باب يارهون : دادو مورو پل/مخدوم بلاول پل جو ساڄو پاسو
سيد پتڻ جو ناءُ سنڌ جي جاگرافي ۾ درج ٿيل آهي. پل ٻڌجڻ کان اڳ هن پتڻ جي اوج هوندي هئي. مورو ۽ دادو جي وچ تي درياه تي هي پتڻ هو. هتي سوين ٻيڙيون بيٺل هيون. جن ۾ ساکرو، لاڙي، ڊونڊيون، تَبيلا، هُهُڙا ۽ ڪٽارن جي وسيلي پتڻ آر پار ٽپائيندا هئا. ماڻهو، جانور توڙي وڻج واپار به هنن ٻيڙين ذريعي ٿيندو هو. هن پتڻ جا پاتڻي، نائکو اوڀايو ملاح، يوسف ملاح ۽ احسان ملاح، وارا هئا ۽ ٻيڙائتا به هئا. هنن ملاحن جا گهر به ٻيڙين ۾ هوندا هئا. درياه جي ٻنهي ڪپرن تي سندن لانڍيون اڏيل هيون. آر پار ٽپڻ وارا پُور اچڻ ۽ وڃڻ تائين انهن لانڍين ۾ گهڙي پلڪه آجهاپ ڪندا هئا. ٻارهوئي هي پتڻ سائو وهندڙ هو. ليڪن پل ٺهڻ کانوءِ هن پتڻ جو نانءُ نشان ئي ختم ٿي ويو ويچارا پاتڻي، پتڻ ڇڏي ٻيڙيون کپائي وڃي سڪين تي ويٺا، هارپا ۽ مزوريون ڪرڻ لڳا.
لليه پتڻ ٽپي پيار پئبو هو ته ”ع“ عين ٻيلو ۾ داخل ٿبو هو. درياه جي اولاهين ڪنڌي سان هزارين ايڪڙن تي مشتمل هي ٻيلو هو جيڪو، وڻن، جهنگلي جانورن، مارو ماڻهن جي مال جي ڀاڻن سان ٽُٻيل هو. ٻيلن ۾ پها ۽ چارا هوندا هئا. هر ڪو آيو ويو، پها يا چارا وٺي وڃڻ سان سُونهان ٿيندا هئا. پڪي پهچندا هئا، اگر چه ڪو سائو چارو يا مال جي اچ وڃ واري راهه لڀندي هئي ته اها واٽ وٺي ڪنهن ڀاڻ جي وسينهن ڀيڙو ٿبو هو. جهنگ ايترا ته گهاٽا هوندا هئا، جو چارن ۽ پهن ۾ سج به ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو هو. ڀاڻن جا ڇپر، پترون ۽ اڙليون، ستن اٺن انگهن وارا نهيلا کتل وڏا هٽ ٺهيل ڏسي ڀائنبو هو ته ڄڻ ڪنهن جهنگ مان نڪري ٻوساٽيل ساه کي وري ساهه پئجي ويندو هو.
واٽ ويندي صرف جهنگ ۾ مينهن جي ڀيل ڳچين ۾ سَنَڀرَ جا آواز، الاهو الاهو جي تنوار سان ٻڌبا هئا. سنڀر مان مراد، چڙا، ڊگريون، ڇڙيون، ٽليون، کَرڪيون، ۽ ڪِڙڪ وغيره آهي. گهڻو ڪري پنجاه ڪوهي ۾ ٽلٽي جي لُهرن جا ٺهيل سنڀر مشهور هئا. ڀاڳيا به سَنَڀرَ ٽلٽي مان آڻي، ڪنهن ٽاهڙ ڍور، يا سڻو پري ڍور جي ڳچي ۾ ٻڌندا هئا. جڏهن ڪنهن ڀاڻ تي پهچبو هو ته، کيرن، مکڻن ۽ لسين جون ٺڪر جون چاڏيون ڀريون پيون هونديون هيون. کاڌ پيت جا سامان ڪاٺ جي نهيلن ۾ ٽنگيل هوندا هئا. ٺڪر جا ٿانونءَ به پنجاهه ڪوهي ۾ مينهين جي ڳوٺ وارن ڪنڀر شاهن جا ٺهيل مشهور هئا. سيوهڻ جي مشهور ٿوٻي جون پڪل مانيون به ڪڻڪ جي تيلي مان ٽونئر سان ٺهيل دٻڪين ۾ پيل هونديون هيون، اها ماني وري مور/لڪڙ جي ٺهيل ننڍن کارن يا ڇڪن ۾ وجهي لانڍي جي ڪنهن پڃر سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. کائڻ پيئڻ جي ڪنهن کي جهل پل ڪا نه هوندي هئي. ڀاڻ وارا ڀاڳيا به آيلن جي پيا چاڪري ڪندا هئا. سخي مڻيادار ڀاڳيا گهڻو ڪري جتوئي، جيسر ۽ پنهور هوندا هئا. اوائل ۾ ته ڳهڻي جتوئي جي ڀاڻن جي ڳالهه هئي پر پوءِ ڪيڙ وڌندو ويو، صاحب جتوئي، ولي محمد جتوئي ڀائي خان جتوئي کان ويندي، گلزار جتوئي ۽ ڪمال جتوئي جا ڀاڻ اڄ به موجود آهن. گلزار جتوئي ڪنڌي جي ڪنڌار، ڏاميچ ۽ محبتي مڙس هو. ليڪن ڪن سببن ڪري، ڪي سال ٿيا آهن، جو پوليس هٿان مارجي ويو. هن ٻيلي مان، درياه مان هڪ سائو واهڙ ماٽي لڙهن ۾ ئي وهي نڪرندو هو. جيڪو ”ڦر واري ڍوري“ کان شروع ٿيندو هو، جيڪو ڏکڻ طرف وهندو هو. جيڪو ”خوني واهڙ“ ۽ ”چرئي واهڙ“ جي نالي سان به منسوب هو. هي واهڙ پنهورن کان اوڀر کان ٿيندو، خيرو ديرو کان حاجي صالح شڪرائي جي ڀاڻن کان وهندو خيرو ديرو ٻيلي مان سَوَ فُٽي واري علائقي وارو پهو ڪراس ڪري ڪنداه ٻيلو لتاڙي، سهتن جي پٽيءَ واري ڳوٺ کان ڏکڻ پاسي، دانستر ۽ اڙل واه کان وڃي درياه ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ليڪن پوءِ دريائي وهڪرن مٽجڻ سبب، اهو واهڙ لٽجي يا پائجي ويو. ليڪن اڃا تائين انهي ڊگهي وهڪ واري واهڙ جا ڪٿي ڪٿي نکام آهن.
هي ٻيلو سڄو شڪار گاه هو. جهنگلي جانورن جا ته سٿ سٿيا پيا هوندا هئس. هن ٻيلي جي ايراضي وارن، دٻن، ٻيٽن، جهنگ ۾ ڪڏهن شڪاري شڪار ڪندي، ڏسبا هئا، ته ڪڏهن سنڌي ڌاڙيل به لهوارا يا اوڀارا ايندي ويندي ڏسبا هئا. درياه جي هن ڪنڌي واري ٻيلي جي تڙن تي سوين مينهون اوڳر ورائيندي ۽ شوڪا ڪندي تڙن تي پاڻي ۾ ويٺل ڏسبيون هيون ڇاڪاڻ ته مينهن پاڻي جي مشتاق آهي.ته ڪٿي وري ٻيٽن تي ڪانهين ڪپڻ وارا، ماکين لاهڻ وارا، مور/ لڪڙ ڪپڻ وارا به ڏسڻ ۾ ايندا هئا. مور/ لڪڙ مان کارا، ڇڪا گنديون، مال جا آهورا ۽ بندرون ٺاهيندا آهن. گهڻو ڪري جهٻير، ڪليار قوم وارا چئوڪنڊي، سڙهه سان ساکرو ٻيڙين ۾ جن ٻيڙين جي آڳل ۽ پاڇل وريل هوندي هئي. ٻارين ٻچين سوار، سندارا پيا، ٻيڙين کي درياه ۾ ڏياريندا هئا ۽ مختلف ٻيٽن تان مور/لڪڙ ڪبي. سڪائي، گڏ ڪري ٻيڙين تي کڻي ڪپرن تي کارا به ٺاهيندا هئا ته سکر تائين کجي جي موسم ۾ اوڀارا وڃي ٽوڪرا ٺاهي کجين وارن کي ڏئي رقم وٺي گذر سفر ڪندا هئا.
عين ٻيلو کانپوءِ ڏکڻ ۾ جهلي جو ڳوٺ، بمبيا، ڀٽر، پنهورن جو ڳوٺ، جتوئين جو ڳوٺ، ابو طالب شاهه جو ڳوٺ، منشي مير محمد ٻگهيه جو ڳوٺ، پاتڻين جو ڳوٺ، اميناڻي شريف، جهنڊياڻيون، نصير سهتي جا ڀاڻ، غيبي ٻگهيه جا ڀاڻ، حاجي صالح شڪراڻي جا ڀاڻ ۽ پوءِ خيرو ديرو ڳوٺ ۽ ٻيلو اچي وڃي ٿو. ٻيٽن ۾ ڪَچِي واري ڀاڱي ۾ سرائي حاجي شوڪت علي لغاري جا ڀاڻ، جانڻ، راوت ۽ حسن لغاري جا ڀاڻ، آدماڻي ٻگهين، زنگي ۽ گل حسن جتوئي جا ڀاڻ هوندا هئا. چوئي واهڙ جي ڪنڌي تي حاجي هاشم ٻگهيه جا ڀاڻ پڻ هئا. وقتن پڄاڻان پنهنجا وارا وڄائي ويا. هن وقت اڌ صدي گذري وئي آهي. اهي وڻ ئي ويا ته واهيرا ئي ويا ۽ درياهي وهڪرن مٽجڻ ۽ لٽجڻ سبب اهي ماڳ ئي نه آهن.
