باب سورهون : ڳوٺ لغاري بجراڻي جو ڪاروهنوار
ڳوٺ لغاري بجراڻي وارن جي معاشي زندگي رسم و رواج رهڻي ڪهڻي پهر اوڄ، مڙسن جون اوطاقون لغارين جو اتحاد ۽ ٻڌي، ڪيٽي ۾ ٻوڏن، کوهن پڙهوڏن ذريعي آباديون، ڪيٽي ۾ مال جا ڀاڻ، پتڻ جو وهڻ، عيدن، شادين تي قوم جون خوشيون ۽ رانديون، ملهه ڪٻڊي ۽ ٻلهاڙو ۽ والي بال چانڊوڪين راتين ۾ سير سفر ۽ شڪار، سالڪن ۽ سگهڙن جون ڪچهريون، غم حسين، مجلسون، پڙ، مسجدون، ملا، ادب، شاعري، حڪيم، مانڊا ماندرا، پيري، ڇپر ٻاڌا، هڏ ٻاڌا، ناڙي ڪاها، تارو، ڪوڪڙي، تيتري، ڀوڳائي، اوٺي، سورا، نڙ، بينون، بوڻينڊا، چنگ، بنسري، نغارو، وڏي باهه وارو واقعو، وڏيون ٻوڏون، ڪاٺ جا نار، راڳيندڙ، دايون، ڳوٺ ۾ وندر واريون جايون، گهيڙ، چارا، نور شاهه، شڪاري، ساٿي، شڪار، واهڙ، گڻنب، فقير مزاج غريب ۽ سادڙا ماڻهو، ڀلڙ ماڻهو.
معاشي زندگي: ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ لغاري گهڻائي ۾ هئا ۽ ٻيون قومون گهٽ هيون. مهتن جي ڀاڄڙ کان اڳ ٻين قومن وارا مانجهي مرد به لغارين جي ڳوٺ وارن سان، ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ جُهٽ هيا. پر پوءِ مهتن لڏڻ کانپوءِ ٻين قومن وارا به وقتن پڄاڻان لڏيندا ويا. ڪجهه رهجي به ويا. پر وري درياهه جي ڳوٺ پائي وڃڻ کانپوءِ لڏي ويا. صرف لغاري قوم ئي ڪنڌي تي آباد رهندي اچي ٻوڏون ٿين ته ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيو وڃن. ورنه ڪٺن زندگي گذاري سال پورا پوندا هئا. گهڻو ڪري مالوند ئي ساوا هوندا هئا ته هر هاري به هئا. هر ڪنهن وٽ گابي ليلي هوندي هئي، ٻوڏون ٿين ته چيٽي بوسي، فصل ڪاهي اَن اُپائيندا هئا. کوهن ۽ واهڙن تي ڪاٺ جا نار چاڙهي آباديون ڪري به گذر سفر ڪندا هئا. مزدور طبقي جا ماڻهو به صبح سويل، ڪڪڙن جي پهرئين دس تي اٿي، اغثني يا سيدا، رس ريا رسول الله صلعم چئي دودي ٻگهيه جي ڳوٺ جي لهرن جي ٺهي ڪهاڙي، ڏني لوهر گچيرائي جا ٺهيل ڏاٽا کڻي جهنگ منهن ڪندا هئا، سَرَ ڊڍو، ڪانهن، لُهي، پَتَر، لَڙهَو، پَڃَر، چاڙهو، ٿُوڻي، وَرَو، داسو، ڏَڪ، ڏَاڪ، دَوڳي وغيره ڪپي، وهٽن تي کڻائي. اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿيندا هئا ۽ پوءِ پڪي يا آس پاس وارا ماڻهو گهرج مطابق ڄاڻايل شيون خريد ڪري کڻي ويندا هئا. ڳوٺاڻان وهٽن تي وکر رکي اوڙي پاڙي گهورڙيا بنجي گهور ڪري به گذران ڪندا هئا. ڪانهين ۽ ڊڍي جون نوڙيون به وٽيندا هئا. ڍيرا به ڪتيندا هئا. سُپت هين، ڪُپت ڏان ئي ڪين هوندي هي. ساڳ دال، کير ۽ کُنڀين تي گذارو ڪندا هئا. سانوڻ مند ۾ پورب لڳن ته مينهن وسن، چواڻي آهي ته ”سانوڻ جو مينهن، ڏاند يا مينهن جي هڪ سڱ تي وسي، ٻئي تي ڪو نه وسي“ جڏهن سانوڻ جا گجگوڙ هوا جي رخ تي ڇڳا ڇڳا ٿيندا آهن ته ڪٿي وسي ته ڪٿي ڪو نه وسي. مينهن کانپوءِ زمين ۾ کنڀيون جام ڦٽن، ڳوٺ واران ڳنڌڻ لاءِ جهنگ ۽ پوٺن مان ڇنگا ڀري آڻين ۽ چاڙهين. شاهنواز ڪورائي واري پوٺي ۽ واپاري ۽ کوهه واري پوٺي تي کنڀيون جام ٿينديون هيون.
ٻوڏون ٿين ته ڪچي وارا خوشيون ڪندا هئا. شڪراني جون ديڳون چاڙهي نذر نياز به ڪندا هئا. جيئن ئي ٻوڏ ختم ٿيندي سرءُ مند شروع ٿيندي سرءُ موسم جا آثار چٽ ختم ٿيندو لوڪ ڏاهپ چوڻي آهي ته سر نسريو ته رات جا اَنگ ماڪ سان ڀرجي ويندا هئا. سر نسرندو، ڪونجون اينديون هيون ته هر هاري به گهڻو ڪري پهريائين ته ٻيٽن ۾ درياهي وڏن لٽن ۾ سرنهون ۽ مٽر رپين ۽ گپن ۾ ڇٽڻ ويندا هئا. ۽ باقائده چيٽي فصل جي ڪاهه شروع ٿي ويندي هئي. سچ پچ ڪچي ۽ ڪنڌي واسين لاءِ سنڌو درياه جند جان ۽ سرتاج آهي. انهي جي مهر سان سندن جياپو اٿن ٻوڏ ٿي پاڻي لهي وڃن ته جهرجهنگ زميني سلا ڦٽن ته چوپايو مال به ٽراڏون هڻي چري، سادڙا، سٻاجهڙا تن تي پورو لٽو به نه هوندن ته به حال خوش رهن. هڪٻئي جون مَهلون ڪندا هئا. پاڙيوارن غريبن جي ويلي نه هئڻ تي مدد ڪندا هئا. وسان ڪين گهٽائيندا هئا. لڱائي چڱائي ۾ به هڪٻئي کي ڪو نه ڇڏيندا هئا. چيٽ يا ڪتي جا فصل لهندا هئا ته پاٽيون، ٽويا، ڪاسا ۽ خرار ڳڻبا هئا، لاپا لائي، ليکا بنديون فصل لهڻ وقت ڪندا هئا. سرندي وارا پنهنجا ان پلين، گُندين ۽ گُندڙن ۾ سانڀي ڇڏيندا هئا. باقي عام مزور طبقو آڻين ۽ چاڙهين واري سلسلي ۾ گذريندا هئا.
رسم رواج، ريتون ۽ تهذيب: اگر چه ڳوڙهو اڀياس ڪبو ته سنڌ جي ڏهه پندرهن ڪوهي ۾ رسم رواج ۽ ريتون مختلف ڏسڻ ۽ ٻڌڻ اينديون آهن. ليڪن ڳوٺ لغاري بجراڻي وارن جو رسم رواج ۽ ريتون ساڳيون ئي رهنديون اچن. توڙي جو کڻي کوڙ ساريون ذاتيون رهائش پذير هيون. تاهم لغارين جي گهڻائي هئڻ سبب شادين، غمين، سنوڻ ساٺن ۾ سڀ گڏ هوندا هئا. اوکي سوکي تي به هڪٻئي مٿان ساهه قربان ڪندا هئا. خاص طور تي شادين جي موقعن تي مٽي مائٽي جو پاند اڙبو هو ته دهل دمامه شروع ٿي ويندا هئا. مٽ مائٽ، آڙو پاڙو، دوست گڏجي شادي جي ٿِت / تاريخ ٻڌندا هئا. پوءِ باقائده شادي جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو. سنگت ساٿ کي ڳَهي کڻڻ لاءِ ڪم ورهائجي ملندا هئا. هر ڪو پنهنجي ڪم جي مقرر تاريخ تائين پورائي ڪندو هو. سنگتي ڦنڊرون ڏيندا هئا. وهٽن وارا اٺ پلاڻي ڇني ٺاهڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا. جهنگ ۽ ٻيلن مان ڪاٺوڙ گڏ ڪري، هفتي کن ۾ ڇنو ٺاهي تيار ڪندا هئا. مٽن مائٽن ۽ دوستن ڏانهن ميراسي فقير سَڏ پهچائيندو هو. اگر چه ڪنهن وٽ ڪاوڙ، ڪسوبت هوندي هئي ته ولر مڙسن جا گڏجي ان کي پرچائيندا هئا. سانجهي وقت ميراسي گهوٽيتن جي در تي دهل ڪٽيندو هو، اتان مراد وٺي اچي کليل ميدان تي دهل وڄائيندو هو ته ڳوٺ جا ننڍا وڏا، توڙي جو ڀت نه کائيندڙ هجن. سڀ گڏ ٿي ويندا هئا. ڏونڪن تي ناچ ڪندا هئا ته ملهون به وڙهندا هئا. ڪيئي ڏينهن شادمانه