ڪھاڻيون

اندرا

”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“

  • 4.5/5.0
  • 3423
  • 1697
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Indra

انــدرا

اندرا اڄ پورن اٺن سالن کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ جي اسٽيشن تي بيٺو آهيان. اندرا! ڇا هيءَ ساڳي اسٽيشن آهي جنهن تي تو مون کي جنگ تان موٽڻ بعد گلن جا هار وڌا هئا؟ نه، نه. يقينن هيءَ ساڳي اسٽيشن نه آهي. ان وقت سورج ديوتا توکي پنهنجي سونهري چادر ۾ لپيٽي حسن ۽ محبت جي ديوي ڪري منهنجي سامهون آندو هو. هينئر ته هت گهگهه اوندهه آهي. پر، هيءُِ پپر جو وڻ ته ساڳيو آهي، ۽ هيءُ فانوس ٽنگڻ جو ڪلو به ته اڃان اتي لڳل آهي. ها، هيءَ ته ساڳي اسٽيشن آهي. پر اندرا، تون اڄ ڪٿي آهين؟ اڄ تون مون کي اسٽيشن تي ملڻ به نه آئينءَ؟ شايد هن وقت تون بي خبريءَ جي هنج ۾ الوٽ آهين. اڄ مان پاڻ تنهنجي اڳيان سر ٽيڪڻ ايندس پر اسٽيشن جو بابو ڪٿي آهي! مون کان ٽڪيٽ ڪير وٺندو؟ شايد هو سمهيو پيو آهي! ها، هن کي سمهڻ ئي گهرجي. هن وقت رات جا چار وڳا آهن. هن مهل ڪير جاڳندو هوندو؟
اُف، ڪهڙي نه سخت ٿڌ آهي. پارو ڄمي ويو آهي. اسٽيشن تي هوا ڪجهه گهٽ هئي پر ڳوٺ ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي هوا شايد منهنجو انتظار ڪري رهي آهي. هيءَ سڙڪ اڳي کان ڪجهه بهتر پئي لڳي. شايد پاڪستان سرڪار جي مهرباني آهي! پر، هي ڪتو ڇو روئي رهيو آهي؟ هن کي ته کلڻ گهرجي. هن کي ڪهڙي خبر ته مان پنهنجي دل جي ديويءَ جا درشن ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. منهنجي من جي مها راڻي! ديوي! منهنجي ساهه جو سرور، اندرا. منهنجو جيءُ جيئاريندڙ اندرا، منهنجي اندر جي اندرا، مان اچي رهيو آهيان. مان اچي رهيو آهيان. اميدن جا ڏيئا ٻارڻ، تنهنجي اڳيان سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ، تو تان سڀ ڪجهه نڇاور ڪرڻ لاءِ مان اچي رهيو آهيان.
هي پيچرو شايد منهنجي ڳوٺ جو آهي. شايد ڇو! سچ پچ منهنجي ڳوٺ جوئي آهي. اوهو. هن پيچري تي ڪيترا نه ڪنڊا آهن. منهنجو چمپل به ته پوين پساهن ۾ آهي. ويچارو ڪيئن ڪنڊن سان ڪڇندو.
ڪُڪُڙَ ٻانگ ڇو ڏيئي رهيا آهن؟ ڇا سونهاري سج جي سواري اچي رهي آهي؟ يقينن هو اچي رهيو آهي ۽ پوءِ، هي بيوه جي ڏيئي جيان ٽيڪندڙ تارا موڪلائي ويندا. هي جهان به ته هڪ مسافر خانو آهي. جنهن ۾ هڪڙا اچن پيا ۽ ٻيا وڃن پيا. سج جا ڪرڻا ڪهڙا نه موهيندڙ آهن. ڪاش! ڪنهن بيوس جو بخت به هڪوار سونهاري سج جيان روشن ٿئي.
