ڪھاڻيون

اندرا

”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“

  • 4.5/5.0
  • 3423
  • 1697
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Indra

منهنجي محبت ۽ مان

سڪينه کي مان پسند ڪندو هوس (هينئر سندس ياد منهنجي دل ۾ ڪتڪتائي ڪندي آهي) ۽ هوءَ مون کي پسند نه ڪندي هئي. مان کيس لڪي لڪي ڏسندو هوس. هوءَ مون کي ڏسي بيمار ٿي پوندي هئي. سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي هئي، ۽ ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويندو هوس.
هڪ دفعي پنهنجي ساهيڙيءَ کي چيو هئائين، ”پنهنجيءَ ڪرڪيٽ ٽيم جو جيڪو وڪيٽ ڪيپر آهي نه، سو جهڙو بنمانس!“
ان وقت هوءَ يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ بيٺي هئي، ۽ مان کيس جنرل هسٽريءَ جي ڪٻٽ نمبر چوٿين ۽ پنجين جي وٿيءَ مان تاڙي رهيو هوس.
سڪينه جو جملو ٻڌي مون کي ٿورو ٿورو ڏک ٿيو، ۽ مون دنيا کي تياڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سوچيم، ڪراچيءَ جي زولاجيڪل گارڊن ۾ ڪنهن بنمانس جي پڃري ۾ وڃي ويهندس، ۽ سڪينه کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندس.
پر مان پنهنجي فيصلي کي عملي پاجامو پارائي نه سگهيس. مان نه فقط سڪينه جو عاشق ۽ ايم. اي. فائينل جو شاگرد هوس، پر هڪ انگريزي اخبار جو پروف ريڊر به هوس. مان، جيڪو پروف ريڊر هوس، ۽ منهنجو پيءُِ، جيڪو پوسٽ مين هو. (۽ اڃابه آهي،) پنهنجي گهر جي فرسٽ اليون (first eleven) يعني يارهن ڀاتين جي سار سنڀال لهندا هئاسين. اهڙين حالتن ۾، مان نه بنمانس جي پڃري ۾ وڃي ويهي سگهيس، ۽ نه ئي پنهنجيءَ دل مان سڪينه جي محبت ڪڍي سگهيس.
دوستن چيو، ”توکي اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ پيدا ٿيڻ گهربو هو ۽ حضرت قيس عرف مجنون جو مقابلو ڪرڻ گهربو هو.“
دوستن جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. مون مجنون ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان رات خواب ۾ مون ڪنڊن جو تاج پاتو، ۽ صبح جو مون کي ڪارا دست ٿي پيا جيڪي هڪ هفتو هلندا رهيا. مان هڪ هفتي تائين سڪينه کي ڏسڻ لاءِ سڪندو رهيس، ۽ اخبار جا پروف به ڏسي نه سگهيس. اخبار جي مئنيجر هڪ هفتي جي غير حاضريءَ لاءِ منهنجي پگهار مان ويهه رپيا ڪٽي ورتا ۽ مون مجنون ٿيڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو.
دوستن صلاح ڏني، ”تون محبت نه ڪر، وڃي وڪيٽ ڪيپنگ (wicket keeping) ڪر.“
کين هڪ فلمي ڊائلاگ سنڌيءَ ۾ وهائي ڪڍيم، ”مان محبت جي گرميءَ سان سڪينه جي پٿر دل کي ميڻ وانگر رجائي ڇڏيندس!“
مقبول چيو، ”پٽ، اگربتيون ٻار، ميڻ بتيءَ وانگر محبت ڪري نه سگهندين. محبت ڪرڻي اٿئي ته پنجاهه رپيا کيسي ۾ وجهي، سڪينه کي وڃي سوگهو ڪر.“
وراڻيم، ”مان ايندڙ هڪ سئو پنجاهه سالن تائين پنجاهه رپيا ميڙي نه سگهندس. منهنجو پيءُِ پوسٽ مين آهي.“
مقبول چيو، ”پوءِ وڃي لفافن جون ٽڪليون چوراءِ ۽ محبت جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
سڄيءَ يونيورسٽيءَ ۾ سڪينه جي باري ۾ هزارين قياس آرايون هليون هيون. قياس آرائين تي مون کي قياس ايندو هو، هڪ دفعي ان ڳالهه تان پنهنجن دوستن سان وڙهي پيو هوس.
هنن چيو هو: ”مجنون ڇاپ! محبت ڪرڻي ٿئي ته ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ سان وڃي ڪر، سڪينه سان نه، جيڪا نيلان جي ساڙهيءَ وانگر پنجاهه رپين ۾ وڪامندي آهي.“
سڪينه جي بچاءَُ ۾ چيو هوم: ”دل جي ڪابه قيمت نه هوندي آهي، دوستو!“
دوستن وراڻيو هو: ”جسم سان گڏ دل، دماغ، جگر وغيره به وڪامي ويندا آهن.“
”توهين بدمعاش آهيو، ۽ هڪ شريف ڇوڪري کي بدنام ڪري رهيا آهيو!“ ڪاوڙ مان چيم.