ڳوٺ جهلي جو ارباب ڇڄڙو، وڏو اديب، ڊرامه نگار ۽ ڪهاڻي ڪار آهي. ياري جو دائرو وڌو اٿس، سدائين خوش ۽ مسڪرائيندڙ، ادب دوست پرين پيارو ۽ مٺڙو مڙس آهي. خدا کيس ڏينهن ڏئيس جو ادب جي خدمت ڪندو رهي. آچر ڇڄرو به ڀلوڙ مڙس آهي. پنهورن جو ڪمدار ڌڻي بخش مري به محبتي ۽ شڪاري ساٿي هو. ورهيه گذريا جو گذاري ويو. مور ملاح، حاجي خيرو پنهور، زنگي جتوئي، گل حسن جتوئي، نصير سهتو، سانوڻ سماٺي (سيد ڪوڙل شاه، ڪتن سان شڪار ڪندي سون جهڙي زندگي مرن، ڦاڙهن ۽ رڇن سان ڪتن ذريعي وڙهندي گذاريائين. هيئنر پوڙهو آهي، تڏهن به شوق ساڳيو اٿس ۽ شهنشاهه به جوڙ هوس، شاهن جمالي ”منشي مير محمد ٻگهيه ته وڏو سارک ۽ پارکو هو. پٽڪي ٻڌڻ جو ڪاريگر ۽ شوقين هو. موسيقي جي شوق ۾ قافيا، منظور علي خان، فقير امير بخش کي گهڻو ٻڌندو هو“پاتڻي قادر بخش ملاح وڏيرو صالڻ عرف محمد صالح ٻگهيه، وڏيرو پيرل ٻگهيه، احمد خان حاجي صالح ٻگهيه (شڪراڻي) حاجي رسول بخش ٻگهيه، نوح ڪوري، وارث ٻگهيه وغيره نالي وارا مڙس هئا. هاڻي ڪي آهن ته ويچارا ۽ پير سن آهن، ڪي هتان هالاڻ ڪري ويا.
اميناڻين شريف جو حڪيم عبدالرسول ٻگهيه به هنڌين ماڳين مشهور آهي. هن جي حڪمت خاص ڪري ڀڳل يا نڪتل هڏ ٻڌڻ ۽ ٺاهڻ آهي. فقير صفت، تن من صفا، تمام سادڙو آهي، ڪيئي اوليل مسڪين اسپتالن مان لا دوا ٿي به هن فقير وٽان دوا ۽ دعا وسيلي شفاياب ٿي ويندا آهن. خدمت خلق جاري اٿس. خيرو ديرو جي ڳوٺ ۾ پندرهن ويهه سال اڳ، ڌاڙيلن لاري مان مختلف ذاتين جا 19 اوڻيهه ماڻهو لاهي، بيدردي سان قطار ۾ بيهاري گولين جو کاڄ بڻايا هئا.
امير پير بادشاهه به اميناڻي شريف ۾ مدفون آهي. سندس درگاه تي ڪيئي سالن کان ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. عين ٻيلي ۽ خيروديرو ٻيلي جي وچ تي درياه جي ساڄي پاسي وارن واهڙن ۾ جهلي وارو واهڙ، پنهورن واري ڍنڍ، چاندري وارو دٻو، يوسف وارو دُٻو، سرائي شوڪت علي واري ڍنڍ، خيرو ديرو ۽ شڪراڻي وارا واهڙ مشهور مياڻ هئا.
دُٻن ڍنڍن، درياهن جي پاڻين جا ٺيڪا سرڪار جوءِ جي مير بحرن کي ڏيندا هئا. جيڪي پڻ مَڇيون ماري گذر ڪندا هئا. عين ٻيلي کان خيروديرو تائين للين جو خدا بخش ملاح ”راڄائي“ جي آڪهه، مڇي مارڻ ۽ سيلاني پکين مارڻ جا خفتي هئا. خدا بخش ”راڄاڻي“ کي درياهه جي وهڪ جي وڏي ڄاڻ هئي. هن وقت به الياس ملاح ۽ خير محمد ملاح وارا به اباڻي ڪرت ۾ جوٽ جوٽيو پيا اچن. لغاري ۽ ٻگهين جي ڪيٽي مان وهندڙ درياه، دُٻن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ ۾ جادائي ملاحن کي ٺيڪو ملندو هو ۽ اهي ماري هئا. جن ۾ سلطان ملاح، احمد ملاح، ڪريم ڏنو ملاح، هاشم ملاح، سڀئي ”جادائي“ پاڙي سان تعلق رکندڙ ۽ ڏنو ملاح، عثمان ملاح، ابراهيم ملاح، هي ڏاهري پاڙي سان تعلق رکندڙ ملاح هئا. اڃا تائين هنن جي پونئرن مان پيرو جادائي، ابراهيم ڏاهري، من ڏاهري ۽ غلام نبي جادائي اباڻي ڌنڌي کي لڳا اچن.