هن گهٽيءَ ۾ اڳ ڏاڍي رونق هوندي هئي. پر هينئر صرف هي ٻه مهاڻا سامهون اچي رهيا آهن. اٺن سالن ۾ ايترو فرق! ۽ سڀ جايون به ته سڪرات ۾ پيون آهن. هون! هن کوهه جو پاڻي به ته خراب ٿي ويو آهي. هي بڙ جو وڻ به ته سڪي ويو آهي. اندرا، هيءُ ساڳيو وڻ آهي جنهن تي پاڻ ٻئي پينگهه لڏندا هئاسون. تون سانوڻ جا ڳيچ ڳائيندي هئينءَ ۽ مان جهومندو هوس. اندرا مان تو کان اُهي گهڙيون وٺڻ اچي رهيو آهيان. مان تنهنجي ياد تازي ڪندس. هيءُ اسڪول به ته اجڙي ويو آهي! اندرا، هن اسڪول ۾ تو ۽ مون ڪيئي سال گڏ پڙهيو آهي. ماستر صاحب جڏهن منهنجي هٿ تي بيد جي لڪڻ جي بارش ڪندو هو، تڏهن تنهنجي نرگس نيڻن ۾ پاڻي اچي ويندو هو، ۽ ڪڏهن ته تنهنجين اکين مان نار وهي نڪرندا هئا ۽ مان بيقرار ٿي ويندو هوس. ۽ جڏهن موڪل ملندي هئي تڏهن تون منهنجا مضبوط هٿ پنهنجن نازڪ هٿن ۾ کڻي ڏسندي هئين. ۽ آلين اکين سان مون تي هڪ نظر وجهي خاموش ٿي ويندي هئينءَ. ٻئي ڏينهن باغ ۾ ويهاري ۽ سبق ياد ڪرائي پوءِ اسڪول وٺي ويندي هئين. اندرا اهي سهڻا سمان گذري ويا ۽ هينئر ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهنداسين. اندرا، مان توکي وٺڻ آيو آهيان، اندرا، تنهنجو پريمي تنهنجي پوڄا ڪرڻ آيو آهي. اندرا، هيءُ ساڳيو واهه آهي جنهن جي ڪپ تي تون ۽ مان چانڊوڪين راتين ۾ سير ڪندا هئاسين ۽ هڪ رات مون توکي سير ڪندي چيو هو. ”اندرا منهنجا ٻه ڀڳوان آهن. هڪ مون کي پيدا ڪيو ۽ ٻيو مون کي جياري رهيو آهي.“
ڪجهه، دير تون، منهنجو منهن حيرت وچان تڪيندي رهي هئين، ۽ پوءِ تو چيو هو، ”پريمي، اهي ڳالهيون پاپ آهن. اسان جو ڀڳوان هڪ آهي.“
مون ٽهڪ ڏنو هو ۽ چيو هو، ”اندرا، جنهن ڀڳوان مون کي پيدا ڪيو آهي، ان کي مان ڏسي نٿو سگهان، پر، جيڪو ڀڳوان مون کي جياري رهيو آهي، تنهن کي ڏسي سگهان ٿو.“
”پريمي تون جيارڻ واري ڀڳوان کي ڏسي سگهين ٿو؟“
”ها اندرا! مان کيس ڏسي سگهان ٿو. هو منهنجي تمام ويجهو آهي.“
مون تنهنجي حيرت ۾ اضافو ڪيو ۽ تو هيڏانهن مون ڏانهن نهاريندي پڇيو، ”پريمي! ڪٿي آهي تنهنجو ٻيو ڀڳوان؟“
”اندرا! منهنجو ٻيو ڀڳوان تون آهين.“