”بدنام اسان نه، پنجاهه رپين ڪيو اٿس.“ نسيم ناڪوءَ چيو.
ان انڪشاف تي ڀانيم ته منهنجي دل ڀڄي پوندي، ۽ منهنجو هارٽ فيل ٿيندو. پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي. فقط افسوس ٿيو، ۽ مون دوستن کي ڊزن کن مختلف گاريون ڏنيون.
مقبول چيو: ”سڪينه مڻي آهي، نڪ مان ڳالهائيندي آهي سهڻي به ناهي.“
”هوءَ منهنجي دل جي راڻي آهي!“ وراڻيم.
”تون ڪنگال آهين. تنهنجي دل ۾ راڻي نه، ڏائڻ رهندي.“
ان وقت منهنجن ڪنن ۾ پريس جي مشين پڙاڏا ڪرڻ لڳي. سوچيم ته هڪ نه هڪ ڏينهن مان پنهنجي پريس وٺندس ۽ ڪنگال نه رهندس. ڪنگال رهيس، ته بنگال هليو ويندس.
وراڻيم: ”مان في الحال ڪنگال آهيان، مقبول، پر تون ڏسندين ته مان هڪ نه هڪ ڏينهن دولتمند ٿيندس ۽ سڪينه کي بدنام ٿيڻ نه ڏيندس.“
”تون ايندڙ هڪ هزار سالن تائين دولتمند ٿي نه سگهندين.“ مقبول منهنجي دل ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
وراڻيم، ”مان تڏهن به سڪينه سان محبت ڪندو رهندس.“
هڪ دفعي سڪينه يونيورسٽيءَ جي يونين آفيس ۾ اسان جي جنرل سيڪريٽريءَ سان ڳالهائي رهي هئي. کلي رهي هئي. ٽهڪ ڏيئي رهي هئي. مون کي روئڻ آيو، پر اک مان لڙڪ نه لڙيو. جڏهن گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ به روئي نه سگهيس، تڏهن يونين آفيس ۾ لنگهي ويس. مون کي ڏسڻ شرط سڪينه ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو. ڪنڍي جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويس. ۽ سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳيس.
سيڪريٽريءَ کي چيائين، ”منهنجي ته ادا طبيعت خراب ٿي رهي آهي.“
يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي به خوشنصيب ڇوڪرا هوندا هئا، تن کي سڪينه ”ادا“ ڪري سڏيندي هئي. جنهن کي ادا چوندي هئي، تنهن کي لفٽ ڏيندي هئي. مان هوا کائيندو هوس!
مون سڪينه ڏانهن ڏٺو. سندس ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو هوس. طبيعت خراب ٿيڻ لڳي هيس. منهن اهڙو ٿيندو ويس. ڄڻ چهٽيل قميص جي لهواريءَ پٽ ۾ ڪانڌاري ڏينڀو گهڙي ويو هوس.
سيڪريٽري مون ڏانهن وڌي آيو. چيائين: ”ايونس، خدا جي واسطي آفيس مان هليو وڃ.“
مون سڪينه ڏانهن نهاريو. هوءَ سامهون ڀت تي ٽنگيل برماشيل جو ڪئلينڊر ڏسي رهي هئي، جنهن تي مونا ليزا جي تصوير ڇپيل هئي.
مان آفيس مان نڪري، پوئينءَ دريءَ وٽ وڃي بيٺس. سيڪريٽري سڪينه کان پڇي رهيو هو: ”ڪيئن آهين، سڪينه؟“
”هينئر ٺيڪ آهيان، ادا.“ هن مڻي آواز ۾ وراڻيو. سڪينه کي زڪام نه هوندو هو (هوءَ ڏيڏري نه هئي)، پر سندس آواز نڪ ۽ نڙيءَ مان ائين ايندو هو، ڄڻ نڙيءَ ۾ بلغم جو ڄارو ۽ نڪ ۾ گوبي جا تهه ڄميل هوندا هئس.
اوچتو سڪينه جي نگاهه مون تي پئجي ويئي! سندس ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو، ۽ طبيعت خراب ٿيڻ لڳس.
سيڪريٽريءَ دريءَ وٽ ايندي چيو: ”ايونس، پليز!“ مان دل تي بار کڻي، دريءَ وٽان هٽي ويس.
