مختلف موضوع

دادلو درياهه

هي ڪتاب ”دادلو درياهه“ سنڌو درياهه بابت هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ فقير الله بچايو لغاري آهي. هو لکي ٿو:
”درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي. “
Title Cover of book دادلو درياهه

باب ڇهون : دريائن جا آبي پکي ۽ ويراڳي سيلاني پکي

آءٌ اڏامي هنجڙا، سَر ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پاهيڙي پهه ڪري.
نيرنگ، ڪَرڙو، آڙي، پيڻ، لاکو ڄاڃي، ٿوراندو، منگهه، چوئي، جهنجهري، ڏوريو، سانءَ ٻراهي، رتبو، لنگهو، درگوش، جُهرو، چِيخلو، بدڪ، سُرندو، ڪانيرو، کَڀو، هنج، چَڪور، صُحب پيڻ،
چون ٿا ته آبي پکين جا سوين قسم آهن. هتي صرف سنڌو درياه سان صحبت رکندڙ پکين جي پچار آهي. جيڪي درياه جي وهڪ ۾ وهندا ويندا آهن ۽ جن کي مون ڏٺو ۽ پسيو آهي.
هي پکي اتر کان نائيجيريا، سائيبيريا، روس ۽ آفريڪا وغيره وارن ملڪن مان سانگ ڪري، چرڻ لاءِ سنڌ ۽ هند جو رخ ڪن ٿا، جيڪي سيپٽمبر مهيني ڌاري، پنهنجن ماڳن تان ويراڳي ٿي، دادلي درياه سان، ولرن جي صورت ۾ اڏام ڪندا پاڻي وهڪ سان وهندا ويندا آهن. هڪ ٽڪاڻو ڪو نه اٿن، اوڀر ۽ ڏکڻ ڏانهن رخ ڪندا آهن. هنن پکين جو چرڻ سفر ۾ ئي هوندو آهي. دريائي ٻيٽن ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ خوشحاليون، ڪندا هلندا ويندا آهن ۽ ٻيا پيا ايندا آهن. اهو سلسلو فيبروري تائين هلندو آهي، مارچ ڌاري واپس ڏيهه، ورندا آهن. هنن ويراڳين، سيلانين جي پاڻ ۾ محبت، ۽ پريت جو پيچ ڳنڍيل آهي. سَوَنَ جي تعداد ۾ الڳ الڳ ٽولن جي صورت ۾ گڏيا اچن ۽ گڏيا وڃن. لطيف سائين جي انهي پريت ۽ ڳانڍاپي کي پسي هيئن چيو آهي.
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.
سياري جي مند ايندي ئي، سندن اصلي ماڳ جي ميداني يا پاڻياٺي پڊن تي برڦ ڄمي ويندي آهي. سندن کاڌ بند ٿي ويندي آهي. تنهن ڪري، سيلاني ٿي سنڌ ۽ هند اچن ٿا، چري گهمي ڦري، مارچ ڌاري پنهنجي وطن موٽي ويندا آهن ۽ سندن واڌ ۽ ويجهه جو سلسلو اپريل مهيني کان اتي ئي ٿيندو اٿن، پنهنجا ٻچا وڏا ڪري، اڏاري وري ساٿ سان سنڌ ۽ هنڌ ۾ سيپٽمبر ڌاري اچيو وڃن جڏهن تهه سيارو، ڊسمبر ۽ جنوري ٿيندو آهي ته هي پکي ڪينجهر، منڇر، هاليجي ۽ عمل وغيره وارن ڍنڍن ۾ ڇيڄ ڪندا آهن، تڙڳندا به آهن. ڪن آبي پکين جي پيرن جا پردا ڳنڍيل هوندا آهن. ۽ ڪِن جا ڪو نه به ڳنڍيل هوندا آهن. چون ٿا ته ڳنڍيل پيرن پردن وارا حلال پکي آهن ۽ بغير ڳنڍيل حرام چيا وڃن ٿا. هي پکي به گهڻو ڪري سنڌ ۾ ولائتي مهمانن ۽ جوءِ جي وڏيرن جي بندوقن ۽ شڪار جو کاڄ ٿيندا آهن.
هنن پکين جو وينجهرن ذريعي به شڪار ڪيو ويندو آهي. وينجهر ڊگها پڃر پاڻي ۾ اُڀا کوڙي، انهن سان رڇ ٻڌي ڇڏبا آهن. ماري جهنگ مان آهستي آهستي پکين کي تڙيندو هلندو ۽ پکي به ترندا هلندا آهن. جيئن ئي وينجهر کي ويجها ٿيندا ته ماري هل هنگامو ڪري، تاڙيون وڄائي پکين کي اٿاريندا آهن. جيئن ئي پکين جا ولر تر ڏئي اڏامندا ته وڃي ونجهرن ۾ ڦاسندا آهن. اهڙي نموني ماري زنده پڪڙي شهرن ۾ سرعام کپائي ناڻو ڪمائيندا آهن. والڊ لائيف وارا به شايد مارين سان مليل هوندا آهن.
سائي، ڳاڙهي ڳاني وارو نيرنگ، سڀني آبي پکين کان سونهن جو سردار آهي. صحب پيڻ پکي جي وهه، چرٻي/ مينجهه ڀڳل هڏ واري ماڻهو يا جانور کي مک ڏبو آهي ته مريض صحتياب ٿي ويندا آهن. آبي پکين ۾ سڀ کان لذيذ ۽ سوادي گوشت نيرنگ جو هوندو آهي.