۽ تون شرمائجي وئينءَ ۽ تنهنجي نازڪ ڳلن تي حيا جي ڳاڙهاڻ اچي وئي هئي ۽ تو آهستي مشڪندي چيو هو، ”ديوانا“. اندرا! تنهنجو ديوانو اڄ اچي رهيو آهي. تنهنجو پتنگ اڄ اچي رهيو آهي. مان ديوانو آهيان. تنهنجي محبت ۾ ٿيل ديوانو، مون اٺ سال اٺ صديون سمجهي گذاريا آهن. مان غريب مسڪين مسلمان، ڇورو ڇنو هيس ۽ تنهنجي پيءُِ مون کي پنهنجي اجهي ۾ کنيو. هن مون کي پڙهايو. هن جي محبت مون کي فرش کان عرش تي پهچايو. آخر مان بمبئي يونيورسٽي مان ڊگري وٺي آيس. ان ڏينهن تنهنجي خوشي جي ڪابه انتها نه هئي. تون پنهنجين سهيلين کي ٽڙندڙ مُک سان ٻڌائي رهي هئينءَ، ”پريمي ڊگري وٺي آيو آهي.“
پر مان پنهنجن خيالن ۾ گم هوس. مون توکي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. پر اسان جي وچ ۾ سماج جي ڀت ۽ مذهب جو پهاڙ هو، پر مون توکي ٻڌايو هيو، ”اندرا! مان هي سماجي ٻنڌڻ ٽوڙيندس. منهنجو ڪوبه مذهب ڪونه آهي ۽ نڪو تنهنجو ئي ڪو آهي. پاڻ صرف پيدا ڪرڻ ۽ مارڻ واري جا بندا آهيون. سماج جا نه! مان تو منجهه سمائجي ويندس، ۽ پنهنجي وجود کي فنا ڪري ڇڏيندس.“
هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ ۾ انگريز مائي باپ آيا ڇونه اچن. آخر هنن جي ئي ته حڪومت هئي. ۽ ڳوٺ جي جوانن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي تربيت ڏيڻ لڳا. ٻين کي ڏسندي مون به پنهنجو نالو ڏنو ۽ توکي دلاسا ڏيندي ته جنگ ۾ ڪوبه خطرو نه آهي ۽ مان مهيني کن ۾ موٽي ايندس، هنن سان هليو ويس. مون کي هت پنهنجي ڊگري ڪم آئي ۽ هنن مون کي هڪ جٿي جو نائب ڪپتان ڪري رکيو. اسان کي سخت محنت ڪرائي ويندي هئي. اسان جي تربيت شروع ٿي چڪي هئي. مهينو گذري ويو، مون کي تنهنجو خيال ستائڻ لڳو. سڄي ڏينهن جي سخت محنت کان پوءِ ٻيا سڀ جڏهن الوٽ هوندا هئا، تڏهن مان تنهنجي جدائي ۾ هنجون هاريندو هوس. ويهه ڏينهن ٻيا به گذري ويا. هڪ رات جنگ جي منحوس خبر ريڊئي تان نشر ٿي ۽ نار آبشار وانگي اُٿلي پيا. اسان کي هڪدم موڪل ڏني ويئي ته اسان پنهنجن گهرن مان ٿي اچون. ۽ ٻئي ڏينهن مان تنهنجي اڳيان فوجي ڊريس ۾ بيٺو هوس ۽ تو مون کي آبدار اکين سان ڏسي هڪدم منهنجي سيني تي سر رکي سڏڪا ڀرڻ شروع ڪيا. مون توکي دلداري ڏيندي چيو هو، ”اندرا! تون منهنجي جيءَ جو جيارو زنده آهين ته پوءِ مان مري نٿو سگهان.“
”پريمي مان توکانسواءِ جالي نه سگهندس!“
”چري!“ مون تنهنجا ڳوڙها پنهنجي رومال سان اگهيا هئا ۽ چيو هو، ”مان جلد موٽي ايندس.“
