مختلف موضوع

دادلو درياهه

هي ڪتاب ”دادلو درياهه“ سنڌو درياهه بابت هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ فقير الله بچايو لغاري آهي. هو لکي ٿو:
”درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي. “
Title Cover of book دادلو درياهه

باب ستون : دريائي پڊن جا خشڪي جا پکي

تتر، تلور، ٻاٽيرو، ڪروان، ڪونج، ڪڙل، باز، شهباز، چيهو، پٽ، تتر، ڳاڙهو ڳيرو، اڇو ڳيرو، ٻوڙي ڦڪي جهرڪي وهيو. گگهه.

ڪارڙو تتر: هي خشڪي ۽ دريائي ڪنڌي سان رهندڙ ۽ وڌندڙ پکي آهي. نهايت خوبصورت آهي. خُشڪي پکين ۾ ٻيو ڪو به پکي سهڻائپ ۾ سندس مَٽ نه آهي.
ڪارڙي تتر جي مادي کي ”ڪٻي“ / تتري چئجي، تتر جي واڌ ويجهه فيبروري کان شروع ٿيندي آهي ۽ آگسٽ تائين جاري رهي ٿي، گهڻو ڪري ٻه يا ٽي تُور تتري آنا لاهي، آرو ڪري ٻچا ڦوڙيندي آهي، ڪچي ۾ درياه جي ڪنڌي، جهنگن، ٻيلن ۽ چيٽي فصلن ۾ حشام تترن جا هوندا آهن. صبح سانجهي پير پير کدر جون لوليون هونديون اٿن. گانگسي، شيدي، چڻنگي ڪارڙن تترن جون جنسون آهن.

اڇڙو تتر: هي پکي به عاليشان سونهن ڀريو پکي آهي. خشڪي دريائي ڪنڌين ۾ وڌندڙ ۽ پلجندڙ هي پکي به ٻه ٽي تُور آنا لاهي آرو ڪري ٻچا ڦوڙينديون آهن. هي پکي ولر جي صورت ۾ جرن، جڳن ۽ وڻن تي واهيرو ڪري چاڙهيڪي تي چڙهن. چاڙهيڪي تي چڙهڻ وقت به ڪيڙوُ ڪيڙوُ ڪندو آهي. ۽ ڀنڀراڪي جو لهڻ وقت به ڪيڙوُ ڪيڙوُ ڪندو آهي. هي پکي به جهنگن ۾ سٿ سٿيا پيا هوندا آهن. ڪنڌي واسي تترن جو شڪار ڪوڙڪين، ڳارين، چوڻ، ونجهرن ذريعي ڪندا آهن. امير ته بندوقن سان شڪار ڪندا آهن.چواڻي آهي ته خشڪي پکين ۾ سڀ کان لذيذ ۽ سوادي گوشت تتر جو هوندو آهي.

تلور: هي سيلاني پکي به اترئون ٿڌن ملڪن مان اڏري ٽولن جي صورت ۾ سنڌ جي ميداني ۽ وارياسي علائقن ۾ چرڻ لاءِ ايندو آهي. ناياب پکي آهي. زمين جهڙو گڊرو رنگ اٿس. تمام ڊڄڻو ۽ بزدل پکي آهي. گهڻو ڪري ڪڙل، باز ۽ شهباز هن پکي جا ماري آهن. عرب ملڪن جا شڪاري به باز ۽ شهباز جي مدد سان تلور جو شڪار ڪندا آهن. تلور گهڻو ڪري دريائي ٻيٽن تي رهندي آهي. ڄانڀو ۽ سرنهن خاص چيڄ اٿس. وزن هڪ ڪلو کان ٻه ڪلو تائين جيتري ٿيندي آهي. پيرين پنڌ ڪرڻ جي تکي آهي ۽ اڏامڻ ۾ به تيز آهي. جوءِ جا شڪاري بندوقن سان به مارين ته ڦندن ۽ ڪوڙڪين ذريعي به ڦاسائن. هي پکي کائڻ ۾ ايترو لذيذ نه آهي بلڪه هن جي گُجي مان خاص طور حڪيم يا ڪچي واسي ڪک ٺاهي، دم، سلهه، کنگهه ۽ ٻاراڻي گهٻهڙي واري کنگهه واري مريض کي کارائيندا آهن ته مريض شفاياب ٿي ويندو آهي.

ٻٽ تتر: ٻاٽيرو ۽ ڪروان به سنڌ ۾ سياري جي مند ۾ ظاهر ٿيندو آهي. باقي ٻين رتن ۾ هي پکي جابلوِ ٿڌن علائقن ۾ رهندڙ آهي. ڪروان ٻيٽن تي نظر ايندو آهي ۽ ٻاٽيرو چيٽي پوکن ۾ نظر ايندو آهي، شڪاري خوب هنن پکين جو شڪار ڪندا آهن. پٽ تتر به ڪاڇي، ٿر ۽ ڪچي جي علائقن ۾ سياري ۾ جام هوندا آهن. هي پکي ٿڌن علائقن جو رهواسي آهي. چيٽي فصلن جي لابارن تائين هي پکي هتي رهندا آهن ۽ پوءِ وڃي ٿڌن علائقن ۾ وڌندا آهن.

