باب چوڏهون: منهنجو ڳوٺ لغاري بجراڻي
مشتاق باگاڻي به ڳوٺ جي تاريخي مواد مان گهڻي ڄاڻ رکي ٿو.
تاريخ جي پڪي ڄاڻ نه هوندي، صرف وڏڙن جي واتان ٻڌندا پيا اچون ته ڳوٺ لغاري بجراڻي جو وجود چئن مانجهي مردن جي همت ۽ بهادري سان پيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي چارئي ڀائر هئا. احمد خان، بجر خان، باگو خان ۽ ڏاتو خان لغاري. هونئن ته لغاري ذات پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ گهڻي آهي، پر هتي صرف ڳوٺ لغاري بجراڻي سان تعلق رکندڙ قصي کي آندو ويو آهي. مذڪوره چارئي ڀائر ڳوٺ چاڪر ڪوٽ لغاري جا هئا. جيڪو ڳوٺ نئين گاج جي اوڀر ۾ ڪاڇي علائقي تعلقه جوهي ضلع دادو ۾ واقع آهي. ڪاڇو وس تي آباد هو. ڪڏهن سُڪر تي ڪڏهن ڏُڪر! انگريزن جو دور هو، هتان جا مير ۽ سَهتا به انگريزن سان ٻِٽ هئا. تنهنڪري گهٽ ۽ غريب ذات ۽ راڄ کي ڪو نه سگهندا هئا. چارئي ڀائر روزي ۽ رهائش جي تلاش لاءِ نڪري پيا. پاڻ ۾ صلاحون ڪري موجوده ڳوٺ لغاري بجراڻي، منتخب ڪيائون. اڳ شايد هي ڳوٺ سهتن جو هو، جو انهن جا بنگلا ۽ ويهڪون موجود هيون. ڳوٺ جي ڪوه کن اوڀر ۾ مير شير محمد خان ۽ مير ٺاري خان وارن جو شڪار گاهه چئجي ڪوٽ اڏيل هو. وقتن پڄاڻان ميسارجي ڊهي ويو، پر اڄ تائين دڙن جي صورت ۾ موجود آهي. ڀائنجي ٿو ته مير صاحبان به پنهنجن ڪڙين تي قابض هئا. مهتا به هٽائي واپاري ۽ شاهوڪار هئا.
وَسُون ۽ ٻوڏون گهٽ هئڻ سبب لغاري ڀائر به اچي موجوده واهڙ وٽ جيڪو گچيرو پراڻو کان ڪوهه کن اولهه طرف واقع آهي. انهي ڪپر تي منهڙا اڏي ويٺا ليڪن انگريزن مهتن ۽ ميرن جي چرت تي لغارين کي ويهڻ کان منع ڪيائون. لغارين نابري واري جهيڙو جوٽيائون، باگو خان مارجي پيو، ليڪن سوڀارا لغاري ٿيا ۽ ويهي ويا. پوءِ چاڪر ڪوٽ کان چئني ڀائرن جو ڪيڙ ايندو ويو ۽ موجوده ڳوٺ ۾ ويهي ويا. اڳ ته الائجي ڪنهن جو ڳوٺ هو. لغارين جي قابض ٿيڻ کانپوءِ اهو ڳوٺ لغاري بجراڻي بنجي ويو. نائون مل جي جاگير جي ڪجهه ايراضي تي به قابض ٿي ويا. پهريائين ته مُڙهي هئا پر پوءِ ڇُڳي ڇُڳي ٿي ويا ۽ پوءِ ڀائرن مان ڪيچ ٿي راڄ ٺهي ويا. ڳوٺ ٻجهي ويا، پاڙا ٺهي ويا. باگي مان باگاڻي، احمد خان مان احمداڻي، بجر خان مان بجراڻي ۽ ڏاتي خان مان ڏاتاڻي ٿي ويا.
باگي خان جي آڪهه ڪجهه ڪچي رهي ۽ ڪجهه ماڻهن پڪي تي زمين وٺي وڃي آباد ٿيا. ڳوٺ شبير آباد نالي، حاجي ڪرم علي ۽ حاجي صحبت علي باگاڻي نالي به ڳوٺ ٻجهي ويا. جيڪي اڄ تائين آباد آهن. هي ڳوٺ شاهپور جهانيان کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي اوڀر طرف آباد آهن.