تون پنهنجي پيءَُ کي ڏسي ڊوڙي وڃي هن جي سيني سان لڳينءَ ۽ سڏڪا ڀريندي چيو هيئه ”دادا! ... هن کي روڪيو.“
۽ دادا جي اکين ۾ به پاڻي ڀرجي آيو هو، پر ضبط ڪري هن چيو هو ”پٽ! هيءُ ديس جي شيوا ڪرڻ وڃي رهيو آهي.“
توهان ٻئي مون کي اسٽيشن تائين ڇڏڻ آيا هئا. گاڏي آئي، ۽ مان دادا سان ڀاڪر پائي مليس. هن جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا ۽ مون پاڻ تي ضبط ڪندي چيو هو، ”دادا! مان جلد موٽندس.“
۽ جڏهن مان تنهنجي ويجهو آيس. تڏهن تون هڪدم ڊوڙي اچي منهنجي سيني سان لڳينءَ. ”پريمي! مان مري ويندس.“
تنهنجي انهن اکرن منهنجي نيڻن جي نار جا بند کولي ڇڏيا. مون توکي پنهنجي مضبوط سيني سان لڳايو، تو وري چيو هو، ”پريمي! مان تنهنجو انتظار ڪندس.“
منهنجي ڳوڙهن جي رفتار ۾ واڌ اچي وئي. اسان کي ان حال ۾ پسي سڀ هڪ ٻئي جو منهن تڪي رهيا هئا ۽ دادا حيران هو، ڄڻ کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. گاڏيءَ سيٽي وڄائي ۽ ... ۽ مون توکي، آهستي پنهنجي سيني کان الڳ ڪيو. ۽ رائيفل ڪلهي تي اٽڪائي تڪڙو تڪڙو وڃي گاڏي ۾ ويٺس. مان توکان دور هليو ويس. دور ... تمام دور فرانس .... ۽ جرمنيءَ جي ميدانن ڏانهن. مون کي پڪ هئي ته مان نه مرندس. ڇوجو منهنجو جيارڻ وارو ڀڳوان اڃان زنده هو. مان لڙيس ۽ بي جگريءَ سان لڙيس. هڪ ڏينهن اسين پيش قدمي ڪري رهيا هئاسين ته دشمن جي هوائي جهازن اسان تي حملو ڪيو، اسان جون ٽئنڪون تباهه ٿي ويون. اسان جون موٽرون، جيپون گم ٿي ويون. چئن سالن جي عرصي ۾ پهريون ڀيرو مون موت جي اوندهي گهر ڏانهن وک وڌائي. پر جڏهن منهنجي اک کلي ته پنهنجي ڀرسان هڪ نرس کي بيٺل ڏٺم. هوءَ مشڪي رهي هئي. مون اٿڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو، ”نرس! منهنجي رائيفل...“
هن مون کي سمهاريندي چيو، ”توهين زخمي آهيو.. ۽“
”۽ ڇا؟“
”جرمن هارايو آهي. جنگ ختم ٿي آهي.“ نرس مون کي ليٽائيندي چيو، ”توهان کي هفتي کان پوءِ گهر وڃڻ جي موڪل ملندي.“
مان حسرت ڀرين نظرن سان پنهنجي پٽين ٻڌل ٻانهن کي ڏسڻ لڳس. ڪاش! اهو زخم نه هجي ها! ڪاش!
ڊاڪٽر اهڙي ايجاد ڪن ها جو اهو زخم ڪلاڪن ۾ نه، منٽن ۾ نه بلڪه سيڪنڊن ۾ ڀرجي وڃي ها، ۽ مان، ۽ مان تو وٽ اُڏامي اچان.
