باب ڏهون : درياه مان مڇي مارڻ جا رڇ / هلٽ ۽ طريقه
سنبوهي: هي رڇ گهڻو ڪري درياه ۾ پلي مارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. يعني هڪ ڊگهي، لُهي پڃر، لڙهي ۾ ٻه فٽ کن جو گول دائري جو رڇ ٻڌل هوندو آهي. جيڪو ٻيڙي جي آڳل تي ويهي رڇ وارو پاسو درياه لهواري ۾ ٻه ٽي فوٽ هيٺ پاڻي ۾ لاهي هلبو. پلو اوڀارو سفر ڪندو آهي. اڳ جڏهن پل ۽ دروازا ڪو نه هئا ته پلو سمنڊ جي کاري پاڻي مان اوڀارو نڪري چرندو، خوشحال ڪندو، ڪشمور تائين ويندو هو. جيئن ئي ٻيڙي لهواري هلندي رهندي ته اوڀارو ايندڙ پلو به انهي رڇ ۾ ڦاسندو ۽ ماري يڪدم رڇ کي مٿي ڇڪي ٻيڙي تي آڻيندو ٻه چئن سيرن جهڙو آنيارو پلو پيو ڦٿ ڦٿ ڪندو. ملاح يڪدم رڇ مان ڪڍي اک ۾ سئو ٽنبي قهه ۾ وجهي پاڻي ۾ لاهي ٻيڙي ۾ ٻڌي ڇڏيندو ته جيئن پلو زندهه رهي. اهڙي نموني شڪاري شڪار پلي جو ڪندا آهن. سنبوهي ۾ ڪرڙو به لڳندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪرڙا وڏا به اوڀاري وهڪ ۾ خوشحالي ڪندي سنبوهي ۾ ڦاسندا آهن.
ڪترونڙو: اڄ ڪلهه جديد دور آهي، ڪراچي ۽ موري جهڙي شهر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ٺهيل رڇ مارڪيٽ ۾ موجود آهن. اڌ مني صدي اڳ، اهي رڇ اڪ جي آلي ڪاٺي مان مٿيون کلون لاهي، سڪائي، پسائي، انهي مان سنيهون ڌاڳن جهڙيون تندون ڪڍي ڳنڍي، ٺاهي ٽوپي، ڪاريگر رڇ ٺاهيندا هئا. سِڻي مان تندون ڪڍي انهن مان به رڇ ٺاهيندا هئا. ڪترو رڇ، انچ ڏيڍ جا اکا ٺاهي، پنج ڇهه هٿو ويڪرو ۽ چاليهه پنجاهه هٿو ڊگهو ٺاهي، ان جي هيٺان، مٿان، ڊگهي ڏور، اکن ۾ ڦاسائي ڇڏبي هئي. جنهن کي رانءَ چيو ويندو آهي. مٿئين رانءَ ۾ سڪل ڪانا فٽ کن جيترا جڙي ڇڏبا، يا ڪو ڪدو، سامونڊي گج جا دڦا به ڦاسائي ڇڏبا ته جيئن پاڻي ۾ لاهڻ وقت مٿيون پاسو تري بيهي ۽ هيٺيون پاسو تر وڃي وٺندو آهي. گهڻو ڪري، ڇرن، ڇڇن ۾ ٿوري گهڻي جهنگ ۾ لاهي ڇڏبا آهن، مڇي به چرڻ واسطي ڇرن جو رخ ڪندي آهي. ويندي انهن ڪترن رڇن ۾ ڦاسندي. ڪتري رڇ ۾ پاءُ کن کان سير ٻن تائين ڇيلري يا ملي مڇي ڦاسي سگهي ٿي.
پاکونڙو: هي نڙو به ڪتري رڇ وانگر ٺهندو آهي. فرق صرف اهو آهي ته ڪترونڙو هڪ انچ اکي وارو رڇ آهي انچ جي اکن جي ماپ سان ٺهندو آهي. پاکونڙو اڍائي کان ٽي چار انچ تائين ويڪرو اکو ٺهيل هوندو آهي. ڏهه ٻارهن هٿو ويڪرو ۽ پنجاهه هٿو ڊگهو هيٺان مٿان ران پيل، گهڻو ڪري وڏي پاڻي واري ڇڇ، ڇر ۾ لاهبو آهي. هن رڇ ۾ سير کان وڌيڪ وزن واريون مڇيون ڦاسنديون ۽ ڪتري ۾ سنهي مڇي هڪ سير کان گهٽ وزن واري مڇي ڦاسندي آهي.
مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته رڇن جا ڪيترائي نمونا ٿين هتي صرف ڄاڻايل جوءِ واري علائقي ۾ رڇن جي نالن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هونءَ به سونهاري سنڌ جي هر ڏهه پندرهن ڪوهي کانپوءِ، ٻولي جو لهجو، وکرن جا نالا، يا ڪن ٻين اسمن جا نالا مٽ سٽ هوندا آهن.
ڏورا: هي رڇ نه پر ٻه ٽي سئو فوٽ ڊگهي هڪ ڏوري هوندي آهي. انهي ۾ وري ڏهن ڏهن فوٽن جي ڊيگهه تي انهي وڏي ڏور ۾ ننڍيون ٻن فوٽن جيتريون ڏوريون ٻڌي پاڻي ۾ لاهڻ لاءِ ٻڌبيون آهن. اها ڊگهي ڏور ڊگهائي ۾ درياه جي ڪپر سان کتل ڪاٺين ۾ يا پڃرن، ڏڪن ۾ ٻڌي ڇڏبي، ننڍن ڏورين ۾ ڪلوئڙا ٻڌل هوندا آهن ۽ انهن ڪلوئڙن ۾ ننڍيون ننڍيون مڇون ڦاسائي ماري، ڪلوئڙي ۾ اٽڪائي ڇڏيندا آهن. انهن ننڍين مڇين کي ”ڳاهه“ چئبو آهي. جيئن وڏيون ملي مڇيون درياه جي ڪپرن سان ڇيڄ ڪنديون ته ڪلوئڙي ۾ ڦاٿل ننڍي مڇي کي کائينديون ته کين وات ۾ ڪلوئڙي جي چهنب ڦاسي پوندي، جيئن مڇي ڦٿڪي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي، تيئن ويتر سڪ ٿي ويندي. اهڙي طريقي سان، کڳو، سينگاري، ڄرڪو گهڻو ڪري ڏورن سان ماري ڦاسائيندا آهن. اهي ڏورا چئجن.
ڪلوئڙا: ڪلوئڙو گهڻو ڪري ڏورين ۾ وجهي مڇي ڦاسائي ويندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن وڏي ڏور ۾ هڪ ڪلوئڙو ٻڌي خفتي درياه جي ڪپر تي ويهي ڪلوڙي واري ڏور پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ٻيو ڏور جو پاسو ماري جي هٿ ۾ هوندو. جيئن ئي هلي مڇي ”ڳاهه“ کي کائيندي ته سڪ ٿي ويندي. ماري کي ڊوه/ڊروهه ايندي ۽ ڇڪي ڏوري جي ڪلوئڙي کي ٻاهر ڪڍندا انهي مان ڦاٿل مڇي ڪڍندا. اهڙي طريقه سان ڪلوئڙي سان شڪار ٿيندو آهي.