يونيورسٽيءَ ۾ سڀ مون کي ”ايونس“ سڏيندا هئا. مان اول اوهان کي ٻڌائيندس ته ايونس ڪير آهي. Godfrey Evans گاڊ فري ايونس 1958 کان اڳ انگلستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر هوندو هو. دنيا جي سڀني ٿلهن کان ڦڙت هوندو هو. بال کي ائين جهٽيندو هو، جيئن باز جهرڪيءَ کي. هو پنهنجي وقت ۾ دنيا جو بهترين وڪيٽ ڪيپر هوندو هو. مان ايونس جهڙو نه ٿلهو هوندو هوس، ۽ نه ئي ڦڙت، فقط انڌن ۾ ڪاڻو هوندو هوس.
مون کي ڪرڪيٽ راند سان تر جيتري به دلچسپي نه هوندي هئي. مون کي حالتن ڪرڪيٽ راند کيڏڻ تي مجبور ڪيو هو. سڪينه جي محبت ۾ ڪاٺ جي ڪرڪيٽ بئٽ (جنهن جو اوائلي نمونو ڪپڙن ڌوئڻ جو سونٽي آهي) ۽ پٿر جهڙي بال کي پنهنجو ڪيو هوم. سڪينه ڪرڪيٽ مئچن تي ايندي ۽ رانديگرن سان کلي کلي ڳالهائيندي هئي. رانديگر خوشيءَ وچان سينچري هڻندا ۽ ڇهه ـ ڇهه وڪيٽون وٺندا، ۽ ڏکيون مئچون کٽي ويندا هئا.
ڪرڪيٽ راند ڪرڻ کان اڳ مان سڪينه کي خوش ڪرڻ لاءِ افسانه لکندو هوس. هوءَ يونيورسٽيءَ جي ادبي مجلس ۾ پابنديءَ سان ايندي ۽ غور سان افسانا ٻڌندي هئي. کيس ناڪام محبت جا غمگين افسانا پسند هئا. هوءَ اهڙن افسانن کي دل کولي داد ڏيندي هئي. ڏسندي ئي ڏسندي، مجلس جا ميمبر ناڪام محبتن جا غمگين افسانا لڳڻ لڳا. انهن غمگين افسانن ۾ ڪجهه هن طرح هوندو هو:
ڇوڪرو ۽ ڇوڪري، پيءُ ـ ماءُ کان (ڀائرن ۽ مائٽن کان پڻ) لڪي ڇپي محبت ڪندا هئا. مالهيءَ کان اک بچائي، ٽاڪ منجهند جو ڪنهن باغيچي ۾ ملاقات لاءِ موقعو ملندي ئي، هڪٻئي کي ڊائلاگ هڻندا هئا ته مان توکان سواءِ مري ويندس!، (اهڙو ڊائلاگ گهڻو ڪري ڇوڪرو هڻندو) ڇوڪري ورائيندي: مان توکان سواءِ چري ٿي پونديس!، ڇوڪرو چوندو: مان تنهنجي لاءِ آسمان مان تارا پٽي ايندس!، ـ (پر سندس معاشي حالت پنهنجيءَ محبوبه کي هڪ لڏون کارائڻ جهڙي به نه هوندي) ڇوڪرو، يعني افساني ۾ هيرو صاحب، ڏاڍي ڏمر وچان چوندو: مان سماج سان ٽڪر کائيندس، وڙهندس، وغيره وغيره ـ پوءِ هيرو محبوبه تي شڪ ڪندو، کيس ڇڏي ڏيندو. هوءَ روئيندي رڙندي ۽ فلمي گانا ڳائيندي، آخر ۾ خودڪشي ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هيرو پڇتائيندو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ پنهنجيءَ محبوبه جي قبر تي اگربتي ٻاريندو هو.
ڪجهه افسانن ۾ هن طرح به ٿيندو هو ته محبوبه صاحبا پنهنجي محبوب سان بيوفائي ڪري، کيس جدائيءَ جو داغ ڏيندي هئي (عورت بيوفا آهي)، ۽ هيرو غم وچان شراب پي، فلم داغ ۾ دليپ ڪمار وانگر اداڪاري ڪندو، ۽ آخر ۾ ٻڏي مرندو هو.
ڪن افسانن ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ليسوڙي وانگر هڪٻئي کي چهٽيا پيا هوندا هئا. اهڙن افسانن ۾ والدين ۽ مائٽ مٽ گڙ ٻڙ ڪندا ۽ سندن ڪم خراب ڪندا هئا. اهڙن افسانن ۾ گهڻو ڪري ٻيئي ڄڻا زهر کائيندا هئا.
انهن ڏينهن ۾، سڪينه کي خوش ڪرڻ لاءِ، مون به ناڪام محبت جا زبردست غمگين افسانا لکڻ شروع ڪيا. افسانن ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو خانو خراب ڪندو هوس. کين هر هنڌ رلائي ماريندو هوس. باغ ۾ ملندا هئا ته مالهي مار ڏيندو هون. مالهي نه هجي ته ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻين. فلم ڏسڻ وڃن ته سينيما هال ۾ ويٺل ماڻهو کين محبت ڪرڻ نه ڏين، ۽ مڪراني هيرو کي ٺونشن سان اڌ مئو ڪري ڇڏي. مطلب ته سڄو سماج مخالفت ڪري سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو هو. آخر ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڪنهن هوٽل ۾ ويندا هئا ۽ مختلف طعام گهرائي کائڻ شروع ڪندا هئا، ۽ پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندا هئا (آپگهات جو اهو طريقو سڀ کان وڌيڪ فرحت بخش هوندو آهي.)