هاشم ملاح ”جادائي“ درويش صفت، انسان هو، تن تي پورا لٽا به ڪو نه هوندا هئس ليڪن پراڻو پٽڪو ٻڌندو هو. پٽڪي جو تُرو پويان هميشه زمين سان لڳندو، ۽ گهلبو ايندو هو، پيرين اگهاڙو راتيان ڏينهان پيو هلندو هوندو هو. پراڻن پنن ۽ اخبارن جي پُٺارک پوتڙي ۾ ٻڌيو، ڪلهي تي رکيو وتندو هو، پنهنجي منهن ڳالهائيندو هو، چلم ڇڪڻ لاءِ ڪنهن اوطاق تي لڙي ويندو هو ته ماڻهو پڇندا هئس ته هاشم ڪهڙا حال آهن ته جواب ۾ صرف ٻه تڪيا ڪلام ڳالهائيندو ۽ ٻيو ڪجهه به نه! ٻئين چوٿين ڏينهن گهر ايندو هو غير حاضري جو ڪنهن به گهر ڌڻي يا ڳوٺ وارن کي معلوم نه هوندو هو ته هن فقير ڪٿي رات گذاري!
1. تڪيه ڪلام: دادو مورو پل ٿو ٺهرايان! جتوئي غلام الرسول خان ۽ غلام مصطفى خان کي چيو اٿم، پل ٺهڻ واري آهي. بس!
2. ڀلا ڇيلا بيٺا اٿو لانڍين تي ڪُهي وڃي کائو! بس ورهيه گذريا آهن جو وصال ڪري ويو. ليڪن پل ٺهڻ ۽ ڏسڻ وارو خواب اکين سان ڪو نه ڏٺائين.
خيري ديري ٻيلي مان وهندڙ درياه، دٻن ۽ ڍنڍن جا هاري ”پارهيڙي“ ملاح هوندا هئا. جن ۾ حاجي مورڙو ملاح، دينو ملاح، ڏنو ملاح وارا هئا. هن وقت به محمد ملاح، علي شير ملاح، درياهي ملاح پنهنجي اباڻي ڪرت کي لڳا اچن.
حاجي مورڙو ٻيڙين تي اهل ۽ عيال سان رهندڙ پاڻي جو ملاح سڏبو هو. ڪنڌي جو ڪنڌار هو. آئي وئي لولڙو به کارائيندو هو ته پار به اڪاري ڇڏيندو هو. شڪار ڦاڙهي مارڻ جو خفتي هو. اڪيلو ئي جهنگ ۾ ڦاڙهي جي رنب ”ذيل“ وات سان وڄائي لڪي ويهندو هو. ڦاڙها به جهنگ ۾ پنهنجي ٻولي ٻڌي قنڌ اچي کڏڻي اڳيان ڏيندا هئس، بندوق سان ڪيئي قيس ڪري ڇڏيائين. 92ع ڌاري ڌاڙيل کيس چئن ساٿين پٽن ۽ ڀائيٽين سان گڏ بيخبري مان ٻيڙين تان ماري ويس.