حاجي ڪرم علي لغاري (باگاڻي)، زوار گل حسن لغاري، (باگاڻي، زوار الهه ڏتو لغاري باگاڻي، حاجي صحبت علي باگاڻي، نظر علي خان باگاڻي، غلام محمد ۽ غلام حسين (ڦڏائي) لغاري مولڻائي) وارا هن ڳوٺ جا ڏهيسر ڳنوار ۽ محبتي ماڻهو هئا. پنهنجو وارو وڄائي ويا. هن وقت نئين ٽهي ۾ مشتاق علي باگاڻي، عاجز اسلم مولڻائي، ڪُهنه مشق اديب آهن. قلم کي خوب ڪڏائي رهيا آهن. قمبر علي، مولوي نجف علي، الهه جڙيو، علي دوست به مڻيادار محبتي آهن، شل جواني ماڻين.
ڳوٺ لغاري بجراڻين جو حاجي علي محمد سهراباڻي به لڏي شبير ڳوٺ کان ڏکڻ طرف ڪوهه کن جي مفاصلي تي ڳوٺ حاجي علي محمد / حسين آباد نالي ڳوٺ ٻڌائي ويهي ويو. ڪجهه لغارين جي ڳوٺ جا ٻيا به انهي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا جن ۾ چڪراڻي پاڙو به هو. حاجي علي محمد لغاري، سهراباڻي، پاڙي سان تعلق هوس. محنت مزوريون ڪري ٻني ٽوٽا هٿ ڪيائين. ماني مڇي وارو بنجي ويو. حج ۽ زواريون به ڪيائين وڏي عمر ماڻي وصال ڪري ويو. ليڪن نرينه اولاد ڪو نه ٿيس. راوت تر ۾ پيري طور سڃاتو وڃي ٿو. حاجي علي محمد جو ڀائٽيو، غلام نقي لغاري سهراباڻي، ساٿي رهيس. هن ڳوٺ ۾ به ميوو، دائم، قاسم فقير، راوت، غلام نقي خان وارا واهه جو ڀاڳ ڀريا مڙس هئا. پنهنجي جوڳ پوري ڪري ويا. هن وقت غلام مصطفى ولد غلام نقي، علڻ ولد علي حيدر، محمد خان ولد نظر علي، جعفر علي ولد دائم ڳوٺ جي چڱن ۾ شمار آهن. شل خوش هجن آمين. ڏتاڻين مان ڪجهه ته ڪاڇي ئي رهجي ويا ۽ ڪي ڪچي آيا ته ڪن وڃي مورو کان اوڀر ٽمور تي زمينون وٺي ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيا. جن ۾ علودو خان مولڻائي، علو ۽ جڙيو ڏتاڻين، محمد حسن ڏتاڻين، غلام قمبر ڏتاڻين وارا واهه جو وارو وڄائي ويا. محمد بخش ڏتاڻين ۽ حاجي خانڻ ڏتاڻين ته اهڙا اَسيل يار ويس، شڪاري، ڀوڳائي ٿي گذريا آهن جو صديون گذرندي به نه وسرندا. هن وقت به مير خان ولد محمد بخش، علودو ولد محمد عالم عنايت ولد حاجي خانڻ، ولد امام بخش جوٽ جوٽيو پيا اچن! شل! خوش هجن آمين. احمد خان مان احمداڻي راڄ ٿيو. احمداڻي ڳوٺ جيڪو لغاري بجراڻي سان لڳ ڏکڻ ۾ هو ۽ پائجي ويو. هن وقت به ڇڙو ڇڙ ڪيٽي ۾ آباد آهن. احمداڻين به دادلي جي ڪنڌي نه ڇڏي، ڪڏهن هن ڪپر ته ڪڏهن هُن ڪپر مالوند ۽ هر هاري دادلي جي ٻوڏ تي گذر سفر ڪرڻ وارا هئا. جيئن ته هن ڳوٺ جو مذهبي ناتو، اهل سنت سان رهيو آهي ۽ لغاري بجراڻين جو مذهبي ناتو اهل تشيعه سان رهيو آهي. هڪٻئي سان مٽيون مائٽيون پڻ آهن. ليڪن خوش قسمتي اها آهي جو ڪيئي ورهيه گذريا آهن ته به ڪڏهن هڪٻئي سان مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ڪا نه ٿي آهي. هر ڪو پنهنجي راهه راهي آهي. هڪٻئي سان شاديون غميون، ٻڌيون، اتحاد جاري ۽ ساري آهي.