ڪونج، ڪڙل، باز، شهباز: هي به پرديسي پکي آهن. اترئون ايندا آهن، ننڍا خشڪي پکي شڪار ڪري کائيندا آهن. باز ۽ شهباز تمام گهڻو قيمتي پکي آهي. خاص طور وڏا ماڻهو هي پکي تلورن ۽ هرڻن جو شڪار هنن پکين جي مدد سان ڪندا آهن. ڪونج جڏهن ولرن جي صورت ۾ سنڌ ايندي آهي ته خاص ڪري ڪچي جا هاري انهن جي آمد ۽ سر نسرڻ کانپوءِ چيٽي فصلن جو ٻچ زمين ۾ گڏيندا آهن، ڪونج جي واپسي تي فصلن ۾ لابارا پوندا آهن. ڪونج ولر جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي، سندن کاڌ خوراڪ درياهي ڪپرن تي گاهه ۽ سنهو جيت آهي. باقي ڪڙل، باز ۽ شهباز اڪيلا اچن، اڪيلا واپس وڃن.

چيهو، ڳاڙهو ڳيرو، ڦڪي رنگ جي ٻوڙي جهرڪي وهيو: هي به ويراڳي پکي آهن. بهار جي موسم ۾ ڪچي جي ڪنڌين وارن پوکن ۾ چرندا آهن ۽ جهنگ سندن رهائش ٿيندي اٿن. اڄڪلهه ته چيها، وهيا، ٻوڙي جهرڪي شڪاري ڦندن ۾ ڦاسائي وڏن شهرن ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا آهن. ڳاڙهو ڳيرو، لابارن وقت نروار ٿيندو آهي ۽ هاڙجو واپس پنهنجي وطن ورندو آهي.
اڇو ڳيرو جوءِ جو پکي هر وقت هر هنڌ نظر ايندو آهي، هاڻي ته شڪاري ڳيرن جو به شڪار ڪندا آهن. ورنه اڳي ڳيرو گهٽ شڪار ٿيندو هو.
گگهه: هي پکي ڳاڙهي رنگ جو ڪانءَ جيترو درياه جي ڪپرن وارن جهنگن ۾ وڻن تي ويٺل يا اڏامندي ڏسبو آهي. رنگ ۽ قد بت ۾ سهڻو پکي آهي. ليڪن اڏار جي رفتار گهٽ اٿس تنهنڪري گهڻي منزل اڏري نه سگهندو آهي. پيو جيئي.
خشڪي جي پکين جي شڪار جا طريقه

ڳارين جو شڪار: اڇڙي تتر جو شڪار ڳارين وسيلي ڪيو ويندو آهي. جيئن ته ڪانن يا ڪاٺين جون چورس اڌ فوٽ کن پڃرا ٺاهي هڪٻئي سان ڳنڍي چورس جي وچ تي گهوڙي جي پُڇ جو وار ڦاسي ڦندو ٺاهي چورس جي وچان لڙڪائي پڃرن کي زمين تي وڇائي رکي ڇڏبو ۽ پاسن کان ٽاپون ڏئي، گهٽ گهيڙ بند ڪري ڇڏبا. پوءِ اڇڙا تتر پڃرن جي ٻِٽ ۾ پيل تترن کي ڳاري جي ٻئي پاسي کان سيٽين تي ٻولائيندا، جهنگلي تترن ٻوليون سُڻي پيرين پنڌ ڪري اچي ٻٽ ۾ پيل تترن سان گڏجڻ جي ڪوشش ڪندا، جيئن ئي چورس مان ٽپندا ته گهوڙي وار واري ڦندي ۾ ڦاسي پوندا.

چُوڻ جو شڪار: ماري هڪ هنڌ ان چٽي ان کي چوڌاري ٽي فوٽ ٽاپ سان بند ڪري ڇڏيندا. تترن جي لنگهه وٽان ڪجهه اَن ڇٽيندا ته جيئن تتر چرندو اچي چُوڻ چري. ماري کڏڻي ۾ لڪي، چوڻ جي تر ۾ زمين تي ڄار وڇائي ڇڏيندو. جيئن گهڻا تتر چوڻ تي گڏ ٿيندا ته وڇايل ڄار ۾ پيل ران کي کڏڻي مان ڇڪ ڏيندو ته ڄار ملي ويندو. سڀ تتر گوندي ۾ سُڪ ٿي ويندا.
ڪوڙڪي جو شڪار: لوهي چمٽن ۾ ڪماڻون ٺهيل هونديون آهن، جن کي چمٽي جي مدد سان ڇڪي، ڪماڻيون ڪوڙڪي جي گول ۾ وڇائي زمين ۾ پوري ڳلو ٺاهي ڇڏيندا. ڳلي کانسواءِ باقي پاسا ٽاپ ڏئي گهٽ گهيڙ بند ڪري پڃري ۾ پيل تتر کي ٻولائيندا ته جهنگلي تتر به اچي ڳلي مان لنگهندو ته ڪوڙڪي ڇٽي پوندي ۽ پکي جون ٽنگون ڦاسي پونديون، ماري کڏڻي مان اٿي ڪوڙڪي مان تتر ڪڍندو. ڍٻي ۽ چوڻ ساڳيو طريقو آهي.