خيرو ديرو ٻيلو:
هي ٻيلو به هزارن ايڪڙن تي مشتمل هو درياه جي وچان وهڪ سبب اڌ ٻيلو هِن ڪپر اڌ ٻيلو هُن ڪپر هو. گوناگون، گهاٽا جهنگ هئا. جهنگلي جانورن سان ڀريل هي ٻيلو شڪار گاه به هو. مالوند ڀاڳيا ماڻهو ه مال جا ولر ڪاهيو، پاڻ اڏيو پيا چاريندا هئا. هن ٻيلي ۾ نواب جتوئي، ڪرڙ جتوئي، وريام جتوئي، سرائي شوڪت علي لغاري ۽ پڻ ٻگهين جا ڀاڻ مشهور هئا. جتوئين جون مينهون اڻ ڏڌيون پَهربيون هيون، بنا ونگن جي مينهون ڏڀنديون هيون. سَڪريون ٽِهاڻيون، گابيون وهڙيون، کوڙ سارا ڍور، جهنگ ڄاوا ۽ جهنگ نپنا هوندا هئا. ٻيلن جا ماڻهو توڙي مال هاڪارا هئا. مختلف قومن جي مال هئڻ سبب، ڀاڳيا پنهنجي ذات جي ڍور جي سڃاڻپ خاطر ڍور کي ڪنن ۾ ڪَڪَر ڏئي نشان ڪندا هئا يا وري ڍور جي ران تي لوهي شيخ تپائي ران تي بطور نشان به ڪري ڇڏيندا هئا. ڀاڳيان ڀاڻن تي صبح جو کير مکڻ سولا ڪري، ٻيلي جا پها ۽ چارا آڙيندا هئا ته جيئن کين خبر پوي ته ڪو اوپرو ماڻهو جوءِ ۾ نه آيو هجي! يا ڪو مال جو ولر ڇڳا ڇڳا ٿي نه ويو هجي. ان کانپوءِ درياه جي تڙن تي وڃي مال سنڀاليندا هئا. وڏو مال تر چرندو هو. سنهو مال ڪريون يا رڍون ٽاري يا پلڙو سنهي مال کي چاريندا هئا. ليڪن ٻيلي کاتي وارن جي رسائي ڀاڳين سان سلهاڙيل هئي. گهڻو ڪري ٻيلي کاتي وارا بطور شيخ ننڍو پهرون، ڇيلو، ليلو، گابو يا پاڏو وٺندا هئا. هڪٻئي جو ڀرم رکندا هئا. پيو ڪارنهوار هلندو هو. اهڙو ڪوندورو واءُ وريو جو ڏهه ٻاهن سال ٿيندا ته عام ماڻهن توڙي ٻيلي کاتي وارن وڻ ڪپائي ڇڏيا ۽ زمينون وڏيرن جي ور چڙهي ويون. اڄ ته ٻيلي جو نانءُ نشان ئي ڪونهي، نه شڪار گاه رهيا نه جهنگلي جانور رهيا نه ڀاڻ ۽ ڀاڳيا رهيا.
اڳ جڏهن ڀاڳين جا مال چور ڪاهي يا درياه مان لوڙهي ويندا هئا ته پري پري تائين ڪڪرن ۽ ڏنڀن جا پار ڏئي ڀاڳيا ووڙون موڪليندا هئا. هڪ دفعي وريام جتوئي ڍورن جي ووڙ ڏيڻ لاءِ حسن لغاري احمداڻي وٽ آيو. حالي احوالي ٿي مينهن جا پار ڏنائين. اڳي سڄاڻ مڙس ٽونڻا هڻندا هئا. ٽوڻا هڻندي وريام جتوئي چيو ته ادا حسن ڀانيان ٿو ته ”مانجهون مينهان واسان ”ولس سگريٽ“ ٿي ويون“ حسن پڇيس ته ڇوڪرن جا ڪهڙا حال آهن، اهي مال جو پڇ نه ڇڏين ڌنارپي ڪن. وري وريام وراڻيو ته ادا حسن هڪ ڇوڪرو به نڀاڳو ٿيو اٿم ”جيڪو ٻه ڀلوڙ موملان مينهان کپائي ڪلبلائون ”ڪربلا“ گهمڻ ويو آهي“
ڀٽي ذوالفقار علي جي پهرئين بادشاهي دور ۾ ڪرنسي نوٽ مٽيا هئا، جنهن لاءِ سرڪار طرفان اعلان ڪيا ويا ته هفتي کن ۾ بئنڪن ۾ نوٽ جمع ڪرايو ۽ پنهنجا نالا لکرايو ته جيئن اوتري رقم توهان کي ڏئي سگهجي. ليڪن انهي اعلان تي جهنگلي رهواسين، مالوندن ڀاڳين خاص ڪري جتوئي قومن، جن جا ڏوڪڙن سان ڀريل اترين جنڊن ۾ پارڙا پوريل هئا، نه کوٽيائون! نه وري نوٽ جمع ڪرايائون، مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي سڪاءَ نوٽ ضايع ٿي ويا. پوءِ پٽڪن ۾ نوٽ ٻڌيو سڪن جون ڀريون کنيو پيا شهرن ۾ ڦرندا هئا ته من سڪا ۽ نوٽ اگهامن، ليڪن وقت ختم ٿي ويو.
الائجي ڪيڏانهن علم ڀڳو ٿو وڃي، پر ڇا ڪجي! اهي به ته يادگار قصا آهن. درج نه ڪرڻ شايد هن ڪتاب جي مواد سان ناانصافي ٿيندي.