پيا هلندا هئا. جيسين وڃي لايو سجايو ٿيئي. عورتن ۾ به وايو منڊل مچي ويندو هو. گهريتيون وڏڙيون عورتون اَسُر جو اٿي چڪيون پيهنديون هيون. چڪي ٻن پٿرن جي پڙن مان ٿئي. هيـئين پُڙ جي وچ تي لوهي ڪير لڳل هوندي هئي. مٿئين پُڙ جي وچ تي اڌ فوٽ جيتري گولائي تي ڳلو ٺهيل هوندو. جنهن ۾ اَنَ وجهڻ جي جاءِ هوندي. ڳلي جي وچ تي ڪاٺ جي مڪڙي گول دائري ۾ مليل هوندي ۽ ان مڪڙي جي وچان سل ۾ ڪير آرون پار لڳل هوندو آهي. مٿئين پُڙ جي پاسي ۾ ڪاٺ جو هٿيو لڳل هوندو، جنهن کي عورتون ڦيرائين اَن پيهنديون هيون. مڪڙي ڪير ۽ اَن پسجڻ جو آواز جي تنوار پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. چڪين ۾ جوار، ٻاجهري، ڪڻڪ، جو اَن پيسيو ويندو هيو. چڻن، مٽرن، مڱن ۽ مسور جي دال به ڦِرڙي ويندي هئي. عورتون گڏجي رليون، گج، چولا سُين، سان سبنديون هيون ته ڪي وري ڪڻڪ جي تيلي مان دٻڪيون ٺاهي انهن کي ٽونئر جي سونهن سان سجائينديون هيون. سچ اڀرڻ تائين ٽويو اَنَ جو پيهي پوءِ اٿنديون هيون. ڏينهن جو گهر ڌياڻيون ڪم ڪار لاهي، کير جون چاڏيون ڪاٺ جي ٺهيل مانڌاڻين سان ولوڙي، پالهيون، ٿينديون هيون. ٽپهري ڌاري سج لٿي وري گهر ڀاتين کي کارائي پياري سنجهي جو، رات جو سهرن ۽ لاڏن تي وڃڻ لاءِ سانباها ڪنديون هيون. عورتون به گهڻو ڪري شادين، ڇٺين ۽ پِڙن تي گڏ ٿي هڪٻئي سان حال اورينديون هيون. الڙ جواني واريون عورتون به سهرن ۽ لاڏن تي دهل ۽ ٿالهه وڄائي ورونهن ڪنديون هيون، عورتن جو گهڻو مارو تيل، ميٽ، مساڳ ۽ ميندي تي هوندو هو. اڃا صابڻ پائوڊر ڪو نه هئا. اسان سنڌ سونهاري ۾ رسمي طور سڪيلڌي پٽ، پوٽي يا ڀاءُ جي شادي جي مراد پڄندي ته فطري طور تي تن، من ۾ ازخود خوشيءَ جي وير اُڀامندي هئي. ٻين قومن ۾ ساڳي طرح مزاج هئا. گهڻو ڪري آهتي قومون، ڊکڻ گهوٽن لاءِ کٽون ۽ هندورا ٺاهي لاڳ وٺندا هئا. پڃارا ڦنڊرون قُهندا هئا. ۽ قُهندا اچن. ڪنڀر ٺڪر جا ٿانون، پاٽيون، پاٽوڙا، مٽ، دلا ۽ ٽڀا، ڪونئرا پهچائيندا ۽ پني مراد وٺندا هئا. حجم ڀت رڌيندا هئا ۽ طوهر به ڪندا هئا ته موڙ ۽ ڳانا ٻڌي گهورون وٺندا هئا. مير بحر پکالي هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي نڀائڻ لاءِ گَد گَد پيا ٿيندا هئا. مراد پڄندي پُڳر پلئه پوندو هو.
موت فوت تي به ڳوٺ وارا ڪلهي ڪانڌي ٿيندا هئا ته ڀتر ڀائي به ٿيندا هئا. ڳوٺ کان سڏ پنڌ پري، وهٽن تي سوار لهي پوءِ ڳوٺ ايندا هئا، يا ٽپي ويندا هئا. عزازپ ۾ وري مٿو اگهاڙو ڪري گهرن ۾ ڪو نه ويندا هئا. عزازپ ۾ وري مٿو اگهاڙو ڪري گهرن ۾ ڪو نه ويندا هئا. مٿو اگهاڙو شان ۽ مان ۾ گهٽتائي هو اسان جو ڳوٺ ٻروچ ناتي پرديدار هو. نياڻي جو ٻار ته گهر جي چائنٺ کان نه نڪرندو هو. البته شادي، غمي تي عورتون گڏجي نڪرنديون هيون. ڳوٺ جا مرد گهٽيون چارا ۽ اوطاقون عورتن جي اچ وڃ وقت خالي ڪندا هئا ته جيئن عورتن تي نظر نه پوي.
ڪچي واسين کي مهمان نوازي ته ڄڻ ڏاج ۾ مليل آهي. جائي رکي سکي هوندن سان مزمان کي کارائيندا هئا. مهمانوازي کانسواءِ سنڌو ڪنڌي وارن سنڌين وٽ تهذيب جو انگ به هوندو هو. دوستيءَ جا اَنگ نَنگ ڏاڍا هوندا هئا. سنگتن ۽ دوستن ۾ سڪ ۽ صدق سواد هوندو هو. سيڙهجي به سنگت وٽ وڃي راتيون ٽڪي ڀيرا ڀڃي اچبا هئا. دوست ايندو هو ته سڄيون ماندگيون لهي وينديون هيون. راتيون چرچن ۽ ڀوڳن ۽ ادب پرور محفلن م گذرنديون هيون. ڏينهن رهاڻ ۽ حالي احوالي ٿيڻ ۾ گذرندا هئا. منهن ٽڙي پوندا هئا. وَرَ وَرَ ڪيو پيا هڪٻئي کي ڳراٽڙيون پائيندا هئا. دوستي ان لاءِ ڪا نه رکبي هئي ته هن مان ڪو ڪم نڪرندو! دوستي سنگت جي وڌاءُ ۽ وفاداريءَ لاءِ هوندي هئي ۽ هڪٻئي لاءِ سِرويچ هوندا هئا.
راندين جي رسم به جام هوندي هئي. چيڪلا، پينگهون، گلي ڏڪر وغيره، رانديون رچنديون هيون، ننڍا ٻار وري چِرا پيا چٽيندا هئا. ڌرتي جا سانگيئڙا، ساڳي ڌرتي جي اَن جَل ۽ تهذيب جي ڌاڳي ۾ پوتل داڻا هئا.
پهر اوڄ، رهڻي ڪهڻي: سڄو ڳوٺ ڪکائون ٺهيل هو. اڃا ماڙين ۽ بنگلن بنائڻ جا عام شاهوڪارن توڙي غريبن کي اوناڪون نه هئا. صرف منهه ڇپر ڇانو، ڪک ۽ ڪاٺين جا ٺهيل هئا! البته مهتن جون جايون ڀاڄڙ کانپوءِ ڪجهه لغاري کي هٿ آيون. تمام سادڙا تقريبن مهيني ماسي، ميلي ملاکڙي شادي غمي تي حجم ڪسبت کڻي ڳوٺ وارن کي سنواري ويندا هئا. مٺي موچي جون ٺهيل جتيون پائيندا هئا. سئي ڌاڳي سان ٽوپيل وڳا مرد توڙي عورتون پائيندا هئا. عورتن کي گج لانوڻيون، ۽ گربي جو ويس پهريل هوندو هو. مرد پهراڻ خميس ۽ ڪورين جي رنڱيل گوڏ پائيندا هئا. بافتي يا ململ، هرک جا پٽڪا به ٻڌندا هئا. گهڻو ڪري چڙها ٻاهر ايوانن ۾ کٽولن تي رات جو سمهندا هئا. يا اوطاق تي سمهندا هئا. لڄ ۽ حجاب گهڻو هوندو هو. فصل لهڻ ۽ پوکڻ کانپوءِ واندڪائي ۾ وڻن جي ٿڌين ڇانون هيٺان ننڍا جوان، لطف اندوز رانديون به رچائيندا هئا ۽ پُر لطف ڪچهريون به ڪندا هئا. مننجهند جو گهڻو ڪري چنر چيلي، سورهڻ ٽڻ، نوٽڻ، ۽ پتي راند کيڏندا هئا. شاهن سهراباڻي ڄام مولڻائي، استاد سعيد خان سهراباڻي، استاد رسول بخش مهراباڻي، سجاول فقير مٿين راندين کيڏڻ جا شهه رانديگر هئا.
بازار ۾ گلزار علي جو هٽ، جهنڊي جو گهاڻو، حاجي ملي وارو هٽ، حُسيني فقير وارو هٽ منجهند جي راند پڻ کيڏڻ جا مرڪز هئا. لڙي منجهند کانپوءِ صاحب فقير جو داريو راند جو مرڪز هوندو هو. سگريٽ ٻيڙي ڪا نه هئي پوڙهن پڪن جو چلم تي مارو هو.
اوطاقون ۽ اسڪول: ڳوٺ لغاري بجراڻي ۽ احمداڻي لغاري ڳوٺ هڪٻئي جي لڳ ڀڳ هئا. ڪمين ڪارين هڪٻئي جي اوطاقن تي وڃي ڪاروهنوار ڪندا هئا. احمداڻين لغارين ۾ سرائي عرض محمد لغاري جي اوطاق ”فدائي“ الهبچائي حڪيم جو حڪمت خانو، دريائون پار سرائي حاجي شوڪت علي لغاري جون اوطاقون مهمانن ۽ جوءِ وارن جا مرڪز هئا.
ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سرائي سمندر خان جي اوطاق سرائي يار محمد خان جي اوطاق، سليمان جي اوطاق، يقين علي / عرف يختيار جي اوطاق مٺي فقير جو اوطارو، ميراسين جي کوهه، صاحب فقير جي اوطاق/ داريو سرائي مڱڻ خان جي اوطاق، پنهل جي اوطاق، ماستر غلام شبير جي اوطاق، حسن ۽ خانڻ سهراباڻي جي اوطاق، ڳوٺ کان اتر طرف علي آباد ۾ دلاور ۽ حاجي ڪمال خان جي اوطاق، خدابخش جي ڳوٺ ۾ حسن علي جي اوطاق، ان ڏڻ ۾ علي گوهر ٻوڙي جي اوطاق اولهه کان اوڀر ويندڙ رستي کان ڏکڻ ماستر ميوو وارو کوهه، مقام جي اترئين ڪنڊ ۾ سيد نور شاهه مدفون هو. اتي علي حيدر جو مڪان، گهڻو پوءِ غلام مصطفى ۽ امام علي جي اوطاق، جمع ۽ بهاول عرف بالو جي اوطاق هئي. اهي اوطاقون ڳوٺ جي ٻاهران چئني طرفن کان هيون. آيو ويو لڙي ويندو هو ته انهن جي حال آهر سٺي خاطر خواهه ٿيندي هئي. رات ڏينهن سياري اونهاري اهي اوطاقون ڪچهري جا مرڪز هيون. سانوڻ جون چانڊوڪيون، نوراني راتيون هجن، وري جو ڏکڻ جون ٿڌيون تنوارون لڳن، ته ڳوٺاڻان به اوطاقن جي ڪشادن ايوانن۽ اڱڻن ۾ لطيفا ۽ ڀوڳ چرچا چيا ويندا هئا. مزمانن کي لولو کارائي گهرن جا اوکا پوکا لاهي، جوان اچي جو اوطاقن تي ويهن ته کٽولا، منجيون پيڙها ته ڀرجي وڃن ته به هيٺ ڌرتي تي به مڙس ڪانڀان هڻي ويهن. ڪچهريون ڪندا هئا. اوڀڙا اوڀاري ڇڏين ته به ڪچهريون ۽ ٻول نه کٽن. ڳوٺ پاتي کانپوءِ ته ڪيئي پرائمري اسڪول کلي ويا. جنهن ۾ ناچيز به پنهنجي حصي جي زمين ۾ والد جي نالي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳهڻو خان لغاري نالي کولرايو، جنهن ۾ اڄ به درس جاري ۽ ساري آهي.
اول ۾ حاجي ملي جي هٽ کان اوڀر ۾ مهتن جي زماني جو اسڪول ٺهيل هو جنهن ۾ سائين ميوو خان فقير ڪيترن ئي هندن توڙي مسلمانن کي معياري تعليم سان همڪنار ڪيو. مهتن جي وڃڻ کانپوءِ آسائش واري جهنگ ۾ ڍوري جي اولاهين ڪپر تي عاليشان اسڪول ٺهيل هوندو هو. جنهن ۾ استاد حاجي اميد علي ۽ محمد حسن مهراباڻين کوڙ سارن ڳوٺ وارن کي تعليم جي زيور سان نوازيو.
اسان جي ڳوٺ ۾ پهريون گرامفون ڦونو علي بخش ٻڪرار عرف ”چندر“ غلام مصطفى ۽ جڙئي مولڻائن وارن آندو، صاحب فقير واري دارئي ۾ وڄايائون. سڄو ڳوٺ گڏ ٿيو ۽ تعجب ۾ پئجي ويا ته رڪارڊ ڦري ۽ وڄي ٿو. ڪنور رام چندر ۽ جيوڻي مائي جا رڪارڊ وڄائيندا هئا. ان کانپوءِ پهريون ريڊيو استاد ميوو خان جي فرزند احسان علي آندو، جيڪو سرڪاري خرچ تي آمريڪا پڙهڻ ويو. وڏو ايگريڪلچر جو آڦيسر هو. اتان خريد ڪري آندائين. خاص ڪري پُنهي جي اوطاق تي وڄائيندا هئا. تقريبن سڄو ڳوٺ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ايندو هو.
لغارين جو اتحاد: ”چواڻي آهي ته ٻڌي کي وڏي طاقت آهي“ تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته لغاري بجراڻي جي ڳوٺ وارن جو هڪٻئي سان اتحاد ۽ ٻڌي جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور هئي. توڙي کڻي جو هڪٻئي سان ڀت ڀاڄي نه کائيندا هجن. تڏهن به ٻي ڪنهن قوم سان يا وقت جي ڌاڙيلن سان گڏجي جنگ جوٽيندا هئا ۽ دشمنن کي ڪيٽي مان ڀڄائي ڪڍندا هئا. اوپرو ماڻهو يا چور چڪار ته جوءِ ۾ ئي ڪو نه ايندو هو. درياه مان به ڪڏهن لغارين جي ڪيٽي مان ڪنهن چور يا ڪاٽڪو ڍور لهوارو يا اوڀار نه نيو. ڳوٺ وارا راتيان ڏينهان هڪٻئي لاءِ ساهه سر صدقي ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا. ڌارئي جي ناجائزي برداشت ڪو نه ڪندا هئا. صلاح مصلحت ڪرڻ کانپوءِ آخري قدم کڻندا هئا. چند چڱا هئا، جن جو هر ڪو احترام ڪندو هو ۽ انهن چواڻي حڪم هلندو هو. اها ٻَڌي سالن پڄاڻان، اڄ تائين دائم ۽ قائم آهي ۽ پڻ اهو اتحاد تائين قيامت برقرار رهي آمين. سچ پچ ٻڌي ۾ سڀئي ڪارج سڌ ٿي ويندا آهن.
ڪيٽي ۾ ٻوڏون، کوهن ۽ پڙهوڏن تي آباديون: اڳ عرض ڪري چڪو آهيان ته ڪچي واسين جو جياپو درياهه شاهه آهي، اڳ جڏهن ڊيم نه هئا ته آبڪلاڻي مند ۾ درياهه جا ڌڌڪا ۽ ڇولين جا ڇڇڪا ڪوهين ٻڌبا هئا. درياهه پنهنجي موج ۽ چڙهه ۾ ٻوڏ ڪندو هو. ڍورا، ڍنڍون، دٻاءِ زمينون ڀرجي وينديون هيون. مهر جي ٻوڏ سان هر جيوت ۾ ڄڻ نئون ساهه پئجي ويندو هو اوڀر توڙي اولهه بچاءُ بندن سان پاڻي ٺهڪي بيهندو هو. ڪچي وارا ٻيڙين ذريعي يا سنڊن ذريعي تري، پڪي تان سيڌو وٺي گهرو گهرجون پوريون ڪري واپس گهر ايندا هئا. اهڙي طريقي سان سانوڻي جو وقت گذاري پار پوندا هئا. جيئن ئي پاڻي لهندو هو پاڻي واپس ساڳين ئي نکامن مان نيڪال ٿي درياهه ۾ پوندو هو. جيئن ئي زمينون هرين/ وٽ ۾ اينديون هيون، ته هاري جيندل ڊکڻ جا ٺهيل هر پنجاريون سنڀاليندا هئا. بوسي زمينون آباد ٿينديون هيون، گهڻو ڪري چڻا، مٽر، ڪڻڪ، سرنهن، ڄانڀو، سونف، ڌاڻا گدرا ۽ ڇاهيون عام جام پوکيندا هئا. اڳ ٽريڪٽر وغيره ڪو نه هئا. ڏاندن ۽ اٺن وسيلي هر ڪاهبا هئا ۽ انهن ئي وهٽن وسيلي گهڻن ۽ وڏن ڀترن واري زمين ۾ ليٽڻ گهمائي ناڙي لائق زمين ٺاهيندا هئا. ليٽڻ ڏهه ٻارهن فوٽ ڊگهي ۽ 2 فوٽ ويڪري ٿلهي ڪاٺ جي ٺهيل هوندي هئي. ٻه اٺ يا ٻه جوڙا ڏاندن جا ڇڪي ليٽڻ زمين ۾ گهمائيندا هئا ته ڀتر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويندا هئا ۽ زمين سنهياري ٿي ويندي هئي. ليٽڻ به خيراتي شي هئي. عام ماڻهو وهائيندا هئا. ڪن غريبن وٽ ڏاندن ۽ اٺن جي اڻ هوند ڪري وَٽوهڙ سان ڀتر ڪٽي زمين ٺاهيندا هئا. گهڻو ڪري ناڙيون ڪندا هئا. ناڙي ڪاهڻ به خدائي ڏات آهي. پنجن کان ڏهن ٻارهن جوڙن واري جوٽ ۾ اڳيون ڪاهو، جوڙن آهر جَاٽ هڻندو ته جيئن هر ڪو جوڙو پنهنجي اوڙ وٺيو اچي. پويون ڪاهو به ڏاندن جي جوڙي کي ڪن رهيل ڪاپن يا ڀاڱن جي پورائي ڪندي تڙيندو ۽ وهائيندو ايندو هو. اهڙي طريقي سان ڪچي ۾ ٻوڏون ٿين ته تونگن جا تونگ ناڙيون ڪيون وينديون هيون. پري اوري کان ڀلاڪا هاءِ ڀلا ڏاند گهرائي مقابلا ڪرايا ويندا هئا. ڏورڻا مٽبا هئا. ڏاندن کي ڇيريون پيل هونديون هيون، مزرا ۽ مرادون ملنديون هيون، ديڳيون ونگارين ۽ ڏسندڙن کي کارايون وينديون هيون. پر جي اتفاقن ڪنهن سال ٻوڏ گهٽ ٿيندي هئي ته لغارين جي ڪيٽي ۾ ويهارو کن کوهه هئا. جن تي ڪاٺ جا نار چاڙهي آباديون ڪندا هئا. نارن ۾ اٺ يا ڏاند وهائيندا هئا. لوهي نار گهڻو پوءِ آيا، اهي به کوهن تي چاڙهيندا هئا. هر کوهه تي چار جوڳون يعني چار هاري هوندا هئا. هر ڪو پنهنجي پهر آهر پوک پچائيندو هو. اهي گويه چيٽي فصل هئا. ٻوڏ دوران ڪن ٻيٽن تي نوان لٽ ٻهر، چيڪا گوڏي کان مٿي پوندا هئا. هاري ٺڪر جي ڀاڳين يا دَکين ۾ ٻج وجهي پيل لٽن واري زمين جيڪا گپ ۽ رپين جي صورت ۾ هوندي هئي اتي ڇٽون ڪندا هئا. جنهن کي ڇٽ جو فصل چيو ويندو آهي.
