ڪھاڻيون

اندرا

”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“

  • 4.5/5.0
  • 3423
  • 1697
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Indra

ٻه چور

سڄي شهر ۾ ميرل ۽ پيرل جي نالن جي ڌاڪ ويٺل هئي. ٻئي زبردست چور هئا. ڳئون مينهون ڇوڙڻ ته هنن لاءِ ڏائي هٿ جو ڪم هو. هو پنهنجي فن ۾ ايتريقدر ته ماهر هئا، جو راتو واهه بيٺل فصل به لڻي ويندا هئا. ڀريا گهر ڀينگ ڪري ڇڏيائون.
سندن ڪاميابيءَ جا راز ٻه هئا.
کين خبر هئي ته سج ۽ چنڊ سندن ڌنڌي جا دشمن آهن، اِن ڪري چوريون فقط اُماس جي ڪارين راتين ۾ ڪندا هئا. ٻٽَ ٻڌي، ڪاريون چادرون ويڙهي، وڻن جي پاڇن ۾ ڇپندا، جاين جي ڇتين تي چڙهي ويندا هئا. وڇوٽيون ماپيل ۽ قدم ڄميل هوندا هئن. معمولي کڙڪو به کانئن ڪونه ٿيندو هو. اتفاق سان ڪو ڀاتي جاڳي به پيو، ته هو هوا ۾ ڪهاڙيون ڦيرائيندا، اوندهه ۾ جذب ٿي ويندا هئا. هنن جي مهارت اڳيان پوليس به هٿ مهٽيندي رهجي ويئي هئي.
ٻيو ته هنن اتحاد جو پورو پورو فائدو ورتو هو. ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي چوريون ڪندا هئا. سخت کان سخت خطري ۾ به، ٻانهن ٻيلي ٿي مصيبت جو مقابلو ڪندا هئا. اڪيلي سر نه ميرل جي چوريءَ تي نڪرندو هو، ۽ نه ئي پيرل.
نه ڪنهن سندن صورت ڏٺي هئي، ۽ نه ئي ڪڏهن سندن آواز ڪنهن ٻڌو هو، نه ٻنهي جو نالو معلوم ڪري سگهيا هئا. سندن ڪارنامن جي سڌ مون کي ڪيئن پئي، سا ڳالهه اوهان کي پوءِ ٻڌائيندس.
سڄي شهر ۽ پاسي وارن ڳوٺن ۾ اِهو وهم ويهجي ويو ته ٻيئي آدم جو اولاد نه، هو آتش جو اولاد هئا. ڪو کين جن سمجهندو هو ۽ ڪو ڀوت. عورتن ۽ پير پرستن فيصلو ڪيو ته ٻنهي وٽ ٺڪر شاهه جو تعويذ هو. اِهي افواهه چئني طرف پکڙجي ويا. ميرل ۽ پيرل جي چابڪدستيءَ کي ٺڪر شاهه جي تعويذ جي ڪرامت سمجهي، سڄي خلقت اچي ٺڪر شاهه جي تڏي تي ٽٽي. ٺڪر شاهه، جيڪو لڪ ڇپ ۾ چرس جو واپار ڪندو هو، تنهن جا ڏينهن ڦري ڀيڄ ۽ راتيون ڇيڄ ٿي پيس. ماڻهن ميرل ۽ پيرل جي ڊپ کان درن ۾ تعويذ ٽنگي ڇڏيا. اڳ ميرل ۽ پيرل ماڻهن جا گهر خالي ڪري ڇڏيا هئا ۽ هينئر ڳوٺاڻا پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو مال ميڙي ٺڪر شاهه کي نذرانو ڏيڻ لڳا. الهڙ جوانڙيون، رون ۾ ناريل ۽ پتاشا کڻي. سانجهيءَ ٽاڻي ٺڪر شاهه جي اوتاري تي اينديون هيون، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هَڙَ ۽ وَڙَ وڃائي واپس ورنديون هيون.
هڪ رات، اوچتو ئي اوچتو، ميرل ۽ پيرل واچوڙي ۾ لاٽ وانگر گم ٿي ويا. چوريون بند ٿي ويون، اڳ جو گهر جا ڀاتي اَڌ اَڌ رات جو اُٿي ڪڙا ڪُنڍا جاچيندا هئا، تن کي به آرام جي ننڊ نصيب ٿي، خوف ماڻهن جي دلين تان لهي ويو، ۽ هر طرف سانتيڪي زندگي ڦهلجي ويئي. آهستي آهستي ماڻهن ميرل ۽ پيرل جو نالو وساري ڇڏيو.