خيرو ديرو پتڻ
هي پتڻ به سنڌ جي نقشي ۾ درج ٿيل آهي. انگريزن جي صاحبي يا ان کان اڳ هن پتڻ جو شاهي شان هو. اڃا روڊ رستا، ريل گاڏيون ۽ پليون ڪو نه هيون. جو هن پتڻ جو وڻج واپار، اچ وڃ ٻيڙين وسيلي هوندو هو. ٽلٽي شهر ۽ پراڻو گچيرو هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا. وچون دادلو درياه وهندو هو ۽ وچ تي هي پتڻ هو. هي پتڻ نائکي قادربخش ۽ موسي ملاح وارن جو سڏبو هو. ڪيئي ورهين کان هنن جي آڪهه پتڻ وهائيندا اچن. جوءِ وارن سان آهت هوندو هون، فصل لهڻ تي لاپو اوڳاڙيندا هئا. ان کان علاوه آهت واري راڄ جي شادين غمين ۾ پاڻي ڀريندا هئا. يعني پکالي به سڏبا هئا. هنن نائکن جي گهڻو ڪري رهائش ۽ گهڻ گهرائپ لغارين سان هئي درياه به لغاري بجراڻي ڳوٺ کان اولهه ۾ ويجهو وهندو هو ۽ پتڻ به اتئون هو. هنن پاتڻين وٽ به کوڙ ساريون ننڍيون وڏيون ٻيڙيون هونديون هيون. پر انهن ۾ هڪ ساکرو ٻيڙي تمام وڏي ٻيڙي هئي. انهيءَ تي سانوڻي ۾ سوين مڻ وزن کڻي آر پار ٽپائيندا هئا. اها ٻيڙي بحري جهاز جو ڏيک ڏيندي هئي. سرءُ، سياري ۽ بهار ۾ هي ٻيڙي پتڻ تي ڪيئي ننگهن ۽ ناتارين سان ڪپر ۾ ٻڌي پئي هوندي هئي. گهڻو ڪري ڪشمور کان ڪراچي تائين ههڙي وڏي شهه ڪاريگرن جي ٺهيل سهڻي ٻيڙي شايد مشڪل ڪنهن تڙ يا پتڻ تي هئي. اميراڻو بنگلو چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. هي ٻيڙي ۾ ديال، لوهيڙو، صندل ۽ ٽالهي جي ڪاٺ جي ٺهيل هوندي هئي. آڳل ۽ پاڇل تي ڪاٺ جون ٺهيل ٻماڙ، ٽماڙ ۽ چار ماڙ ڪوٺيون ٺهيل هونديون هئس. ان جي سينگار لاءِ ڪوٺين ۾ ڪاٺ جا ڪٻٽ در، دريون، ۽ هيٺ ويهڻ لاءِ منجيون ۽ پيڙها ٺهيل هوندا هئا. آڳل واري ڪوٺي ۾ هڪ وڏي چلم ٺهيل هوندي هئي. جيڪا هر وقت دکيل هوندي هئي. آيو، ويو پُور ٽپڻ وارو ۽ نائکن سان چار چونڪ ڪچهري جا لڳائڻ واسطي ٻيڙي تي چڙهي چلم کي ڊڙڪائيندا هئا.
ٻيڙي جي تري ۾ ڇهائي، يا ڪانهن پيل هوندا هئا ته جيئن چوپايو مال چڙهي بيهي يا ويهي سگهي. هڪ ئي پور ۾ ولر ڍورن ۽ وهٽن جا ٽپائيندا هئا. هي ٻيڙي جڏهن سانوڻي ۾ سڙهه سئون ڪري اوڀاري يا لهواري هلندي هئي ته ڪوهين پري هن جي ڪلمي/ سڙهه، آڏ، ڏسڻ ۾ ايندي هئي. سئو فوٽ ڊگهو کوهو، سوا سئو کن فوٽ ڊگهي ڪلمي ۽ ٽڪنڊو ڏيڍ سئو فوٽن جو سڙهه ڪلمي سان ساڪن ۾ ٻڌل به هوندو هو. کوهه تر واري اڏي ۾ کٽ جي ٻانهين وانگر نڪتل سل ۾ اُڀو کتل هوندو هو. چئني طرفن کان ڪيئي رسا جهل، ڇڪ طور ٻڌل هوندا هئا. کوهي جي چوٽي ۾ ڀرڻي ٺهيل هئي، جنهن ۾ وڏو رسو ڀرڻي مان ڇڪي اڏي واري مُني ۾ ٻڌي ڇڏبو هو، جنهن کي ”گهير“ چيو ويندو آهي.