ڪَتي جو فصل گهٽ ٿيندو هو. وسيلن نه هئڻ سبب واهڙن ۽ ڍنڍن جي ڪپرن تي کوهاڏا / کوٽي ان تي اٺ جا نار چاڙهي جواريون، ٻاجهريون، تر، مڱ ۽ گواريون وغيره پوکيندا هئا ان اپائيندا هئا. هن مند واري نارن کي هُرلا نار به چوندا هئا
ڪاٺ جي نار چاڙهڻ لاءِ ٻيلن ۽ جهنگن مان وهٽن ذريعي وڏي ڪاٺوڙ گڏ ڪئي ويندي هئي. نار ڌڻي پهريائين لانڍي ٺاهي ڇپر ڇانوءَ ٺاهيندا هئا. اتي ڊکڻ به موجود هوندو هو. جيڪو ڪاٺ جا ڪِلا گهڙي نار ۽ ان جي سازن ٺاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ همراهن جو ٻانهن ٻيلي هوندو هو. رکيو فقير ”خيراڻي“ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو. ڳوٺ وارا گهڻو ڪري انهي کي آڻيندا هئا ننڍي چڪر، وڏي چڪر، لٺ ڪانيڻ، ڳاگيون، مُهرا، نسير، پاڙڇ، ارڙيون، ڍينڍو ڪاٺ جا ٺهندا هئا. مالهه ڪانهن جي نوڙين مان وٽي، وڏي چڪر تي وڇائي، ڪنگريون يا ڀاڳيا ٻڌي ڇڏبا هئا. چئوطرف گاڏي ڦرندي هئي، وهٽن کي گوڏن کان مٿي ڇيرون به ٻڌندا هئا ته جيئن خبر پوي ته وهٽ وهندا رهن ٿا ۽ پڻ وهٽن جون نار وهڻ وقت اکين تي اکياڙيون چاڙهي اکيون ٻڌي ڇڏيندا هئا ته جيئن وهٽ وهڻ ويل ڪنهن اوپري شئي يا کوهه، پڙهوڏي جي کڏ ڏسي ٽاهه ٽوهه نه کائين.
ڪاٺ جا نار چاڙهيندڙ، محب علي خيراڻي، پانڌي ماڇي، ادريس ميراسي، سليمان بجراڻي، هاشم مولڻائي، صاحب فقير، دوست علي احمداڻي، دوست علي مهراباڻي، الهه بخش الياڻي، برادي پڃارو وارا کوهن ۽ پڙهوڏن تي نار چارهڻ جا جوڌا هئا. وهٽن جون اکيون ٻڌي گاڏي ۾ جوٽيندا هئا. ڳاڌي ڦرڻ سان سڄو ڍنڍو ڦرندو هو ته ڪنگريون به پاڻي آڻينديون ۽ نيئينديون هيون، ڪي ٺڪر جون ڪنگريون ڍينڍي ۾ مالهه ۾ سلهاڙيل هونديون هيون، ۽ پيون ڦيري سان پڄنديون هيون ۽ ٻيون ڀرجڻ وينديون هيون، ڦيري سان ڪنگرين جو پاڻي پاڙڇ ۾ ڪرندو ۽ پوءِ نسير مان وهي اڏ ۾ پوندو هو. اهڙي نموني چيٽ ڪتي آباديون ٿينديون هيون. لطيف سرڪار به هڪ نار تي بيهي ڪنگرين جو ڪمال هن ريت بيان ڪيو آهي.
تري ڀڳل ڪنگري، پئي ڦيرا ڏئي،
نڪي ڀري، نڪي آڻي، ته به سلهاڙي وتي سڄڻين.
لغارين جي جوءِ ۾ سيد عمر شاهه کوهاڻو جوڻالي جو ويٺل هو. کوهن کوٽڻ جو سئو ڪوهي تي مشهور هو. گهڻو ڪري لغاري جي ڪيٽي جا کوهه عمر شاهه ۽ سندس ساٿي حاجي راضي سيٺار جا کنيل هئا. کوهه کوٽڻ کان وٺي کوهه جي پڳ ٻڌڻ تائين ڪم ڪري کوهه راس ڪندو هو. اڳي کوهن ۾ ڪاٺ جا چڪ لاٿا ويندا هئا. هوڏانهن کوهه جي کاٽي هلندي هئي ته ٻئي طرف واڍا چڪ ٺاهڻ ۾ مشعول هوندا هئا. کوهه جي ويڪر جيترو گول دائرو ڪنڊي يا ٻير جي ڪاٺ مان ٺاهي ان کي ڳانا ٻڌندا هئا. چڪ کوهه ۾ لاهڻ واري ڏينهن وڏي خيرات ٿيندي هئي. واضح رهي ته ٻٻر يا ڪنڊي جو پڪو ڪاٺ پاڻي ۾ هجڻ سبب سخت ڪِٺ ٿي ويندو آهي. يعني لوهه جي مضبوطي جهڙي مشابهت هوندي اٿس. خيرات واري ڏينهن دهل دمامه وڄندا هئا. کوهه تڙ ڏيندو هو ته اهو چڪ رسن، واڍن ذريعي ٻڌي کوهه جي تر ۾ لاهبو هو ۽ پوءِ انهي چڪ مٿان سرن جي اوساري ٿيندي هئي ۽ آخر ۾ کوهه جي پڳ جو وراڻ ڏئي، مٺايون، مرادون ۽ گهورون وٺندا هئا.
ڪيٽي لغاري ۾ مال جا ڀاڻ: لغارين جي ڪيٽي ۾ سرائي شوڪت علي لغاري جو ڀاڻ جيڪو درياهون پار هو گلو ۽ راوت لغاري جا ڀاڻ، حسن احمداڻي جا ڀاڻ، دوسن لغاري جا ڀاڻ، هوت خان جو ڀاڻ، مين ٻگهيه ۽ غلام حسين ٻگهيه جا ڀاڻ هوندا هئا. درياهي وهڪرن مٽجڻ سبب هن وقت اهي ڀاڻ نه رهيا آهن.
ڀاڳيان ڀاڻ دٻن يا درياهه جي ڪپرن واري غير آباد جوءِ ۽ جهنگ ۾ اڏيندا هئا. هنن ڀاڳين وٽ ڀاڻن تي مال تمام گهڻو هوندو هو. لغارين جا نشاني طور ڍورن کي وڍ ڪڪر يا ڏنڀ ڏنل هئا. ڌنار پوکن جو پاسو وٺي ويهندا هئا. مال رات ڏينهن گور چرندو هو جوءِ ۾ جهنگ ۽ ڪک گهڻو هوندو هو. ڪنڌي سدائين سائي ۽ سربز هوندي هئي جهنگ ۾ چڙن ۽ ڊگرين جا آواز گونجندا هئا. راتيان ڏينهان ڀاڻن تي ٽاهو/ ٽراهو متل هوندا هئا. کير مکڻ ولوڙي چاڏيون ڀري ڇڏيندا هئا. آيو ويو ڌنار پنهوار مکڻ جا چاڻا کائي، لسين جا لوٽا پي، ڊانڊريا پيا هوندا هئا. سانجهي جو مڇر، مک جي ڏنگ هئڻ سبب ڇيڻن جا دونهان ڪيا ويندا هئا. ته جيئن مال چري اچي دونهين ڀيڙا ٿين. سُوائون ته ڊُڪي سوير اچن، باقي ٻيو مال آهستي آهستي اوڳاريندو پيو ايندو هو ته ڪي ڍور ته ايندا ئي ڪو نه هئا. سڄي رات ڀاڻن وارا ڀوتار نڙ، بيت، قصن، ڪلامن واري ورونهن ۾ پيا گذاريندا هئا. صبح تي هر ڪو پنهنجو سنڀالي پهرائي ويندا هئا.
پتڻ جو وهڻ: ڪيئي ورهيه لغارين جي ڳوٺ کان اولهه طرف وهندڙ درياهه اتر کان ڏکڻ وهندو رهيو. خيرو ديرو پتڻ ڳوٺ ويجهو آمهون سامهون وهندو هو. تنهنڪري آر پار زمينون هئڻ سبب لغاري پاتڻين جا آهتي هئا. ”چواڻي آهي ته پتڻ جيئري به ڏيئو ۽ مئي به ڏيئو آهي“ تنهنڪري لغارين جي اُپت ۾ پاتڻي پَتيار هئا. ڏاڍو سائو پتڻ وهندو هو. ڪيئي ماڻهو، مال، وهٽ پيا پُرن ۾ ٽپيندا هئا. پتڻ جا نائکا موسو ۽ قادر بخش ملاح هئا. هڪ وڏي ساکرو مشهور ٻيڙي هين، جيڪا ڇوهي ۾ مارجي ويئي. انهي ٻيڙي جو به اوج هيو ته ٻيون به ساکرو ڊونڊيون هونديون هئن، پتڻ پيو وهندو هو. پاتڻين جي طرفان ٻنهي ڪپرن وارن گهيڙن تي ڇپر ڇانو ٺهيل هوندي هئي. سڻاوَ وائن تي سندرا ڏئي پار ويندا هئا. اَڻائي واءُ وقت پهرن مان ڏينهن گذري ويندا هئن. پڳهه نه ڇڙندو هو. سانوڻي ۽ سرءُ تائين سڙهن وسيلي ٻيڙيون هلنديون هيون. سياري جو درياهه ۾ پاڻي گهٽ هئڻ سبب ڳن ۽ ويڻا موڙي ونجهن جي زور تي پار پوندا هئا. موسو ۽ قادر درياهه جا وڏا ڄاڻو هئا. ٻوڏ يا گهڻي پاڻي ٿيڻ جا رُتن آهر ٽيڻا به هڻي ٻڌائيندا هئا. جيڪي سچ ثابت ٿيندا هئا. سڻائي ۽ اڻائي واءُ کي به سمجهي ويندا هئا. ڀلي جوٽ هين، ليڪن وڏي ٻيڙي مارجڻ کانپوءِ پاڻ به نه رهيا. مرحوم ٿي ويا. سندن پونئر پتڻ سنڀاليو اچن. بخشل، بلاول ۽ هارون ملاح اڃا تائين پتڻ وهائيندا اچن.