هن ڳوٺ جا سٻاجهڙ، مسڪين به اصلئون سراپا نياز آهن. سرائي حاجي عرض محمد خان لغاري ”احمداڻي“ سرائي حاجي شوڪت علي لغاري ”احمداڻي“ الهبچايو حڪيم ”فدائي“، سائين مولوي عبدالرحيم سائين عبدالڪريم ولد حاجي شفيع محمد، سائين يار محمد ولد نبي بخش لغاري احمداڻي به وڏي مان مرتبي وارا ٿي گذريا آهن. مٿيان سڀئي مانجهي مرد استاد ميوو خان لغاري (فقير) جا شاگرد ٿي رهيا آهن. سائين عبدالڪريم ۽ سائين يار محمد ته پڙهي ڳوٺ ۾ پهريان پروفيسر جي عهدي تائين پهتا، سائين عبدالرحيم مدرسي مان فقه جي سَنَدَ حاصل ڪري موري شهر ۾ ريل جي ڀرسان مدرسو جوڙائي غريب ۽ بي پهچ طالب علمن کي مذهبي تعليم سان نوازيندو رهيو. سائين هُن ڏيهه ويو تڏهن به مدرسه ۾ درس پڙهايو وڃي ٿو. جنهن جي نگراني پڻ بشير احمد لغاري ”احمداڻي“ ۽ اختر حسين ”احمداڻي“ لغاري ڪري رهيا آهن. حڪيم الهه بچايو ”فدائي“ ادب ۽ حڪمت ۾ پاڻ ملهايو. کيس لکتن ۽ ڪتابن ۾ تخلص ”فدائي“ رهيو آهي.
سرائي عرض محمد خان لغاري (احمداڻي) ولد حاجي لعل بخش ڪچي ۾ وچولي طبقي جي زمينداري سنڀاليندي پنهنجو وقت، قوت برداشت، شرافت، لڄ لحاظ وارو پارکو، راڳ ۽ ويراڳ جو شوقين يار ويس ڀلن کان ڀلو مڙس ٿي گذريو آهي. گهڻو ڪري سيد سعيد علي شاهه جهانيان پوٽه خانصاحب منظور علي خان (ڳائڻو) محمد هاشم ملنگ وڪيل سيد نبن شاهه مورائي وارن سان مٺي صحبت هيس. تر جا سياستدان به سٺي نگاهه سان ڏسندا ۽ ڀائيندا هئس. قومي جهيڙي جي نظر ٿي ويو خدا جنت فردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين. کيس ٻه فرزند ٿيا، روشن علي جيڪو جواني ۾ ئي فوت ٿي ويو. اقبال احمد پيءُ واري مشن تي گامزن آهي. يونين ڪائونسل جي نائب ناظمي ماڻي چڪو آهي. سرائي حاجي شوڪت علي خان لغاري (احمداڻي) ولد خان محمد احمداڻي، فقير صفت صوم صلوات جي متقي، سخي، غريب دوست، امن پسند ڪچي پڪي جي زمينداري هيس. صرف نرينه اولاد لاءِ سڪندي ساهه جو سڳو ٽٽي پيس، ڌڻي در راهي ٿي ويو. شال ڌڻي جي ذات راضي رهيس ۽ بهشتي بنائيس آمين. ميرڻ حاجي اڪبر بنگل به ڪنڌي جا ڪنڌار هئا. جواني ۾ ئي مقامن جا سينگار بنجي ويا. چاچو دوست علي ولد نبي بخش احمداڻي به مولوي طرز جو هيٺائين مزاج وارو صوم صلوات جو پابند، مسجد ۾ پاڙي جي ٻارن کي قرآن شريف جو درس ڏيندڙ پڇاڙڪي پهر ۾ آهي. سندس پٽن مان حاجي محمد ايوب بنهه سادڙو ۽ غريبن جو يار آهي. هر ڪنهن سان سَن مُک آهي. شل وڏي ڄمار ٿئيس. هن وقت هن ٽهي ۾ منظور علي لغاري (احمداڻي، عبدالمجيد احمداڻي، علي غلام احمداڻي، رسول بخش ولد حسين بخش احمداڻي، حضور بخش احمداڻي، حاجي محمد ايوب، اقبال احمد ۽ وزير احمد احمداڻي هن ٽهي جا جوڏا جوان آهن. جوءِ ۾ ڳالهه ڳت وارا اهن. ڳوٺ جي خدمت واري جذبي ۽ همت ڀريا آهن. شال خوب صحت هجين آمين.