گهائو رڇ: هي رڇ پنج سئو کان هزار فوٽن تائين ڊگهائي ۾ ٺهيل هوندا آهن، ويڪر پندرهن ويهه فوٽ، هيٺان مٿان، رسو ”ران“ ٻڌل هوندو اٿس. هيٺين ران ۾ فوٽ فوٽ جي مفاصلي تي لوهي ڪڙا وزني ٻڌل هوندا آهن ته جيئن رڇ لاهڻ وقت هيٺين ران ترو وٺي زمين سان گڏ گهلجي سگهي. هن رڇ جا ”اکا“ ڏيڊ کان 3 انچ تائين جيترائي ٺهيل هوندا آهن ۽ هيٺين ران سان ”گوندا“ ٺهيل هوندا آهن. هي رڇ گهڻو ڪري سرءُ جي مند ۾ مڇي مارڻ لاءِ درياه جي پيٽ وارن ٻيٽن جي ڪپرن ۾ ٻيڙي وسيلي لاهبا آهن ۽ پنج ست مڙس مٿئين ران کي وٺي ٻيٽ جي ڪپر تائين گهلي هلندا. جيڪا به مڇي انهي رڇ جي گهيري ۾ ايندي، اها ڦاسندي، گوندن ۾ ته وڏا وڏا ڪرڙا، موراکا، ٿيلهيون، گهلبا وٽيل سٽيل پيا ڦٿڪندا آهن. ماري ٻيڙي مان ”ڪهه“ ڪڍي ايندو، يعني ان ڊگهي ڏور ۾ سئو ٻڌل هوندو. ان کي ”ڪهه“ چيو ويندو آهي. رڇ ڪپر تي پهچڻ سان ان مان مڇي ڪڍندا هڪ اک کان سئو ٽنبي، ٻي اک مان ڪڍندس ۽ مڇي ڏور ۾ پوئيندا ويندا. جيئن ڪنهن هار ۾ مڻيا پويا ويندا آهن. سڀ مڇيون ڪهه ۾ ٻڌي ۽ اها ڏور ٻيڙي جي ڪڇي سان ٻڌي ڇڏبي ۽ ڪهه ۾ پويل مڇي پاڻي ۾ هوندي. اهو انهي لاءِ ته جيئن مڇي ڪجهه وقت يا ڪجهه ڏينهن زنده رهي سگهي.
مڇي کي ڪهه ۾ پوئڻ وقت وڏو ايذاءُ ڏنو وڃي ٿو ۽ پاڻي ۾ به وڏي ايذاءُ ۾ گذاري ٿي. ملاح گهڻي مڇي گڏ ڪري، ماري، پوءِ مارڪيٽ تائين پهچائين. اهو گهائو رڇ سڏبو آهي.
ڪڙهي: لڪڻ جيترا، ڪاٺ جا پنج ست پاوا پاڻ ۾ هڪپاسي کي ڳنڍي، سوڙها ڪبا، ٻئي پاسي جي هڪ هڪ پائي ۾ رڇ ٻڌي ڇڏبو آهي. مٿين پاون کي قابو ڪرڻ لاءِ ”منر“ گول دائري وانگر فٽ کن جيترو ٺاهيو ويندو آهي. اها ”منر“ ڪڙهي جي مٿين پاون کي پارائي ۽ ٻڌي ڇڏبي ته ڪڙهي تيار.
ننڍي ڪڙهي اڪثر دٻن يا ننڍن پاڻين ۾ مڇي کي ايندو ويندو ڏسي، ماري ان مٿان پاڻي ۾ ڪڙهي کي مٿئين پاسي هٿ وجهي هيٺيون ويڪرو رڇ وارو پاسو مڇي مٿان اڇليندو، جيڪا مڇي انهي اندر آئي ساسڪ ٿي ويندي.
ڪڙهه: ڪڙهه به ڪڙهي نما ڪجهه وڏيٽڙو ٿئي ٿو. اهو ڪڙهه اڪثر، درياهي لسهڙن ۾ سانوڻي يا سرءُ ۾ مڇي جي لنگهه واري جاءِ ڳولي، ماري ڪڙهه ڪلهي تي کڻي بيهندو آهي، جيئن مڇي پاڻي ۾ اوڀاري يا لهواري هلندي ته مٿان پاڻي ۾ هلڪي ڇولي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پوءِ ماري اهو ڪڙهه انهي ڇولي مٿان اڇليندو، جيڪا به مڇي انهي ڪڙهه ۾ آئي سا سڪ!