عيدن ۽ شادين تي قوم جون خوشيون: عيد جو چنڊ ڏسبو هو ته ننڍن توڙي وڏن ۾ ٽهڪڙا مچي ويندا هئا. ڪچي واسي هونءَ ته گهڻو ڪري غربت هئڻ سبب شهرن ۾ ويندا ئي ڪو نه هئا. پر عيد، ميلو ملاکڙو ٻارهين مهيني ٿيندو هو. تنهنڪري ٻهراڙي جا ماڻهو وڏي ڏينهن تي وندر خاطر شهرن، ميلن ملاکڻ تي ويندا هئا. غريب غربو، سرندي آهر، نوان يا سادا ڪپڙا، ليلامي ڪپڙا پهري ٽولن جي صورت ۾ گهڻ ويندا هئا. غريبن لاءِ ئي وڏا ڏينهن ماندگيون لاهڻ لاءِ ٿيندا آهن. امير ۽ شاهوڪار ته سدائين سک ۽ سلامتي ۾ هوندا آهن. غريب يارهن مهينا، اوڻٽيهه ڏينهن وڏي ڏينهن جو سهائي چنڊ جو ڏينهن ڳڻي انتظار ڪندا هئا. چوڻي آهي ته ”پٽ ۽ ڀائر ڀل وڌو وڌ هجن، پوءِ ڀل اهي اگهاڙا ئي هجن“ انهي مصداق جيان سنڌو ڪنڌي واسي به غريب هئڻ سبب قسمت سان پٽن ۽ ڀائرن جون شاديون ڪندا هئا. لغارين جو ڳوٺ ۾ هي رسم خاص هئي ته عزيز ۽ دوست گڏ ڪري شادي جي ٿت ٻڌندا هئا. پوءِ ته ڪيئي رنگ رچندا هئا. ڀلي هڪ ٻئي سان ڀت ڀاڄي نه کائيندا هوندا ته به هڪٻئي جي شادمانن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سانجهي ويلي جڏهن کليل ميدان تي دهل ڏونڪو وڄندو هو ته هاري، ڌنار، مزور جوان، پوڙها، توڙي ننڍا ٻار ڏونڪن واري ناچ ۽ ملاکڙي ۾ ضرور شرڪت ڪندا هئا. سٺي راند ۽ سٺي ناچ ڪرڻ وارن کي ٻانهين مان مُزرا ملندا هئا. ننڍا ٻار به وڏن جيان هڪٻئي کي سندرا ڪشي پيا جانٺا ۽ وارا هڻندا هئا. سڄي ڏينهن جا ٿڪ ۽ ڳڻتيون ڏونڪن ۾ لٽجي ويندا هئا. ڏينهن پيا ڳڻبا هئا ته ڪڏهن ٿو لايو سجايو ٿئي.
رانديون، ملهه، ڪٻٽي، ٻلهاڙو، والي بال گلي ڏڪر: ٻهراڙي ۾ ته راند روند ئي مونجهارا، ماندگيون، غربت، ڏک ۽ تڪليف کي گهڙي پلڪ لاءِ ذهني توڙي جسماني اذيتن کان پري رکڻ جو ذريعو هوندو هو. صبح ويل هر ڪو پنهنجي ڪرت ڪري منجهند جو اوطاق تي پتي تاس راند، چنر چيلي، نوٽڻ، سورهڻ ٽڻ، رانديون کيڏيون وينديون هيون، سانجهي وري کليل ميدانن تي ڪٻڊي، ملهه، ٻلهاڙي، ونجهه وٽي، گلي ڏڪر چِرا چٽڻ، لاتون ڦيرائڻ والي بال کيڏيون وينديون هيون. رات جو وري ڪشادن ميدانن ۾ به ڳوٺاڻي خلق گڏ ٿيندي هئي. هڪٻئي کي گڏ ڪرڻ لاءِ هي آلاپ ڳائيندا هئا.
”اڪ جي ڪاٺي، لم جو پايو، راند جو سايو، ڊوڙي اچي ڊڳڙ کاءُ، موٽي وڃي موچڙا کاءُ جيڪو نه ايندو انهي جي ناني کي گدڙ گهلي ويندو.
وو...وو.............هڪ اواز ٿي ويندا هئا.
سڄي ڳوٺ ۾ پڙلاءَ پئجي ويندو هو هر ڪو تڙ تڪڙ ۾ گهر، مال جا اوکا پوکا لاهي، ننڍا وڏا گڏ ٿي ويندا هئا. بازر کان اتر ڏکڻ وارن جون مئچون ٿينديون هيون. طرحين طرحين جا ڀوڳ، رانديون، کلڪارا، راندين ۾ هڪٻئي کي گوءِ کڻڻ لاءِ ڦڙتيون ڪندا هئا. چانڊوڪين راتين ۾ ته سج اڀاري ڇڏيندا هئا.
ملهه: لغاري بجراڻي ڳوٺ جا عدد ٻه پهلوان پهرئين جوڙ ۾ ملهون وڙهندا هئا. حسن علي، خدا بخش جي ڳوٺ وارو ۽ علي حيدر خان سهراباڻي، ٻئين جوڙ ۾ برسات علي عرف نظر علي، پيرو ملاح، روشن عرف روشو ڪالو، قاسم ڪورائي قائم چڪرائڻي.
”هڪ دفعي امام شاهه جي ميلي تي قائم کي ڪنهن ملهه ڌڪ ڏنو قائم ڏندڻجي ويو. گهڙي کانپوءِ وري ملهه لءِ چيائونس قام نابري واري ڇهر هڻي ويهي رهيو. کائنس سبب پڇيائوسن چيائين ته هن کان وڌيڪ ڌڪ ايندو آهي ته ماڻهو مري ويندو آهي. تنهنڪري آئون ڪو نه وڙهندس“ ٽئين جوڙ جا رانديگر، باقر خيراڻي، خادم خيراڻي، شوڪت علي بجراڻي، لطف علي، خدا بخش ڳوٺ وارو، مدن ملاح، رمضان ملاح.
ڪٻڊي ۽ ٻلهاڙي جا رانديگر: لغارين جي ڳوٺ ۾ ڳهڻو خان فقير، استاد حسن علي ولد خانڻ فقير، قلب علي ۽ استاد غلام شبير، علي شير سهراباڻي، علي بخش عرف اسباط علي، طالب حسين مير وارو، طالب حسين خدا بخش جي ڳوٺ وارو، نظر فقير شاعر، دوست علي عرف دوسو جمعدار بجراڻي، بلاول بجراڻي، غلام علي بجراڻي، غلام مرتضى مهراباڻي، غلام الرسول سهراباڻي، پانڌي ماڇي، الهه بچايو حڪيم ”فدائي“ قوي رانديگر ٻڌبا هئا.
هاڻوڪي ٽهي ۾ به استاد نظر علي عرف برسات علي، محمد بخش عرف منو، مير محمد ولد شاهه محمد، ابراهيم ننڍو ڪورائي، دربان علي، اڪبر ولد قلب علي، خير محمد ولد گلشير، وزير ولد ڪيئنسر، فقير محمد خدا بخش جي ڳوٺ وارو، حاجي ولد فيض محمد، جمال خان، بچل ڌوٻي، خانڻ بجراڻي، صالح جهنڊي وارو، سومر مولڻائي، رستم بجراڻي، علي حسن عرف مُستي بجراڻي، باقر سهراباڻي، فخر علي، حاڪم ولد مهرو، نيازو ڪيئنسراڻي عرف گاڏو پهلوان، محمد خان خيراڻي، غلام نبي مهراباڻي، ابراهيم ولد محب علي احمداڻي ۽ ناچيز به ساڻ وندو هون. وغيره هن وقت ڪي آهن ته ڪي لوڪ پڌاري ويا.
والي بال: والي بال جا رانديگر لغارين جي ڳوٺ واران جي پري پري تائين ڳالهه هئي. والي بال جو خالق استاد جيوڻ علي سهراباڻي هوندو هو. کوڙ سالن کان راند رچايو پي آيو. هن وقت پندرهن ويهه سالن کان سرڪاري سنڌي ماستري تان رٽائر آهي. پوئين پهر ۾ آهي. شال! خوش هجي. تعلقه يا ضلع سطح تي ٽورنامينٽ رانديون ڪرايون وينديون هيون. انهن ۾ حصي وٺڻ لاءِ ڪئپٽن، سرواڻ استاد جيوڻ علي هدايتون ۽ راند جا قائدا قانون سمجهائي گهڻو ڪري عدد ٻه ٽمون کيڏائيندو هو. هڪ نه ٻي ٽيم لغارين جي فائينل ۾ پهچي ويندي هئي. کيڏي انعام حاصل ڪندي هئي.
هڪ دفعي ضلعي نوابشاهه طرفان دولتپور ۾ والي بال راند جو ٽورنامينٽ جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن ۾ تقريب ويهن کان ٽيهن ٽيمن حصو ورتو لغارين جون عدد 2 ٽيمون اي ۽ بي نالي تشڪيل ڏنيون ويون، پُکن ذريعي مختلف ٽيمن سان لغارين جون ٽيمون کيڏنديون رهيون ۽ سوڀاريون ٿينديون آيون، تان جو ٽن ڏينهن جي سخت مقابلي ۾ آخري فائينل ۾ اچي لغارين جون ٻئي ٽيمون پهتيون، ڪيئي مخلوق گڏ ٿيندي هئي. رانديگرن کي انعام ۽ مُزرا ڏيندا هئا. واهه واهه ٿي ويندي هئي، لغارين جون ٻئي ٽيمون انعام اڪرام، ڪپ، ٽرافيون ۽ شابسون وصول ڪري ڳوٺ پهتيون.
اي ٽيم جا والي بال جا رانديگر: استاد جيوڻ علي، غلام الرسول مهراباڻي، غلام مصطفى مولڻائي، طالب حسين خدا بخش جي ڳوٺ وارو، برڪت علي تپيدار، غلام مرتضى مهراباڻي.
بي ٽيم جا رانديگر: روشن علي مولڻائي، غلام نبي مهراباڻي، لعل بخش عرف اقرار علي، محمد بخش عرف منو، علي بخش همام دسته ۽ بنده شامل هئا. اسپيئر ۾ برسات علي ”اميد علي“ جيڪو بال کي ڌڪ هڻڻ وقت چوندو هو ”هت رکينس“ استاد دودو عالم خان وغيره.