مان پنهنجا غمگين افسانا جڏهن ادبي مجلس ۾ پڙهندو هئس تڏهن مجلس جا ميمبر مون تي کلندا هئا ۽ ٺٺوليون ڪندا هئا سڪينه جو ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويندو هو ۽ سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي هئي. تڏهن پنهنجا افسانا (جن کي شاهڪار ۽ ادبي شهپارا سمجهڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا هوس) مون هند سنڌ جي سڀني رسالن کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. سوچيم، منهنجا افسانا رسالن ۾ شايع ٿيندا. ادب ۾ انقلاب آڻيندا ۽ ادبي ٽريفڪ لاءِ موڙ ثابت ٿيندا: ڇپيل افسانا مجلس جي ميمبرن کي ڏيکاريندس، ۽ کين ساڙيندس!
مون مختلف رسالن کي افسانا موڪلڻ شروع ڪيا. هند توڙي سنڌ ۾، ڪٿي به منهنجو افسانو شايع نه ٿيو، مون همت نه ڇڏي، ۽ روز هڪ غمگين افسانو ڪنهن نه ڪنهن رسالي کي موڪليندو هوس.
هڪڙي ڏينهن، سنڌ جي هڪ مشهور رسالي طرفان خط آيو جنهن ۾ لکيل هو ته خدا جي واسطي اسان جي حال تي رحم ڪريو ۽ افسانا موڪلڻ بند ڪريو. اسين سڀ، ايڊيٽر کان پٽيوالي تائين، اوهان جا غمگين افسانا پڙهي بيمار ٿي پيا آهيون!
پر مان نه مڙيس. روز ڪنهن نه ڪنهن رسالي کي هڪ افسانو موڪلي ڇڏيندو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن هڪ وڪيل جو نوٽيس آيو، جنهن ۾ لکيو هئائين ته افسانا لکڻ بند ڪر، نه ته توتي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي!
مان محبت ۾ جدائي سهڻ لاءِ تيار آهيان، پر قانوني ڪاروائي نه. مون افسانن لکڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو. ان ڏينهن کان پڪ ٿي ويئي اٿم ته افسانو دنيا جي سڀ کان فضول شيءِ آهي.
افسانن لکڻ جو خيال ترڪ ڪري سگهيس، پر سڪينه جو خيال دل مان ڪڍي نه سگهيس. پوءِ مون ڪرڪيٽ راند سان سڪينه جو پيار جيتڻ جي تحريڪ شروع ڪئي.
ڪرڪيٽ ٽيم ۾ مون وڪيٽ ڪيپر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. وڪيٽ ڪيپر اسٽمن جي پٺيان بيهندا آهن، ۽ ڀولڙن جهڙيون حرڪتون ڪندا آهن. کين ڪرتب ڏيکارڻ جا هزارين موقعا ملندا آهن. جيڪو وڪيٽ ڪيپر ڏاڍي مستي ڪندو، سو نالو ڪڍندو آهي.
گذريل يونيورسٽي ٽورنامينٽ ۾ مون پشاور يونيورسٽيءَ خلاف ڏاڍا ڪرتب ڏيکاريا. مستيون ڪندي، پاڪستان يونيورسٽين جون نئون وڪيٽ ڪيپنگ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيم. سڄي ميدان ۾ تاڙين جو ڦهڪو پئجي ويو. تماشائي اٿي بيٺا ۽ رنگين ٽايون، رومال ۽ مفلر لوڏڻ لڳا. ڇوڪرين پنهنجين ساڙهين ۽ رون جا پلئه ڦڙڪايا.
ان وقت ڀانيم ته سڀاڻي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. ڪجهه غير معمولي ٿيندو. سڪينه مون کي ڪلاس ٻاهران يا ڪاريڊار ۾ روڪيندي. چوندي، ”مبارڪ اٿئي، ايونس!“ مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندس. هوءَ چوندي، ”مون توکي غلط سمجهيو هو، ايونس، مون کي معاف ڪر،“ مان چوندس، ”نه، ائين نه چئه، سڪينه، مان محبت جي معاملي ۾ دقيانوسي آهيان. قدامت پسند آهيان.“ هوءَ کلندي، هلڪو ٽهڪ ڏيندي. پوءِ مان ڏينهن ـ رات محنت ڪري، ٽيٽران جون ٻه پتلون ۽ ٻه قميصون وٺندس، هڪ جوڙو بوٽن جو ۽ هڪ شوخ رنگ جي ٽاءِ وٺندس ... سڀاڻي ضرور ڪجهه نه ڪجهه غير معمولي ٿيندو. مان سوچيندو رهيس.