ٻانڌو: ملاح يا ڪنڌي جا رهواسي مڇي جي شڪار واسطي سانوڻ جي مند ۾ جڏهن دادلو درياه ڪنين تار ٿي وهندو آهي، ڪپرن مان اٿلي، زمينون ريليندو آهي. ڍورين جي صورت ۾ درياه مان پاڻي ٻاهر نڪرندو آهي. ملاح يا شڪاري، ڪهاڙي کڻي ڪپر واري جهنگ مان ڇهائي/ پتر ڪپي، گوڏي يا چيلهه جيتري وهندڙ ڍوري کي آر پار تائين واڻي ڇڏيندو، پاڻي جي وهڪ کي سوڙهو ۽ تکو ڪرڻ لاءِ ٻن فوٽن جيترو هڪ ڳلو ڇڏبو، جتان پاڻي تيزي سان وهي. باقي سڄي ڍوري انهي ڇهائي/پتر سان بند هوندي. ٻن فوٽن جيتري بچايل ڳلي، مٿان وڏا پڃر کوڙي، ويهڪ لاءِ پيهي ٺاهيويندي آهي. رڇ ٻن پڃرن ۾ ڳنڍبو آهي. پڃرن جي هڪ ڇيڙي تي گوندي جيان رڇ ٻڌل هوندو ۽ پڃرن جو ٻيو پاسو ماري مٿي پيهي تي جهلي ويهندو آهي. ائين رڇ هيٺ لٿل هوندو آهي ۽ ان ۾ هڪ ڏور به ٻڌل هوندي اهي، جيڪا پڻ ماري جي هٿ ۾ هوندي آهي. جيئن درياه مان مڇي نڪري ٻاهر چرڻ لاءِ نڪرندي ته تيز وهڪرو ڏئي هلندي. جيئن ئي تيز وهڪ واري ڳلي مان ٽپي ته گوندي ۾ اڙجي ويندي. ۽ مٿي پيهي تي ويٺل ۽ هٿ ۾ جهليل ڏور کي ڊوه، ڊروه، ڇڪ ايندي ماري يڪدم انهي پڃرن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍندو ته انهي گودي واري رڇ ۾ مڇي پئي ڦٿڪندي، يڪدم انهي مڇي کي گودي مان ڪڍي ”ڪهه ۾ ٻڌي لڙڪائي ڇڏبي ته جيئن مڇي ڪجهه وقت زنده رهي، اهي ٻانڌا سڏجن.
جهلپ: جهلپون گهڻو ڪري سرءُ ۾ ٿينديون آهن. جهلپن لاءِ به وڏا رڇ، گهائي رڇ وانگر ٺهيل هوندا آهن. جڏهن سرءُ ۾ پاڻي لهندو آهي ۽ واپسي درياه ۾ ڪرندو آهي ته ملاح يا ماري واپسي واريون ڍوريون جهلائيندا آهن. يعني ڍوري جي منهن ۾ وڏا پڃر کوڙي، انهن سان رڇ ٻڌي ڇڏبا آهن ته جيئن ڇڇن، ڇرن ۽ جهنگن واري مڇي واپس درياه ۾ نه پوندي ۽ پوئتي ئي وڏن دٻن يا ڍنڍن ۾ رهجي وڃي. پر جي مڇي جو زور واپسي درياه ۾ پوڻ جو هوندو ته جهلپ واري رڇ ۾ ڦاسندي. ماري به گهڙي گهڙي رڇ پيو ساهيندو، جاچيندو ته جيئن ڦاٿل مڇي ڪڍي ڪَهه حوالي ڪجي. هفتو کن جهلپ وارو مامرو هلندو رهندو آهي. ڪپر آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڍنڍون وهڻ کان بيهي وينديون آهن ۽ کوڙ ساري مڇي رڇن کي سنگهي واپس ٿي ڍنڍن ۾ بيهي رهندي آهي. جنهن کي ماري، سياري جو پيا ماريندا آهن ۽ چڱو اُپڙاسو ٿيندو اٿن. اڳي ڍنڍون ۽ ڍورا ۽ درياهي پاڻي نيلام ٿيندا هئا. ليڪن هن وقت جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڪار آهي.
