڇونه سڃاڻي سگهندو مان،“ مون وراڻيو، ”اجهو ٿو وٺي اچان.“
مان فرڙاٽ ڪندو، وڪٽوريا روڊ ٽپي، ڪيوالٽي ريسٽورنٽ وٽ پهتس. ان وقت هوٽل مان ڪجهه ٻيا به جوان ڇوڪرا نڪري آيا ۽ فٽ پاٿ تي بيهي رهيا. ٿورڙي ڪوشش کان پوءِ مون هڪدم علي مدد گوپانگ عرف وحيد مراد کي سڃاڻي ورتو. هو رنگ جو ڪارو هو، بلڪل پاڏي جهڙو هو. سندس نرڙ، نڪ، ڳچي ۽ پيٽ گول هئا. هو سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو ۽ سنڌ جي ڪنهن سابق سياستدان کي گاريون ڏيئي رهيو هو، ٻيا نوجوان به جوش ۾ هئا.
مان هڪ هڪ نوجوان جي منهن ۾ ڏسي، هيلن جي هيرو کي تلاش ڪرڻ لڳس نيٺ ان جوان کي ڏسي ورتم جنهن کي سليٽي سئيٽر ۽ ڪاري تنگ پتلون پاتل هئي، هن جو قد ڊگهو هو، ڪلها هيٺ جهڪيل، بلڪل سنڌي اٺن وانگر ۽ ڪلهن تي هڪ ننڍڙو مٿو هوس ۽ مٿي ته گنڊيدار وار هئس. مان حيرت وچان ڏانهس ڏسڻ لڳس. هوبهو شتر مرغ جهڙو هو. اکيون به شتر مرغ وانگر گول هئس.
مون کيس سئيٽر جي ٻانهن کان وٺي سٽ ڏني.
هن مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو.
مون کيس ٻيهر ٻانهن کان وٺي ڌونڌڙيندي سڏ ڪيو، ”اي، شتر مرغ“
سڀني جوانن ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ مون ڏانهن ڏسڻ لڳا. پوءِ اوچتو سڀئي کلڻ لڳا.
شتر مرغ مون کي مارڻ لاءِ مُڪ اولاري. مان ٽپ ڏيئي هٽي ويس. پريان کيس چيم، ”هو چار ڇوڪريون توکي ۽ علي مدد گوپانگ کي سڏي رهيون آهن.“
هن جي خار ختم ٿي ويئي. واڇ ٽڙي ويس. علي مدد گوپانگ کي ساڻ ڪري سڙڪ ٽپڻ لڳو.
علي مدد گوپانگ چيو، ”يار وقت جون ڏاڍيون پڪيون آهن.“ ٻئي ڄڻا جڏهن ڇوڪرين وٽ پهتا تڏهن زيبا علي مدد گوپانگ کان پڇيو، ”اسان وٽ فقط اڍائي ڪلاڪ آهن، ڪهڙو پروگرام آهي؟“
علي مدد گوپانگ وراڻيو، ”بابو تيزرو ۾ ڳوٺ روانو ٿي ويو آهي. فليٽ بالڪل خالي آهي.“
شتر مرغ مون ڏانهن ڏسندي هيلن کان پڇيو، ”هي ڪيرآهي؟“
”هي چرٻٽ آهي،“ هيلن کيس ٻڌايو، ”اسان جي ساهيڙي عذرا جو ڀاءُِ آهي.“
”مان اين ـ جي ـ وي هاءِ اسڪول ۾ ڇهون درجو پڙهندو آهيان.“ فخر مان کيس ٻڌايم، ”مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
علي مدد گوپانگ ۽ شتر مرغ کلڻ لڳا.
شميم آرا مون کي چيو، ”چرٻٽ، تون فلم ڏسندين يا مداري؟“
هڪدم وراڻيم، ”مداري.“
”ته پوءِ هيئن ڪر،“ شميم آرا چيو، ”تون مداري ڏسڻ وڃ، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ هتي اچي اسان لاءِ ترسجانءِ.“
اها ڳالهه ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيس.
ادي عذرا چيو، ”متان امان کي ٻڌائين ته فلم بدران مداريءَ جو تماشو ڏٺو اٿئي. اجايو مار کائيندين.“
”نه نه،“ وراڻيم، ”مان ڪو چريو آهيان ڇا.“
”امان کي ڇا چوندين؟“
”چوندس، مون عذرا ۽ سندس ٽن ساهيڙين سان گڏجي وحيد مراد جي هڪ مردار فلم ڏٺي آهي.“
”شاباس،“ ادي عذرا چيو، ”هي وٺ ٻه آنا، قلفي به کائجان.“ مون ٻه آنا وٺي کيسي ۾ وڌا ۽ اڳتي وڌي ويس.
”ها.“ هڪدم ڪجهه ياد آيو، ڦيرو کائي هيلن جي هيرو کان پڇيم، ”تون شتر مرغ جهڙو ڇو آهين؟“
چاريئي ڇوڪريون کلڻ لڳيون.
پوءِ مان ڊوڙندو پاڪستان چوڪ ڏانهن ويس، جتي مداريءَ جو سيڪنڊ شو شروع ٿي چڪو هو. ڀولڙو سائين نبوءَ وانگر ڀولڙيءَ کي لڪڻ سان مار ڏيئي رهيو هو. مان خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳس.

1966