مون نرس کي چيو ته هوءَ توکي خط لکي. ۽ پوءِ جڏهن مان اسٽيشن تي پهتس ته تون پرڀرو هڪ بئنچ جي ڀر ۾ بيٺي هئينءَ، ۽ دادا هڪ هڪ گاڏو ڏسي رهيو هو. هن مون کي ڏٺو پر سڃاتو ڪين. ڇو جو منهنجي مٿي ۽ نراڙ تي پٽيون ٻڌل هيون ۽ هڪ ٻانهن به زخمي هئي. مان چپ چاپ گاڏيءَ مان لٿس ۽ تنهنجي سامهون اچي بيهي رهيس. ڪجهه دير تو مون ڏانهن ڏٺو. تنهنجي اکين مون کي سڃاڻڻ لاءِ ڪجهه مهلت ٿي گهري. تنهنجيءَ دل شايد هڪدم چيو، ”اهو ئي ته آهي منهنجو پريمي! ديوانو!“
تون اٿي بيٺينءَ، ۽ مون ٻانهون کوليون. تون ڊوڙي اچي منهنجي ڇاتي سان لڳينءَ. تنهنجي نيڻن جا نار وهي نڪتا. زخمي ٻانهن منهنجي ڳلي سان لڙڪيل هئي. مون ٻئي هٿ سان تنهنجو منهن مٿي ڪيو. ”اندرا! مان اچي ويس نه!“
”پريمي!“ خوشي وچان تون وڌيڪ ڪجهه ٻولي ڪين سگهينءَ.
”اندرا! مان تنهنجي لاءِ جيئرو رهيس.“
ايتري ۾ دادا آيو ۽ مان هن سان مليس. ”گل ڪٿي آهن؟“ دادا پڇيو.
تو منهنجي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار وڌا جن جي سرهاڻ مان هينئر به محسوس ڪري رهيو آهيان. هڪوار وري اسان جي دنيا ۾ خوشيءَ جا ڳيچ هئا. پر، اها بهار جي مند به ٻن ڏينهن جي هئي. قسمت کي ڪجهه ٻيو منظور هو، اندرا! آخر اهو ڏينهن اچي ويو جنهن ڏينهن لاءِ ... مهاتما گانڌي وِرت رکيا، جيل ڪاٽيا.
اندرا، تون ان ڏينهن ڪيتري نه خوش نظر اچي رهي هئينءَ. تو آزادي جا ڏيئا روشن ڪيا. خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا. پر توکي ڪهڙي خبر ته آزاديءَ جو ٻج معصومن ۽ بي گناهن جي رت سان پوکيو ويندو. تو پڇيو هو، ”پريمي! هينئر ته اسان آزاد آهيون. هينئر ته اسان کي ڪنهن جي غلامي ڪڍڻي ڪانه پوندي؟“
”اندرا، اسين اڃا به غلام آهيون، غلام آهيون هن پاڙن کاڌل سماج جا.“
تون منهنجون ڳالهيون ٻڌي ٽهڪ ڏنو هو ۽ چيو هو، ”ديوانا“
ٻئي ڏينهن صبح جو اسان جي گهر جو در کڙڪيو، ۽ مون تنهنجي دل ڏاريندڙ چيخ ٻڌي. مان پيرين اگهاڙو ٻاهر نڪري آيس. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن مون پرئي مڙس جي پٽ ۽ سندس ساٿي جي هٿ ۾ خنجر ڏٺا. هو توکي ڌمڪائي رهيا هئا. مان هڪدم اندر ڪمري ۾ گهڙي آيس. ٻي مهل جڏهن ٻاهر آيس ته منهنجي هٿ ۾ اها رائيفل هئي جنهن سان مون سوين نازي جهنم ڏانهن رمندا ڪيا هئا.