ٻيڙي سان سلهاڙيل ساز يا هلائڻ وارا هلٽ جا نالا هن ريت آهن. مهرو، آڳل، تَر، ڪَڇو، ناتاري، نِنگهه، پَڳهه، کُوهو، ڪلمي، آڏ، دامن، گِهير، مونڊو، مَرَڪَ، سِڙهه، ساڪو، ڳانو، بانبٽي، ويڻو، سکاٽ، ونجهه، پسون، ڪٽهڙو، ڪوٺيون، در دريون، ڪٻٽ، زنجير، ساڪڙ، سنگهر، اڏو آڳل وارو، ڳڻو اڏي جي ٽيڪ، توتڪ، ڦٽا، پاڇل، پاڇلي، اڏو، چِٽڪي، مُنا، منجڻ، پاسرا، پاڇلي ڦٽي، آڳلي ڦٽي، منجڻ جا ڏڪ، ڦٽا، آڳل ڪوٺيون، پاڇل ڪوٺيون، اڌيرون، جادارون، سونهن لاءِ، ڦٽيون، ڪامون، ٻاهرين سونهن لاءِ، جهلي، ٽُوئو، ڪِڙي ڇانون لاءِ، پويون بندول ڇانون لاءِ، سندارو، اتمڻي، رس، قل رڌ پچاءُ لاءِ، سانگ پکين جي شڪار لاءِ، ڪڙهه، مڇي جي شڪار لاءِ، رڇ وغيره اهي گويا ساز چئجن. ڪنڌو. کوهي جي چوٽي ۾ هڪ جهنڊي ٻڌل هوندي آهي. جيڪو نائکي کي هوا جو رخ ٻڌائيندي آهي. ان مطابق ٻيڙائتو سکاڻ، ويڻو، يعني هينڊل کي هيڏي هوڏي ڦيرائيندو آهي. انهي جهنڊي کي بانبٽي سڏيو ويندو آهي. بانبٽي ريڊار وارو ڪم ڏيندي آهي.
ڪلمي جي منڍ ۾ ٻڌل رسي کي مونڍو چيو ويندو آهي. جنهن کي ڇڪي آڳلي ۾ لڳل ڪڙي ۾ ٻڌي ڇڏبو آهي. ڪلمي جي چوٽي واري ٻڌل رسي کي ”مرڪ“ چيو ويندو آهي. جنهن کي پڻ ڇڪي سکاڻ سان گڏ ڪڙي ۾ قابو ٻڌي ڇڏبو آهي. سڙهه ٽڪنڊو ٿلهي بافتي جي ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو آهي. سڙهه جي هڪ ڪنڊ مونڍي سان اٽڪيل، ٻي ڪنڊ ڪلمي جي چوٽي تائين اٽڪيل هوندي آهي. ٽئين ڪنڊ ۾ رسو ٻڌو ويندو آهي. جنهن کي ”دامن“ چيو ويندو آهي. جڏهن سڙهه کڻبو ته دامن ساهبو ته سڙهه هوا ۾ ڀرجي ويندو آهي. اهو دامن گهڻو ڪري سکاڻ تي ويٺل نائکي جي هٿ ۾ هوندو ۽ پيو سڙهه ۾ ڀريل هوا کي دامن وسيلي گهٽ وڌ ڪندو هوندو آهي. اڳ ته ٻيڙين ۾ موٽر وغيره ڪو نه هوندا هئا. تنهنڪري سڙهه ونجهن جي استعمال سان ٻيڙيون هلنديون هيون. ڪانهن جو واڻ وٽي ٻن ٽن فوٽن جون نوڙيون ٺاهبيون هيون. جنهن کي ”ساڪا“ چيو ويندو آهي. نائکو موسو ٻيڙي بيهڻ وقت سڙهه کي ڪلمي سان ٻڌڻ لاءِ ساڪا کڻي ڪلمي تي چڙهي وڃي سڙهه گڏي ٻن ٽن فوٽن تي ساڪا ٻڌندو، چوٽي تائين چڙهي ۽ ٻڌي ايندو هو.
سپون: کٽ جي سيرون جيان ٿين ۽ اهي تري ۾ ڀرائي ٿيندا آهن.
سندارو: ٻيڙي هُن پار يا هِن پار تاري سڙهه تي هلڻ کي چيو ويندو آهي.
قل: مٽي جو ٺهيل چلهو هوندو آهي. جيڪو ڪاٺ جي ٻيڙي تي رڌ پچاءُ لاءِ ڪتب ايندو آهي.
سانگ: ڪاٺ جو ٽڪنڊو ٻه فوٽ کن ڊگهو ٺهيل هوندو آهي. جنهن تي بندوق رکي سڌي ڪري ۽ ان جي سهاري تار تري وڃي ٻيٽ تي پکين جي ويٺل ولر کي خفتي وڃي بندوق هڻندو. سانگه ظاهر هوندو کنجهو جيان خفتي تري ۽ لوڙهي پاڻ کي پاڻي منجهه لڪائيندو آهي ته جيئن پکي ماڻهو کي نه ڏسن.
