مختلف موضوع

دادلو درياهه

هي ڪتاب ”دادلو درياهه“ سنڌو درياهه بابت هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ فقير الله بچايو لغاري آهي. هو لکي ٿو:
”درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي. “
Title Cover of book دادلو درياهه

دادلو درياه

چين تبت ۽ ڪيلائش هندستان کان وهي ايندڙ سنڌو ندي ڪشمير، هماليه افغانستان ۽ پنجاب کي لتاڙيندي، پنج ند کان سونهاري سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. سنڌ اهو ديس آهي جتي دادلو ڌڌڪا ڏئي وهندو آهي.
سنڌوءَ جي لهرن جي لس ليٽ، ميٽاين ۽ لڙاٽيل جَر جا جلوه، ڳهيلو سنڌو، اُڀي تار، ڪنين تار، ٻوڙان ٻوڙ ڪري، ڪڏهن ته مهر جي ٻوڏ آڻي، ته ڪڏهن ڪاوڙيلو ديوتا بنجي کٻي، سڄي قهر ڪيو ڇڏي.
تاريخي حوالن جي ته گهڻي ڄاڻ ڪا نه اٿم، تاهم اهو ڄاڻان ٿو ته دادلي درياهه جي دهشت ۽ وهڪ، سنڌ جي سيني کي چيري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ماتا سنڌو ايشيا جي سڀني دريائن کان سرموڙ آهي. دادلي جي گُرگاٽ سان وهڪري ۾ اهڙي تک اٿس، ڄڻ ڪو نرينو ڍور رنڀندو ڊوڙندو ٿو اچي جيڪي به چرندڙ چيزون آهن، تن جي رفتار ۾ ايتري تک ناهي، جهڙي دادلي درياهه جي.
گلگت ۽ گلشير جو سير ڪندي سنڌو ندي جڏهن پنجاب ۾ پيهي ٿي ته اتان جون پنج نديون، راوي، جهلم، چناب، ستلج ۽ بياس اچي ان ۾ سمائجي وڃن ٿيون ۽ پوءِ سنڌ ۾ سنڌو ندي ڦوهه جواني جي جوش ۾ وهي ٿي ۽ خاص ڪري سانوڻ ۾ جڏهن هماليه جي اٿاهه برف پگهرجي ٿي ۽ چئوطرف چوماسي وارا برساتن جا وسڪارا پون ٿا ته سنڌو ندي مست ٿي، ڪيهر شينهن وانگر گجگوڙ ڪري، ڇُلڪندي، ڇَم ڇَم ڪندي، مستي ۾ لڏندي، لمندي پنهنجي گهوٽ سمنڊ سان وڃي سنگم/سماگم ڪري ٿي. اهو دادلو درياهه سنڌ جو ساهه ۽ جياپو آهي، نه ته سرسبز سڀاڳي سنڌ بدلي اتي ويران رڻ پٽ هجن ها، سارو سنڌ ان درياهه مان نڪتل، واهن، شاخن، ڪڙين، ڍنڍن، ڍورن ۽ واهڙن جي ڄار سان ڇانيو پيو آهي. گهڻا واهه ۽ نهري نظام، انگريزن جي صاحبي ۾ کوٽايا ويا هئا ته جيئن لکين ايڪڙ زمين تي پوکرائي ٿي سگهي. منهنجي سانڀر ۾ پاڻي جو جهجهو حصو انهن واهن ۾ نيڪال ڪيو ويندو آهي پر تڏهن به بعضي بعضي وڏيون ٻوڏون ٿينديون رهن ٿيون ليڪن ڪجهه سالن کان انهي نماڻي ۽ ننڌڻڪي سنڌو ندي تي ڪيئي ڊيم اڏي سنڌ کي سرڪي لاءِ تڙپايو پيو وڃي. ڊيمن کان اڳ ته درياهه شاهه مشڪندو، جهولندو، هڪ نه ٻئي سال ڪچي واسين کي حاڪماڻي حِشمت ڏيکارڻ لاءِ ٻوڏ ڪري گوشمالي ڪندو رهندو هو. جنهن جي خوشي ۾ ڪچي واسين، انسانن جهنگلي جانورن، جيتن، پکين پکڻن، وڻن ٽڻن، آبي جانورن، آبي پکين، زمينون ٻيلا، مالوند، ماڻهن جون حياتيون وڌي وينديون هيون.
درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي.
پندرهن ويهه سال اڳ دادلو درياهه ڪچي واسين کي ڏڪار جا ڏنڀ ڏئي ويو هو. ليڪن وري آگسٽ 2010ع ۾ سنڌ واسين ۽ ڪچي واسين جون دعائون اگهاڻيون، نقصان به ڪافي کان زياده ٿيا ته جانيون به کوڙ ساريون کسي ويو. کٻي، سڄي، شهر، ڳوٺ، واهڻ، بستيون ويران ڪري ڇڏيائين پراسرار رمزن رنڱيل سنڌو درياهه ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي.پر ڪچي واسي ۽ ڪنڌي واسي پوءِ به چونداسين ته ”ٻڏي جا ٻيڻان“
سنڌ اهو روماني ديس آهي، جتي درياهه ڌڌڪا ڏئي وهندو آهي. جڏهن سانوڻ ۾ درياهه چڙهندو آهي، يڪي ڪاڇي ۽ لاڙ جا ماڻهو به پنهنجي خفي ۽ ڪشمڪش جي حرارت مٽائڻ لاءِ درياهه تي تفريح لاءِ ايندا هئا. دادلي درياهه کي سنڌ واسي سڪ مان سنڌو ندي به چون. سنڌ جي سينڌ به چون، سنڌو به چون ته مهراڻ به چون. چوڻ ۾ اچي ٿو ته پنج ند کان مٿان بچاءُ بند آهن ئي ڪونه. صرف پنج ند کان هيٺ درياهه جي ڇوڙ تائين ساڄي توڙي کاٻي کان بچاءُ بند ٻڌائي ڪچي پڪي جو تصور سمجهيو ويو آهي. تنهنڪري سرزمين سنڌ کي به علائقن جي سطح تي کوڙ سارا نالا ڏئي ورهايو ويو آهي.
جيئن ڪچي جو علائقو بچاءُ بند کان درياهه تائين، پڪي جو علائقو جنهن ۾ نهري نظام تحت بچاءُ بند کان اندريون حصو هجي ”ڪاڇو“ جو علائقو، جنهن ۾ صرف مينهن جي وَسَ تي آبادي هجي، ”ٿر“ جتي به وارين جا ڍير ۽ ڀٽون هجن ٿيون، ان علائقي ۾ گهڻي ڀاڱي وس تي آبادي ٿيندي وغيره.
اڳ گهڻو ڪري آسماني تارن، موسمن ۽ رُتن جي ڦيرين گيرين تحت وڏڙا اهڃاڻ ٻڌائيندا هئا، ان مطابق گهڻو ڪري ٻوڏون به ٿينديون هيون ته وس به ٿيندي هئي.
اڳ موسمن آهر دادلي جي وهڪ جا ڪيئي طور طريقه نت نرالا آهن. ۽ پڻ درياهه سان لاڳاپيل وصفون پڻ بيان ڪجن ٿيون.جهڙوڪ: ماٽي لڙها/ ماٽري لڙها، پائڪ، ڪن، پٽيون، سير، اوڀارو، لهوارو، لسهڙو، تار، تانگهو، ٻيٽ، ڍنڍ، واهڙ، ڍورا، چِڪڻ، کِنجهو، اُڀ ڪپري، تَڙَ، ٻِيڻ، جهول، ڪُهري لانگها، لهر، ڇولي، دُٻا، کوهيون، ڇَڇَ، ڇَرَ، ڪنڀال گهيڙ، آجهار، جهوڪو، ٻِه درياهي، نڙي، تَلهر گُڻنب.
درياهه جا آبي پکي ۽ ويراڳي پکي
نيرنگ، ڪرڙو، آڙي، پيڻ، لاکو ڄاڃي، ٿوراندو، منگهه، چوئي، جهنجهري، ڏوريو، سانءَ، ٻراهي، رتبو، لنگهو، ڊرگوش، جهرو، چيخلو، بدڪ، سرندو، ڪانيرو، کنڀو، هنج، چڪور.