هاڻي به راند رچي پئي، پر نون قائدن ۽ قانونن جي ابتڙ ٻهراڙي ليول جي راند کيڏي وڃي پئي. جنهن ۾ ارباب علي، صالح ڊاڪٽر قربان علي، شوڪت علي، استاد بخشل، جيئند، فڪر علي، سومر، سائينداد، غلام مصطفى بجراڻي، غلام حسين ولد دلاور، غلام مصطفى عرف مُستو، علي حسن عرف مُستي، بشير عرف بشن احمداڻي، عبدالمجيد عرف شدن احمداڻي، انور مهري وارو، وزير احمد احمداڻي، رمضان ملاح، اياز احمداڻي.
چانڊوڪين راتين ۾ سير سفر ۽ شڪار:
چانڊوڪين راتين ۾ نوجوان ٽهي ۾ گهمڻ، راند کيڏڻ، ڪُڏ ڏيڻ ۽ شڪار ڪرڻ جا جذبا اڀامي پوندا هئا. سنجهي جو ٽولا ٺاهي درياهه ڏانهن رخ ڪندا هئا. واٽ تي واڙين مان گدرا ڇاهيون پٽيندا کائيندا، چڻن مٽرن جو ڏڌڙيون ڪندا، ٻير چونڊيندا، اچي درياهه تي پهچندا هئا. درياهه ۾ تڙڳن، ڏائي راند کيڏن، لهوارا ٻانهڙ، لڙن، لانگوٽا چاڙهي رانديون به رچائين، اهي مامرا طئه ڪري، شڪاري ڪتن کي ڪوڪرون ڪندا هئا ته اهي به سهڪي اچي پهچن. واپسي ۾ سير بڇيندا هئا. سوئر سها، سيڙهون، به گودرن مان نڪري اچي چرن ته ڪتا به ڌپ تي انهن جانورن کي وٺڻ جي ڪن.
شڪارين ۾ هوڙ ڀيڻهان پئجي ويندي هئي. ڪنهن ماريو ته ڪنهن مارايو وارو منڊل هوندو هو. لڙي آڌي تائين گهمي ڦري، شڪار ڪاري جو انڙا اچي گهر ڀيڙا ٿيندا هئا.
سگهڙ ۽ سالڪن جون ڪچهريون؛ اڳ تر جا چڱا چڱن وٽ، محفلن ۽ ڪچهرين ڪرڻ لاءِ هلي ويندا هئا. جن ۾ پارکو ۽ سڄاڻ به هوندا هئا. نج سُپڪ سلوڻي سنڌي ۾ ڳالهائيندا هئا. هڪٻئي وٽ ٽڪي، راتيون ڀڃڻ مانَ ۽ شانَ سمجهندا هئا. محبت ۽ مروت جي ڪهڙي نه عجيب مها هئا. رئيس دوست محمد ٻگهيه گچيرائي، مير محمد منشي ٻگهيه پارپچو، سائين ميوو خان لغاري، سرائي سمندر خان لغاري، سرائي مڱڻ خان لغاري، سرائي عرض محمد خان، حاجي شوڪت علي، زوار غلام عباس فقير، علودو ۽ بخشڻ علي خان اول وارا موتين مالها پائيندا هئا. جڏهن اوطاقن تي گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا ته هر موضوع ۽ هر رنگ رچندو هو. روئڻ هارڪي کي به کلائي ڇڏيندا هئا، چلم وچ جي زينت هوندي هئي.
دوست محمد ٻگهيه ڪچي جو زميندار هو سُگهڙائپ ۽ سڃاڻپ جي خوشبوءِ سِکندي هئس. انگريزن کي شڪار ڪرائيندو هو ۽ چاڪري ڪندو هو. هڪ دفعي انگريز وٽس شڪار تي آيس، ڪچهري دوران انگريز مخاطب ٿي چيو ته دوست محمد خان ماڻهن چواڻي، تو ۾ ڪهڙي خوشبوءِ آهي؟ اها ڪهڙي آهي، جواب ۾ ٻگهيه چيس ته ”سائين منهنجا! نڪ وارن کي خوشبوءِ ايندي آهي، بي نڪن کي ڪا نه ايندي آهي“ انگريز هن جي لفظن جي اُڇل سمجهي قنڌ هيٺ کڻي ڪيو. پوئين ٽهي ۾ به سگهڙن ۽ سالڪن جو ڪاٿو ئي ڪو نه آهي.
غم حسنين، مجلسون، پڙ، مسجدون ۽ ملا:
حسن مير حسين لاءِ جن نه هيئنڙي ڄامر
خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن.
ڳوٺ لغاري بجراڻي وارن کي علي علي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا به ڳلي ڪانهي البته پاڙي ۾ رهندڙ احمداڻي قوم، پڃارا، ملاح، ماڇي وغيره اهلسنت سان تعلق رکندڙ هئا. پر تڏهن به محرم پاڪ جي مهيني ۾ غم حسين ضرور ڪندا هوندا ۽ نه وري ڪا اهڙي تاريخي تلخي ٿي آهي، جو بيان ڪجي، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ دستور مطابق، غم اهلبيت ملهائڻ لاءِ هر سال محرم مهيني ۾ تعزيه، سيجون، سينگاري قافلا ڪڍي، مجلسون به پڙهندا هئا ته سينه زني ۽ زنجير زني به ٿيندي هئي. نذر نياز سبيلون، هلنديون هيون، درياهه پاتي کان اڳ به علي گوهر ٻوڙي وارا تعزين، سيجن ۽ پينگهن سجائڻ جا خاص خادم ۽ مزاور هئا، اڄ به علي گوهر جي پٽ خادم حسين (لائوڊ وارو) سواريون سجائيندو اچي ۽ پڻ امام بارگاهه جي خدمت به ڪندو رهي ٿو. گهڻو اڳ جڏهن ڳوٺ ۾ باقائده تنظيم سازي ڪا نه هئي ته به وڏڙا پنج اَٺ ڄڻا قافلي جي نگراني ڪندا هئا. پر پوءِ ستت ئي ملنگ غلام شبير ۽ سوڍو ولد مراد علي گولو ٻاري مجلس تي رات جو کڻي ايندا هئا. پوءِ ته جمال خان عرف امان علي کي ماتمي سالار بنايو ويو جيڪو اڃا تائين سرواڻي، قافلي جي ڪندو اچي شل خوش هجي. علي گوهر، دينڻ، صوڀو ۽ علي بخش وارا امام بارگاهه تي حاضري ڏيندا هئا. ڳوٺ پاتي کانپوءِ غم حسنين جاري ۽ ساري آهي. هاڻي پڪي امام بارگاهه ٺهيل آهي، جيڪا ”پنجتني امام بارگاهه“ جي نالي سان مشهور آهي. هاڻي نوجوان ٽهي آهي، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ جيڪا مجلسن ۽ ماتمين جو جلوس ڪڍي هئي حسين يا حسين ڪندا وتن! غم حسين ويرون ويرون وڌ آهي.
محرم مهينو شروع ٿيندي ئي مونن جي گهرن ۾ کٽولا اونڌا، ويس ڪارا، پهري غم حسين ۾ مستغرق ٿي ويندا هئا. بازار کان اوڀر ۾ امام بارگاهه هئي. هر روز رات جو گڏ ٿي مجلس ۽ ماتم جو ورد ڪندا هئا. محرم پاڪ جي مهيني توڙي ٻين مخصوص ڏينهن تي جڏهن مجلس برپا ٿيندي هئي ته صوڀُو ترنم ۽ سريلي آواز ۾ سج لٿي ڌاري صلوات پڙهندو هو ته جيئن ڳوٺ وارن کي خبر پوي ته اڄ مجلس آهي. مجلسون گهڻو ڪري زوار الهه رکيو مهراباڻي، غلام عباس، فقير ٻڍل، حاجي غلام شبير، استاد حاجي اميد علي، دينو عرف دينڻ مهراباڻي، برسات علي عرف نظر علي، علي گوهر وارا پڙهندا هئا. صُوڀو ۽ علي بخش قيصراڻي خاص طور زوار الهه رکيه جا سوزي هئا. ڪڏهن ڪڏهن سيد واحد علي شاهه، ڪرم شاهه، زوار گل حسن باگاڻي، مولوي عطا محمد لانگاهه، حاجي الهه بخش لانگاهه، محمد اسماعيل لانگاهه وارا به لغارين جي ڳوٺ ۾ مجلسون پڙهڻ ايندا هئا، نبي بخش ۽ وارث سهراباڻي وارا ماتم دوران بند به ڏيندا هئا. پهرئين محرم پاڪ تي مختلف مردن ۽ زنانن پڙن تي ۽ اوطاقن جي اڱڻ تي علم پاڪ نوان سنوان ڪندا هئا. عَلم پاڪ ۾ نئين بئرڪ چڙهندي هئي، عَلم واري ڪاٺي کي رنگ روغن ڪري، اُڀو زمين ۾ کوڙي ڇڏبو هو، ان کي جهل ڇِڪ وارين رسين ۾ سرينهن جي وڻ جون ٽاريون ٽُنبي ٽوپي، ٽاڪي ڪجهه مومن گڏ ٿي عَلم پاڪ کي اُڀو ڪندا هئا ۽ نظر نياز ونڊيو ويندو هو. ستين رات، سيج سينگاري، امام بارگاهه واري پڙ تي کڻي ايندا هئا. گهڙي کانپوءِ اتان سواري کڻي بجراڻين جي زناني پڙ تي پهچندا هئا. ڏهين تاريخ صبح تي قافلو تعزيه، پينگها ۽ سيجون سينگاري مختلف پڙن تي جتي عَلم پاڪ چڙهيل هجي، اوطاق ۽ ماتمين جي جاءِ ڦرين ڦونگارن سان صاف هجي، اتي قافلو ويندو هو. جيئن صبح ويل علي گوهر فقير واري پڙ تان سواريون سينگاري، قافلو نڪرندو هو ته ٿورو اتر ۾ حسن علي لغاري جي پڙ تي قافلو پهچندو هو. مجلس نياز ونڊيو اتان قافلو وري اتر ۾ علي آمار ۾ حاجي ڪمال خان جي اوطاق تي پهچندو هو. وري اولهه ۾ زوار فتح محمد ميراڻي جي ٺهيل مسجد واري علم جو طوائف ڪري دلاور لغاري جي اوطاق تي پهچبو هو. راهه رباني جو ورد ڪري ڏکڻ طرف وڏي ڳوٺ پنهل ميراڻي جي اوطاق تي اچبو هو. ماتم مجلس ٿيندو هو سواريون، فقيرن ۽ سهراباڻين جي زناني پڙ تي پهچائيندا هئا. عورتن ۾ رڙيون ۽ رنڀاٽ پئجي ويندا ۽ ماتم به ٿيندو هو، اتان وري سواري کڻي ڳوٺ جي وچان واري گهٽي ڏياري مهراباڻين جي زناني پڙ تي پهچندي هئي، جتي پڻ سواريون ڏسي ۽ چمي عورتون به اوڇنگارون ڏينديون هيون. هئي حسين يا حسين واري ورد شروع ٿي ويندي هئي.