ميرل ۽ پيرل جو گم ٿيڻ به ٺڪر شاهه جي ڪرامتن سان وابسته ٿي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ ٺڪر شاهه جو نانءُ اهڙو ته چمڪيو آهي، جو پري پري کان نامرادَ مرادون ماڻڻ لاءِ ۽ بي اولاد اولاد حاصل ڪرڻ لاءِ سندس اوتاري تي ڳِجهن وانگر ڳچيون ڪڍيو ويٺا هوندا آهن. هنن اٻوجهن کي اهو ئي ويساهه ته ٺڪر شاهه جي تعويذن ميرل ۽ پيرل جو اَنت آندو!
ميرل ۽ پيرل جي گم ٿيڻ پٺيان ڪهڙو راز هو، ۽ ان راز ۾ ڪهڙي حقيقت لڪل هئي، تنهن جي خبر مون کان ۽ منهنجي هڪ جگري دوست کانسواءِ ٻئي ڪنهن به بني بشر کي ڪانهي. مان هن راز مان ان ڪري واقف آهيان جو منهنجو نالو ”ميرل“ آهي. ۽ منهنجي سنگتيءَ جو نالو آهي ”پيرل!“
اسين رٿيل پروگرام موجب چوريون ڪندا هئاسين. اوندهه اسان جي دوست، ۽ روشني دشمن هئي. ان ڪري جڏهن به چوريءَ تي نڪرندا هئاسين، تڏهن هر طرف ماٺ ۽ رات جي چادر دنيا تي چڙهيل هوندي هئي. هڪ چوريءَ جا زيور مان کڻندو هوس، ۽ پيرل پيسا روڪڙ ۽ ٻيو مال. ٻيءَ چوريءَ جا زيور پيرل کڻندو هو، ۽ مان ٻيو مال. ان ورڇ ۾ ڪڏهن به ڦير گهير ڪانه آئي.
چوريءَ لاءِ اول هڪ ڀريو گهر تاڙيندا هئاسين. گهر جي نقشي کي سمجهڻ ۽ مال جي اندازي لڳائڻ لاءِ، پيرل ۽ مان مَنڊي ۽ انڌي فقير جو ويس ڪري نڪرندا هئاسين. منتخب ڪيل گهر ٻاهران ماني ڳڀي ۽ پاڻي چڪي جي سَئنَ هڻي، خيرات وٺندي، هڪ نظر ۾ چپو چپو جاچي ڇڏيندا هئاسين. اهو هميشه جو دستور هو. ڪڏهن به نقشي سمجهڻ ۽ ان کي چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ بنا چوريءَ تي نه نڪتاسين.
هت مان فقط اوهان کي ان چوريءَ جي باري ۾ ٻڌائيندس، جنهن ۾ اسان پنهنجي معمول ۾ ڦيرو آندو ۽ جنهن کان پوءِ اسين وري ڪڏهن به ڪاري چادر ويڙهي ۽ ٻُٽَ ٻڌي رات ۾ ٻاهر نه نڪتاسين.
اها اسان جي پروگرام جي پوئين چوري هئي. چوريءَ لاءِ هڪ ڪلارڪ جو گهر چونڊيوسين. نقشو سمجهي ورتوسين، جنهن ڏينهن فقيراڻو ويس ڪري مال جو اندازو لڳائڻو هو ان ڏينهن پيرل بيمار ٿي پيو. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مان اڪيلي سر لُولو فقير ٿي ٻاهر نڪتس. اونهاري جا ڏينهن هئا. آسمان پڄري رهيو هو. مان ڪلارڪ جي گهر ٻاهران اچي بيٺس. گهٽي ويران هئي. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، ٻيڪڙيل دريءَ کي لٺ سان ڌڪو ڏنم. دريءَ جو تاڪ ٿورڙي وِٿ ڪري، اٽڪي پيو. وِٿ مان ليئو پاتم. مون سئن هنئي: ”آهي ڪو سخي، هن لنگڙي کي پاڻيءَ چڪو پيئاري!“ گهر اندر خاموشي رهي.