دريائي ڪپرن جا خشڪي جا پکي
تتر، تلور، ٻاٽيرو، ڪروان، ڪونج، چيها، باز ڪُڙل، شهباز، پٽ تتر، ڳاڙهو ڳيرو، اڇو ڳيرو، ڀونترو، ٻوڙي جهرڪي وهيو، گگهه.
درياهه جي ڪپرن جا خشڪي جانور:
ڦاڙهو، مرون، گدڙ، سهو، جهنگ ٻلو، بگهڙ، سيڙهه، لومبڙ، ڦيڪاري، ڄاهو.

درياهه جي ڪپرن جا جيت:
نانگ بلائون، ککر، ماکي، مڇر، ٻنڊو، وڇون، ڀنڀوري، ڀنڀوري نما پاڻي جو جيت، ماڪڙ، سانڊو.

درياهه جا لٽ:
چيڪو، ٻهر، واري، نوڙ، ڦوڙي ڌُٻڻ، چور گپ.

درياهه جا آبي جانور:
واڳون، سيسر، انڌي ٻلهڻ، لڌڙو، ڪمي، ڪڇون، ڏيڏر.

درياهه جي مڇي:
آبي پلو، ڪرڙو، موراکو، ٿيلهي، شهڪر، ڄرڪو، سينگاري، کڳو، ڪانگٽ، گندڻ، ڏاهي، گوج، درو، گل خام، گراسي، پاپليٽ، سوڻي، پوپري، مانڇري، ڇلي، مُرد، ڦاٻڻيون، ملير، لهڙ، فوجي کڳو، ڊينگڻون.

مڇي مارڻ جا رڇ هلٽ ۽ طريقه:
سنبوهي، پاکونڙو، ڪترو نڙو، ڏورا، ڪلوئڙا، گهائو رڇ، ڪڙهي، ٻانڌو، جهلپ، ڀن، کوڙ چوڻا، ٽنب ڄارو.

درياهه ۾ ترڻ جا سنڊ ۽ طريقه:
سيڻهه، تنبو/ ڪدو، گهڙو يا مٽ، پنڊيون، لُورو، تُرهو، ٻانهڙ، ڳُجهڙ.
واضح رهي ته هي مواد صرف دادو مورو پل / مخدوم شهيد بلاول پل کان سيوهڻ تائين درياه ۽ ڪچي سان سلهاڙيل ساڄي توڙي کاٻي پاسي، جيڪي ٻيلا، ڳوٺ، ذاتيون، پتڻ، ڍنڍون، ڍورا، واهڙ، دٻا، مال جا ڀاڻ، شڪاري، ڀلوڙ ماڻهو ۽ محدود ترڻ، تير هڻڻ ۽ سواري ڪرڻ تي مشتمل آهي. اگر چه ڪجهه غلطيون يا تسلسل اڳيان پويان هجن ته معافي جو خواهستگار آهيان. ڪوتاهيون درگذر ڪري ڇڏيندا.

فقير الهبچايو لغاري