محمد خان احمداڻي باز ۽ شهباز پکي جي شڪار ڪرڻ جو شوقين هوندو هو. سدائين راتيان ڏينهان ٻيلن ۾ ڄارن ۽ پَٽن سان دودي جي ڳوٺ جي ٺهيل ڪهاڙي ڪلهي ۾ وجهيو مذڪوره پکين جي گهٽن ۽ گهيڙن تي ڏسبو هو. بندوق چٽڻ جو به توبچي هو. چيڄ جو شڪار ڪري ڦاڙها ماريندو هو. باز ۽ شهباز ڦاسائي ڪجهه وقت ڌاري ٺاهي سنگت سان کي ڏئي ڇڏيندو هو اُپراسي يا پئسن جو لالچي ڪو نه هو.
بجراڻي راڄ سان فقير به ڌريئون ئي گڏيا آيا. ميانوال فقير سڏبا هئا. عسين فقير ”شهيد“ سوڍل فقير اول، شادمن فقير اول، دودو فقير، ماڻڪ فقير، ڏتل فقير اول، فخشو فقير، چاڪر ڪوٽئون لڏي اچي لغاري بجراڻي ۾ رهيا، ڌاڳي ڦيڻي جو هُدو به هون. ڪجهه ڳوٺ ۾ رهيا، دودي فقير وارا ۽ سندن پونئر دودي فقير پويان لاڙ لڳ ميرواه گورچاڻي ضلع ميرپور خاص ۾ دودو خان لغاري نالي ڳوٺ ٻڌائون. مزوريون ۽ پورهيا ڪري پيٽ قوت ڪندا رهيا. سندن پونئرن زمينون ورتيون ۽ اتي ئي آباد ٿي ويا. ڳوٺ دودو خان لغاري جي اتر ۾ ڪوه کن جي پنڌ تي واگهرجي واهڻ آهي، جتي به لغاري گهڻائي ۾ آهن. واگهريجي واهڻ ۾ اهل تشيعه جو وڏو مدرسه مولانه مفتي مجتهد علامه غلام مهدي لغاري قائم ڪيو. ملڪان ملڪ سندس مدرسه جو درس مشهور هو. ڪيترائي عالم ۽ فاضل بنائي فارغ ڪيائين. 90 ورهين جي عمر ۾ وصال ٿيس. تاهم اڃا تائين مدرسي ۾ سندس پٽ مولوي محسن لغاري ديني درس ڏيندو رهي ٿو. دوداڻين جي ڳوٺ ۾ ڳڻي ڳڻجن ڪيتريون ئي شخصيتون ٿي گذريون آهن. ليڪن هن ٽهي ۾ حاجي حسين بخش ولد قمبر علي خان، غلام حسين ولد رسول بخش خان، منظور حسين ولد خانصاحب مراد علي خان، قاسم علي ولد احمد علي خان وارا مان مرتبي وارا، يار ويس، ملڻا جلڻا ماني ڳنڌڻ وارا آهن. شل! محبت ۽ امن واري مشعل ٻاريو اچن. خوش هجن، هن ڳوٺ جي امر سنڌو به هن وقت پروفيسر ۽ چوٽي جي اديب آهي. قلم کي زيور بنايو اٿس، خوب لکندي ۽ پڙهندي رهي ٿي.