مردانو قافلو پُنهي جي اوطاق تان ٻڍل جي مجلس ٻڌي روانو ٿيندو هو. نور شاهه مقام کان ٿيندو، صاحب فقير جي دارئي ۾ داخل ٿبو هتي خاص طور تي فقيرن جو ويڙهو نظر، نياز ڪندو هو. غلام عباس فقير مجلس پڙهندو هو. پاڻ به زارون قطار روئيندو هو ته مومنن کان ڪرلاٽ، ڪيهاٽ ڪڍائي روئاري ڇڏيندو هو، ماتمي به ڏک ۽ جوش ۾ سينه زني ۽ زنجير زني جو ماتم ڪندا هئا.
اتان وري قافلو ڳوٺ جي اولهه ۾ بازار ٽپي مڱڻ خان جي پڙ تي پهچندو هو، هن پڙ تي زوار الهه رکيه مهراباڻين سورين سان گڏجي فضائل ۽ مصائب پڙهندو هو ته مومن به هنجون هاريندا هئا ۽ روئڻ ۾ ٻڏي ويندا هئا. اتان قافلو اٿي اوڀر روانو ٿيندو هو ته رستي تي مهراب مهراباڻين جي گهرن وٽ سواري گڏبي هئي. مومن اوثاريون ۽ مرثيه پڙهندا، حاجي ملي جي هٽ کان اوڀر ۽ حسين فقير جي هٽ کان اتر ۾ ڪشادي ايوان ۾ علم پاڪ لڳل هوندو هو. اتي اچي قافلو پهچندو هو. اتان سواريون بجراڻين جي زناني پڙ تي کڄي وڃن. مرداڻو قافلو اتي مجلس ۽ ماتم برپا رکندو هو. هن پڙ جي نگراني ۽ غلامي گهڻو ڪري ”خيراڻي“ ڪندا هئا. هتان وري امام بارگاهه کان قافلو ٿيندو، مٺي فقير جي اوتاري تي پهچندو هو، هتي جي نگراني زوار مراد علي ۽ ”عطراڻي“ ڪندا هئا. اتان وري يقين علي جي اوطاق کان ٿيندو سليمان بجراڻي جي اوطاق تي پهچندو هو. ريت مطابق اتي به مجلسون پڙهي وري سرائي سمندر خان جي اوطاق تي قافلو پهچندو هو. اتان وري ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي ۾ ميراسين جو علم لڳل هوندو هو. اتان قافلي کي طوائف ڪرائي سڌو علي گوهر واري پڙ تي پهچبو هو. سواريون به ساڻ هونديون هيون. اتي زوار الهه رکيو شام غريبان پڙهي، زيارت پڙهائي نهرات ڪرائيندو هو. جن پڙن يا اوطاقن تي قافلو ويندو هو خاص طور انهن جاين تي نظر نياز ٿيندو هو. جيڪو نهرات کانپوءِ مومن وٺي کائيندا به هئا ته گهرن لاءِ به نياز کڻي ويندا هئا. چوڏهين تاريخ تائين سوڳ هلندو هو هاڻي به غلام مصطفى مهراباڻي، استاد غلام اڪبر ميراڻي، جمال خان، استاد سائين بخش فقير، رمضان علي ميراڻي، ديدار علي ولد طالب حسين، بچل ڌوٻي، سوڍو ولد مراد علي، ڳوٺ جي عزاداري ۾ سرواڻ آهن. نوحه خوان به آهن. سوڍل فقير ڳائڻو، استاد غلام اڪبر ميراڻي، اوشاق عرف ”لوگي“ خادم لائوڊ وارو جمال خان فتح علي ولد علي بخش الياڻي، محمود ولد سائين داد لغاري، ممتاز علي عرف متو ڊاڪٽر قربان علي، رضا ولد تاج محمد پڻ ماتمي تنظيمن جا ماڻهو آهن.
ڳوٺ جون مسجدون: سرائي يار محمد خان واري مسجد، حاجي ملي واري مسجد، زوار الهه رکيه واري مسجد، غلام عباس فقير وارن جي مسجد هوندي هئي. جتي فرض ۽ جمع نماز پڙهائي ويندي هئي. فقيرن واري مسجد جي نگراني دينڻ ڪندو هو. دلا، مٽ، ڦريو، ڦوهارو ڏيندو هو.
ڳوٺ جا مُلا: حاجي ملو، صادق علي فقير، حاجي اميد علي، ملو غلام قادر مهراباڻي، ٻڍل، زوار الهه رکيه، دينڻ، نمازين جي امامت به ڪندا هئا. نڪاح ۽ مَرَ جيءَ به پڙهندا هئا. هن ٽهي ۾ رضا محمد ولد تاج محمد حاجي ولد يار محمد، استاد غلام اڪبر ميراڻي، رمضان علي ميراڻي، حاجي محمد احمداڻي، مولوي بدر الدين وارا نڪاح ۽ مَرَ جيءَ پڙهندا رهن ٿا.
”ملو غلام قادر مهراباڻي، واگهرجي مان پڙهي سَنَد وٺي آيو. هڪ ٻه عيد نمازون پڙهايائين، ۽ پوءِ فقيرن واري مسجد ۾ قرآن پاڪ پڙهائيندو هو. بنده پڻ استاد غلام قادر مهراباڻي جي استادي ۾ قرآن پڙهي پڄايو ڪجهه وقت کانپوءِ دماغي توازن بگڙي ويس، پندرهن کن سال گذريا هوندا جو وصال ڪري ويو“.
انهي وقت ۾ نبي بخش وارا، شيرل سهراباڻي عرف نئون، فقير سريلي ۽ وڏي آواز سان فقيرن واري مسجد ۾ بانگ ڏيندو هو، جنهن جي آواز جو پڙلاءُ سڄي ڳوٺ تائين پهچندو هو.
ادب ۽ شاعري: سچ پچ ڪچي واسي دادلي جي ڪنڌي وارا سادڙا، سٻاجهڙا ماڻهو سراپا نياز ۽ ادب آهن. ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ به ڪيئي ادبي رهاڻيون رچنديون هيون. سياري ۾ رات جو اوطاق تي مچ پيا ٻرندا هئا. چلم پئي ڦرندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو ماني ٽڪي کائي اچي اوطاق تي گڏ ٿيندا هئا. کٽولا، منجيون، پيڙها ۽ تڏا ويهڻ لاءِ هوندا هئا اونهاري ۾ اوطاقن جي اڳيان کليل ويڪرن ميدانن تي ڪچهريون به ٿينديون هيون ته ڀوڳ، چرچا، رانديون به رچنديون هيون، مڙس ڪانڀان هڻي جو ويهن ته اوڀر اڀري وڃن. ڏِٺ، پروليون، ڳجهارتون، ڏور، بيت، ڪهاڻيون، قصا ۽ داستان به ڪٽبا هئا. سيدن جي ثنا ۾ قصيدا، وتائي فقير جا ٻول، فقراحي ۽ مزاحيه ڪلام به رهاڻ هئي. ادب پرور محفلن ۾ نظر فقير جهڙا في البيهه شاعر ان وقت ٺاهڻ ۽ گهڙڻ ۽ ان وقت چوڻ، واهه جو هنر هوس. ادب جي رونق هو. استاد ميوو خان، حيدر فقير، پنهل، صادق علي فقير، بخشو فقير، سرائي سمندر خان، علي حيدر خان، حاجي ملو وارن جي صحبت ۽ ڪچهري به سريحن ادب هئي.
علي مردان ۽ مهري فقير وارا به ڀلوڙ بيت پڙهندا هئا، ادبي اهڃاڻ هئا. استاد حاجي اميد علي، استاد محمد حسن مهراباڻي، استاد غلام قمبر ۽ استاد جيوڻ علي، ٻئي ڀائر استاد سعيد خان سهراباڻي، استاد رسول بخش مهراباڻي، استاد غلام شبير، استاد ڌڻي بخش فقير، استاد بهاول بجراڻي، استاد حسن علي فقير، حڪيم الهبچايو ”فدائي“ وارا به ادب جي ساڃاهه رکندڙ هئا. ادبي گفتن ۾ به موتين جي مالها پوئيندا هئا. ٻڌڻ وارن جا لڱ ٺري پوندا هئا. سڄي ڏينهن جي ڪوماڻ نڪري ويندي هئي ۽ هر ڪو تراوت ۾ اچي ويندو هو.
پوئين ٽهي ۾ محمد وارث سهراباڻي، سهج محمد، رجب ولد ٻڍل اخبارن ۽ رسالن پڙهڻ جا ڪيڙا هئا. نيم پڙهيل هوندي سٺو مطالعو هون. ڪامريڊ لڏي جا پهريائين ”جيئي ڀٽو“ ۽ پوءِ ”جيئي سنڌ“ واري نعري ۽ سياست تي قائم رهيا. خصوصي طور رجب ولد ٻڍل ڏاهو، غريب، تَن مَنَ صفا فقير مزاج جو ماڻهو آهي. شل خوش باش رهي آمين.
ڳوٺ جا شاعر: نظير فقير، مهرو فقير، استاد بهاول، جمع عرف جمن ولد فيض محمد بخشڻ ولد سائيڏتو، خانڻ عرف خانو بادشاهه ولد مهدي سهراباڻي، منظور حسين عرف ڏتل، مشتاق باگاڻي، عاجز اسلم لغاري، علي خان پياسي، وارا وڏي پئماني جا شاعر آهن. بهاول لغاري ۽ مشتاق باگاڻي جون ته ڪيئي شاعري تصنيفون ڪتابي شڪل ۾ اڄ به ادبي لئبريرين ۾ موجود آهن.