ڪجهه دير کانپوءِ، ٽين جي پيتين سُرڻ جو آواز ڪن پيم. وِٿ مان جهاتي پاتم، ڏٺم ته هڪ ڪراڙي مرد ۽ ڪراڙيءَ عورت هڪ ٽين جي پيتي آڻي کٽ تي رکي ۽ پاڻ به کٽ تي ويهي رهيا. پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، احتياط سان پيتيءَ جو پُڙ لاٿائون. منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. پيتيءَ ۾ سون جا زيور ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. عورت دُهري کڻي جاچي ڏٺي، ۽ پوءِ سخت مايوس آواز ۾ چيائين:
”هوبهو اصلي سون جهڙا پيا لڳن!“
مڙس وراڻيو: ”چاندي به نج ناهي، ان ۾ به جست مليل آهي.“
”خواب ۾ به نه سوچيو هوسين ته اسين ڪڏهن اهڙا بي ايمان به ٿي سگهون ٿا!“
مڙس وراڻيو: ”هي ڏيتي ـ ليتيءَ جو زمانو آهي، زهره جي ماءُ! جي بي ايمان نٿا ٿيون ته ڇوڪريءَ جو سڱ ڪير وٺندو.“
”پر اسان جو ڪوڙ آخر ڪيستائين لڪي سگهندو!“
”کٽي زهره جي قسمت!“ ڪراڙي مڙس چيو.
”سچ ٿا چئو، سڀ مڙيئي قسمت جا کيل آهن.“
”ٺڪر شاهه کي وساري ڇڏيو اٿئي ڇا!“
”کانئس ڪو تعويذ تڙو ڪرائينداسين.“
”الله چڱي ڪندو.“ مڙس چيو. ”الائي ڪهڙو زمانو آيو آهي، محنت ۽ ايمانداريءَ مان ڪمايل موڙيءَ کي پرکڻ وارو به ڪوبه ڪونهي!“ هن پيتيءَ مان نوٽن جي ننڍڙي ڳنڍ ڪڍندي آهه ڀري.
نوٽ هزار يا ڏيڍ هزار کن رپين جا هئا.
مان دريءَ جي وٿ وٽان هٽي ويس. جهٽ جاءِ تي پهتس. اُن چوريءَ جي روڪڙ پيرل کي، ۽ زيور مون کي کڻڻا هئا. اٽڪل لڙائيندي، پيرل کي چيم: ”يَر پيرل، پوئينءَ ڀيري توکي زيور گهٽ هٿ لڳا هئا. هن دفعي مال سوکو اٿئي. سڀ زيور تون کڻجانءِ ۽ مان روڪڙ.“
پيرل پڇيو: ”نقصان ۾ ته نه رهندين؟“
”هزار کن پلئه پوندم.“
”يَر، ڀڃڪڙي چڱي ناهي.“
”پرواهه نه ڪر، پيرل! جوان جو سنگتي آهين، ميرل ڪو ڀاڙي ڪونهي!“
پيرل منهنجي ڳالهه مڃڻ تي مجبور ٿي پيو،
هڪ اونداهيءَ رات ۾، ٻه پاڇا ڪلارڪ جي گهر ۾ داخل ٿيا، بدنصيب ڀاتي! اگهور ننڊ ۾ کونگهرا هڻندا رهيا، ۽ سندن اُميدن جي پيتي اسان جي کنڊر ۾ پهچي ويئي. پيرل جهڙو آزمودگار چور به دوکو کائي ويو. زيور ڏسي کڻي نعرو بلند ڪيائين. زيور ٻنهي هٿن ۾ جهلي، جُهمر پائڻ لڳو. سندس نادانيءَ تي ازخود کلي ويٺس.
يار کي دوکو ڏيڻ تي دل راضي نه ٿي. سمهڻ مهل سوچيم ته صبح جو کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. کيس سچ سچ ٻڌائيندس ته زيور نقلي آهن. ان کان وڌيڪ، پيرل لاءِ منهنجي من ۾ تَر جيتري به مُر نه هئي.
صبح جو منهنجي اک ڪجهه دير سان کلي. پيرل ڀنڀرڪي جو اٿي، زيور کڻي، شهر ڏانهن روانو ٿي ويو هو. پوءِ، جيئن ماڻهن کان ٻڌم، هن زيور جڏهن وڪڻڻ لاءِ صرافه اڳيان رکيا ته هن هڪ نظر ۾ فريب جو ملمو تاڙي ورتو. کڻي پيرل کي سوگهو ڪيائين. پيرل اهڙو ته پختو نڪتو جو پوليس سان به سچي نه ڪيائين. زيور ڪوڙا هئا. ان ڪري ڪلارڪ به ڪنهن کي خبر ڪانه ڏني. باقي پيرل کي دوکي سان ڪوڙن زيورن وڪڻڻ جي الزام ۾ ٻه سال جيل جي سزا ملي.
جنهن ڏينهن پيرل جيل روانو ٿيو، تنهن ڏينهن کان مون به چوريءَ کان بان ڪئي. پيٽ گذر لاءِ هڪ ٻيو ڌنڌو اختيار ڪيم. ماڻهن مشهور ڪيو ته اها سڀ ٺڪر شاهه جي ڪرامت هئي، جو ميرل ۽ پيرل گم ٿي ويا.