پن : پن رڇ گهڻو ڪري ٻارهوڻي، درياه جي ڪپرن ۾ لاهي، رڇ اڀا پڃر کوڙي، انهن سان ٻڌي ڇڏبا آهن. وچ تي اَٺ ڏهه هٿو ويڪرو ۽ ڊگهو گول گوندو ٺاهي ڇڏبو. انهي گول مان صرف اڌ فوٽ کن جيترو ڳلو ٺاهبو، جيڪو انهي گوندي ۾ مڇي وڃڻ واري واٽ هوندو. پوءِ ڪَن/پاسا، انهي گوندي واري رڇ ۾ ٻڌي/ڦاسائي، ڏهه ويهه هٿن جي مفاصلي تي سڪي ڪپر تائين ڇڪي، ٻڌي ڇڏبو. ٻيو ڪَن/ پاسو درياه ۾ لهواري طرز تي وڇائي ڇڏبو. مڇي درياه ۾ گهڻو ڪري اوڀارو هلي، چرڻ، گهمڻ ۽ خوشحالي ڪرڻ لاءِ نڪرندي آهي. پن رڇ به گهڻو ڪري درياهي ڪپرن واري گاهه جي سهاري هڻي ڇڏبا آهن. گاهه لئي، ڪانهن، پن، ڪل، کنجهو وغيره ڪپرن ۾ پاڻي ۾ هوندا آهن. مڇي انهي سهاري جيئن ئي وڃي ٿي. تيئن اوڀاري ۾ ڀن لڳل هوندس. ڪنهن به ڪَن سان مڇي کنهيندي تيئن پن واري گوندي ڏانهن ايندي. ۽ ڦري سري اوڀاري، اهو اڌ فوٽ جيترو ڳلو لڀندس ته هلي ويندي ۽ وڃي گوندي واري رڇ ۾ پوندي. گهڻو ڪري مڇي کي جند ڇڏائڻ لاءِ به اهو ئي ڳلو هوندو آهي ليڪن اهو ڳلو لڀندي ناهي يا رڇ ڇنائي ڪَهي ويندي. ليڪن 99 سيڪڙو مڇي پئي گوندي ۾ ڦرندي آهي. ڪا اتفاقن مڇي نڪرندي ۽ ڪهي ويندي آهي. چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي. ماري به پهراءُ کانپوءِ پيا رڇ سنڀاليندا آهن. جيڪا گوندي ۾ ڦاٿل مڇي هوندي اها ڪڍي ڪهه جي ور چاڙهيندو. اهي پن رڇ چئبا آهن.
کوڙ: جنهن هنڌ درياه پائڪ ڪري اوڀارا ۽ ڪنڀال ٺاهيندو آهي. انهي هند اونها پاڻي هوندا آهن. اونهي پاڻي واري هنڌ کي کوڙ سڏيو ويندو آهي ۽ سياري مند ۾ به نروار هوندا آهن. پاڻي جڏهن ٿورو درياه ۾ ٿيندو آهي ته اهي کوڙن وارا هنڌ اٺاس ٻن جيترا ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ ايندا آهن. انهي پاڻي جي اونهائي ويهن کان سٺ ستر فوٽن تائين ٿئي. باقي درياه جي پيٽ ۾ ننڍو پاڻي هوندو آهي. سياري جي مند ۾ مڇي به وڏي پاڻي جو سهارو وٺي کوڙن ۾ گڏ ٿيندي آهي ۽ تري واري گپ تي گذر ڪندي آهي.
ماري ۽ ملاح به کوڙن کي رڇ اڳيان پويان ڦيرائي، گهائي رڇ وسيلي ٺپا هڻي مڇي ماريندا آهن. اهي کوڙ چئجن. اڳي درياهن جي پاڻين جا ٺيڪا ديهن مطابق جوءِ جي ملاحن کي ڏنا ويندا هئا. ٻيلن، رونين وارن ڍنڍن، ڍورن ۽ دُٻن جا الڳ ليلام ٿيندا هئا. اهي به مسڪين ملاحن کي ڏنا ويندا هئا. ليڪن جڏهن کان ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي پهتي آهي ته اهي ٺيڪا وڏا ماڻهو کنيو وڃن، مسڪين کي ويجهو اچڻ ئي ڪو نه ٿا ڏين. صرف بطور هارپ ملاحن کي وٺي اچي مڇي ماريندا آهن. سو به جن سکين ستابن وٽ ٻيڙيون، رڇ هلٽ وڌيڪ هوندو، انهن کان ئي مڇي مارائيندا. باقي مسڪين ملاح ته ڪرڙي ڪاڻ به پيا سڪندا آهن. اهڙي حالت هئڻ ۽ درياه ۾ سالن پڄاڻان ٻوڏون نه ٿيڻ ۽ درياه کسجي وڃڻ ڪري، گهڻو ڪري ڪنڌي جا ملاح ڪشمور کان ڪراچي تائين، ٻيريون ۽ هلٽ رڇ کپائي وڃي سڪين تي مزوريون ۽ پوکن جا هارپا ڪرڻ لڳا آهن. هن وقت نه درياه رهيا آهن، نه ملاح، نه کوڙ، نه ٻيلا رڳو درياه جي پيٽ مان رئي پئي اڏامي ۽ رڃ پئي واڪا ڪري.