نظر فقير ولد احمد فقير: خيراڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ في البديهه شاعر هو. جتان آيس اتان واري ڪار هئس، گهڻو ڪري سندس ٺهيل ڪلام علي بخش ”همام دسته“ ۽ امام بخش ولد فيض محمد وارا چوندا هئا. نظر فقير ڀوڳائي ۽ شوق شڪار رکندڙ پرين مڙس هو. پنجوڙن ۾ ”مرون“ وٺڻ جو به ناميارو واٺو هو. شاعري وسيع هئس ڪتاب ڇپجي پيا سگهجن. ليڪن سهيڙجي نه سگهي زبان جي ڪئينسر وگهي لڳ ڀڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ 1974ع ڌاري وصال ڪري ويو. هڪ جاءِ تي چيوس اٿس.
واهه قادر قدرت وارا!
- توباريءَ بنايو ڀڳ، تماشو لوڪ، ڦِٽم سک سارا،
واهه قادر قدرت وارا
- هن جڳ ۾ آهين مهمان، ٻڌل سامان،
- ته ساجهر ٿيندين سفر تون تيار، ڏيندين ڪهڙو هلي اظهار....؟
- ”نظر“ ڪري آئين قول وڏا ويندئي ويل وهامي ڇا جيئندين جڏا!.
- ايڏي هڻ نه حياتي تي هام، سدائين اٿئي شام، اٿئي هٿ مَلڪَل جي ته مهار،
- ڏيندين ڪهڙو هلي اظهار...؟
شڪاري شوق ۾ هيئن به چيو اٿس.
ڪلام: آيا دل جا دلبر، ڪي ديدار ڏس تون،
خوشي جا کليا نيڻ، کلڪار ڏس تون،
مصرع: لوڌا لاڏ مان ڪن، ويڙن ۾ ئي واڪا،
واريو ويندن کي، اچن سان سهه ڪيا،
دونالين جا دهڪا، ڪي ڏهڪار ڏس تون، آيا دل...........
2. واٺا ويس لاهي، نچن ناز وارا،
سڌا هٿ سونڍن ۾، وٺن جا ئي وارا،
هايون ڪن هزار، ڳلي هار ڏس تون، آيا دل جا...
3. چيهن جون چهڪارون، ٽمن ۾ ئي ٿاڻا،
وهي تيڪ تاڙن، ڀڄڻ تي براڻا،
نظر تون نماڻا، کليا وار ڏس تون، آيا دل.....
هڪ ڪلام هي به چيو اٿس:
- هتي هنر تون هزار ٿو ٺاهين،
هر شيءَ تي ٿو حڪم هلائين،
پاڻ سڃاڻ، تون ڇا مان ڇا آهين،
نام انهيءَ جي نظر نه ڪا؟
وري هي به ٻول اٿس:
- هام نه هڻ تون هٺيلا، بي بقام بق نه ڪر،
سوڙهي، سامي ۾ سٽيندئي، اي بند ابانور نه ڪر،
سڀ ڪري برباد باقي، هيڪلو هلندين حبيب،
بي وفا دنيا انڌيري، ناهه نيبهه اي نظر.
هيئن به چيو اٿس:
- ڏي معافي تون مولا، توکي ساءِ ستايان،
بدڪار بيمار آهيان....
ڪهڙا ڪلام لکي ڪهڙا لکجن!
ڪلام: جادم هوندي حياتي، نوڪر ويندو نڀائي،
ماريندين پيو ته ڇا آهي............
هر روز ٿو رسين تون، هيڏو رهئين ستائي، ماريندين پيو ته ،
آئي منهنجين نصيبن، پيڙ مَ پلئه ڪو پاپي.
سهڻا چوان جا صافي، ماري ڇڏين، اٿئي معافي،
بس! مون لاءِ قبر آ ڪافي، ڏي نظر تون سر نمنائي.
هڪ دفعي وڏو ميرون اچي پنجوڙ ۾ لڳو، واٺا ويجهي نه پيا وڃن، آخر هڪلون ڪري مڙسن وڃي مرون دسيو! اتي واٺن ۽ ٻئي شوق تي هي ڪلام چيائين:
مون ته وٺڻ ڇڏيو به وساري،
ڪڍيو ڪات ڄاڙيون پيو ڏيکاري،
ڇهر هڻي ير مان، ڇپي جي ويڙس،
مٿئون نظر بيٺو ٿو نهاري،
مون ته وٺڻ ڇڏيو............
هي به چيو اٿس:
حسنين کي نه ڏيندس دل مان وري،
تنهن کان کائي زهر، مان ويندس مري،
مصرع: حسنين جي کپي، مگر ڪا نه شفا،
تنهن کان لازم آهي، بس موت صفا،
هُت هڪ وار مرڻ هِتي ڪيئي دفعا،
ويندين نيٺ ”نظر“ ڳڻتين ۾ ڳري،
حسنين کي نه ڏيندس دل.....................
هي به ڪلام اٿس:
نظر اهڙي نصيبي ٿي، ڪٺس در دوست جي اڳيان،
پوءِ جي جنازي کي ڪلهو ڏئي هلندو ته ڏک ۽ درد ويو ونڊيو،
تنهنجي در تي جهليم جهولي، تو ڇا ڇا خير آ ڪڍيو.
جمع عرف جمن ولد فيض محمد لغاري:
هي ويچارو هر هاري قد جو ڊگهو، ڪَتريل مڇون، منهن تي ماتا جا داغ، نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾!. پنهنجي دونهين دکايو، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾وکر جو هٽ کوليو پنجاهي کن ٻڪرين جا پهرون ڌاريو، پيو اُرهه سان ٻيڙي ڌڪي هڪ ٻه درجه پڙهيل آهي. شاعريءَ جي قدرتي ڏات اٿس، دل ۽ دماغ جي سيڄائي هئڻ سبب شاعري هن ريت اٿس، تڪ بندين رديف ۽ ڪافئي وغيره جي هن کي خبر ئي نه آهي، چوي ٿو:
ڪلام ٿلهه: شل عيدون نه اچن! تن سڄڻن جا ٿا پور پون،
شل عيدو نه اچن،
ڏس ڪهڙي ڪندو هاڻي عيد لغاري،
ٽٽي جڏهن کان پيار جي وئي يار،
تڏهن کان ئي، روئندو هليو ”جمن“
شل عيدو نه اچن،
ٻئي هنڌ چيو اٿس:
ڪلام: سرما تيل، ڦڻيون، ڦيريان، وڳا ويس پايان، ڪيئن سڄڻ!
هاڻي ڪهڙو ٿيندو، منهنجو جيئڻ، هي ازل ڀانيان يا الستي اَمرُ،
هتي ڏک ونڊيو اٿس:
ڪلام: موٽي ماڳ اچن، شال پرين ويندو ڳڻتي ۾، الهبچايو ڳري،
ٿي پئي نور حسين لاءِ دلڙي چري، ادا! ويو ته جمن لاءِ ڪري زندگي زهر،
وري چوي ٿو ته:
درشن تيڏي دا هي شوق اسان ڪون،
لوڙهه وڏي هي، غرض ”جمن“ ڪون،
آءُ ته پرين ڪرون ملاقاتڙيان.
هي ڪلام به چيو اٿس:
اسين جهانگيئڙا اياڻا اڻ ڄاڻ،
وجهي هٿ ٻرن ۾، پڇتايون پاڻ،
الله تن کي آڻ، سدا وسي سنڌڙي ”جمن“
خانڻ عرف خانو، مستانه، بادشاهه سهراباڻي، ولد مهدي سهراباڻي، جنم 1985-05-02 مستاني جي خاندان وٽ، ٻني ٻارو نه هئڻ سبب، مزوري ۽ ڌنارپي، ڪرڻ سکيو. ستن سالن جي عمر ۾ پڙهڻ جي شوق کيس اسڪول جو منهن ڏيکاريو، چار پنج درجا پڙهيائين، پر چوندا آهن ته ”غربت تعليم جي راهن ۾ رڪاوٽ آهي“ واري مصداق جيان، وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، تنهن ڪري ”ساڳيو ڳن، ساڳي ڪهاڙي“ واري ڪار جهنگ ۾ مزوري ۽ ڌنارپي پيو ڪري، خدائي ڏات مان شاعري جي جزبه سمايل اٿس. پنهنجي منهن شاعري جهنگ جهونگاريندو رهي ٿو. بغير ترتيب ۽ آٿت جي ڪري شاعري سهيڙڻ جيتري به سگهه ڪا نه اٿس. موجوده دور ۾ مزاحيه سماج ۽ جهنگ سان لاڳاپيل شاعري اٿس، خداوند ڪريم انهي شاعري واري جذبي سان سرشار رکيس ته جيئن معياري شاعري ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي سگهي آمين.
هڪ هنڌ چيو اٿس.
خانو! جڏهن تون، ويسين مَر،
1. سنگتين ساٿين ڪون، پوسئي خبر،
ڪرڻ اوسن تيڏي، عذر خواهي،
وات وچون ڪڍسن، اها ئي وائي،
خانو: ول نه اوسي نظر.
2. هرک ڪفن دا تيڪون، پليسن چولا،
پڇين ياد اوسي، تڪيو مولا،
جڏهن مچ آڙاهه دا ڏيکسين شعلا،
خانو، جڏهن تون ويسين مَرَ!
ڪلام: ڇا چئي، ڇا نه چوان، شادي نه اسان ڪيون....
1. مليو آرڊر، سينڊل وٺي آيس نوان،
سي منهنجي پٺن تي، ٿيا روان،
رات ساري سمهين نه سگهياسين سنوان،
پوءِ به مرد پنهنجو پاڻ کي چوان!
ڇا چئي ڇا نه چوان....................
2. ڏينهن جو لوڙي، مزوري ڪمايان سَوَ،
رات جو سرڪار چئي، ڪپڙا وڃي ڌو،
پادر کائين خانو، جي ڪرين نه هائو.