مان پيرل جي سزا جا ڏينهن ڪجهه ڏينهن تائين ته ڳڻيندو آيس، پر ڌنڌي جي مشغوليءَ سبب، ڏينهن سنڀالڻ ڇڏي ڏنم، هڪ ڏينهن، اوچتو، پيرل منهنجي سامهون اچي بيٺو.
منهنجي منهن جو پنو لهي ويو، سوچيم ته پنهنجو بدلو ضرور وٺندو. پر جڏهن غور سان سندس منهن ۾ نهاريم، ته اُتي دوستي، حب ۽ سڪ بکي رهي هئي.
”مون کي خبر نه هئي پيرل، ته زيور ....“ مون هٻڪيو.
”پرواهه نه ڪر، ميرل، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي.“
”مان ... “
”پراڻي قبر نه کوٽ،“ هن چيو، ”ٻڌاءِ، خوش ته آهين!“
”ها.“
”ٻه سال ڪيئن گذاريا اٿئي؟“
”چوريءَ جو ڌنڌو ڇڏي ڏنو اٿم.“
”چڱو ڪيئه.“
”۽ هينئر،“ مون زهر آلود مرڪ سان چيو، ”هٿ جو پورهيو شروع ڪيو اٿم. چڱي اُپت آهي.“
مون کي ڳراٽڙي وڌائين: ”مان به جيل مان ان ڪم ۾ ماهر ٿي نڪتو آهيان.“
”سچ.“
”ها.“
”پوءِ ڀلا، ڪڏهن ٿو ڪمال ڏيکارين؟“ مون پڇيومانس.
”اڄ شام.“
”ڪٿي؟“
”چوسول وٽ منهنجو انتظار ڪجانءِ“ ائين چئي، پيرل هليو ويو.
شام جو چوسول وٽ پهتس. پيرل اڃا نه آيو هو. سوچيم، پيرل ڀلا ان هنر ۾ مون سان ڇا پڄندو! وري خيال آيو، جيستائين هو اچي، ڇونه ڪجهه مشق ڪري وٺان! اک ڇنڀ ۾ هڪ ڪراڙي پارسيءَ جو ٻٽون کسڪائي ورتم. سامهون هڪ بوري سيٺ پئي آيو. مان پاسيرو ٿي بيٺس. جيئن ئي ٺيلهو هڻي، سندس کيسو صاف ڪري وِکَ وڌايم، ته ڪنهن منهنجيءَ هٿن ۾ هٿ وڌو. منهنجو خون خشڪ ٿي ويو.
”اچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي.“
”اوه! پيرل آهين.“
”ها.“ هن هڪ طرف هلندي چيو: ”اچ ته توکي ڪاريگري ڏيکاريان.“
”منهنجي ڪاريگري ڏسندين؟“
”ها پوءِ. هينئر منهنجو هنر هلي ڏس.“
هڪ ڪارخاني ۾ داخل ٿيندي چيائين: ”اچ.“
ڪارخاني ۾ غاليچا آڻجي رهيا هئا. هڪ وڏي ڪمري ۾ پهچندي چيائين: ”مان هت ڪم ڪندو آهيان.“
”تون؟“
”ها. جيل ۾ غاليچن اُڻڻ جي تربيت ورتي هيم.“
”هن هنر جي باري ۾ پئي ٻڌايئه!“
”ها. هن هنر ۾ نه خوف آهي نه خطرو، نه ضمير جي ملامت آهي، ۽ نه سزا جو ڊپ.“ هن اعتماد سان چيو: ”پنهنجي هنر تي فخر اٿم!“
سندس لفظن منهنجن ڪنن ۾ سُيون ٿي چڀايون.
چيائين. ”جيستائين پورهئي جي ڄاڻ نه هيم، تيستائين اڻواقف هوس.“
مان حيرت سان سندس منهن تڪيندو رهيس.
اڏاڻي وٽ ويهندي چيائين: ”سکيو اٿم ته هنر ۽ محنت انسان جي عظمت جا مضبوط مهارا آهن.“
مان ساڻس اک ملائي نه سگهيس.
ڪارخاني جي در وٽ، پنهنجون آڱريون ۽ ٻانهون جاچيم. نگاهون ريکائن تي رڪجي ويون، ۽ پيرل جو آواز منهنجي روح ۾ گونجندو رهيو: ”هنر ۽ محنت، انسان جي عظمت جا مضبوط سهارا آهن!“

1963