پر ٻئي ڏينهن ڪجهه به نه ٿيو! اهو ئي ٿيو، جيڪي روز ٿيندو هو. ڪاريڊار مان سڪينه کي ايندي ڏٺم. دل لاٽونءَ وانگر ڦرڻ لڳي. هوءَ جڏهن مون وٽان لنگهي، تڏهن سندس ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو، ۽ سندس شڪل وائي باديءَ جي مريضن جهڙي ٿي ويئي. هوءَ منهن ڦيري هلي ويئي.
ان ڳالهه جو مون کي افسوس ٿيو. مان ڪنڌ جهڪائي، يونيورسٽيءَ جي ورانڊن، لائبريري، جيمخاني ۽ ڪينٽين ۾ رلندو رهيس. اندر ۾ آند ماند هئي. مان سنڌوءَ وانگر وهندو رهيس، وقت وانگر ويندو رهيس. تڏهن پنهنجين اوڻائين جي ڌرتيءَ جو سينو چاڪ ڪري، پنهنجن اوڳڻن ۾ جهاتي پاتم. شڪل شيشا ڀڃندڙ، هرک جي قميص، زين جي اڇي پتلون، ۽ باٽا جو چمپل، منهنجي ميراث هئا. يونيورسٽيءَ جي امداد ۽ وظيفن جو محتاج هوس.
سوچيم، جنهن گنهگار ڇوڪريءَ تي دوزخ حرام ڪيو ويندو، سا مون سان محبت ڪندي ۽ پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳيندي.
مان سوچيندو رهيس، ۽ پل پل وانگر ختم ٿيندو رهيس. ڇوڪرا منهنجي ڪمال تي ڳالهائيندا رهيا، ۽ مان سڪينه جي جمال تي پور پچائيندو رهيس.
اخبارن ۾ فوٽا آيا. مبارڪن جا خط آيا. تارون آيون. پر دل ۾ خوشي موٽي نه آئي.
ان ڳالهه جو ذڪر جڏهن مقبول سان ڪيم تڏهن هن مون تي ۽ دنيا جي سڀني ننڍن وڏن عاشقن تي لعنت ملامت ڪئي. پوءِ چيائين، ”انڌا، اڄ تو امتياز احمد جو رڪارڊ ڀڳو آهي. موقعي جو فائدو کڻ. سڌو سنئون وڃي سڪينه کي آئوٽ ڪر.“
مقبول جي ڳالهه دل سان لڳي. پوءِ جڏهن لائبريري وٽ سڪينه منهنجي سامهون آئي، تڏهن کيس هٻڪندي هٻڪندي روڪيم. چيم، ”اڄ به مون سان نه ڳالهائيندينءِ؟ اڄ مان هيرو آهيان، سڪينه!“
چيائين، ”تون گنجي ٽڪر جو پٿر آهين! انسان ناهين، بنمانس آهين!“
”پر منهنجو پيار بنمانس ناهي!“
”توکي ڏسڻ کانپوءِ منهنجي طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي آهي.“ هن نڪ مٿي ڇڪيندي چيو. ”توکي مون سان محبت ڪرڻ جو حق ناهي.“
وراڻيم، ”مان فلمي ستارن جي من ـ پسند صابڻ لڪس سان منهن ڌوئندس ۽ روز تبت سنو لڳائيندس. پوءِ تنهنجي طبيعت خراب نه ٿيندي.“
”آءِ ايم ساري“، سڪينه وراڻيو، ”مان توسان ڪنهن به قيمت تي پيار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
هوءَ هلي ويئي. مان ورانڊي جي هڪ ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس.ڪجهه دير کان پوءِ مقبول آيو. چيائين، ”ايونس، ان پوز ۾ بلڪل گوريلو ٿو لڳين!“
مان خاموش رهيس. هو منهنجي جواب جو انتظار ڪندو رهيو. پوءِ چيائين: ”تو منجهه مجنونءَ جو بد روح گهڙي ويو آهي! تون آسيب زده آهين!“
مان ماٺ رهيس. هو ڪياڙي کنهندو هليو ويو. ستين پيرڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ، سڪينه پنهنجي ڪلاس مان ساهيڙين سميت نڪتي. خوشبوءِ اُڏائيندي لنگهي ويئي. منهنجا ڇپر ڳورا ٿيڻ لڳا.
هوءَ ورانڊو اُڪري، ساهيڙين کي کيڪاريندي ڳاڙهيءَ ووڪس ويگن ڪار ۾ وڃي ويٺي. ووڪس ويگن ڪار جو مالڪ، ايم. اي. پريوئس جو شاگرد سبحان علي هوندو هو، جنهن جو پيءُِ مامد علي جوڙيا بازار جو وڏو واپاري هو.