چُوئا: چوئو ڄرڪن موت آهي. درياه مان وهندڙي وهي ڪنهن ڍوري ۾ پوندي آهي ته ڄرڪو به درياه مان نڪري. انهي وهندڙي ۾ لنگهي ويندو آهي. وهندڙي اڏ يا واٽر جهڙي سوڙهي وهي هلندي آهي. گهڻو ڪري ڄرڪو ئي، شڪار واسطي، خوشحالي، ۽ پيٽ ڪوت واسطي، انهي وهندڙيءَ مان لنگهي جڏهن اندر ڍوري ۾ ويندو آهي ته ماري به تاڙ ۾ هوندا آهن. جيئن ئي ڄرڪن جا ولر انهي وهندڙي ۾ هليا ويندا آهن، ماي انهي وهندڙي جي منهن ۾ ڄار ڦاسائي ڇڏيندا ته ٻنڊو يا بند ڏئي ان کي بند ڪري ڇڏيندا. پوءِ وڃي انهي ڍوري ۾ ڌاڙ ڪندا/ تڙڪندا، پاڻي کيلُڙو ڪندا، انهي کڙڪي تي ڄرڪا واپس درياه ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا ته وڃي ڄار، بند، ٻنڊي سان ٽڪربا ۽ پيا واجهائيندا. ماري به پويان لڳا ايندا، پوءِ هٿن سان، لٺين سان، ڄرڪن کي ڪٽي سٽي وٺي ٻاهر ڪڍي ايندا. هڪ ڪلو کان اٺن ڏهن سيرن تائين وزن وارا ڄرڪا پڻ انهي وهندڙي مان ماريا وڃن ٿا. انهي وهندڙي کي چوئو سڏيو ويندو آهي. چوڻي ۾ اڪثر ڄرڪو پوئين پير پڇ ڀر لنگهندو آهي ۽ مرندو آهي، ٻي ڪا به مڇي گهڻو ڪري انهي سوڙهي وهندڙي ۾ نه ويندي آهي.
ٽنب: ٽنب ڪتري ۽ پاکي نڙي وانگر ٺهيل رڇ هوندو آهي. اهو گهڻو ڪري، جهلپن واري رڇ کان پويان لاهي ڇڏبو آهي. جيئن جهلپن مان ڪهي ويل، بچيل مڇي جو داڻو نڪري وڃي ته وڃي ٽنب واري رڇ ۾ ڦاسندو آهي. ٽنب رڇ کوڙ واري مڇي مارڻ وارن رڇن پويان به لاهي ڇڏبا آهن. ته جيئن بچي ويل مڇي، انهن ٽنبن واري رڇ ۾ ڦاسي پوي. اهڙي رڇ کي ٽنب سڏيو وڃي ٿو.
ڄارو رڇ: هي رڇ گوندي نموني گول اٺ ڏهه هٿ ويڪرو ٺهيل هوندو آهي. هيٺين ”ران“ ۾ لوهي شيهي جا ڪڙا ٻڌل، جڙيل هوندا اٿس. مٿئين ران ۾ ڏوري پويل هوندي اٿس. هي رڇ ماري ڪلهن تي کڻي پاڻي ۾ ٽيڙي اڇلائيندا آهن. مٿئين ران هٿن ۾ هوندي آهي. ۽ ماري ڇڪي ان کي ٻاهر ڪڍندا آهن. اڪثر هن رڇ سان گانگٽ ماريا ويندا آهن. اگر چه ٻي مڇي به انهي گودي ۾ اچي ويندي ته گهلجي ماري جي هٿن تائين ايندي آهي. اهو ڄارو رڇ چئجي.