هينئر به ٻه ڏسڻا وائسڻا بدمعاش منهنجي سامهون بيٺا هئا. مون ڪجهه ڪڇڻ کانسواءِ رائيفل جو گهوڙو دٻايو. هو ٻئي اسان جي اڱڻ ۾ لڇڻ لڳا. توتي خوف جو غلبو ٿي ويو. ”پريمي تو هي ڇا ڪيو.“
”اندرا، اها انهن جي سزا هئي.“
ويرم بعد شهر ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي ته مون دلاور جو خون ڪيو هو. شام جو مان پوليس جي حراست هيٺ هوس. تنهنجي اکين مان آب جاري هو. مون چيو هو، ”اندرا مان حق تي آهيان، ۽ هميشه سچ جي ئي فتح ٿيندي آهي.“
دادا مون کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ وسان ڪين گهٽايو. مون تي ڪيس هليو. تون هر شنوائيءَ تي ڪورٽ ۾ ايندي هئينءَ، تنهنجي منهن تي ڏک جا پاڇولا پڌرا هوندا هئا. تنهنجي نرم ۽ نازڪ ٻانهن ۾ چوڙيون به ڪونه هونديون هيون. جڏهن ڪيس جي شنوائي هلي ته منهنجون فوجي خدمتون نظر انداز نه ڪيون ويون. مون کي ڏهه سال سخت پورهئي سان سزا ملي. ۽ تنهنجي مٿان غم جو پهاڙ ڪري پيو. اندرا، جيل وڃڻ کان اڳ مون توسان آخري ملاقات ڪئي هئي ۽ تنهنجا آخري جملا اڃا تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. ”پريمي! تو دنيا جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ ٿي چاهيا. پر دنيا هر دفعي توکي پنهنجي لوهي چنبي ۾ قابو ڪري ورتو، تو مون کي حاصل ڪرڻ چاهيو پر دنيا پاڻ ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيو. اسان جا خواب اڌورا رهجي ويا. منهنجو اميدن جو باغ برباد ٿي ويو. پريمي تنهنجي ڀڳوان کي توکان جدا ڪيو پيو وڃي. پر تون ڪوبه افسوس نه ڪر. اسان جا روح مليا پيا آهن. قالب نه مليا ته ڇا ٿيو! پريمي مان تنهنجو انتظار ڪندس ... مان تنهنجو ... انتظار ...“
تون سڏڪا ڀرڻ لڳينءَ. توکي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسي مان بي قرار ٿي ويس. مون پنهنجو مٿو لوهه جي شيخن سان ٽڪرائڻ ٿي گهريو، پر مان مجبور هوس. مون توکي دلداري ڏني هئي، ”اندرا! هي ڏهه سال اکٻوٽ ۾ گذري ويندا. اندرا مون جڏهن پهريون ڀيرو توکي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو ته سماج جي بيڪار ڀت اسان جي وچ ۾ آئي. ٻيو دفعو مون جڏهن توکي حاصل ڪرڻ ٿي گهريو تڏهن تقدير مون کي جنگ جا ميدان ڏيکاريا، ۽ مان اتان به بچي آيس. مون موت کي شڪست ڏني! ها موت کي! ان موت کي جو ٻار کي يتيم ڪري ٿو، ڀيڻ کان ڀاءُِ ڦري ٿو، پيءَُ کان پٽ کسي ٿو، پر تنهنجي پريميءَ کي تو کان جدا ڪري نه سگهيو. اندرا، مون توکي وري حاصل ڪرڻ گهريو ... ۽ پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو تنهنجي اڳيان آهي. اندرا! تون منهنجو انتظار ڪجانءِ.“
گڏجاڻيءَ جو وقت ختم ٿيو ۽ تون مون کان جدا ڪيئي وئين. ۽ تنهنجي هلڪي چيخ هوا ۾ گونججي ويئي.
اندرا مون جيل ۾ پهرن جا پهر جنڊ هلايو آهي. جڏهن منهنجي هٿن ۾ لڦون پئجي وينديون هيون تڏهن مان تنهنجي ياد ۾ بيقرار ٿي ويندو هوس. ڪاش! تون مون کي ان حالت ۾ ڏسين ها! جڏهن ڏينهن جي سخت محنت بعد سڀ قيدي پنهنجي اونداهين ڪوٺين ۾ گهڙندا هئا ۽ پوءِ بيخبر ٿي سمهي رهندا هئا، ڄڻ دنيا سان سڀ ناتا ٽوڙي ڇڏيندا هئا. تڏهن مان تنهنجي ياد ۾ پيو لڇندو پچندو هوس.