ووڪس ويگن جڏهن دز اڏائيندي هلي ويئي، تڏهن مقبول موٽي آيو. چيائين: ”ايونس، هڪ سائيڪل خريد ڪر ان کي ڳاڙهو رنگ هڻاءِ.“
”مان سڄيءَ عمر ۾ سائيڪل جو هڪ اشڪرو به خريد ڪري نه سگهندُس. منهنجو پيءُِ پوسٽ مين آهي.“
”ٽپال کاتي جي ڳاڙهي سائيڪل چوراءِ.“
”مان محبت ۾ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر چوري نه ڪندس.“
”پوءِ پٽ وڃي چنگ وڄاءِ!“ مقبول رڙ ڪندي چيو، ۽ پوءِ ڌرتي ڪٽيندو هليو ويو.
مقبول منهنجو پڪو سنگتي هوندو هو (اڃا به آهي)، ڪرڪيٽ ٽيم ۾ آف اسپن بالر (off-spin bowler) هوندو هو، بال کي ويڻيءَ ۽ آڱرين جي زور تي هوا ۾ ڦيرائي رانديگر کي ڀنواٽيون کارائيندو هو. هو منهنجي حال تي رحم کائيندو ۽ مون کي محبت کان باز رکڻ لاءِ اپاءَ ڳوليندو هو. پر مان سڪينه جي محبت ۾ دل جي دنيا لٽائي ويٺو هوس.
سڪينه جي بي رخي منهنجي لاءِ بي وفائيءَ کان گهٽ نه هئي. مون کي پڪ ٿي ويئي ته ان صدمي کان ٽن ڏينهن ۾ مري ويندس. ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن نه مئس ۽ اڳ وانگر جيئرو رهيس، تڏهن مون کي پنهنجيءَ محبت تي شرم آيو.
مقبول کي جڏهن پنهنجي جيئري رهڻ جي خبر ٻڌايم، تڏهن هن ٽوڪ هڻندي چيو. ”تون سڪينه سان قديم محبت جاري رک. ٽن هفتن يا ٽن مهينن ۾ مري ويندين. جيئرو رهين ته پوءِ انشا الله تعاليٰ ٽن سالن ۾ مري ويندين.“
”مان سڪينه جي محبت ۾ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور مري ويندس.“
”اهو ٺيڪ ناهي.“ مقبول چيو، ”سچيءَ محبت ۾ مرڻ جو عرصو مقرر هئڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ جيئڻ حرام سمجهجي.“
اهو سڄو ڏينهن مان محبت ۾ مرڻ لاءِ عرصي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. شام تائين جڏهن ان ڪم ۾ ناڪام رهيس، تڏهن امان کان گهر جي خرچ مان نو آنا وٺي، ريڪس سينيما ۾ فلم ڏسڻ ويس.
ريڪس سينيما جي جانو مڪرانيءَ سان منهنجي ياري آهي. مان کيس انگريزي فلمن جي آکاڻي، ڊائلاگ ۽ مطلب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌائيندو آهيان. ان جي عيوض جانو مون کي ڪڏهن ڪڏهن مفت ۾ فلم ڏسڻ ڏيندو آهي، يا قطار ۾ بيهڻ بنا ”رايل ڪلاس“ جي ٽڪيٽ آڻي ڏيندو آهي.
جانوءَ مون کي قطار ۾ بيهڻ کان اڳ ٽڪيٽ آڻي ڏني. ٽڪيٽ کيسي ۾ وجهي، سينيما جي ورانڊي ۾ فلم جا پوسٽر ۽ فوٽا ڏسڻ لڳس. ايندڙ فلمن جا اشتهاري فريم تصويرن سميت قطار ۾ رکيل هئا. مان هڪ هڪ فريم ڏسندو ويس. فريمن جي بلڪل وچ ۾ هڪ وڏي بنمانس جي تصوير رکيل هئي، جنهن تي فلم جو نالو لکيل نه هو. حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هئي جو بنمانس کي اڇي هرک جي قميص، زين جي پتلون ۽ پيرن ۾ باٽا جو چمپل هو! قميص جون ٻانهون ڏورن تائين کنجيل هيس، ۽ ڪارن وارن سان ڍڪيل گول ۽ مضبوط ٻانهون چيلهه تي رکيون هيس. سندس مٿي جا وار پريشان، ۽ اکيون وڏيون، ميرانجهڙيون ۽ گهاٽين پنبڻين سان ڍڪيل هيون. اوچتو بنمانس ٻانهن مٿي ڪري، پنهنجي نرڙ تان وار پري ڪيا. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. پاسي ۾ بيٺل سنهڙا سڪل ٽيڊي ڇورا کلڻ لڳا. ٻيهر غور سان بنمانس ڏانهن ڏٺم... سامهون هڪ فريم ۾ آئينو کتل هو، ۽ آئيني ۾ منهنجو پنهنجو عڪس هو!