ڪنڌو: ڪنهن پکي جي کل ڪاٺين جو پنڃرو/ ٽوپلو ٺاهي مٿان جڙي ڇڏبس ۽ خفتي، پکي جي کل سان جڙيل ٽوپلو مٽي ۾ وجهي، پاڻي ۾ تري هٿن تي بندوق تاري وڃي ولر کي ولهو ڏيندا آهن. اُتمڻي، درياه ۾ چووالو لڳڻ وقت، اچانڪ جوهي سان منجهه ڪلمي ڦري ويندي آهي. سڙهه جو وزن کوهي تي ابتو پئجي ويندو آهي. يڪدم ٻيڙي هيٺ مٿي ٿي، جهوهي جي جهٽ سان مارجي پوندي آهي. انهي گهڙي واري عمل کي اُتمڻي چيو ويندو آهي. اوچتو اُتمڻي پوڻ تي ڪيئي ٻيڙيون مارجي وينديون آهن. پر پارکو سڄاڻ، سکاٽ تي ويٺل نائکا سکاڻ/ ويڻي جي مدد سان اُتمڻي اُڪاري پار پوندا آهن. اوڀارو هلڻ وقت به ڊرائيور سکاڻ وارو کٻي سڄي ۽ مُهري اڳيان پيو نظرون ڦيرائيندو ته جيئن ڪنهن جوکم جي خطري کان ٻيڙي کي ڪڍندو، تاريندو، پيو درياه ۾ منزل تائين پهچڻ تائين پئي ٻيڙي هلندي آهي.
ٻيڙي جي اڳئين حصي کي آڳل ۽ پوئين حصي کي ”پاڇل“ وچ واري حصي کي تَرو، تَر چئبو آهي.
رس: رس هڪ ڊگهو چار پنج سئوفوٽن جو رسو هوندو آهي جيڪو اوڀاري هلڻ وقت هوا جي نه هئڻ سبب، پنج ست همراهه سڪي تي لهي ٻيڙي ۾ ٻڌل رسي کي پاڻي جي ڪپر سان ڇڪيندا هلندا آهن، جنهن وسيلي ٻيڙي هلندي آهي. انهي رسي کي ”رس“ چئبو آهي.
ڪڇو: ٻيڙي جي پاسن کي ڪڇو چيو ويندو آهي.
ناتاري ۽ ننگهه مان مراد ڪلا به چئجن ته ٻيڙي جهل به چئجي پڳهه، مان مراد، اهو رسو جنهن سان ڪپر تي ٻيڙي ٻڌل هوندي، ڇٽڻ وقت ٻڌل رسو ڇوڙبو ته اهو رسو گويه ”پڳهه“ پلاند چئجي.
باقي ٻيا ڄاڻايل نالن واريون شيون ٻيڙي منجهه لڳل هونديون، بلڪه حرڪت ۾ نه اينديون آهن. گهڻو ڪري سونهن لاءِ سامان هوندو آهي. جنهن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. نائکي موسي واري وڏي ٻيڙي، 1976ع ۾ مئي ڌاري اولاهون ڪارو ڪوسو ڇُوهو، واءُ لڳو، جنهن سبب ناتارين، ننگهن سان ٻڌل ٻيڙي ڇوڙائي وئي. وڃي اوڀر واري ڪپر ۾ ڌڪ کائي لڳي، ٻيڙي هنڌان هنڌان ٽٽي پئي، دادلي جي رواني ۾ راهي ٿي ڌڪ کائيندي لڙهي ۽ لٽجي ويئي. واءُ ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻيڙائتن ٻيڙي سنڀالي ۽ پيڇو ڪيو پر هٿ نه آئي. انهي ٻيڙي مارجڻ کانپوءِ نائکو موسو ذهن وڃائي ذهني مفلوج ٿي ويو. اٺ ڏهه سال ٿيندا، جو 90 ورهين جي ڄمار ۾ رب ڏانهن راهي ٿي ويو. قادر بخش پوئين پهر ۾ آهي. پونئر، هارون ۽ بخشل وارا اڃا پتڻ وهائيندا پيا اچن. هن وقت ننڍا ههڙا آهن، جن ۾ موٽر فٽ آهن جلد اڪاريندا آهن. هن پتڻ به ٻارهوئي وهندڙ آهي. ليڪن هن وقت اها موج مستيءَ ڪا نه آهي. جديديت زور وٺي وئي. تاهم به جوءِ وارن لاءِ پتڻ آهي. ٻنهي ڪپرن تي پاتڻين جون لانڍيون ٺهيل هيون. وڏي گهري سان چلم رکيل هوندي هئي. آيو ويو پتڻ ٽپڻ وارو به ڦوڪون ڏئي چلم ڇڪيندو هو. سڄو ڏينهن ڪچهري هلندي هئي. هر قسم جي مزاج جا ماڻهو ٽپندا هئا. کل، خوشي، امن، محبت ۽ شڪراني کانسوءِ ٻي ڪا به ٻولي ڪا نه هوندي هئي.