اندرا مون کي ٻه سال معافي ملي آهي. ها ٻه سال مون تي احسان ڪيو ويو آهي! مون شايد ڪنهن فرشتي جو خون ڪيو هو. دلاور واچوڙو بنجي منهنجي ٻرندڙ ڏيئي کي وسائڻ آيو هو. منهنجي ڀڳوان کي ختم ڪرڻ آيو هو. پر کيس ڪهڙي خبر ته ڀڳوان جو پوڄاري اڃا زنده آهي. مون هن کي موت جي اونداهي غار ۾ اڇلي ڇڏيو. هاڻ هو اسان کي ستائي نه سگهندو. ڪنهن جي به ڀڳوان کي ڇهي نه سگهندو. اندرا توکي ياد آهي، ته دلاور مون کي ڇا چوندو هو؟ چوندو هو، اندرا هندو ۽ تون مسلمان آهين. توهان جي محبت اجائي آهي!“
ڪاش! هو بيوقوف انسان زنده هجي ها ته مان کيس ٻڌايان ها ته منهنجو ڪوبه مذهب نه آهي، ۽ نه ئي اندرا ڪنهن مذهب جي پوڄارڻ آهي. اسين ته انسان آهيون ... صرف انسان فقط انسان. اندرا کي منهنجي لاءِ ۽ مون کي اندرا لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. اندرا، تون منهنجي آهين، منهنجو روح، منهنجي جان آهين. منهنجي اندرا، دنيا مون کي ديوانو سڏي ٿي. چوڌري چوي پيو، تنهنجي اندرا مري ويئي! چريو! بي عقل! کيس ڪهڙي خبر ته ڀڳوان ڪڏهن به نه مرندو آهي! اندرا، تون به ڪڏهن نه مرندئينءَ ... منهنجي محبت جي گرمي توکي هميشه زنده رکندي، ها هميشه لاءِ.
اندرا! اندرا، هي مان ڇا ڏسي رهيو آهيان؟ اسان جي گهر جا کنڊر، جتي تو ۽ مون پنهنجو ننڍپڻ گذاريو آهي. مان ته توسان ملڻ آيو هوس. اندرا، مان توکي پنهنجي بنائڻ آيو هيس. مان سماج کي شڪست ڏيڻ آيو آهيان. تون منهنجي مدد ڪر. اندرا، ڇا سچ پچ تون مري؟ نه .... نه، ڪڏهن به نه. منهنجي محبت اڃان زنده آهي. اندرا، ڇا تون قسمت جي رڻ پٽ ۾ رلي ويئينءَ؟ اندرا! اندرا! پنهنجي پتنگ کي جواب ڏي. اندرا، اندرا مان موٽي آيو آهيان. تنهنجو پريمي! ڏس منهنجي قميص به ڦاٽي پئي آهي. تون ٽوپو به نه ڏيئي ڏيندينءِ؟ اندرا، منهنجا پريشان وارا ڏس. منهنجي اکين جي چوگرد ڪهڙا نه دردناڪ حلقا پئجي ويا آهن. ڇا اڄ منهنجي حالت تي ڪوبه رحم نه کائيندو؟ اندرا، خدا جي واسطي منهنجي مسڪين حالت تي رحم کاءُ اندرا! ڇا سچ پچ تون موت جي اونداهين غار ۾ ڀٽڪي رهي آهين؟ اندرا! پياري اندرا! منهنجي مٺڙي اندرا! جي اهو سچ آهي. ته پوءِ مان موت جي پُٺ وٺندس. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن جي ڳولا ڪندس. اندرا! جي مان ان ۾ به ڪامياب نه ٿيس ته پوءِ مان توکي سمنڊ ۾ ۽ آسمانن تي تلاش ڪندس. اندرا، مان تنهنجي محبت ۾ ديوانو ٿي ويندس. مان چريو آهيان، مان ديوانو آهيان، اندرا ... اڄ کان پوءِ ماڻهو مون کي تنهنجو مجنون سڏيندا.

1955