ان ڏينهن مون کي پڪ ٿي ويئي ته دنيا جي ڪابه ڇوڪري مون سان محبت ڪري نه سگهندي.
مان شايد اداس رهڻ لڳو هوس. ان جو اثر منهنجيءَ راند تي به پيو، هڪ مئچ ۾ مون اڌ ڊزن ڪئچون ڪيرائي ڇڏيون، ۽ جڏهن بئٽنگ جو وارو آيو، تڏهن ”انڊو“ کنيم. اها مئچ اسان بڇڙي نموني هارائي. پوءِ مئچن هارائڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، هر هارايل مئچ جي ذميواري مون تي هوندي هئي. مان سچ پچ درياهي گهوڙي وانگر ماٺيڻو ۽ سست ٿيندو ويس.
هڪڙي ڏينهن يونيورسٽي ڪئنٽين ۾ مقبول، کاٻڙيو بالر نسيم ناڪو، ۽ بئٽسمين ميزان ڪوفتو، مون کي ورائي ويا.
نسيم ناڪوءَ چيو، ”توکي ڇا ٿي ويو آهي، ايونس؟“
ميزان ڪوفتي چيو، ”تنهنجي ڪري اسان ڏهه لاڳيتيون مئچون هارايون آهن.“
وراڻيم: ”مون کي ٽيم مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ عشرت کان وڪيٽ ڪيپنگ ڪرايو.“
”چريو ته نه ٿيو آهين، ڀوڪ!“ نسيم چيو، ”تون پاڪستان جو چئمپئن وڪيٽ ڪيپر آهين. پنهنجو نالو خراب ڪرڻ ٿو چاهين!“
”منهنجو ڪوبه نالو ڪونهي.“
”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي!“
”مان زندگي کان بيزار ٿي ويو آهيان.“ مون سخت غمگين لهجي ۾ وراڻيو.
تڏهن اوچتو مقبول مون کي ڪنڌ کان وٺي ڌونڌاڙيو، ۽ منهن ۾ گهروڙي ڀونڊو ڏنو، چيائين، ”دئوس، محبت ڪرڻي ٿئي ته ماڻهن وانگر ڪر، مجنونءَ جي ڪاپي نه ڪر!“
”زهر کائي مري وڃان؟“ ڪنڌ ڪڍائيندي پڇيم.
”پنجاهه رپيا کيسي ۾ وجهي، سڪينه کي وڃي ٻانهن ۾ هٿ وجهه. ”مقبول ڏند ڪرٽيندي چيو. ”اسين وڌيڪ مئچون هارائڻ لاءِ تيار نه آهيون!“
وراڻيم، ”مون زندگيءَ ۾ پنج رپيا به نه ميڙيا آهن پنجاهه رپيا ڪٿان آڻيندس؟“
”ڪٿان به آڻ. چوري ڪر، ڌاڙو هڻ!“ مقبول چيو، ”پنجاهه رپيا پيدا ڪر، تڏهن تنهنجي کوپريءَ مان محبت جو ڀوت نڪرندو.“
”مان بنمانس آهيان،“ چيم، ”سڪينه مون سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪندي.“
”دنيا جي هر عورت جيڪا پيسي سان پيار ڪندي آهي، سا بنمانس سان به محبت ڪري سگهندي آهي.“
گهٻرائيندي وراڻيم، ”توهين آلجبرا ڳالهائي رهيا آهيو.“
”ايونس، تون دئوس آهين.“
”مان نحوس آهيان. محبت کان توبهه ڪئي اٿم“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ ڪوفتي چيو، ”ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسان کي تنهنجي ڪفن دفن جو بندوبست ڪرڻو پوندو.“
مقبول همدرديءَ ۽ حب سان سمجهائيندي چيو، ”پنجاهه رپين ۾ تون بلڪل چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويندين.“
”پر مان پنجاهه رپيا ڪٿان آڻيان. بابا!“
”ڪتاب وڪڻي ڇڏ.“
”ڪتاب منهنجا ناهن، اُڌارا ورتا اٿم.“
”ڪپڙا وڪڻي ڇڏ.“
”مان جيڪڏهن پنهنجي سڄي خاندان جا ڪپڙا وڪڻي ڇڏيان، تڏهن به پنجاهه رپين جا نه ٿيندا.“
ناڪوءَ صلاح ڏني، ”توکي پوئربوائز فنڊ مان امداد وٺي ڏينداسين.“
وراڻيم، ”مون کي رانديگر ۽ غريب هئڻ ڪري يونيورسٽيءَ مان امداد ملندي آهي، محبت لاءِ چندو نه ملندو.“
مقبول ڪم جي صلاح ڏني: ”راندين ۾ کٽيل ڪپ وڪڻي ڇڏ.“
ان صلاح جي سڀني تائيد ڪئي، ٻه وڏا ڪپ، جن ۾ هڪ ڪپ وڪيٽ ڪيپنگ جي نئين رڪارڊ قائم ڪرڻ تي مليو هو، ۽ ٽي ننڍا ڪپ، سٺ رپين ۾ وڪڻي ڇڏيم، ڏهين ـ ڏهين رپين جا پنج نوٽ سڪينه جي قدمن تي رکندس، ۽ کيس هٿ نه لاهيندس. پنهنجي اخلاق جو جهنڊو بلند رکندس. محبت کي بدنام ٿيڻ نه ڏيندس. کيس چوندس، پنجاهه رپين جي عيوض تون مون سان ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ڪندي رههُ. هوءَ چوندي، ”مان بدنام آهيان، ايونس!“ مان ورائيندس، “مون کي ڪنهن جي پرواهه ناهي. مان ٽيڪم جو لوهه آهيان. دنيا جي بي رحم سيني ۾ اڌ تائين لهي ويندس. مان توسان شادي ڪندس. توکي خوش رکڻ لاءِ ڏينهن ـ رات محنت ڪندس. يونيورسٽيءَ جا جيڪي ڇوڪرا توکي اجايو بدنام ڪندا آهن، تن سان وڙهندس. سڀ کان اول مقبول کي ماريندس، جنهن کي خبر آهي ته تون پنجاهه رپين ۾ نيلان جي ساڙهيءَ يا ٽي سيٽ وانگر وڪامي ويندي آهين...، تڏهن مقبول مون کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي. ڌونڌاڙيو، گهٻرائجي هن ڏانهن نهاريم، هو يونيورسٽي آفيس جي سامهون شاگردن جي هڪ ڊگهيءَ قطار وٽ بيٺو هو.
فخر ۽ ندامت سان کيس ٻڌايم، ”منهنجي کيسي ۾ سٺ رپيا آهن!“
مقبول چيو: ”پاسي واريءَ دريءَ مان فارم وٺي اچ!“
حيرت مان پڇيم، ”سڪينه جي بڪنگ، فارم تي ٿيندي آهي ڇا؟“
”دئوس!“ مقبول چيو، ”اڄ ايم. اي. فائينل جي لاءِ فارم ڀرڻ جي آخري تاريخ آهي.“
”آخري تاريخ آهي!“
”ها، آخري تاريخ آهي، مسٽر عاشق!“ مقبول ڳالهائيندو رهيو: ”تنهنجي گهر جي فرسٽ اليون يعني يارهن ڀاتين لاءِ ٻوڙ ماني ڪمائڻ جي سند حاصل ڪرڻ لاءِ پوئين تاريخ آهي!“
”ڪالهه ته تو اها ڳالهه نه ٻڌائي هئي.“
”تون گذريل چوڏهن سئو سالن کان هوش ۾ ناهين، مسٽر قيس رحمته الله عليه!“ مقبول چيو. ”گذريل چوڏهن صدين ۾ تون هر دفعي عشق ڪندو رهيو آهين. ۽ تنهنجي گهر جا ڀاتي سڪل مانيءَ کي لوڻ ـ مرچ لڳائي کائيندا رهيا آهن.“
”آءِ ائم ساري ...“ مون وراڻيو.
”ساري مان ڪم نه هلندو. فارم وٺي اچ.“
”پر مون وٽ امتحان جي فيءَ لاءِ پنجونجاهه رپيا ته نه آهن.“
”اڳهاڻو جو چيئه پئي ته تو وٽ سٺ رپيا آهن؟“
”اُهي ته محبت لاءِ آهن!“
”پٽ، سال ٿو وڃيئي!“ مقبول چيو. ”في الحال محبت جو خيال ملتوي ڪري ڇڏ ۽ جلدي فارم وٺي اچ!“
پاسي واريءَ دريءَ مان فارم ورتم. ڀت تي رکي ڀريم. پوءِ وڃي مقبول جي ڀر ۾ بيٺس (يونيورسٽيءَ جا رانديگر قطار ۾ نه بيهندا آهن). ڇوڪرن جي قطار کان ڪجهه پرڀرو، ڇوڪرين جي قطار هئي. قطار ۾ دريءَ وٽ سڪينه بيٺي هئي. ڪنڌ جهڪيل هوس. هوءَ ڏسڻ ۾ بيحد سهڻي پيئي آئي. چاهيم، دل جا در کولي کيس پنهنجي ساهه ۾ سمائي ڇڏيان.هوءَ جيئن آهي، جهڙي آهي، کيس پنهنجي روح جو دائمي حصو ڪري ڇڏيان. مان سوچيندو رهيس، ۽ کيس لاڳيتو گهوريندو رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ، هن جهڪيل نگاهون مٿي کنيون. اسان جون نظرون هڪ پل لاءِ ملي، ڌار ٿي ويون.
سڪينه جو ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو.

1966